• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سالن کانپوءِ تاريخ جي بدترين ٻوڏ جو وهڪرو اچي رهيو آهي،ڪچي مان ماڻهو نٿا ڪڍي سگهون،

عبدالوهاب

سينيئر رڪن
روزاني عبرت حيدرآباد
سنڌ سرڪار سنڌ ۾ سنڌو درياءَ جا 145 هنڌ ڪمزور هئڻ جا اعتراف ڪندي انهن هنڌن کي حساس قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ سنڌ جي ڪچي ۾ رهندڙ ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته ٻوڏ جي خطري کي نظر ۾ رکندي پنهنجي قيمتي سامان سميت محفوظ هنڌ تي رهندڙ پنهنجن مٽن مائٽن وٽ وڃن يا پڪي تي هليا وڃن. ڪچي ۾ قبيلائي جهيڙا هلندڙ آهن، انهي ڪري حساس علائقن مان ماڻهو نٿا ڪڍي سگهون. سنڌ جي آبپاشي کاتي واري وزير ڄام سيف الله ڌاريجو ۽ وڏي وزير جي سڌسماءَ واري صلاحڪار جميل سومرو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 1976ع کان پوءِ پهريون ڀيرو پاڻي جو وڏو وهڪرو اچي رهيو آهي. صوبائي صلاحڪار جميل سومرو چيو ته 34 سالن بعد تاريخ جو بدترين ٻوڏ جو ريلو اچي رهيو آهي ۽ ان کي منهن ڏيڻ سنڌ جي عوام، ايم پي ايز، اين اين ايز ۽ سمورن پارٽين سميت اپوزيشن کي ساٿ ڏيڻ جي گذارش ڪئي آهي. جيئن امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي ۽ امتحان واري هن گهڙي مان سهڻي نموني سان گذري سگهون، ٻوڏ واري ريلي کي هنگامي بنيادن تي منهن ڏيڻ لاءِ صحت کاتي کي اڍائي ڪروڙ رپيا جاري ڪيا آهن ۽ نانگ ڪکڻ جون ويڪسين به فراهم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته وڏي وزير سيد قائم علي شاهه وزيرن، صلاحڪارن، معاون خصوصي کي هدايتون ڏنيون آهن ته بندن جو گشت ڪن. فوج، رينجرز ۽ ڊي سي اوز کي حساس هنڌن مان ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته حساس هنڌن تي ضروري مشينري ۽ ٻيڙيون پهچايون ويون، جڏهن ته عوام کي گذارش آهي ته اهي پڪي تي اچن اتي ڪيمپن تي کين رليف فراهم ڪنداسين. آبپاشي واري وزير ڄام سيف الله ڌاريجو چيو ته چار آگسٽ تي گڊو وٽ 10 لک 76 هزار ڪيوسڪ پاڻي پهچندو ۽ سکر بئراج تي 9 لک ڪيوسڪ جي سگهه آهي، جيڪا پهريان 15 لک ڪيوسڪ جي سگهه هوندي هئي، جڏهن ته ٽيڪنيڪل مسئلن سبب سگهه گهٽجي وئي آهي. هن چيو ته سنڌوءَ تي 12 سئو ميل جو بند آهي، جنهن ۾ 145 هنڌ حساس آهن ۽ 20 سيڪڙو ماڻهو اتان لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن، جڏهن ته قبيلائي جهيڙا هلندڙ آهن انهيءَ ڪري انهن علائقن مان ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن۽ اتان ماڻهو ٻاهر نٿا ڪڍي سگهون، اتي آبپاشي جو عملو نٿو وڃي سگهي، هن چيو ته ڪشمور کان ٺٽي تائين وارو ڪچو حساس آهي ۽ اتي هنگامي بنيادن تي بندوبست ڪري رهيا آهيون. عوام ۾ شعور گهٽ هجڻ سبب انهن کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ تڪليف اچي پئي ۽ ان لاءِ وس وارا ادارا حڪومت جو ساٿ ڏين. ڪيترائي ماڻهو ڪچي کان ٻاهر نٿا نڪرڻ چاهين، هو خطري کي نٿا سمجهن ۽ چون ٿا ته الله چڱو ڪندو، ميڊيا انهن ماڻهن کي سمجهائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ قائل ڪري ته هو ڪچو ڇڏي پڪي ڏانهن هليا وڃن، سنڌ جا ماڻهو هر ڏکئي وقت ۾ متحد ٿي ويندا آهن، سندن اتحاد سان ڌڻي سائين ڪندو ته هن ڏکئي ويل مان نڪري وينداسين، اسان سمجهون ٿا ته پاڻي جو هي ريلو خير خواهه سان لنگهي ويندو، ڄام سيف الله ڌاريجو چيو ته هنگامي ۽ ڏکي صورتحال ۾ مون سان سڌو 2490693-0321 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. هن ضلعي ايڊمنسٽريٽرن کي به اپيل ڪئي آهي ته هو سنڌ حڪومت کان سهڪار ڪن, ان موقعي تي سنڌ جو اطلاعات وارو سيڪريٽري سيد ممتاز شاهه، آبپاشي وارو سيڪريٽري شجاع احمد جوڻيجو، ڊائريڪٽر انفرميشن طارق احمد ڪيڙو، ايس ايم اقبال ۽ ٻيا موجود هئا.
 
جواب: سالن کانپوءِ تاريخ جي بدترين ٻوڏ جو وهڪرو اچي رهيو آهي،ڪچي مان ماڻهو نٿا ڪڍي س

شايد اسانجون به ڊيوٽيون سنڌو جي بندن تي لڳايون پيون وڃن............. اميد آهي ته پوءِ توهان پنهنجو بچاءُ پاڻ ڪندا اسان ريلف ڪيمپن ته آرام ڪندا سين وڃي ................ جيڪڏهن ڪٿان بند ٽٽو ته توهان کي آگاه ضرور ڪندم جيئن پنهنجو سمان ٻڌي سگهو مهرباني
 
جواب: سالن کانپوءِ تاريخ جي بدترين ٻوڏ جو وهڪرو اچي رهيو آهي،ڪچي مان ماڻهو نٿا ڪڍي س

زبردست معلومات توهان فرهام ڪئي آهي
 
Back
Top