• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پسند جي شادي ڪاڪي آچار جي اوطاق تي

همانگير سولنگي

سينيئر رڪن
ڇا
پسند جي شادي ڪامياب ٿئي ٿي
يا
گهر وارن جي مرضي جي شادي
[/size

توهان دوستن جو انتظار آهي۔ ڪاڪي آچار جي اوطاق تي جلدي پهچو ته ان تي بحث ڪيو
 
جواب: پسند جي شادي ڪاڪي آچار جي اوطاق تي

پسند جي شادي سان گڏ گهر وارن جي مرضي شامل هجي ته 100 سيڪڙو ڪامياب آهي۔
 
جواب: پسند جي شادي ڪاڪي آچار جي اوطاق تي

جيتوڻيڪ ڪجه مهينا اڳ ان موضوع تي بحث ٿيو هو ۽ اسلامي حوالن سان پسند جي شاديءَ کي جائز قرار ڏنو ويو هو؛

پر هڪ شاعر جيئان ” هر ڪم ڪار ۾ ٻه چار مجبوريون هڪڙي پيار ۾ هزار مجبوريون“

دوستو! اسانکي هن موضوع کي وسيع نظرئي سان ڏسڻو پوندو ته پسند جي شادي بهتر آهي پر انجا سڀ لوازمات پورا هجن ۔۔۔ پر جي پسند جي شاديءَ مان پنهنجي آس پاس جو سڄو ماحول خراب ٿي وڃي يا پورو خاندان ڀنڃ ڊاهه جو شڪار ٿي وڃي ته هڪ ٻي چوڻي آهي ته ؛
”اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني“
هر هنڌ ڪجهه حالتون ۽ ڪجهه ضرورتون مختلف هونديون آهن ۔۔۔ انڪري پسند يا پيار جي پرڻي کي بغاوت بجاءِ عقل ۽ فهم سان پوري ڪرڻ ۾ عافيت آهي ۔۔۔

وڌيڪ اوهين پاڻ سياڻا ۽ فهم وارا آهيو ۔۔۔ ان ڏس ۾ منهنجي ڪهاڻي ” ڪوڙين ٿيا قرار“ پڻ پڙهڻ وٽان آهي ۔۔۔ هيٺ لنڪ ڏنل آهي
http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=171

پسند جي شاديءَ تي موڪليل منهنجو ليک ... هيٺ لنڪ ڏنل آهي

http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=804

رب العالمين اسانکي معاملات کي سمجهڻ ۽ انهنکي حل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
 
جواب: پسند جي شادي ڪاڪي آچار جي اوطاق تي

مان به سائين نثار سان متفق آهيان۔۔۔۔۔۔
پر تون خوش نه ٿي تنهنجي شادي پسند جي نه ٿيندي
 
جواب: پسند جي شادي ڪاڪي آچار جي اوطاق تي

جي ادا بلڪل جيڪڏنهن پسند جي شادي ۾ گهر وارن جي رضامندي هجي ت ڪامياب آهي.
 
جواب: پسند جي شادي ڪاڪي آچار جي اوطاق تي

پنهنجي والدين جي مرضي جي شادي اوڪي هوندي آهي۔
 
جواب: پسند جي شادي ڪاڪي آچار جي اوطاق تي

ادا مونکي لڳي ٿوته توهان سائين نثار جا موڪليل ٿريڊي پڙهي ڪري سمجهي ويا هوندا،
ادا همانگير سولنگي ڀلا هاڻي توهان ٻڌايو ته، پسند جي شادي سٺي آهي يا نه، آهي ته کولي بيان ڪجو ته جيئن دوستن کي ڪجهه ڪل پوي۔
 
جواب: پسند جي شادي ڪاڪي آچار جي اوطاق تي

ادا مونکي جواب ملي ويو آهي۔ ادي نثار چيو جيڪو اهوئي بهترين آهي۔

ادا توهان کي ته جواب ملي ويو آخر اسان اٻوجهن کي به ته جواب ڏيو نه، آخر صحيح ڳالهه ڪهڙي آهي ۽‌ ڇو، توهان جي مهرباني ٿيندي۔
 
جواب: پسند جي شادي ڪاڪي آچار جي اوطاق تي

ادا توهان کي ته جواب ملي ويو آخر اسان اٻوجهن کي به ته جواب ڏيو نه، آخر صحيح ڳالهه ڪهڙي آهي ۽‌ ڇو، توهان جي مهرباني ٿيندي۔
پسند جي شاديءَ مان پنهنجي آس پاس جو سڄو ماحول خراب ٿي وڃي يا پورو خاندان ڀنڃ ڊاهه جو شڪار ٿي وڃي ته هڪ ٻي چوڻي آهي ته ؛
”اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني“
ادا هي لفظ ادي نثار جا آهن ا
 
جواب: پسند جي شادي ڪاڪي آچار جي اوطاق تي

مطلب ته ”ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو“ همانگير کي ته هڪ جملي مان ئي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي آهي ۽ جي عبدالوهاب عرف عبدوءَ کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي آهي ته آءُ موڪل تي اچانٿو، اچي کيس روبرو سمجهائيندس ۔۔۔

منهنجي شادي به پسند جي آهي ۔۔۔ پر افسوس جو نه منهنجي خاندان اعتراض ڪيو نه ساهري خاندان اعتراض ڪيو ۽ آءُ ٻڌو غلام:)>- ۔۔۔۔ ڪڏهن ڪڏهن آءُ پنهنجي خاندان يا ساهري خاندان کان پڇندو آهيان ته خدارا ڪجهه ته ڪيو ها ۔۔۔ ڪي راهن ۾ پٿر وڇايو ها ۔۔۔ ڪي لوڙها رکو ها پر افسوس ائين نه ٿيو ۔۔۔ اڄ آءُ ۔۔۔۔ ٻڌو ٻانهون آهيان ۔۔۔ :-?

رب ڀلي ڪندو ۔۔۔ اوهان به دعا ڪجو ۔۔۔ :))
 
جواب: پسند جي شادي ڪاڪي آچار جي اوطاق تي

پسند جي شاديءَ مان پنهنجي آس پاس جو سڄو ماحول خراب ٿي وڃي يا پورو خاندان ڀنڃ ڊاهه جو شڪار ٿي وڃي ته هڪ ٻي چوڻي آهي ته ؛
”اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني“
ادا هي لفظ ادي نثار جا آهن ا

ادا مهرباني
 
جواب: پسند جي شادي ڪاڪي آچار جي اوطاق تي

ادا شادي بيشڪ پسند جي هجي، پر والدين جي مرضي ان ۾ شامل هجي، ڇو ته والدين جيڪو ڪجهه به سوچيندا اولاد جي ڀلي لاءِ ئي سوچيندا آهن۔
جي والدين جي مرضيءَ‌ کان سواءِ‌شادي ٿيل آهي ته پوءِ نتيجي ۾ ‌ٻه صورتون ٿين ٿيون۔۔۔
والدين هڪ ته ان شاديءَ‌قبول نه ڪندا، انهيءَ‌صورت ۾ اولاد کي عاق ڪري سگهن ٿا، يعني ان سان پنهنجو رشتو ختم ڪري ڇڏين ٿا۔۔۔ ۽ آئمه معصومين عليهم السلام جي هڪ فرمان موجب ته جيڪو ماءُ‌پيءُ‌جو عاق ٿيل هجي ٿو ان کي جنت جي بوءِ‌به نصيب نه ٿيندي۔۔۔
ٻي صورت ۾‌جيڪڏهن والدين شاديءَ‌کي وڏي دل سان قبول ڪن ٿا تڏهن به سائين نثار ابڙي جي ڳالهه وانگر روز جهيڙا جهٽا هوندا ۽ گهر جو سڪون ختم ٿي ويندو۔۔۔ ڇو ته اهڙي ڪيسن ۾ سس ۽‌ ننهن جو جهيڙو روز جو معمول هوندو آهي۔۔ نتيجي ۾ اولاد پنهنجي ماءُ‌پيءَ‌کان ويتر پري ٿي ويندي۔۔ (منهنجي ڄاڻ سڃاڻ واري هڪ گهر ۾ ايئن ئي ٿيو هو، جڏهن ڇوڪرو پنهنجي پسند سان شادي ڪري آيو ته توڙي جو والدين وڏي دل ڪري ان رشتي کي قبول ڪيو پر ڪنوار الڳ طبيعت جي هجڻ‌جي ڪري، سندس ناز نخرن جي ڪري روز گهر ۾ جهيڙا جهٽا لڳا پيا هوندا هئا، هاڻي ڳالهه ايتري تائين ٿي وئي آهي جو ڇوڪرو گهر وارن کان صفا الڳ ٿي ويو آهي ۽ پنهنجي عمل تي پڇتاءُ محسوس ڪندو‌آهي) انهيءَ‌صورت ۾ عورت تي به گهڻو منحصر ڪري ٿو ته ماحول کي ٺاهي ٿي يا ڊاهي ٿي مطلب ته ان ۾ پاڻ کي ايڊجسٽ ڪري ٿي يا نه۔۔۔۔
 
جي ادا مست توهان سان مان متفق آهيان
 
Back
Top