• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ۾ ”سپر فلڊ“ پيو اچي؟

نثارابڙو

نائب منتظم
سنڌ ۾ ”سپر فلڊ“ پيو اچي؟
محمد ادريس راجپوت

سانوڻيءَ جي برساتن جي ڪري دريائن جا وهڪرا وڌن پيا. سنڌ جي وڏي وزير وٽ ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ سيڪريٽري آبپاشي سنڌ چيو ته، ”وهڪرا وڌڻ ڪري سنڌ ۾ سپر فلڊ اچڻ جا امڪان آهن“. ڇا واقعي سپر فلڊ پئي اچي؟ انهيءَ جو جائزو وٺڻ کان اڳ ڏسون ته سپر فلڊ ڇا کي ٿو چئجي؟ ماضيءَ ۾ اها ڪهڙن سالن ۾ آئي آهي ۽ انهن جو سنڌ تي ڇا اثر ٿيو هو.

سپر فلڊ ڇا کي چئجي ٿو؟

جيئن ٻوڏ وارا وهڪرا وڌن ٿا، انهن جي ڪري نقصان ٿيڻ جو خطرو وڌي ٿو، انهيءَ خطري واري ليول جو احساس ڏيارڻ لاءِ ٻوڏ جي وهڪرن کي هن ريت ورهايو ويو آهي: جيڪڏهن گڊو بيراج جي مٿين ڀر وهڪرو ٻه لک ڪيوسڪ تائين رهي ٿو ته اها ٻوڏ ناهي ليکبي، جيڪڏهن اهو ٻن لکن کان وڌي ٿو، پر ساڍن ٽن لکن تائين رهي ٿو ته اها هيٺين سطح واري ٻوڏ (Low flood) ليکبي آهي. ساڍن ٽن لکن کان پنجن لکن تائين وچين درجي واري ٻوڏ (Medium flood) سڏبي آهي، پنجن لکن کان ستن لکن تائين واري ٻوڏ کي مٿين درجي واري ٻوڏ (High flood) چئبو آهي. جيڪڏهن وهڪرا ستن لکن کان نون لکن تائين رهن ٿا ته انهيءَ کي تمام مٿين سطح واري ٻوڏ (Very high flood) چئجي ٿو، جيڪڏهن وهڪرا نون لکن کان مٿي چڙهي وڃن ٿا ته ان کي سپر فلڊ چئبو آهي.

ماضي ۾ ڪهڙن سالن ۾ سپر فلڊ آيا آهن؟

گڊو بيراج 1962ع ۾ هيو. آيل وهڪرن جو رڪارڊ 1967ع کان آهي. سال 1967ع کان 1972ع تائين وهڪرا ڇهه لک ڪيوسڪ کان گهٽ رهيا، يعني مٿين سطح تائين جي ٻوڏ (High flood) رهي، سال 1973ع ۾ پهرين سپر فلڊ آيو ۽ گڊو بيراج جي مٿين ڀر چوٽي وارو وهڪرو ڏهه لک، 83 هزار ڪيوسڪ رهيو، سال 1975ع ۾ ٻي سپر فلڊ آيو ۽ چوٽي وارو وهڪرو ڏهه لک 52 هزار رهيو. سال 1976ع ۾ ٽين سپر فلڊ آيو ۽ چوٽي وارو وهڪرو ٻارهن لک ڪيوسڪ ٿيو، اها هينئر تائين ٻوڏن مان وڏي ۾ وڏي ٻوڏ هئي. سال 1978ع ۾ چوٿين سپر فلڊ آيو ۽ چوٽيءَ وارو وهڪرو يارهن لک، 55 هزار ڪيوسڪ ٿيو، سال 1986ع ۾ پنجين سپر فلڊ آيو ۽ چوٽيءَ وارو وهڪرو يارهن لک، 73 هزار ڪيوسڪ رهيو. سال 1988ع ۾ ڇهين سپر فلڊ آيو ۽ چوٽيءَ وارو وهڪرو يارهن لک، 62 هزار ڪيوسڪ ٿيو، سال 1989ع ۾ ستين سپر فلڊ آيو ۽ چوٽيءَ وارو وهڪرو نو لک، 44 هزار ڪيوسڪ ٿيو، سال 1992ع ۾ اٺين سپر فلڊ آيو ۽ چوٽيءَ وارو وهڪرو ڏهه لک، 86 هزار ڪيوسڪ ٿيو، سال 1995ع ۾ نائين سپر فلڊ آيو ۽ چوٽيءَ وارو وهڪرو نوَ لک، 88 هزار ڪيوسڪ ٿيو، تنهن کانپوءِ سال 2009ع تائين ڪا سپر فلڊ نه آئي، وهڪرا ستن لکن کان گهٽ رهيا، بلڪه گهڻو ڪري ٽي چار لک رهيا، معنيٰ 14 سالن تائين وهڪرا تمام گهٽ رهيا. مٿين ڊيٽا مان خبر پئي ته 43 سالن ۾ 9 سپر فلڊ اچي چڪيون آهن.

سپر فلڊ وارن سالن ۾ سنڌ تي ڪهڙو اثر ٿيو؟

پهرين سپر فلڊ 1973ع ۾ آئي، سال 1967ع کان وٺي 1972ع تائين ڪا خاص ٻوڏ نه آئي، جنهن ڪري بند اڻ سيڪيل رهيا، تنهن ڪري ٽن هنڌن تي کنڊ گهارا پيا، هڪڙو سکر کان هيٺ ساڄي پاسي، ٻيو موري ڀرسان ۽ ٽيون ڪوٽڙي بيراج ۾ ڪوڪا واري بند ۾. ياد رهي ته انهيءَ وقت پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت هئي ۽ سکر کان هيٺ پيل کنڊ سبب ڀٽي صاحب جو شهر لاڙڪاڻو ٻڏڻ جو خطرو هو، پر قدرت طرفان مهر ٿي ۽ لاڙڪاڻو ٻڏڻ کان بچي ويو. مان ان وقت ڪوٽڙي بيراج ڄامشوري تي انجنيئر هئس ۽ انهيءَ وقت مون کي خبر پئي ته ايمرجنسي ڇا ٿيندي آهي ۽ ٻوڏ واري ڊيوٽي ڇا کي چئبو آهي؟ سال 1975ع واري سپر فلڊ خير سان لنگهي وئي ۽ ڪٿي به کنڊ نه پيو، سال 1976ع واري سپر فلڊ وڏي ٻوڏ هئي، جنهن ۾ پهريون کنڊ سکر بيراج کان مٿي کاٻي پاسي علي واهڻ وٽ پيو، ٻيو کنڊ سکر-لاڙڪاڻي بند جي 92 ميل تي ۽ ٽيون سَن ويهه دري بند جي ٻارهين ميل تي پيو، سال 1978ع واري ٻوڏ خير سان لنگهي وئي ۽ ڪٿي به کنڊ نه پيو، ساڳي نموني سال 1986ع واري سپر فلڊ ۾ به خير ٿيو، سال 1988ع واري سپر فلڊ ۾ سجاول ويجهو سُرجاني تي کنڊ پيو، اهو 17 آگسٽ 1988ع تي پيو، جنهن ڏينهن ضياءَ الحق واري جهاز سان حادثو پيش آيو، تنهن کانپوءِ باقي آيل سپر فلڊن ۾ خير ٿيو ۽ ڪٿي به کنڊ ڪو نه پيو. کنڊ پوڻ ڪري فصلن، گهرن ۽ انسانن کي نقصان پهچي ٿو، زندگي مفلوج ٿي وڃي ٿي، جن انجنيئرن جي حدن ۾ کنڊ پوي ٿو ڄڻ انهن جي گهرن ۾ قضيو ٿي پيو هجي، اها انهن جي لاءِ شرم ۽ بدنامي جي ڳالهه ٿئي ٿي. عبدالوهاب شيخ، جيڪو سنڌ جو ناليوارو سيڪريٽري رهيو آهي، اهو چوندو هو ته آبپاشي کاتي جي نوڪري شاندار نوڪري آهي، جيڪڏهن ان ۾ پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي نه هجي ۽ کنڊ نه پون ته. اسان سنڌ ۾ بندن ۾ کنڊ پوڻ جو سوچي به نٿا سگهون، جو ٻوڏ وقت دريا ڀر واري زمينن کان مٿي هجڻ ڪري کنڊ پوڻ جي صورت ۾ اهو پاڻي واپس دريا ۾ موٽي نٿو سگهي ۽ کنڊ انهيءَ وقت وهندو رهي ٿو ۽ ملڪ ٻوڙيندو رهي ٿو، جيستائين دريا ۾ لاٿ نٿي اچي، انهيءَ سبب ڪري پنجاب ۾ پيل کنڊ يا گهارا جي مقابلي ۾ سنڌ ۾ پيل گهارن ڪري تمام گهڻو نقصان ٿئي ٿو.

سپر فلڊ اچڻ جو سبب:

سنڌ صوبو پاڻ ٻوڏ پيدا نٿو ڪري، پر ٻين صوبن مان آيل ٻوڏ کي منهن ڏئي ٿو، جو قدرتي طرح پاڻي جو سمنڊ ڏانهن وڃڻ جو رستو سنڌ مان آهي. مٿين علائقن ۾ وهڪرا هيٺين چئن سببن ڪري پيدا ٿين ٿا. (1) اونهاري ۾ جبلن تي پيل برف ۽ گليشيئرن جو گرمي ڪري رجڻ. (2) جبلن تي پيل برف تي مينهن پوڻ ڪري انهيءَ جو رجڻ. (3) ميداني علائقن ۾ مينهن جو پوڻ ۽ انهيءَ مان پيدا ٿيندڙ وهڪرن جو نئين ۽ واهڙن وسيلي دريائن ۾ پوڻ. (4) بنگال مان ايندڙ مون سون هوائن جو جبلن تي تمام تيز مينهن وسائڻ يا هوا جو دٻاءُ گهٽ ٿيڻ، يعني Depression جو پيدا ٿيڻ.

مٿين پهرين ٽن سببن ڪري دريا ۾ بنيادي وهڪرو Base flow اچي ٿو، پر اهي ٻوڏ جو سبب ناهن، ٻوڏ جو ڪارڻ چوٿون آهي، يعني بي آف بنگال مان هوائن جو اچڻ، جبلن تي مينهن وسائڻ يا Depressionجو جنم وٺڻ. انهيءَ ۾ وري مکيه جز درياهن جي چوٽي وارن وهڪرن جو ساڳي وقت ملڻ آهي، جنهن کي انگريزي ۾Synchronization چئجي ٿو. جيڪڏهن هڪڙي دريا مان چوٽيءَ وارو وهڪرو اڳ ۾ نڪري وڃي ٿو ۽ ٻئي دريا جو چوٽي وارو وهڪرو انهيءَ ملڻ واري هنڌ تي پوءِ ٿو پهچي ته ٻنهي جو ميلاب نه ٿيڻ ڪري وهڪري جي شدت (Intensity) گهٽجي وڃي ٿي، پر جيڪڏهن ٻئي ميلاپ واري هنڌ ساڳي وقت پهچن ٿا ته گڏيل وهڪرو تمام گهڻو ٿي وڃي ٿو. وري جيڪڏهن سڀني دريائن جا چوٽي وارا وهڪرا ساڳي وقت ملن ٿا ته چوٽيءَ وارو وهڪرو تمام وڏو ٿي وڃي ٿو، معنيٰ ته سنڌ ۾ تمام وڏي ٻوڏ جو ڪارڻ ٿئي ٿو.

هن سال ٻوڏ جا وهڪرا ڪيئن ۽ ڪڏهن اچڻ جو امڪان آهي؟

ٻوڏ دريائن ۾ وهڪرا وڌڻ ڪري اچي ٿي. ڪل دريا ست آهن، چار پاڪستان وارا ۽ ٽي اڀرندا دريا، جيڪي هندستان وٽ آهن، انهن ٽن دريائن، يعني ستلج، بياس ۽ راوي ۾ خاص حرڪت ناهي جو سانوڻي انهن تي اثر نه وڌو آهي. بنگال جي هوائن جو اثر چئن پاڪستاني دريائن تي آهي، جيڪي آهن ڪابل، سنڌو، جهلم ۽ چناب، انهن مان وري وڌيڪ چرپر ڪابل ۽ سنڌو ۾ آهي. چون ٿا ڪابل ۾ اٽڪ وٽ ايترو وهڪرو آهي جو ماپ واري گيج کان مٿي پاڻي آهي ۽ هو اندازي تي ڪابل جو ڊسچارج ٽي لک ڪيوسڪ ڏين ٿا. 30 ۽ 31 جولاءِ تي اهو مقدار ٽي لک ڪيوسڪ آهي، تربيلا تي 30 ۽ 31 جولاءِ تي وهڪرو هيٺين ڀر پنج لک، 27 هزار ۽ پنج لک، 9 هزار رهيو، جهلم دريا تي منگلا ڊيم جي هيٺين ڀر 30 جولاءِ تي هڪ لک، 66 هزار ۽ 31 جولاءِ تي ٻه لک، 17 هزار رهيو، وري چناب دريا تي مرالا بيراج کان هيٺ 30 جولاءِ تي 97 هزار ۽ 31 جولاءِ تي 68 هزار پاس ٿيو، چئني دريائن جو 30 جولاءِ تي ڪل وهڪرو ٿئي ٿو ڏهه لک، 90 هزار ۽ 31 جولاءِ تي ڏهه لک، 94 هزار، چئني دريائن جو پاڻي جڏهن هيٺ وهندو ۽ گڊو بيراج تي پهچندو ته اٽڪل سٺ کان ستر سيڪڙو پهچندو، انهيءَ حساب سان 60 سيڪڙو ٿئي ٿو ساڍا ڇهه لک، ۽ 70 سيڪڙو ٿئي ٿو ست لک، 60 هزار ڪيوسڪ، انهيءَ چئن دريائن جي رِم اسٽيشن کان گڊو بيراج تي پهچڻ جو وقت 9 ڏينهن ٿئي ٿو، يعني 9 آگسٽ تي، معنيٰ ته گڊو بيراج تي ساڍا ڇهه کان ساڍا ست لک ڪيوسڪ پاڻي يا وڌ ۾ وڌ 8 لک ڪيوسڪ 9 آگسٽ تي پهچندو، وري گهڻن مينهن ڪري 31 جولاءِ تي چشما بيراج تي وهڪرو اٺ لک، 76 هزار ٿي ويو آهي، چشما بيراج کان گڊو بيراج تائين پاڻي پهچڻ جو وقت 6 ڏينهن آهي، منهنجي حساب ۾ انهيءَ جو 80 سيڪڙو گڊو تي پهچندو، يعني 7 لک ۽ اهو 6 آگسٽ تي پهچندو، ٻنهي صورتن ۾ گڊو تي پاڻي اٺن لکن کان مٿي نه پهچندو ۽ اتي سپر فلڊ نه ٿيندي.

مان ڇو ٿو ائين چوان؟ سال 1992ع ۾ جڏهن مان سيڪريٽري هئس ته 8 سيپٽمبر تي اوچتو تمام گهڻا مينهن پيا، چئني دريائن ۾ آيل پاڻي جي چوٽي وارن وهڪرن جو جڏهن جوڙ ڪيوسين ته 22 لک ڪيوسڪ ٿيو، سڀني کي تمام گهڻي ڳڻتي ورايو ته جڏهن اهو هيٺ ايندو ته سنڌ جي بيراجن کي ته اڏائي ڇڏيندو، انهيءَ زماني جي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل نصير اختر کي به ڏاڍي ڳڻتيءَ ورايو ۽ هن مون سان صورتحال بابت ڳالهايو، مون کيس انهيءَ بابت سکر ۾ بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايم ته گڊو بيراج تي پاڻي 11 لک کان مٿي نه ايندو ۽ سنڌ جي بيراجن کي ڪجهه ڪو نه ٿيندو، جو اهي 1976ع ۾ 12 لک ڪيوسڪ پاڻي پاس ڪري چڪا آهن، هن پڇيو ته اهو ڪيئن ٿيندو؟ مون ٻڌايو مانس ته انهيءَ ۾ ٻه جزا آهن، هڪڙو ته پاڻي رستي تي ڦهلجي وڃي ٿو ۽ ٻيو چوٽي وارا وهڪرا ساڳي وقت نٿا گڏجن، هن کي يقين نه پئي آيو، جڏهن چوٽيءَ وارو وهڪرو گڊو بئراج پهتو ته اهو 10 لک، 86 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو، ٽيئي بيراج سلامت رهيا، ڪٿي به بندن ۾ کنڊ نه پيو ۽ پاڻي سلامتي سان سمنڊ ۾ هليو ويو. جيڪڏهن اهو سيڪڙو ٿا ڪڍون ته چئني دريائن جي ٽوٽل 22 لکن مان گڊو بيراج تي گهڻو پهتو ته اهو ٿئي ٿو اٽڪل 50 سيڪڙو. مون ان جي باوجود به هينئر پهچڻ جو سيڪڙو 60 ۽ 70 رکيو آهي، تنهن هوندي به چوٽي وارو وهڪرو 8 لک ڪيوسڪ نٿو ٿئي ۽ اها سپر فلڊ بدران تمام مٿين سطح واري ٻوڏ ٿيندي.

پر انهيءَ جو مطلب اهو هرگز ناهي ته اسان ڍرا ٿي وڃون. جيتوڻيڪ اهو سپر فلڊ نه ٿيندو، پر اهو سپر فلڊ کان وڌيڪ خطرناڪ ٿيندو، ڇو جو 14 سالن کان ايترو پاڻي نه آيو آهي، بند اڻ سيڪيل ۽ ڪمزور آهن، انهن جي انهيءَ نموني سار سنڀال نه ٿي آهي، ڪٿي جهنگ نڪري آيو آهي، ڪٿي ڪوئن ۽ ٻين جانورن بندن ۾ سوراخ ڪري ڇڏيا آهن، وري سنڌ جي مٽي اهڙي آهي، جيڪا سڪڻ کانپوءِ ڦوٽ کائي ٿي، بندن جي ٻوڏ جي وقت ۾ وري چوڪسي کپي ته جيئن ڏينهن رات ماڻهو بندن تي گهمن ۽ ڪنهن به ايمرجنسي واري صورتحال کي يڪدم منهن ڏئي سگهن، پر موجوده امن امان جي صورتحال ۾ اهو ممڪن ناهي جو جڏهن روڊن تان ماڻهو پيا کڄن ته بندن تي ڪهڙي صورتحال هوندي! آبپاشي وارا انهن حالتن ۾ بندن جي صحيح ڊيوٽي نه ڏئي سگهندا ۽ بندن کي نقصان ٿيڻ جو خطرو آهي. جمعي جي ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير ٻوڏ بابت گڏجاڻي سڏائي، جنهن ۾ مون کي به گهرايو ويو، مون ميٽنگ ۾ عرض ڪيو ته جيڪڏهن توهان ٻوڏ کي صحيح نموني ۾ منهن ڏيڻ چاهيو ٿا ته ٻه ڳالهيون يڪدم ڪريو، هڪڙي اها ته آبپاشي کاتي کي يڪدم گهربل فنڊ ڏيو ته هو ٻوڏ کي منهن ڏيڻ وارا ڪم شروع ڪن ۽ ٻي اها ته بندن تي فوج گهرايو ته جيئن امن امان بهتر هجي ۽ آبپاشي کاتي وارا اطمينان سان ڊيوٽي ڏئي سگهن، چيف منسٽر اهي ٻئي ڳالهيون مڃيون ۽ بندن تي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جون سرگرميون شروع ٿي ويون آهن، سيڪريٽري آبپاشي ڪراچي ڇڏي بندن تي پهچي ويو آهي، اميد آهي ته ٻوڏ وارو پاڻي سلامتي سان سنڌ مان لنگهي سمنڊ ۾ ڪرندو ۽ سنڌ ۾ خير ٿي ويندو.
 
جواب: سنڌ ۾ ”سپر فلڊ“ پيو اچي؟

سنڌ ۾ ”سپر فلڊ“ پيو اچي؟
محمد ادريس راجپوت

مون کي به گهرايو ويو، مون ميٽنگ ۾ عرض ڪيو ته جيڪڏهن توهان ٻوڏ کي صحيح نموني ۾ منهن ڏيڻ چاهيو ٿا ته ٻه ڳالهيون يڪدم ڪريو، هڪڙي اها ته آبپاشي کاتي کي يڪدم گهربل فنڊ ڏيو ته هو ٻوڏ کي منهن ڏيڻ وارا ڪم شروع ڪن ۽ ٻي اها ته بندن تي فوج گهرايو ته جيئن امن امان بهتر هجي ۽ آبپاشي کاتي وارا اطمينان سان ڊيوٽي ڏئي سگهن، چيف منسٽر اهي ٻئي ڳالهيون مڃيون ۽ بندن تي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جون سرگرميون شروع ٿي ويون آهن، سيڪريٽري آبپاشي ڪراچي ڇڏي بندن تي پهچي ويو آهي، اميد آهي ته ٻوڏ وارو پاڻي سلامتي سان سنڌ مان لنگهي سمنڊ ۾ ڪرندو ۽ سنڌ ۾ خير ٿي ويندو.

سائين تمام بهترين اصل دماغ‌ جا تاڪ ئي کلي ويا، پر سائين جڏهن اسان جي سر تي ايندي آهي، ته اسان جا وزير پوءِ ڇوايئن ڪندا آهن، ٻيو ته آبپاشي وارا انهي وقت ئي جاڳندا آهن جڏهن ٻوڏ ايندي آهي۔ منهنجي خيال ۾ اِها اُپاءُ انهن کي پهريان ئي وٺڻ گهرجن ها۔
ٻي ڳالهه اِها ته هن کي اِهي ڳالهيون ايترو جلدي ڪيئن مڃي ورتيون، مونکي ته يقين ئي نه ٿو اچي۔ مونکي اڃان به شق آهي ته ڪٿي اِهي پئسا عوام کي ڏيکارڻ لاءِ چيا ويا آهن، پر ملندو ڪجهه به نه۔۔۔۔
يا وري حسبِ روايت انهن کي ته ڪاميٽي ويهارڻ گهرجي ها، ۽ اُها ڪاميٽي حرامين ۽ رشورت خورن تي مشتمل هجي ها، پوءِ جڏهن ٻوڏ پنهنجو ڪم ڪري وڃي ها ته پوءِ اِها ڪاميٽي پئسا رليز ڪري ته هاڻي توهان پنهنجو پاڻ ڄاڻيو۔
 
جواب: سنڌ ۾ ”سپر فلڊ“ پيو اچي؟

زبردست معلومات توهان فرهام ڪئي آهي
ڏهه هزار ڪيوسڪ کي سکر بيراج کان گذرڻ ۾ مشقل پيش اچي سگهي ان ڪري جو ان جا ڪجهه دروازا ريتي اچن جي ڪري بند ٿي چوڪا آهن ۽ وڏو خترو ٻڌايو پيو وڃي اميد آهي ته پاڻي خير سان گذري ويندو
24 جنوري وارو ڏيهاڙو ڪچي واري ماڻهن لاءِ مشقلاتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن ۽ سنڌو دريا اهيو احساس ڏيارو آهي ته هن جي موجن کي ڪوئي به نه ٿو روڪي سگهي
 
جواب: سنڌ ۾ ”سپر فلڊ“ پيو اچي؟

مان ڇو ٿو ائين چوان؟ سال 1992ع ۾ جڏهن مان سيڪريٽري هئس ته 8 سيپٽمبر تي اوچتو تمام گهڻا مينهن پيا، چئني دريائن ۾ آيل پاڻي جي چوٽي وارن وهڪرن جو جڏهن جوڙ ڪيوسين ته 22 لک ڪيوسڪ ٿيو، سڀني کي تمام گهڻي ڳڻتي ورايو ته جڏهن اهو هيٺ ايندو ته سنڌ جي بيراجن کي ته اڏائي ڇڏيندو، انهيءَ زماني جي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل نصير اختر کي به ڏاڍي ڳڻتيءَ ورايو ۽ هن مون سان صورتحال بابت ڳالهايو، مون کيس انهيءَ بابت سکر ۾ بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايم ته گڊو بيراج تي پاڻي 11 لک کان مٿي نه ايندو ۽ سنڌ جي بيراجن کي ڪجهه ڪو نه ٿيندو، جو اهي 1976ع ۾ 12 لک ڪيوسڪ پاڻي پاس ڪري چڪا آهن، هن پڇيو ته اهو ڪيئن ٿيندو؟ مون ٻڌايو مانس ته انهيءَ ۾ ٻه جزا آهن، هڪڙو ته پاڻي رستي تي ڦهلجي وڃي ٿو ۽ ٻيو چوٽي وارا وهڪرا ساڳي وقت نٿا گڏجن، هن کي يقين نه پئي آيو، جڏهن چوٽيءَ وارو وهڪرو گڊو بئراج پهتو ته اهو 10 لک، 86 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو، ٽيئي بيراج سلامت رهيا، ڪٿي به بندن ۾ کنڊ نه پيو ۽ پاڻي سلامتي سان سمنڊ ۾ هليو ويو. جيڪڏهن اهو سيڪڙو ٿا ڪڍون ته چئني دريائن جي ٽوٽل 22 لکن مان گڊو بيراج تي گهڻو پهتو ته اهو ٿئي ٿو اٽڪل 50 سيڪڙو. مون ان جي باوجود به هينئر پهچڻ جو سيڪڙو 60 ۽ 70 رکيو آهي، تنهن هوندي به چوٽي وارو وهڪرو 8 لک ڪيوسڪ نٿو ٿئي ۽ اها سپر فلڊ بدران تمام مٿين سطح واري ٻوڏ ٿيندي.

پر انهيءَ جو مطلب اهو هرگز ناهي ته اسان ڍرا ٿي وڃون. ۔۔۔۔۔۔۔۔ مون ميٽنگ ۾ عرض ڪيو ته جيڪڏهن توهان ٻوڏ کي صحيح نموني ۾ منهن ڏيڻ چاهيو ٿا ته ٻه ڳالهيون يڪدم ڪريو، هڪڙي اها ته آبپاشي کاتي کي يڪدم گهربل فنڊ ڏيو ته هو ٻوڏ کي منهن ڏيڻ وارا ڪم شروع ڪن ۽ ٻي اها ته بندن تي فوج گهرايو ته جيئن امن امان بهتر هجي ۽ آبپاشي کاتي وارا اطمينان سان ڊيوٽي ڏئي سگهن، چيف منسٽر اهي ٻئي ڳالهيون مڃيون ۽ بندن تي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جون سرگرميون شروع ٿي ويون آهن، سيڪريٽري آبپاشي ڪراچي ڇڏي بندن تي پهچي ويو آهي، اميد آهي ته ٻوڏ وارو پاڻي سلامتي سان سنڌ مان لنگهي سمنڊ ۾ ڪرندو ۽ سنڌ ۾ خير ٿي ويندو.
محمد ادريس راجپوت جي لکيل هن ليک کي ونڊ ڪرڻ سان توهان سموري پوزيشن واضح ڪري ڇڏي۔۔۔ سندس ليک مان واضح ٿيو ته خطرو ڪيترو آهي۔۔۔ سندس آخري سٽن مان ڪجهه اميد افزا معلومات ملي پر ان باوجود انهن سمورن سنڌي وسندين کي جيڪي ڪچي يا درياء جي سڪي وڃڻ ڪري سندس پيٽ ۾ آباد آهن ۔۔ وقت سر ڪنهن محفوظ مقام تائين پهچائڻ حڪومت جي ذميداري آهي۔۔۔ حڪومت جي اها به ذميداري آهي ته سندن مال متاء جي پڻ حفاظت ۾ آڻي۔۔۔
 
جواب: سنڌ ۾ ”سپر فلڊ“ پيو اچي؟

محمد ادريس راجپوت جي لکيل هن ليک کي ونڊ ڪرڻ سان توهان سموري پوزيشن واضح ڪري ڇڏي۔۔۔ سندس ليک مان واضح ٿيو ته خطرو ڪيترو آهي۔۔۔ سندس آخري سٽن مان ڪجهه اميد افزا معلومات ملي پر ان باوجود انهن سمورن سنڌي وسندين کي جيڪي ڪچي يا درياء جي سڪي وڃڻ ڪري سندس پيٽ ۾ آباد آهن ۔۔ وقت سر ڪنهن محفوظ مقام تائين پهچائڻ حڪومت جي ذميداري آهي۔۔۔ حڪومت جي اها به ذميداري آهي ته سندن مال متاء جي پڻ حفاظت ۾ آڻي۔۔۔

ادا توهان ڇا ٿا ڳالهه ڪريو، هي ڏسو ۔
http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=5871
 
Back
Top