روزاني ڪاوش حيدرآباد
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هٿياربندن متحده جي اڳوڻي يو سي ڪائونسلر، اي اين پي جي ڪارڪن ۽ پشين واسي هوٽل مالڪ سميت 6 ڄڻن کي سڌيون گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪورنگي ويجهو ملير ندي مان نوجوان جو لاش هٿ آيو آهي، جنهن کي مٿي ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو آهي. شهر جي مختلف علائقن ۾ اي اين پي ڪارڪن سميت فائرنگ ۾ 6 ڄڻا زخمي پيا، پوليس قتل ٿيندڙن چئن ڄڻن مان الفلاح ۾ قتل ڪيل متحده قومي موومينٽ جي اڳوڻي يوسي ڪائونسلر جميل خانزاده ۽ اورنگي ۾ قتل ٿيل هوٽل مالڪ سفر خان ۽ اي اين پي جي ٻن ڪارڪنن جي قتل وارا واقعا ٽارگيٽ ڪلنگ قرار ڏنا ۽ ٻن ڄڻن جي قتل وارن واقعن کي ذاتي دشمني قرار ڏنو آهي، جڏهن ته هڪ نوجوان جي سڃاڻپ ئي نه ٿي سگهي آهي، ٻئي طرف رات دير سان ملير جي ماڊل ڪالوني واري علائقي ۾ هٿياربندن اي اين پي جي ڪارڪن وزير زاده عرف وزيرا ۽ طاهر کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. ڪالهه آچر ڏينهن الفلاح جي عظيم پوره قبرستان ويجهو هٿياربندن سڌي فائرنگ ڪري متحده قومي موومينٽ جي ڪارڪن ۽ يوسي 5 جي اڳوڻي ڪائونسلر 33 سالن جي جميل خانزاده کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. پوليس موجب مقتول کي ان وقت ٽارگيٽ ڪيو ويو هو، جڏهن هو پنهنجي دوست سان ملڻ لاءِ عظيم پوره قبرستان واري علائقي ۾ پهتو هو. ٻئي طرف اورنگي ٽائون جي علائقي قذافي چوڪ تي واقع ڪوئيٽا مدينه هوٽل تي هٿياربندن سڌي فائرنگ ڪري هوٽل مالڪ 30 سالن جي پشين واسي سفر خان پٽ عبدالرحمان کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، مقتول جو ڪيس سندس ڀاءُ حميد جي فرياد تي نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شاهراهه نور جهان جي نصرت ڀٽو ڪالوني ۾ هٿياربندن 35 سالن جي شوڪت پٽ عبدالرحمان راجپوت گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، هوڏانهن سعيد آباد جي شاهراهه وقاص واري علائقي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري 35 سالن جي اقبال ولد حبيب کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول کي ذاتي دشمني سبب قتل ڪيو ويو آهي ۽ مقتول سٽي (جوا) جي پرچي وٺڻ لاءِ ويو هو جنهن دوران سندس مٿان حملو ڪيو ويو. واقعي جو ڪيس مقتول جي ڀاءُ طارق پاران نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪرايو ويو آهي. ڪورنگي صنعتي ايريا جي علائقي ۾ ملير ندي مان اڻسڃاتل نوجوان جو لاش هٿ آيو آهي جنهن جي مٿي ۾ گولي لڳل آهي. هوڏانهن ملير جي ماڊل ڪالوني واري علائقي ۾ ڪومل گرائونڊ ۾ رات دير سان هٿياربندن سڌي فائرنگ ڪري اي اين پي جي ڪارڪن وزير زاده عرف وزيرا پٽ مسڪين خان ۽ سندس دوست طاهر کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن، اي اين پي سنڌ جي ترجمان قادر خان جو چوڻ آهي ته شهر ۾ نه رڳو اي اين پي جي ڪارڪنن کي قتل ڪيو پيو وڃي پر مختلف علائقن ۾ پورهيو ڪندڙن پختونن کي به ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن پير آباد جي علائقي ۾ سر زمين خان، ايف بي ايريا ۾ مقصود، ڪورنگي صنعتي ۾ غلام مصطفيٰ سميت 6 ڄڻا هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿي پيا آهن.