• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

متحده ايم پي اي قتل، ڪراچيءَ تي دهشت گردن جو راڄ: 35 ماڻهو ماريا ويا، 40 گاڏين کي باه

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
متحده ايم پي اي قتل، ڪراچيءَ تي دهشت گردن جو راڄ: 35 ماڻهو ماريا ويا، 40 گاڏين کي باهه
ڪراچي (ذوالفقار واهوچو/م ڊ) ڪراچيءَ جي علائقي ناظم آباد نمبر 2 ۾ متحده قومي موومينٽ جي سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر رضا حيدر ۽ سندس محافظ سميت 3 ڄڻا قتل ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي شهر باهه ۾ سڙندو رهيو، پوليس ۽ رينجرز وڳوڙي علائقن مان غائب. هٿياربندن هٿان وڌيڪ 35 ڄڻا شهر جي مختلف علائقن ۾ قتل ٿي ويا ۽ 92 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، جن کي جناح اسپتال، سول اسپتال ۽ عباسي شهيد اسپتال سميت شهر جي مختلف نجي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پيٽرول پمپ، ٻن هوٽلن، فرنيچر مارڪيٽن سميت 30 کان وڌيڪ گاڏين کي پڻ ساڙيو ويو آهي. شهر مڪمل طور تي دهشت گردن جي حوالي رهيو. سرڪار پاران شهرين کي تحفظ ڏيڻ بدران کين گهرن ۾ بند رهڻ جون اپيل ڪيون ويون. دهشت گردي سبب ايم اي جناح روڊ ۽ شاهراهه فيصل سميت شهر جا مختلف مصروف روڊ ٽريفڪ جام هجڻ سبب بند ٿي ويا. لکين ماڻهو رات دير تائين گاڏين ۾ ويٺل رهيا ۽ ڪيترين ئي گاڏين جي پيٽرول ۽ سي اين جي ختم ٿيڻ سبب گاڏين جا مالڪ مجبور ٿي گاڏيون روڊن تي ڇڏي پيادل گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا. ايم ڪيو ايم پاران پنهنجي اسيمبلي ميمبر جي قتل جو الزام اي اين پي مٿان مڙهيو ويو آهي. ٻئي طرف اي اين پي پنهنجي مٿان لڳل الزامن کي رد ڪندي انهن کي من گهڙت قرار ڏنو آهي. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ايم پي اي رضا حيدر جي قتل جو نوٽيس وٺندي آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ٻئي طرف سي سي پي او ڪراچي وسيم احمد ڊي آءِ جي ويسٽ سلطان خواجه جي سربراهي ۾ 10 رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. جڏهن ته سنڌ سرڪار پاران اڄ ڪراچي جي سمورن تعليمي ادارن ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ شهر جي يونيورسٽين توڙي ڪراچي تعليمي بورڊ اڄوڪن ٿيندڙ امتحانن کي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن مارڪيٽ ايسوسيئيشن پاران اڄ شهر جو سمورو ڪاروبار ۽ مارڪيٽون بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ايم ڪيو ايم طرفان ٽي ڏينهن سوڳ ملهائڻ ۽ پارٽي آفيسن تي ڪارا جهنڊا چاڙهڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب ڪالهه ٽي پهري ڌاران ناظم آباد نمبر 2 ۾ ايم ڪيو ايم جو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رضا حيدر پنهنجي دوست جي ماءُ جي جنازي نماز پڙهڻ لاءِ ناظم آباد جي جامع مسجد پهتو ۽ جيئن ئي وضوءَ ڪرڻ لاءِ مسجد جي وضو خاني ۾ ويو ته هٿياربندن سندس گارڊ خالد خان کي گوليون هڻي شديد زخمي ڪري ڇڏيو ۽ ان کانپوءِ کيس قتل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيا ته رضا حيدر وضو خاني مان مسجد طرف اندر ڀڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته مٿس هٿياربندن ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي کيس زخمي ڪري ڇڏيو. رضا حيدر کي هڪ گولي مٿي ۾ ۽ باقي 6 گوليون کيس جسم جي مختلف حصن ۾ لڳيون. جڏهن ته مسجد ۾ موجود ايم ڪيو ايم جو هڪ ڪارڪن 16 سالن جو نامعلوم پڻ شديد زخمي ٿي پيو. هٿياربند هڪ اڇي ڪار ۽ موٽر سائيڪل تي چڙهي فرار ٿي ويا. پوليس موجب مٿس حملي ۾ ڪلاشنڪوف ۽ سيون ايم ايم رائيفل استعمال ڪئي وئي، پوليس کي واقعي واري جاءِ تان ڪلاشنڪوف جي گولين جا خالي کول هٿ آيا آهن. ٽنهي زخمين کي عباسي اسپتال نيو پئي ويو ته زخمن جا سور نه سهندي هنن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. رضا حيدر گذريل 26 سالن کان ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل رهيو ۽ 2008ع وارين عام چونڊن ۾ اورنگي ٽائون واري صوبائي تڪ پي ايس 94 تان ڪامياب ٿيو. هن سوڳوارن ۾ هڪ پٽ، هڪ ڌيءَ ۽ گهر واري کي ڇڏيو آهي. جنهن کان پوءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ وڳوڙ شروع ٿي ويا. جنهن کان پوءِ دهشت گردن بلديه نمبر هڪ تي آدم خان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته گلستان جوهر بلاڪ 19 ۾ عمير ولد عصمت گل ۽ ٻن نامعلوم نوجوانن کي قتل ڪيو ويو. اهڙي طرح ملير جامع مليه ۾ 26 سالن جو نصير، کارادر ۾ امانت علي، گلزار هجي ۾ عجب خان، ڪورنگي نمبر 5 ۾ امام بخش ۽ رحمان، اورنگي ٽائون نمبر ساڍا 11 ۾ نور رحمان، گلستان جوهر رابعه سٽي ۾ شير افضل کي قتل ڪيو ويو. قائدآباد جي دائود چورنگي وٽ ڪوچ تي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو ۽ 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جڏهن ته گلستان جوهر بلاڪ 19 ۾ گلشن بنگلوز ۾ ٻن نامعلوم چوڪيدارن کي پڻ هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته بلديه نمبر5 ۾ سلمان ۽ نور شاهه کي هٿياربندن قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته محلا، محمد حبيب ۽ امام بخش شديد زخمي ٿي پيا. بسم الله تقي هوٽل وٽ محمد ممتاز، زبيده ميڊيڪل سينٽر وٽ علي محمد، اورنگي ٽائون نمبر 12 ۾ 30 سالن جو نامعلوم ناظم آباد نمبر 2 ۾ مير عباس، اورنگي ٽائون ۾ 30 سالن جو مراد علي کي گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو. جڏهن ته ڪورنگي جي انڊسٽريل ايريا ۾ مرتضيٰ چورنگي وٽ ڪوچ تي ٿيل فائرنگ ۾ 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اهڙي طرح مجموعي طور تي ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ 35 ڄڻا دهشت گرديءَ جو کاڄ بڻجي ويا ۽ 92 کان وڌيڪ زخمي ٿي ويا آهن. جڏهن ته اهي واقعا بلديه، گلستان جوهر، ملير، کارادر، اورنگي ٽائون، رابعه سٽي، بنارس، بفرزون، فيڊرل بي ايريا ۽ شهر جي ٻين علائقن ۾ پيش آيا آهن. شرپسندن ميٽرول تي 4 موٽر سائيڪلن ۽ هڪ سوزوڪي ۽ ٻن مني بسن کي ساڙي ڇڏيو. جڏهن ته ناظم آباد نمبر 2 ۾ مني بس، صفوران ڳوٺ وٽ ٽيڪسي ۽ مني بس، گلستان جوهر بلاڪ 12 ۾ فرنيچر مارڪيٽ، بلديه نادرن باءِ پاس تي 4 گاڏيون، سهراب ڳوٺ ۾ هڪ گاڏي، اورنگي ٽائون ۾ هڪ سوزوڪي، پنجاب چورنگي ۾ هڪ گاڏي، ڪالابورڊ، ملير ۽ کوکراپار ۾ 7 گاڏيون، لياقت آباد ۾ هڪ رڪشو، ڪورنگي ۾ هڪ پيٽرول پمپ، لانڍي ۾ ٻه هوٽل، موسميات ۾ 4 گاڏيون. لياقت آباد ۾ 2 گاڏيون، ناظم آباد ۾ هڪ مارڪيٽ، بفرزون ۾ 3 ڪارپيٽ جا دڪان ۽ لياقت آباد سپر مارڪيٽ ۾ باهيون ڏئي ڪيترن ئي دڪانن کي ساڙيو ويو آهي. جڏهن ته شاهه فيصل ڪالوني، لانڍي، نيو ڪراچي ۽ ٻين علائقن ۾ سوين ريڙهن کي سامان سميت وڳوڙين ساڙي ڇڏيو آهي. ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر حيدر عباس رضوي ۽ صوبائي وزير فيصل سبزواري سڌو الزام هڻندي چيو ته رضا حيدر جي قتل ۾ عوامي نيشنل پارٽي ملوث آهي، ڇاڪاڻ ته انهن ڪجهه ڏينهن اڳ به گلستان جوهر ۾ ايم ڪيو ايم جي يونٽ آفيس تي حملو ڪيو ۽ شاهه فيصل ڪالوني ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ڪائونسلر کي گذريل ڏينهن قتل ڪيو ۽ رضا حيدر کي پڻ اي اين پي طرفان ڌمڪيون مليون هيون. هنن چيو ته اسان حڪومت کي مسلسل ثبوتن سان ٻڌائيندا رهياسين ته ايم ڪيو ايم خلاف وڏي سازش ٿي رهي آهي ۽ اسان جي ڪارڪن قتل ٿي رهيا آهن ۽ انهن ۾ عوامي نيشنل پارٽي ملوث آهي پر حڪومت اسان جي نه ٻڌي. ٻئي طرف عوامي نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر شاهي سيد چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاران رضا حيدر جي قتل جو مٿس لڳل الزام ڪوڙو ۽ بي بنياد آهي. هن چيو ته رضا حيدر جي قتل تي اسان کي گهرو صدمو رسيو آهي ۽ اسان ايم ڪيو ايم سان ان ڏک واري گهڙي ۾ گڏ آهيون. هن چيو ته حڪومت کي گهرجي ته هن دهشت گردي ۾ جيڪو به ملوث آهي ان کي گرفتار ڪيو وڃي. ٻئي پاسي متحده جي ايم پي اي رضا حيدر جي قتل واري واقعي کان پوءِ مختلف شهرن ۾ ڪاروبار بند ٿي ويو، فائرنگ ڪرڻ سان گڏ ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو آهي. حيدرآباد ۾ ڪاروبار بند ٿي ويو، مڇريل ماڻهن روڊن تي نڪري فائرنگ ڪئي. چاندني شاپنگ سينٽر، تلڪ چاڙهي، حيدر چوڪ، فقير جو پڙ، ريشم گلي، گل سينٽر ۽ ٻين علائقن ۾ دڪانن، هوٽلن ۽ ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪيو ويو. گڊس ناڪي وٽ بس کي ساڙي ويو. نواب شاهه جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن بعد ڪاروبار بند ٿي ويو ۽ خوف واري صورتحال رهي. سکر ۾ فائرنگ کان پوءِ شهر بند ٿي ويو. مڇريل ماڻهن مختلف علائقن ۾ فائرنگ ڪري خوف ڦهلايو. ٽنڊي ڄام، ميرپور خاص ۽ ٻين شهرن ۾ به فائرنگ جا اطلاع مليا آهن. حيدرآباد، ميرپور خاص، سکر ۽ ڪراچي ۾ تعليمي ادارا اڄ بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. متحده قومي موومينٽ جي سربراهه الطاف حسين پارٽي اڳواڻ رضا حيدر جي قتل تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حڪومت کان واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. الطاف حسين ڪارڪنن کي پرامن رهڻ ۽ صبر جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل ڪئي. ٻئي طرف عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفنديار ولي متحده اڳواڻ جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته واقعي جو الزام اي اين پي هڻڻ حقيقت جي ابتڙ آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي جاچ ڪرائي وڃي ذميوارن کي ظاهر ڪري کين سزا ڏني وڃي.

دهشت گرد ڪراچي کي ورهائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن: صدر زرداري​

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني متحده ايم پي اي رضا حيدر جي قتل تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته دهشت گردن ڪراچي کي ورهائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن. جن کي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. صدر ۽ وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ ڪراچي جي عوام کي صبر جي اپيل ڪئي. وزيراعظم چيو ته واقعي جي جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

سياسي ڌريون حقيقت پسند ٿين ته ذميوار سامهون اچي ويندا: شاهي سيد​

ڪراچي: اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد متحده جي ايم پي اي رضا حيدر جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو عمل ملڪ خلاف سازش آهي. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، جيڪو به ملوث هجي ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ کي روڪڻ لاءِ ضروري آهي ته سڀ سياسي ڌريون حقيقت پسند ٿين ته ذميوار سامهون اچي ويندا. هن چيو ته شهر کي هٿيارن کان پاڪ ڪيو وڃي.

متحده جاچ رپورٽ اچڻ تائين صبر ڪري: رحمان ملڪ​

اسلام آباد: گهرو وزير رحمان ملڪ متحده جي ايم پي اي رضا حيدر جي قتل جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کي جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رحمان ملڪ متحده کي واقعي جي جاچ رپورٽ اچڻ تائين صبر جي اپيل ڪئي آهي. هن چيو ته طالبان، لشڪر جهنگوي ۽ سپاهه صحابه جهڙيون قوتون ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ گهرن ٿيون. هن چيو ته اهڙن واقعن جو مقصد فساد ڪرائڻ آهي. ان ڪري جاچ کان اڳ افواهه نه پکيڙيا وڃن. هن چيو ته پوليس جي جاچ رپورٽ بعد جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

وڏي وزير سخت نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب​

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ايم ڪيو ايم جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر رضا حيدر جي قتل جو سخت نوٽيس وٺندي، آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ هن واقعي ۾ ملوث دهشت گردن کي بنادير گرفتار ڪرڻ جا حڪم ڏنا آهن. هوڏانهن سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي نثار احمد کهڙو، سنڌ جي وڏي وزير جو خاص مددگار وقار مهدي، پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر نجمي عالم، سعيد غني، لطيف مغل ۽ ٻين رضا حيدر جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سندس قتل تي ڏک جو اظهار ڪندي متحده قومي موومينٽ ۽ مقتول جي پونئيرن ۽ خاندان سان تعزيت ڪئي آهي.

دهشتگرد ڪراچي ۽ ملڪ کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا: گورنر​

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد دهشت گردن هٿان قتل ٿيل سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر رضا حيدر ۽ ان جي ساٿين جي شهادت تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته رضا حيدر هڪ شريف النفس انسان ۽ عوام جو چونڊيل نمائندو هو ۽ اهڙن انسانن جو قتل ڪرڻ ظاهر ٿو ڪري ته دهشت گرد ڪراچي شهر ۽ ملڪ کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا. گورنر انتظاميا کي هدايت ڪئي ته دهشت گردن کي گرفت ۾ آڻڻ ۽ ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ هر ممڪن ذريعا استعمال ڪيا وڃن. ڊاڪٽر عشرت العباد عوام کي اپيل ڪئي ته هو صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪري. حڪومت سان سهڪار ڪري. جڏهن سنڌ جي سياحت واري وزير شازيه مري متحده جي اسيمبلي ميمبر جي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو ته اهڙا عمل جمهوري حڪومت خلاف هڪ وڏي سازش آهن
.
ٽارگيٽ ڪلنگ جو ڀُوت اسيمبلي ميمبرن تائين پهچي ويو​
ڪراچيءَ ۾ وڏي عرصي کان ”ٽارگيٽ ڪلنگ“ جو سلسلو هلندڙ آهي. روزانو 2 کان 4 ماڻهو گونگين گولين جو کاڄ بڻجي رهيا آهن، جن ۾ گهڻو انگ سياسي ڪارڪنن ۽ مقامي اڳواڻن جو هجي ٿو. صدر، وزيراعظم ۽ وفاقي وزير مسلسل ٽارگيٽ ڪلنگ روڪرائڻ لاءِ حيلا هلائي رهيا آهن پر ٽارگيٽ ڪلنگ جو ڀُوت بوتل ۾ بند ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي. ويتر هاڻي عوام جي چونڊيل عيوضين طرف وڌي رهيو آهي. ناظم آباد واري علائقي ۾ متحده جي ايم پي اي رضا حيدر کي به گولين جو کاڄ بڻايو ويو آهي. نتيجي طور پوري شهر ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ۽ شهرين ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڊپ پکڙجي ويو آهي. عام ماڻهو اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ته آخرڪار اهڙو ڪهڙو ٽارگيٽ ڪلنگ نالي سان ڀُوت پيدا ٿيو آهي جيڪو رياست جي قابوءَ ۾ نه ٿو اچي ۽ امن امان لاءِ چئلينج بڻيل آهي.

رينجرز ۽ پوليس کي اختيار مليل آهن وڏي نفري 24 ڪلاڪ گشت تي آهي ڪيتريون ئي ايجنسيون سرگرم آهن ان باوجود ٽارگيٽ ڪلنگ بند ٿيڻ جو نالو نه ٿي وٺي ته ظاهر آهي اهو اتحادي حڪومت لاءِ وڏو چئلينج آهي ڇاڪاڻ ته هاڻي جڏهن اسيمبلي ميمبر به محفوظ نه آهن ته پوءِ عوام جو تحفظ ڪير ڪندو؟ ان لاءِ وقت جي ضرورت آهي ته سمورا قدم کڻي رات ڏينهن هڪ ڪري ٽارگيٽ ڪلنگ جو خاتمو آڻي عوام جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ۽ ملوث ڌرين خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ صورت حال ڪو خطرناڪ رخ اختيار ڪري سگهي ٿي، جنهن تي ضابطو آڻڻ شايد مشڪل ٿي وڃي. ان ڪري فوري طور سنڌ کي گهرو ويڙهه طرف وڌڻ کان هر صورت ۾ روڪيو وڃي.

20h5wkn.jpg

2507dxh.jpg

بشڪريه روزانه ڪاوش ۽ عوامي آواز
 
جواب: متحده ايم پي اي قتل، ڪراچيءَ تي دهشت گردن جو راڄ: 35 ماڻهو ماريا ويا، 40 گاڏين

دهشت گرد ڪراچي کي ورهائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن: صدر زرداري

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني متحده ايم پي اي رضا حيدر جي قتل تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته دهشت گردن ڪراچي کي ورهائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن. جن کي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. صدر ۽ وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ ڪراچي جي عوام کي صبر جي اپيل ڪئي. وزيراعظم چيو ته واقعي جي جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

سياسي ڌريون حقيقت پسند ٿين ته ذميوار سامهون اچي ويندا: شاهي سيد

ڪراچي: اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد متحده جي ايم پي اي رضا حيدر جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو عمل ملڪ خلاف سازش آهي. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، جيڪو به ملوث هجي ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ کي روڪڻ لاءِ ضروري آهي ته سڀ سياسي ڌريون حقيقت پسند ٿين ته ذميوار سامهون اچي ويندا. هن چيو ته شهر کي هٿيارن کان پاڪ ڪيو وڃي.

متحده جاچ رپورٽ اچڻ تائين صبر ڪري: رحمان ملڪ

اسلام آباد: گهرو وزير رحمان ملڪ متحده جي ايم پي اي رضا حيدر جي قتل جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کي جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رحمان ملڪ متحده کي واقعي جي جاچ رپورٽ اچڻ تائين صبر جي اپيل ڪئي آهي. هن چيو ته طالبان، لشڪر جهنگوي ۽ سپاهه صحابه جهڙيون قوتون ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ گهرن ٿيون. هن چيو ته اهڙن واقعن جو مقصد فساد ڪرائڻ آهي. ان ڪري جاچ کان اڳ افواهه نه پکيڙيا وڃن. هن چيو ته پوليس جي جاچ رپورٽ بعد جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

وڏي وزير سخت نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ايم ڪيو ايم جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر رضا حيدر جي قتل جو سخت نوٽيس وٺندي، آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ هن واقعي ۾ ملوث دهشت گردن کي بنادير گرفتار ڪرڻ جا حڪم ڏنا آهن. هوڏانهن سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي نثار احمد کهڙو، سنڌ جي وڏي وزير جو خاص مددگار وقار مهدي، پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر نجمي عالم، سعيد غني، لطيف مغل ۽ ٻين رضا حيدر جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سندس قتل تي ڏک جو اظهار ڪندي متحده قومي موومينٽ ۽ مقتول جي پونئيرن ۽ خاندان سان تعزيت ڪئي آهي.

دهشتگرد ڪراچي ۽ ملڪ کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا: گورنر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد دهشت گردن هٿان قتل ٿيل سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر رضا حيدر ۽ ان جي ساٿين جي شهادت تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته رضا حيدر هڪ شريف النفس انسان ۽ عوام جو چونڊيل نمائندو هو ۽ اهڙن انسانن جو قتل ڪرڻ ظاهر ٿو ڪري ته دهشت گرد ڪراچي شهر ۽ ملڪ کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا. گورنر انتظاميا کي هدايت ڪئي ته دهشت گردن کي گرفت ۾ آڻڻ ۽ ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ هر ممڪن ذريعا استعمال ڪيا وڃن. ڊاڪٽر عشرت العباد عوام کي اپيل ڪئي ته هو صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪري. حڪومت سان سهڪار ڪري. جڏهن سنڌ جي سياحت واري وزير شازيه مري متحده جي اسيمبلي ميمبر جي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو ته اهڙا عمل جمهوري حڪومت خلاف هڪ وڏي سازش آهن
.
ٽارگيٽ ڪلنگ جو ڀُوت اسيمبلي ميمبرن تائين پهچي ويو​
ڪراچيءَ ۾ وڏي عرصي کان ”ٽارگيٽ ڪلنگ“ جو سلسلو هلندڙ آهي. روزانو 2 کان 4 ماڻهو گونگين گولين جو کاڄ بڻجي رهيا آهن، جن ۾ گهڻو انگ سياسي ڪارڪنن ۽ مقامي اڳواڻن جو هجي ٿو. صدر، وزيراعظم ۽ وفاقي وزير مسلسل ٽارگيٽ ڪلنگ روڪرائڻ لاءِ حيلا هلائي رهيا آهن پر ٽارگيٽ ڪلنگ جو ڀُوت بوتل ۾ بند ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي. ويتر هاڻي عوام جي چونڊيل عيوضين طرف وڌي رهيو آهي. ناظم آباد واري علائقي ۾ متحده جي ايم پي اي رضا حيدر کي به گولين جو کاڄ بڻايو ويو آهي. نتيجي طور پوري شهر ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ۽ شهرين ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڊپ پکڙجي ويو آهي. عام ماڻهو اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ته آخرڪار اهڙو ڪهڙو ٽارگيٽ ڪلنگ نالي سان ڀُوت پيدا ٿيو آهي جيڪو رياست جي قابوءَ ۾ نه ٿو اچي ۽ امن امان لاءِ چئلينج بڻيل آهي.

رينجرز ۽ پوليس کي اختيار مليل آهن وڏي نفري 24 ڪلاڪ گشت تي آهي ڪيتريون ئي ايجنسيون سرگرم آهن ان باوجود ٽارگيٽ ڪلنگ بند ٿيڻ جو نالو نه ٿي وٺي ته ظاهر آهي اهو اتحادي حڪومت لاءِ وڏو چئلينج آهي ڇاڪاڻ ته هاڻي جڏهن اسيمبلي ميمبر به محفوظ نه آهن ته پوءِ عوام جو تحفظ ڪير ڪندو؟ ان لاءِ وقت جي ضرورت آهي ته سمورا قدم کڻي رات ڏينهن هڪ ڪري ٽارگيٽ ڪلنگ جو خاتمو آڻي عوام جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ۽ ملوث ڌرين خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ صورت حال ڪو خطرناڪ رخ اختيار ڪري سگهي ٿي، جنهن تي ضابطو آڻڻ شايد مشڪل ٿي وڃي. ان ڪري فوري طور سنڌ کي گهرو ويڙهه طرف وڌڻ کان هر صورت ۾ روڪيو وڃي.

20h5wkn.jpg

sdd4py.jpg

ڇا هي انسانيت آهي۔
ٿوري مان هيٺ ڪجه حضرت علي عليه سلام جي هڪ قصي کي نوٽ ڪري توهان جي اڳيان آندو آهي۔ انسان جي قدر ۽ اسين قوميت تي زبانن تي پارٽين تي رنگ نسل تي هڪ ٻئي کي ماريو پيا
جنگ جمل زور شور تي هئي۔ گرمي جي شدت ميدان جنگ جي گردوغبار ۾ جذب ٿي ڪري قيامت جو سماءُ پيدا ڪري رهي هئي ايتري ۾ حضرت جو وفادار خادم قنبر پنهنجي هٿن ۾ شربت جو گلاس کڻي آيو۔ ۽‌ شربت حضرت علي عليه سلام کي پيش ڪيو۔ اميرلمومنين پنهنجي ارد گرد جائزو ورتو ۽ فرمايائون ڇا مان پنهنجي پياس هن شربت جي گلاس سان ختم ڪيان۔ جڏهن ته منهنجي گردو پيش هزارون افراد زخمن سان چور پياس جي شدت سان دم توڙي رهيا آهن قنبر وڃ مونکي شربت پيئارڻ بجاءِ انهن کي سيراب ڪر۔قنبر عرض ڪيو آقا هي سڀ دشمن جا ماڻهو آهن حضرت علي عليه سلام فرمايو دشمن هي سهي پر انسان ته آهن وڃ انهن جي پياس ختم ڪر۔

دوستو اگر هر انسان هي سوچ رکي ته اسين ڪڏهن به غلط نه ٿينداسين هن مان صاف ظاهر ٿيو ته انسان جي ڇا قدر آهي۔ اميد ته اسان هن سبق مان گهڻو ڪجه پرايئنداسين۔ دعائن ۾ ياد
دوستو هي انسانيت نه آهي۔
 
جواب: متحده ايم پي اي قتل، ڪراچيءَ تي دهشت گردن جو راڄ: 35 ماڻهو ماريا ويا، 40 گاڏين

هميشه جيئان ادي ممتاز جو موڪليل هي ليک به مڪمل معلومات سان ٽمٽار آهي ۔۔۔ پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ پٺاڻ ۽ مهاجر پاڻ ۾ وڙهي سنڌ جو امن تباه پيا ڪن ۽ سنڌي قومپرست يا سنڌي حڪومتي ڌريون اڃان سنڌي ماڻهن جي رهبري ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا آهن ۔۔۔

سوال اهو آهي ته اهڙين حالتن ۾ سنڌين کي ڇا ڪرڻ گهرجي ؟ ۽ سنڌي ڪهڙي طرف پنهنجيون همدريون رکي معاملي کي هميشه لاءِ سڌو ڪرائي ڇڏن ۔۔۔ ؟ پر نه اهڙي ڪا به ڳالهه سامهون ناهي آئي ۽ سنڌي قوم مجموعي طور تي اهو فيصلو ڪري نه سگهي آهي ته اٺ کي ڪهڙي طرف ليٽائجي ۔۔۔۔ ان جو نقصان وقتي طور تي ٻين کي پوي ٿو پر ڊگهي نظر ڪبي ته سنڌين کي ئي نقصان آهي ۔۔۔ انڪري سنڌ واسين کي پنهنجي ڌرتيءَ جي امن ۽ سک لاءِ فيصلو ڪري پنهنجي قوم کي اڳتي ڪرڻو پوندو ۔۔۔۔

باقي ٻيا وڙهن اسين ڏسون ۔۔۔ واري روش نقصانڪار آهي ۔۔۔
 
سائين ابڙا صاحب توهان سوُ سيڪڙو صحيح لکيو آهي، (ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ پٺاڻ ۽ مهاجر پاڻ ۾ وڙهي سنڌ جو امن تباه پيا ڪن )۽ ان ڳالهه تي اسان کي ڪجهه سوچڻ گهرجي۔ورنه سنڌ تمام گهڻو نقصان برداشت ڪندي، الله ڪري ائين نه ٿئي۔
 
جواب: متحده ايم پي اي قتل، ڪراچيءَ تي دهشت گردن جو راڄ: 35 ماڻهو ماريا ويا، 40 گاڏين

منهنجي خيال ۾ اِهي پٺاڻ ئي آهن جيڪي انهن سان مهاڏو اٽڪايون بيٺا آهن، ڇو جو اهڙن جانورن کي منهن ڏني بيٺا آهن، باقي اڪيلا سنڌي انهن جانورن جي لاءِ ته ڪافي نه آهن۔
 
Back
Top