حفظ الله ڪاڪا
سينيئر رڪن
مرگلا جي پهاڙين سان ٽڪرائجي تباهه ٿيل “هوائي جهاز سانحو” اڃا ديس واسين جي اکين کان اوجهل ئي نه ٿيو آهي، لاشن جي ڳولا اڃا تائين جاري آهي ۽ مشڪل ۾ پيل سانحي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن کي اڃا پنهنجي لخت جگرن جا لاش به نه مليا آهن ته ٻئي طرف دهشتگردي جي آڙ ۾ اٽڪيل پاڪستان مٿان قدرتي آفتن جو عذاب به ڪڙڪي پيو آهي، خيبر پختونخواه جي چارسدا، نوشهرا ۽ پشاور سميت ڪيترائي شهر لوحِ آب اچي ويا، برساتي زلزلي جهاز حادثي واري قومي سانحي پاڪستان جي ڏکن ۾ هيڪر واڌ آڻي ڇڏي، سوات جي روڊن تي دريائن جيان وهندڙ پاڻي تقريبن 50 لک رهواسين کان پنهنجا پکا کسي ڇڏيا آهن ۽ حياتين جي وڃائجڻ جو ته اندازو ئي نه ٿو پوي.
ان ڪاران جي چشمن ۽ سوات جي جنت جهڙي وادي ۾ هن پل پرڏيهي سياحن بدران ديس واسين جا لڙهندڙ جسم نظر اچي رهيا آهن، هر طرف مظلوميت جي صدا بلند ٿي رهي آهي، ان مظلوميت جو احسان ڪيئن پلئه پوي، ان جو سبب ڪٿان ڄاڻجي، قدرت ڪهڙي سبب ڏمرجي پئي آهي...؟ ڪنهن کي ڪا ڪل نه آهي، دهشتگردن جي سماءَ ۾ هر روز سمائجي ويندڙ ان پشاور جي اڃا پٺڀرائي ئي نه ٿي آهي، ته قدرت جي ڪهر سان اتان جون زندگيون ۽ اداس چهرن جي نماڻڪاني ۾ واڌ ٿي وئي آهي.
قدرتي آفت خيبر پختونخواهه جي هزارن کي لوڏي سهڻي سنڌ ڏانهن رخ ڪيو آهي، سنڌ سرڪار، صوبي جي ڪيترن کي شهرين کي حساس ڄاڻائي تحفظ لاءِ اپاءِ وٺي رهي آهي، پر ان تحفظ جي اپائن ۾ قدرتي جي آفتن کي منهن ڏيڻ جي ڪيتري سگهه آهي..؟ ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي.
ديس؛ هڪ طرف قومي سانحن ۽ قدرتي آفتن جي زلزلن سان ڌڏي ويو آهي ته ٻئي طرف هن ديس جون سياسي سوچون سمورن سانحن تي اکيون ٻوٽي هڪ ٻئي خلاف ستم جي سنگيننن ۾ اضافي جا الزم مڙهي رهيون آهن، انهن کان اهو سڀ ڪجهه شايد وسري ويو آهي ته انهن زلزلن جي ستايلن جي راتيون جيڪي سانت ۾ ئي گذري وينديون هيون اهي سانتيون سڏڪن ۾ به نه کٽندڙ ايذاءِ ڏئي گذري رهيون آهن، پر واڳ ڌڻي جنهن دعوائن سان عوام کي اڳڀرو ڪرڻ لاءِ التجائون ڪرڻ ايندا هئا، اڄ اهي انهن متاثر معصومن جي صدائون ٻڌڻ بداران پنهنجا سياسي ڳاٺ اوچا ڪرڻ لاءِ منفرد انداز ۾ “بيانِ زبان” پيش ڪري رهيا آهن.
ملڪ جي صدر آصف علي زرداري جڏهن پنجاب جي دوري لاءِ گورنر هائوس لاهور ۾ پهتو ته ان وقت صوبي جي سربراهي قيادت جي سمورا غلام پرڏيهه جي وادين ۾ گهمي رهيا هئا، صدر جي ڏهن ڏينهن واري دوري دوران شريف ڀائرن جون راتيون پرڏيهه ۾ گذري رهيون هيون ۽ پنجاب جي قيادت صوبي کي الوداع ڪري اڻ تجربيڪارن آڏو واڳون وڇائي هليا ويا هئا، تنهن وقت انهن کان شايد اها ڳالهه وسري وئي هئي ته دهشتگردي جي وارداتن ۾ ستايل صوبي کي اڪيلو ۽ اوپرو ڪري هليو وڃڻ ڪيترو سونهي ٿو..؟ پر اڄ جڏهن پوري ملڪ جي قيادت متاثرن جي سهائتا لاءِ ڪوشان آهي ۽ صدر پرڏيهه هليو ويو آهي ته ان مٿان سياسي دٻاءِ وجهي کيس پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ جون ڪوششون ڪيو پيون وڃن. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته صدرِ پاڪستان کي هن وقت ديس وارن کي وسارڻ نه گهرجي پر ان تي تنقيد ڪندڙن کي ايترو ته ياد هئڻ گهرجي ته دهشتگردي جي موسم ۾ اهي ديس کي اڪيلو ڪري ڪيڏانهن هليا ويا هئا. انهن کي هن وقت عوام جو ڪهڙو احساس جاڳيو آهي.
ايذائن ۾ ٻڏل ديس واسي ڪنهن کي پنهنجو رهبر چونڊين..؟ سياسي سڀيتائون ته رڳو پنهنجو سياسي قد وڌائڻ لاءِ هڪ ٻئي مٿان تنقيد جا تير اڇلائي رهيا آهن، ڪنهن جي پرڏيهه وڃڻ يا نه وڃڻ سان عوام جي ڏکن يا سکن ۾ ڪا به واڌ يا گهٽتائي نه ايندي، سياسي سوچن جي آوازن ۾ مظلومن جي التجائن تي هاڪار ڪرڻ بدارن سياسي رخن ۾ تبديلين جون صلاحون ٻڌڻ سان انهن قدرتي آفتن جا ستايل ان احساسي محرومي جو شڪار ٿي ويا آهن ته انهن جي سار لهڻ بدران واڳ ڌڻي سندن روحن کي رنجائڻ لاءِ ڪوششن ۾ مشغول ٿي ويا آهن.
حقيقت هيءِ آهي ته هي وقت ڪنهن سياسي، معاشي يا سماجي ڇڪتاڻ کي هٿي ڏيڻ وارو نه پر متاثر خاندانن سان ساٿ ڏيڻ جو آهي. “پر” بي وس ۽ بي سهارا بڻيل صرف افسوس ئي ڪري سگهن ٿا ته سندن جسمن تان غير محفوظ بڻجي ويل لٽَن کي بجائڻ لاءِ ملڪ جي حڪومتي ڌر سان ڪا به سياسي ڌر ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. هر سياست پنهنجي درسن جي پورائي جي صلاح پيش ڪري پاڻ کي عوام جو هڏڏوکي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر عملي ڪم ڪرڻ لاء ڪير به تيار نه آهي.
متاثر صرف پنهنجون حياتيون بچائڻ لاءِ صدائون ڪري رهيا آهن ۽ واڳ ڌڻي انهن صدائن کي ٻڌڻ کان لنوائي رهيا آهن.
ملڪ جي سياسي ڌرين جي سربراهن کي سمورين سياسي ڇڪتاڻ وارين روايتن کي وساري متاثرن جي سهائتا لاءِ عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، جنهن سان ديس واسين جي ڏکن ۾ ڪجهه گهٽتائي ٿيندي....
حفظ الله ڪاڪا
قاسم آباد حيدرآباد، سنڌ