• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ملڪ ۾ آيل سيلابي تباهي ۽ سنڌ ۾ بچاءَ جا اڻپورا انتظام!

عبدالوهاب

سينيئر رڪن
ملڪ ۾ آيل سيلابي تباهي ۽ سنڌ ۾ بچاءَ جا اڻپورا انتظام!

سهيل ميمڻ


ڪيترن ئي سالن بعد ملڪ ۾ شديد برساتن سبب دريائن جي وهڪرن ۾ غير معمولي چاڙهه سبب ٻوڏ واري صورتحال آهي. صوبو خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان برساتي پاڻيءَ جي راڱن هيٺ آهن. صوبي خيبر پختونخوا ۾ سئو کان وڌيڪ ماڻهو سيلاب سبب پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا آهن، ۽ لکين ايڪڙ فصل تباهه ٿي ويو آهي. هزارين گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن ۽ ماڻهن جي مال، ملڪيت، ڪاروبار جي تباهي جو ڪاٿو اڃا تائين ٿي ناهي سگهيو، ڇاڪاڻ جو ٻوڏ ۽ برسات جي تباهي جو اهو سلسلو اڃا جاري آهي.

ملڪ ۾ شديد گرميءَ جي لهر اچڻ ساڻ ئي موسميات جي ماهرن جون اڳڪٿيون هيون ته هيل چوماسي جون برساتون اڳ کان وڌيڪ پئجي سگهن ٿيون، پر اسان وٽ هر کاتي ۾ ڪرپشن ايتري ته وڌي وئي آهي جو تباهي کان اڳ ڪجهه بچاءُ جا اپاءُ وٺڻ ته پري، پر تباهيءَ کانپوءِ به لاچارن جي مدد ڪجي، اهو رجحان به ختم ٿيندو پيو وڃي.

ملڪ ۾ برساتن جي شدت ايتري ته تيز ۽ شديد رهي آهي جو ملڪ جي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ شاهراهه دستور، يعني ڪانسٽيٽيوشن اوينيو، جتي ملڪ جا تقريبن سڀ شاهي دفتر، پارليامينٽ هائوس، وزيراعظم هائوس، صدارتي هائوس، سينيٽ، سپريم ڪورٽ وغيره آهن، اها به ڪافي ٽائيم پاڻي هيٺ رهي. شاهراهه دستور ڪافي مٿانهين تي آهي، پر پوءِ به اتي پاڻي جو وڏي مقدار ۾ جمع ٿيڻ سان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته برسات ڪيتري شديد رهي آهي. ان شديد طوفاني برساتن ۾ درياهن جو پاڻي تمام گهڻي تيزي سان وڌيو آهي ۽ ملڪ ۾ درياهن ۾ سيلاب واري صورتحال آهي. ملڪ جا سڀ ڊيم ڀرجڻ بند ڪيا ويا آهن، ڇوته اهي پاڻي سان تار ٿي ويا آهن، ايستائين جو راول ڊيم جا دروازا به کوليا ويا آهن، ته جيئن پاڻي ڊيم مان نڪرندو رهي. چشما-جهلم لنڪ ڪئنال، ٿل ڪئنال، چشما رائيٽ ڪئنال وغيره سڀ بند ڪيا ويا آهن، پورو ملڪ ٻوڏ ۾ ايمرجنسي واري ڪيفيت ۾ آهي. هوڏانهن خيبر پختونخوا بعد بلوچستان ٻوڏ هيٺ آهي. مواصلات، خاص ڪري ريلوي جو نظام تباهه ٿي ويو آهي. جلال ڊيم جي اٿلي پوڻ سبب ڳوٺن جا ڳوٺ پاڻي هيٺ آهن، ڏورانهن علائقا هجڻ سبب نه انهن علائقن ۾ امداد پهچي رهي آهي ۽ نه ئي ميڊيا جي پهچ آهي جو صحيح صورتحال معلوم ٿئي. جتي هڪ پاسي خيبر پختونخوا صوبي جي شهر نوشهره ۾ ٻيڙيون هلي رهيون آهن، اتي بلوچستان ۾ وري ڊيرا مراد جمالي شهر ٻڏڻ جو خدشو پيدا ٿي پيو آهي.

سنڌ جي صورتحال، جيڪا هن مهل تائين بهرحال صوبي خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جي نسبت ٺيڪ آهي ۽ صوبي جي لاڙ واري حصي ۾ جتي ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي اچڻ جون خوشيون ملهائجي رهيون آهن، اتي صوبي جي اتر واري حصي ۾ سيلاب جو خوف ۽ خطرو آهي. سنڌوءَ جي ڊيلٽا تائين پاڻي پهچڻ جون خوشيون، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۽ سنڌ جي اترين علائقن جي ماڻهن جي سيلاب کان متاثر ٿيڻ وارن معاملن سبب سڄي سنڌ ۽ سڄي ملڪ جي ماڻهن سان ورهائجي نه سگهيون آهن. سنڌ جي آبپاشي کاتي ۾ ايمرجنسي نافذ ڪرڻ جو اعلان ڪري 158 هنڌن کي حساس قرار ڏئي ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي لڏڻ لاءِ چيو ويو آهي. سنڌوءَ جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي ڪچي جو علائقو خالي ڪرائڻ لاءِ انتظاميا کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن. سکر وٽ بيراج کان مٿين حصي ۾ ساڄي پاسي پڪي بند جي اندر هڪ باقائده شهر آباد آهي، قبضا ڪري آباد ڪيل اهو شهر نه صرف اتي رهندڙ ماڻهن لاءِ نقصانڪار آهي، بلڪه اهو سکر بيراج، جيڪو انهن گهرن کان صرف ٻه سئو گز هيٺ آهي، ان لاءِ به نقصانڪار آهي. اهو علائقو اڳ ۾ ٻيڙين جو واپار بندر هو، اتي مهاڻن جا ڪچا پکا هوندا هئا، جيڪي هو وقتي طور آباد رکندا هئا، پر پوءِ قبضا مافيا پڪي بند جي اندر درياءَ واري پاسي قبضا ڪري، درياءَ جو پيٽ سوڙهو ڪري اڳ ۾ ڪچا، پوءِ پڪا گهر، وڏا وڏا گدام، دڪان ۽ ٻيون عمارتون تعمير ڪري ڇڏيون آهن. سکر جي انتظاميا ڪيترائي ڀيرا اهو علائقو خالي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر اتي ماڻهو مختلف سياسي پارٽين جا جهنڊا هڻي ان درياءَ اندر قبضي وارن گهرن تي ويٺا آهن، ان ڪري انتظاميا اربين رپين جي بيراج ۽ انساني جانين لاءِ زبردست خطرو بڻيل ان علائقي کي خالي ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي. هاڻي ته ان علائقي ۾ اڌ پڪي بند اندر ۽ اڌ ٻاهر پنج پنج ماڙ مدرسا ۽ فليٽ به ٺاهيا ويا آهن. حالت اها آهي جو اڃا سنڌوءَ ۾ وهڪرو ٻه لک جي لڳ ڀڳ ئي پهتو آهي، ته ان علائقي ۾ گهرن ۾ پاڻي اچي ويو آهي، هوڏانهن ست لک پاڻي پهچڻ جو انديشو آهي، ان صورتحال ۾ وڏي تباهي جو خطرو آهي ۽ ان جي ذميواري قبضا مافيا، انتظاميا، حڪومت ۽ عوام پاڻ هوندو.

سنڌوءَ ۾ ڪيترن ئي سالن بعد ايڏي مقدار ۾ پاڻي اچڻ سبب آبپاشي کاتي جا پول کلڻ جو به وڏو امڪان آهي، ان کاتي جي نوڪرين، بدلين، ٺيڪن، کوٽائي، واٽر پڪا ڪرڻ ۽ ٻين معاملن ۾ ڪرپشن عروج تي پهتل آهي، بندن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪروڙن جا ٺيڪا ڪاغذن ئي ڪاغذن ۾ پورا ٿيندي اسان اکين سان ڏٺا آهن. آبپاشي کاتي جي ٺيڪيداريءَ کي ان لاءِ آسان ۽ تمام گهڻي پئسي ڪمائڻ وارو ڌنڌو تصور ڪيو ويندو آهي، جو ان جو ثبوت ئي نه بچندو آهي ته ڪم ٿيو هو يا نه ۽ جي ٿيو هو ته ڪيترو ٿيو؟ پر ان سڄي ڪرپشن جو نقصان سوين هزارين نه پر لکين ۽ ڪروڙن ماڻهن کي ٿيندو آهي، ڳوٺن جا ڳوٺ تباهه ٿيندا آهن، سوين ماڻهو، چوپايو مال، فصل، جائيدادون تباهه ۽ برباد ٿينديون آهن، سڄو نظام تباهه و برباد ٿيندو آهي، اهو سڀ ڪجهه نه ٿئي، جيڪڏهن ڪرپشن نه هجي ۽ بندن جي حفاظت ۽ مضبوطي لاءِ مليل پئسو صحيح ۽ جائز استعمال ٿئي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته سنڌو دريا ۾ گذريل سالن ۽ مهينن ۾ پاڻي جي گهٽ هجڻ باوجود واهن کي لڳل گهارن جون تباهيون، هن ڀيري پاڻي جي وڏي مقدار ۽ سيلاب سبب صورتحال کي ڪٿي وڃي بيهارينديون؟ هڪ ڳالهه ٻي به اهم آهي ته آبپاشي کاتو جيڪو هر وقت، هر دم اهڙي هنگامي صورتحال لاءِ تيار هجڻ گهرجي، اهو ”ٻين معاملن“ ۾ ايترو ته وڪوڙجي ويو آهي جو هاڻي جڏهن اوچتو سنڌوءَ ۾ زبردست پاڻي پيو اچي ته منجهن ڦڙڦوٽ پئجي ويو آهي. سنڌوءَ ۾ هن ڀيري واري ٻوڏ ايتري وڏي مقدار ۾ اوچتي ۽ غير متوقع آهي جو پندرهن ڏينهن اڳ تائين سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي صورتحال ابتر هئي ۽ پاڻي جي کوٽ عروج تي هئي، ان سڄي صورتحال ۾ ماڻهو آبپاشي کاتي تي ڀاڙي مٿن اعتبار ڪرڻ بجاءِ خوف ۾ ورتل آهن ته ڪهڙو بند ڪٿان ٿو ٽٽي!

بهرحال صورتحال کي آسان نه وٺجي ۽ سخت انتظامي اپاءُ وٺڻ گهرجن. سکر شهر جي بند اندر توڙي سڄي سنڌ ۾ هر انهيءَ جاءِ تي جتي سيلاب Hit ڪندو، اهي علائقا ماڻهن کان زبردستي خالي ڪرايا وڃن. ڪچي جي علائقن ۾ ڀوتارن پاران قبضو ڪيل زمينن تي هارپو ڪندڙ غريب هاري شايد ڀوتارن جي حڪم تحت علائقو خالي ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿين، پر پوءِ به انهن کي زبردستي محفوظ مقامن تي آندو وڃي، ڇاڪاڻ جو سيلاب هر شيءِ کي لوڙهي وڃڻ جي سگهه رکي ٿو!
 
Back
Top