روزاني ڪاوش
پشاور (رپورٽ:خدا ڏنو شاهه) خيبرپختونخوا ۾ ٻوڏ ۽ چوماسي برسات جي تباهه ڪارين سبب فوتين جو انگ 1200 کان وڌي ويو، هڪ سئو ڄڻا لاپتا ۽ پرڏيهين سميت 15 سئو سياح ڦاٿل آهن، غير سرڪاري انگن اکرن موجب شانگلا ۽ سوات ضلعن ۾ ٻوڏ جي تباهه ڪارين، جابلو ڇپون ڪرڻ ۽ آسماني بجلي ڪرڻ سبب فوت ٿي ويل شهرين جو انگ 434 ٿي ويو آهي، اپر دير ضلعي ۾ سيرڪاري انگن اکرن موجب 66 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي موجب غير تصديق ٿيل انگن اکرن موجب پشاور، چارسده، نوشهره ۽ مردان ضلعن ۾ 690 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن، جن بابت تصديق ڪئي پئي وڃي، پي ڊي ايم اي موجب هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهو اڃا تائين ڄاڻايل چئن ضلعن ۾ لاپتا آهن، پي ڊي ايم اي موجب چارسده ۾ پشاور ضلعن ۾ ريسڪيو جو ڪم مڪمل ڪري امدادي سرگرميون شروع ڪيون ويون آهن، جڏهن ته مالاڪنڊ ڊويزن ۾ شروعاتي انگن اکرن موجب 2 هزار کان وڌيڪ گهر ۽ 170 هوٽلون تباهه ٿيون آهن، هوڏانهن پاڪ فوج ڪوهستان ۾ شانگلا ضلعن ۾ ڦاٿل 200 چيني انجنيئرن مان 90 انجنيئرن کي اسلام آباد پهچايو ويو آهي، جڏهن ته هڪ سئو کان وڌيڪ اڃا ڦاٿل آهن، خيبرپختونخوا جي ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ امدادي سرگرميون تيز ڪيون ويون آهن، پشاور، چارسده، ڊي آءِ خان، سوات ۽ شانگلا ضلعن ۾ لڳايل رليف ڪئمپن ۾ پهتل متاثر ماڻهن کي کاڌ خوراڪ ۽ دوائون فراهم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته غير سرڪاري انگن اکرن ۽ ذريعن موجب نوشهره ۾ فوتين جو انگ ست هزارن کان وڌي ويو آهي، خيبرپختونخوا صوبي جي اطلاعات واري وزير ميان افتخار حسين پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ خيبرپختونخوا صوبي ۾ اها بدترين ٻوڏ آهي، هن چيو ته متاثر ضلعن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن ۽ ٻوڏ سبب خراب طرح متاثر ٿيل چارسده، پشاور ۽ نوشهره جي ضلعن مان وڌيڪ 62 لاش هٿ ڪيا ويا آهن، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 862 ٿي ويو آهي، هن چيو ته برسات سبب وڏي ايراضيءَ تي بيٺل فصلن کي پڻ نقصان پهتو آهي، نوشهره ۾ چانور ۽ مڪئي جو فصل تباهه ٿي ويو آهي، هن چيو ته سوات جي علائقي ڪالام ۽ بحرين ۾ 15 سئو سياح ڦاٿل آهن، جن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، هن چيو ته سوات جي ڪجهه علائقن ۾ گيسٽرو بيماريءَ جا اطلاع وصول ٿيا آهن، جڏهن ته ان جي تصديق جو عمل اڃا جاري آهي، هوڏانهن خيبرپختونخوا صوبي جا سمورا متاثر ضلعا آَفت سٽيل قرار ڏئي ڇڏيا آهن، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير امير حيدر هوتي اعلان ڪيو آهي ته صوبي ۾ ٻوڏ ۽ برساتن سبب فوت ٿيلن جي وارثن کي هاڻي هڪ لک بدران 3-3 لک رپيا ڏنا ويندا، صحافين کي بريفنگ ڏيندي امير حيدر هوتي چيو ته برسات ۽ ٻوڏ سبب ٿيل نقصان ۽ تباهه ڪاريون لڏ پلاڻ ڪندڙ ماڻهن کان وڏو چئلينج آهي،هن چيو ته سوات جي مدين، ڪالام ۽ بحرين وارن علائقن ۾ ڪيترائي ماڻهو ڦاٿل آهن، ٻئي طرف سوات درياءَ جو منڊا هيڊ ورڪ مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو آهي.