عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن
منهنجي 100 تحريرون مڪمل ٿيڻ تي تمام دوستن پاران آيل موٽ سبب هي فورم منهنجي من اندر
جا وٺي ويو آهي۔
جا وٺي ويو آهي۔

سهڻا درويش سائين؛ حق موجود، مطلب ته عشق ناهي راند جو کيڏن ڳڀرو ۔۔۔ بيشڪ جڏهن ڪا شئي دل ۾ سمائجي ويندي آهي ته دماغ تي به ڇائنجي ويندي آهي ۔۔۔ پيار جي اونهي اثر ۾ ماڻهون ان شئي کي پنهنجو ڪري ان جا گيت ڳائڻ شروع ڪندو آهي ۔۔۔
پاڻ شاعر ته آهيون ڪونه پر اسانجي به ساڳي حالت آهي جيڪا درويش جي آهي ۔۔۔
پيارا درويش لک ٿورا جو اوهان سنڌ سلامت جي اڱڻ کي ايترن سهڻن لفظن ۾ ياد ڪيو آهي ۔۔۔
***********
هڪ ٻيو عرض ته اوهانجي هن من موهيندڙ بيت ۽ ڊزائين جو ته جواب ناهي پر هڪ ننڍڙي تصحيح آهي جا ڪري ڇڏيو ته هوند وڌيڪ بهتر!
لفظ ؛ ايش جي جاءِ تي عيش لکجي ته بهتر ۽ نارو جي جاءِ تي نعرو لکجي ته صحيح ٿيندو ۔۔۔ منهنجي خيال ۾ ۔۔۔
ادا درويش۔۔۔ يار مون وٽ هينئر ڊي ايس ايل جي اسپيڊ صفا اهڙي آهي جو ڪو پيج ڪونه ٿو کلي، جي کلي ٿو ته تصويرون نه ٿيون اچن۔۔۔ ڇا ڪيون ”پِٽيل پي ٽي سي ايل“ جو ڊي ايس ايل آهي۔۔
هينئر به توهان وارو موڪليل شعر گهڻي ڪوشش کان پوءِبه مون وٽڏسڻ۾ نه ٿو اچي۔۔۔ اسپيڊ صحيح ٿي ته ڏسي وٺنداسين۔۔ توهان جي قلم مان سرجيل آهي، يقيني طور تي ڪا بهترين شئي هوندي۔۔۔
خبر ناهي توهان جي انٽرنيٽالائي ڪڏهن تيز ٿيندي
سڀاڳي سنڌ ڌرتيءَلاءِ۔۔۔ ڇڏي سڀ ديش پهتاسين۔۔
ڏٺوسين ماڳ محبت جو، ڇڏي سڀ ايش پهتاسين۔۔
ادا ان لفظ جي متعلق مان منجهيل آهيان ته ڪاٿي اهو لفظ ”عيش و عشرت“ وارو ”عيش“ ته ڪونهي، پر جيڪڏهن ان ”ايش“ مان ”ايشوريا“ مراد آهي ته پوءِ ٺيڪآهي ۔۔ ها ها ها
واهه جي شاعري آهي۔۔۔ توهان جو هر شعر دل کي نئين توانائي ڏئي ٿو۔۔
ادا مست ان لفظجي تصحيح پهريان محترم نثار صاحب به ڪئي هئي۔
بس ڪجه مصروف هئڻ جي ڪري ان کي درست نه ڪري سگهيس ۔
پر هاڻي انکي درست ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔۔
ادا مست ان لفظجي تصحيح پهريان محترم نثار صاحب به ڪئي هئي۔
بس ڪجه مصروف هئڻ جي ڪري ان کي درست نه ڪري سگهيس ۔
پر هاڻي انکي درست ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔۔