• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻوڏ سِر تي اچڻ کانپوءِ اک پٽيندڙ ڪامورا!

عبدالوهاب

سينيئر رڪن
ٻوڏ سِر تي اچڻ کانپوءِ اک پٽيندڙ ڪامورا!
امولک داس/ميرپور ماٿيلو
ملڪ ۾ تازو پيل برساتن جي نتيجي ۾ خيبر پختونخوا ۽ پنجاب جي ڪجهه حصن کي ٻوڙڻ کانپوءِ ٻوڏ جي پاڻي جو رخ سنڌ ڏانهن آهي. ان حوالي سان موسميات کاتي جي اڳڪٿي آهي ته گڊو وٽان ساڍا ڏهه لک، سکر بئراج وٽان 10 لک ۽ ڪوٽڙي بئراج تائين 8 لک ڪيوسڪ پاڻي پهچندو. وڏي عرصي کانپوءِ سنڌو ۾ ايڏي تعداد ۾ پاڻي اچڻ سبب سنڌو جي بندن کي نقصان جو خطرو وڌي ويو آهي، ان حوالي سان سنڌ سرڪار جي ڪامورن جي اک به هاڻ کلي آهي، نه ته ان طرف اڳ ۾ ڪا به توجهه نه ڏني وئي آهي. تازو سنڌ ڪابينا بچاءُ بندن جي مرمت لاءِ 44 ڪروڙ رپيا منظور ڪري ڇڏيا آهن. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جڏهن ٻوڏ سِر تي آهي، تڏهن وڃي سرڪاري ڪامورن جي اک کلي آهي. پاڻي سنڌ ڏانهن وڌي پيو ۽ چند ڏينهن ۾ سنڌو ۾ اڃا به چاڙهه ايندو. موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ٻوڏ سبب سکر، لاڙڪاڻو ۽ نوابشاهه سميت ٻيا علائقا متاثر ٿيندا، ان حوالي سان ڪامورن ۾ ڦڙپوٽ ته متل آهي، پر ڏسون ته هو ڪجهه ڏينهن ۾ پنهنجي لاپرواهي جو ڪيترو تدارڪ ڪن ٿا.
 
جواب: ٻوڏ سِر تي اچڻ کانپوءِ اک پٽيندڙ ڪامورا!

پاڻي جي شديد کوٽ ه.وئي هنن سنڌو جي موجن کي وساري ڇڏيو هو هاڻ ايريگيشن وارن جي اک کولي آهي جڏهن آفت ڪنڌ ته آهي
اڃان به هي وڏا فنڊ رليف ڪري کائيڻ جي ڪوشش ڪندا
 
Back
Top