درياء جا ڌڌڪا ۽ سنڌ جي غريب عوام جو حال

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏3 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    درياء جا ڌڌڪا ۽ سنڌ جي غريب عوام جو حال ​



    سنڌ ۾ ”سپر فلڊ“ پيو اچي؟​


    محمد ادريس راجپوت

    سانوڻيءَ جي برساتن جي ڪري دريائن جا وهڪرا وڌن پيا. سنڌ جي وڏي وزير وٽ ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ سيڪريٽري آبپاشي سنڌ چيو ته، ”وهڪرا وڌڻ ڪري سنڌ ۾ سپر فلڊ اچڻ جا امڪان آهن“. ڇا واقعي سپر فلڊ پئي اچي؟ انهيءَ جو جائزو وٺڻ کان اڳ ڏسون ته سپر فلڊ ڇا کي ٿو چئجي؟ ماضيءَ ۾ اها ڪهڙن سالن ۾ آئي آهي ۽ انهن جو سنڌ تي ڇا اثر ٿيو هو.

    سپر فلڊ ڇا کي چئجي ٿو؟

    جيئن ٻوڏ وارا وهڪرا وڌن ٿا، انهن جي ڪري نقصان ٿيڻ جو خطرو وڌي ٿو، انهيءَ خطري واري ليول جو احساس ڏيارڻ لاءِ ٻوڏ جي وهڪرن کي هن ريت ورهايو ويو آهي: جيڪڏهن گڊو بيراج جي مٿين ڀر وهڪرو ٻه لک ڪيوسڪ تائين رهي ٿو ته اها ٻوڏ ناهي ليکبي، جيڪڏهن اهو ٻن لکن کان وڌي ٿو، پر ساڍن ٽن لکن تائين رهي ٿو ته اها هيٺين سطح واري ٻوڏ (Low flood) ليکبي آهي. ساڍن ٽن لکن کان پنجن لکن تائين وچين درجي واري ٻوڏ (Medium flood) سڏبي آهي، پنجن لکن کان ستن لکن تائين واري ٻوڏ کي مٿين درجي واري ٻوڏ (High flood) چئبو آهي. جيڪڏهن وهڪرا ستن لکن کان نون لکن تائين رهن ٿا ته انهيءَ کي تمام مٿين سطح واري ٻوڏ (Very high flood) چئجي ٿو، جيڪڏهن وهڪرا نون لکن کان مٿي چڙهي وڃن ٿا ته ان کي سپر فلڊ چئبو آهي.

    ماضي ۾ ڪهڙن سالن ۾ سپر فلڊ آيا آهن؟

    گڊو بيراج 1962ع ۾ هيو. آيل وهڪرن جو رڪارڊ 1967ع کان آهي. سال 1967ع کان 1972ع تائين وهڪرا ڇهه لک ڪيوسڪ کان گهٽ رهيا، يعني مٿين سطح تائين جي ٻوڏ (High flood) رهي، سال 1973ع ۾ پهرين سپر فلڊ آيو ۽ گڊو بيراج جي مٿين ڀر چوٽي وارو وهڪرو ڏهه لک، 83 هزار ڪيوسڪ رهيو، سال 1975ع ۾ ٻي سپر فلڊ آيو ۽ چوٽي وارو وهڪرو ڏهه لک 52 هزار رهيو. سال 1976ع ۾ ٽين سپر فلڊ آيو ۽ چوٽي وارو وهڪرو ٻارهن لک ڪيوسڪ ٿيو، اها هينئر تائين ٻوڏن مان وڏي ۾ وڏي ٻوڏ هئي. سال 1978ع ۾ چوٿين سپر فلڊ آيو ۽ چوٽيءَ وارو وهڪرو يارهن لک، 55 هزار ڪيوسڪ ٿيو، سال 1986ع ۾ پنجين سپر فلڊ آيو ۽ چوٽيءَ وارو وهڪرو يارهن لک، 73 هزار ڪيوسڪ رهيو. سال 1988ع ۾ ڇهين سپر فلڊ آيو ۽ چوٽيءَ وارو وهڪرو يارهن لک، 62 هزار ڪيوسڪ ٿيو، سال 1989ع ۾ ستين سپر فلڊ آيو ۽ چوٽيءَ وارو وهڪرو نو لک، 44 هزار ڪيوسڪ ٿيو، سال 1992ع ۾ اٺين سپر فلڊ آيو ۽ چوٽيءَ وارو وهڪرو ڏهه لک، 86 هزار ڪيوسڪ ٿيو، سال 1995ع ۾ نائين سپر فلڊ آيو ۽ چوٽيءَ وارو وهڪرو نوَ لک، 88 هزار ڪيوسڪ ٿيو، تنهن کانپوءِ سال 2009ع تائين ڪا سپر فلڊ نه آئي، وهڪرا ستن لکن کان گهٽ رهيا، بلڪه گهڻو ڪري ٽي چار لک رهيا، معنيٰ 14 سالن تائين وهڪرا تمام گهٽ رهيا. مٿين ڊيٽا مان خبر پئي ته 43 سالن ۾ 9 سپر فلڊ اچي چڪيون آهن.

    سپر فلڊ وارن سالن ۾ سنڌ تي ڪهڙو اثر ٿيو؟

    پهرين سپر فلڊ 1973ع ۾ آئي، سال 1967ع کان وٺي 1972ع تائين ڪا خاص ٻوڏ نه آئي، جنهن ڪري بند اڻ سيڪيل رهيا، تنهن ڪري ٽن هنڌن تي کنڊ گهارا پيا، هڪڙو سکر کان هيٺ ساڄي پاسي، ٻيو موري ڀرسان ۽ ٽيون ڪوٽڙي بيراج ۾ ڪوڪا واري بند ۾. ياد رهي ته انهيءَ وقت پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت هئي ۽ سکر کان هيٺ پيل کنڊ سبب ڀٽي صاحب جو شهر لاڙڪاڻو ٻڏڻ جو خطرو هو، پر قدرت طرفان مهر ٿي ۽ لاڙڪاڻو ٻڏڻ کان بچي ويو. مان ان وقت ڪوٽڙي بيراج ڄامشوري تي انجنيئر هئس ۽ انهيءَ وقت مون کي خبر پئي ته ايمرجنسي ڇا ٿيندي آهي ۽ ٻوڏ واري ڊيوٽي ڇا کي چئبو آهي؟ سال 1975ع واري سپر فلڊ خير سان لنگهي وئي ۽ ڪٿي به کنڊ نه پيو، سال 1976ع واري سپر فلڊ وڏي ٻوڏ هئي، جنهن ۾ پهريون کنڊ سکر بيراج کان مٿي کاٻي پاسي علي واهڻ وٽ پيو، ٻيو کنڊ سکر-لاڙڪاڻي بند جي 92 ميل تي ۽ ٽيون سَن ويهه دري بند جي ٻارهين ميل تي پيو، سال 1978ع واري ٻوڏ خير سان لنگهي وئي ۽ ڪٿي به کنڊ نه پيو، ساڳي نموني سال 1986ع واري سپر فلڊ ۾ به خير ٿيو، سال 1988ع واري سپر فلڊ ۾ سجاول ويجهو سُرجاني تي کنڊ پيو، اهو 17 آگسٽ 1988ع تي پيو، جنهن ڏينهن ضياءَ الحق واري جهاز سان حادثو پيش آيو، تنهن کانپوءِ باقي آيل سپر فلڊن ۾ خير ٿيو ۽ ڪٿي به کنڊ ڪو نه پيو. کنڊ پوڻ ڪري فصلن، گهرن ۽ انسانن کي نقصان پهچي ٿو، زندگي مفلوج ٿي وڃي ٿي، جن انجنيئرن جي حدن ۾ کنڊ پوي ٿو ڄڻ انهن جي گهرن ۾ قضيو ٿي پيو هجي، اها انهن جي لاءِ شرم ۽ بدنامي جي ڳالهه ٿئي ٿي. عبدالوهاب شيخ، جيڪو سنڌ جو ناليوارو سيڪريٽري رهيو آهي، اهو چوندو هو ته آبپاشي کاتي جي نوڪري شاندار نوڪري آهي، جيڪڏهن ان ۾ پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي نه هجي ۽ کنڊ نه پون ته. اسان سنڌ ۾ بندن ۾ کنڊ پوڻ جو سوچي به نٿا سگهون، جو ٻوڏ وقت دريا ڀر واري زمينن کان مٿي هجڻ ڪري کنڊ پوڻ جي صورت ۾ اهو پاڻي واپس دريا ۾ موٽي نٿو سگهي ۽ کنڊ انهيءَ وقت وهندو رهي ٿو ۽ ملڪ ٻوڙيندو رهي ٿو، جيستائين دريا ۾ لاٿ نٿي اچي، انهيءَ سبب ڪري پنجاب ۾ پيل کنڊ يا گهارا جي مقابلي ۾ سنڌ ۾ پيل گهارن ڪري تمام گهڻو نقصان ٿئي ٿو.

    سپر فلڊ اچڻ جو سبب:

    سنڌ صوبو پاڻ ٻوڏ پيدا نٿو ڪري، پر ٻين صوبن مان آيل ٻوڏ کي منهن ڏئي ٿو، جو قدرتي طرح پاڻي جو سمنڊ ڏانهن وڃڻ جو رستو سنڌ مان آهي. مٿين علائقن ۾ وهڪرا هيٺين چئن سببن ڪري پيدا ٿين ٿا. (1) اونهاري ۾ جبلن تي پيل برف ۽ گليشيئرن جو گرمي ڪري رجڻ. (2) جبلن تي پيل برف تي مينهن پوڻ ڪري انهيءَ جو رجڻ. (3) ميداني علائقن ۾ مينهن جو پوڻ ۽ انهيءَ مان پيدا ٿيندڙ وهڪرن جو نئين ۽ واهڙن وسيلي دريائن ۾ پوڻ. (4) بنگال مان ايندڙ مون سون هوائن جو جبلن تي تمام تيز مينهن وسائڻ يا هوا جو دٻاءُ گهٽ ٿيڻ، يعني Depression جو پيدا ٿيڻ.

    مٿين پهرين ٽن سببن ڪري دريا ۾ بنيادي وهڪرو Base flow اچي ٿو، پر اهي ٻوڏ جو سبب ناهن، ٻوڏ جو ڪارڻ چوٿون آهي، يعني بي آف بنگال مان هوائن جو اچڻ، جبلن تي مينهن وسائڻ يا Depressionجو جنم وٺڻ. انهيءَ ۾ وري مکيه جز درياهن جي چوٽي وارن وهڪرن جو ساڳي وقت ملڻ آهي، جنهن کي انگريزي ۾Synchronization چئجي ٿو. جيڪڏهن هڪڙي دريا مان چوٽيءَ وارو وهڪرو اڳ ۾ نڪري وڃي ٿو ۽ ٻئي دريا جو چوٽي وارو وهڪرو انهيءَ ملڻ واري هنڌ تي پوءِ ٿو پهچي ته ٻنهي جو ميلاب نه ٿيڻ ڪري وهڪري جي شدت (Intensity) گهٽجي وڃي ٿي، پر جيڪڏهن ٻئي ميلاپ واري هنڌ ساڳي وقت پهچن ٿا ته گڏيل وهڪرو تمام گهڻو ٿي وڃي ٿو. وري جيڪڏهن سڀني دريائن جا چوٽي وارا وهڪرا ساڳي وقت ملن ٿا ته چوٽيءَ وارو وهڪرو تمام وڏو ٿي وڃي ٿو، معنيٰ ته سنڌ ۾ تمام وڏي ٻوڏ جو ڪارڻ ٿئي ٿو.

    هن سال ٻوڏ جا وهڪرا ڪيئن ۽ ڪڏهن اچڻ جو امڪان آهي؟

    ٻوڏ دريائن ۾ وهڪرا وڌڻ ڪري اچي ٿي. ڪل دريا ست آهن، چار پاڪستان وارا ۽ ٽي اڀرندا دريا، جيڪي هندستان وٽ آهن، انهن ٽن دريائن، يعني ستلج، بياس ۽ راوي ۾ خاص حرڪت ناهي جو سانوڻي انهن تي اثر نه وڌو آهي. بنگال جي هوائن جو اثر چئن پاڪستاني دريائن تي آهي، جيڪي آهن ڪابل، سنڌو، جهلم ۽ چناب، انهن مان وري وڌيڪ چرپر ڪابل ۽ سنڌو ۾ آهي. چون ٿا ڪابل ۾ اٽڪ وٽ ايترو وهڪرو آهي جو ماپ واري گيج کان مٿي پاڻي آهي ۽ هو اندازي تي ڪابل جو ڊسچارج ٽي لک ڪيوسڪ ڏين ٿا. 30 ۽ 31 جولاءِ تي اهو مقدار ٽي لک ڪيوسڪ آهي، تربيلا تي 30 ۽ 31 جولاءِ تي وهڪرو هيٺين ڀر پنج لک، 27 هزار ۽ پنج لک، 9 هزار رهيو، جهلم دريا تي منگلا ڊيم جي هيٺين ڀر 30 جولاءِ تي هڪ لک، 66 هزار ۽ 31 جولاءِ تي ٻه لک، 17 هزار رهيو، وري چناب دريا تي مرالا بيراج کان هيٺ 30 جولاءِ تي 97 هزار ۽ 31 جولاءِ تي 68 هزار پاس ٿيو، چئني دريائن جو 30 جولاءِ تي ڪل وهڪرو ٿئي ٿو ڏهه لک، 90 هزار ۽ 31 جولاءِ تي ڏهه لک، 94 هزار، چئني دريائن جو پاڻي جڏهن هيٺ وهندو ۽ گڊو بيراج تي پهچندو ته اٽڪل سٺ کان ستر سيڪڙو پهچندو، انهيءَ حساب سان 60 سيڪڙو ٿئي ٿو ساڍا ڇهه لک، ۽ 70 سيڪڙو ٿئي ٿو ست لک، 60 هزار ڪيوسڪ، انهيءَ چئن دريائن جي رِم اسٽيشن کان گڊو بيراج تي پهچڻ جو وقت 9 ڏينهن ٿئي ٿو، يعني 9 آگسٽ تي، معنيٰ ته گڊو بيراج تي ساڍا ڇهه کان ساڍا ست لک ڪيوسڪ پاڻي يا وڌ ۾ وڌ 8 لک ڪيوسڪ 9 آگسٽ تي پهچندو، وري گهڻن مينهن ڪري 31 جولاءِ تي چشما بيراج تي وهڪرو اٺ لک، 76 هزار ٿي ويو آهي، چشما بيراج کان گڊو بيراج تائين پاڻي پهچڻ جو وقت 6 ڏينهن آهي، منهنجي حساب ۾ انهيءَ جو 80 سيڪڙو گڊو تي پهچندو، يعني 7 لک ۽ اهو 6 آگسٽ تي پهچندو، ٻنهي صورتن ۾ گڊو تي پاڻي اٺن لکن کان مٿي نه پهچندو ۽ اتي سپر فلڊ نه ٿيندي.

    مان ڇو ٿو ائين چوان؟ سال 1992ع ۾ جڏهن مان سيڪريٽري هئس ته 8 سيپٽمبر تي اوچتو تمام گهڻا مينهن پيا، چئني دريائن ۾ آيل پاڻي جي چوٽي وارن وهڪرن جو جڏهن جوڙ ڪيوسين ته 22 لک ڪيوسڪ ٿيو، سڀني کي تمام گهڻي ڳڻتي ورايو ته جڏهن اهو هيٺ ايندو ته سنڌ جي بيراجن کي ته اڏائي ڇڏيندو، انهيءَ زماني جي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل نصير اختر کي به ڏاڍي ڳڻتيءَ ورايو ۽ هن مون سان صورتحال بابت ڳالهايو، مون کيس انهيءَ بابت سکر ۾ بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايم ته گڊو بيراج تي پاڻي 11 لک کان مٿي نه ايندو ۽ سنڌ جي بيراجن کي ڪجهه ڪو نه ٿيندو، جو اهي 1976ع ۾ 12 لک ڪيوسڪ پاڻي پاس ڪري چڪا آهن، هن پڇيو ته اهو ڪيئن ٿيندو؟ مون ٻڌايو مانس ته انهيءَ ۾ ٻه جزا آهن، هڪڙو ته پاڻي رستي تي ڦهلجي وڃي ٿو ۽ ٻيو چوٽي وارا وهڪرا ساڳي وقت نٿا گڏجن، هن کي يقين نه پئي آيو، جڏهن چوٽيءَ وارو وهڪرو گڊو بئراج پهتو ته اهو 10 لک، 86 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو، ٽيئي بيراج سلامت رهيا، ڪٿي به بندن ۾ کنڊ نه پيو ۽ پاڻي سلامتي سان سمنڊ ۾ هليو ويو. جيڪڏهن اهو سيڪڙو ٿا ڪڍون ته چئني دريائن جي ٽوٽل 22 لکن مان گڊو بيراج تي گهڻو پهتو ته اهو ٿئي ٿو اٽڪل 50 سيڪڙو. مون ان جي باوجود به هينئر پهچڻ جو سيڪڙو 60 ۽ 70 رکيو آهي، تنهن هوندي به چوٽي وارو وهڪرو 8 لک ڪيوسڪ نٿو ٿئي ۽ اها سپر فلڊ بدران تمام مٿين سطح واري ٻوڏ ٿيندي.

    پر انهيءَ جو مطلب اهو هرگز ناهي ته اسان ڍرا ٿي وڃون. جيتوڻيڪ اهو سپر فلڊ نه ٿيندو، پر اهو سپر فلڊ کان وڌيڪ خطرناڪ ٿيندو، ڇو جو 14 سالن کان ايترو پاڻي نه آيو آهي، بند اڻ سيڪيل ۽ ڪمزور آهن، انهن جي انهيءَ نموني سار سنڀال نه ٿي آهي، ڪٿي جهنگ نڪري آيو آهي، ڪٿي ڪوئن ۽ ٻين جانورن بندن ۾ سوراخ ڪري ڇڏيا آهن، وري سنڌ جي مٽي اهڙي آهي، جيڪا سڪڻ کانپوءِ ڦوٽ کائي ٿي، بندن جي ٻوڏ جي وقت ۾ وري چوڪسي کپي ته جيئن ڏينهن رات ماڻهو بندن تي گهمن ۽ ڪنهن به ايمرجنسي واري صورتحال کي يڪدم منهن ڏئي سگهن، پر موجوده امن امان جي صورتحال ۾ اهو ممڪن ناهي جو جڏهن روڊن تان ماڻهو پيا کڄن ته بندن تي ڪهڙي صورتحال هوندي! آبپاشي وارا انهن حالتن ۾ بندن جي صحيح ڊيوٽي نه ڏئي سگهندا ۽ بندن کي نقصان ٿيڻ جو خطرو آهي. جمعي جي ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير ٻوڏ بابت گڏجاڻي سڏائي، جنهن ۾ مون کي به گهرايو ويو، مون ميٽنگ ۾ عرض ڪيو ته جيڪڏهن توهان ٻوڏ کي صحيح نموني ۾ منهن ڏيڻ چاهيو ٿا ته ٻه ڳالهيون يڪدم ڪريو، هڪڙي اها ته آبپاشي کاتي کي يڪدم گهربل فنڊ ڏيو ته هو ٻوڏ کي منهن ڏيڻ وارا ڪم شروع ڪن ۽ ٻي اها ته بندن تي فوج گهرايو ته جيئن امن امان بهتر هجي ۽ آبپاشي کاتي وارا اطمينان سان ڊيوٽي ڏئي سگهن، چيف منسٽر اهي ٻئي ڳالهيون مڃيون ۽ بندن تي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جون سرگرميون شروع ٿي ويون آهن، سيڪريٽري آبپاشي ڪراچي ڇڏي بندن تي پهچي ويو آهي، اميد آهي ته ٻوڏ وارو پاڻي سلامتي سان سنڌ مان لنگهي سمنڊ ۾ ڪرندو ۽ سنڌ ۾ خير ٿي ويندو


    ٻوڏ جو امڪان ۽ سنڌ حڪومت جو امتحان​

    منظور ڪالرو/ٽنڊو الهيار

    پاڪستان جي ٻن صوبن پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين جا منظر اڄڪلهه ميڊيا جي رپورٽن توڙي تبصرن جا موضوع بڻيل آهن. ان قدرتي آفت تي به مخصوص ميڊيا جا ”مجاهد“ حڪومت تي تنقيد ڪندي نٿا مڙن، ايتريقدر جو مرگلا جي پهاڙن ۾ ڪرندڙ ايئر بلو جي جهاز واري ڏکوئيندڙ واقعي ۾ به حڪومت تي ذميوار قرار ڏيڻ لاءِ هڪ ٽي وي چئنل جي اينڪر پنهجيون ”صلاحيتون“ استعمال ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي، حالانڪه المين جي موقعي تي ميڊيا کي حڪومت جو ٻانهن ٻيلي ٿيڻ گهرجي. هن وقت سنڌو دريا ۾ چاڙهه ۽ ٻوڏ جي امڪاني خطري سنڌ واسين کي هڪ وڏي امتحان ۽ مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو آهي. عوام انهيءَ خوف ۾ آهي ته ٻوڏ جي امڪاني تباهه ڪارين جي روڪٿام بجاءِ سرڪار هن ڀيري به دلاسا/بيان بازيون ۽ پريس ڪانفرنسن وسيلي ڪم ٽپائي عوام کي بي يارو مددگار ته نه ڇڏي ڏيندي!!؟ اهي يا اهڙي قسم جا ڪيترائي خدشا هن وقت سنڌي ماڻهن خصوصاً دريا جي ٻنهي ڪپن تي ۽ بندن جي ڀر ۾ رهندڙ لکين ڳوٺاڻن کي آهن. اميد آهي ته سنڌ حڪومت ٻوڏ جي خطرن کي آڏو رکندي هنگامي بنيادن تحت جوڳا انتظام ڪندي، ته جيئن مسڪين ماڻهن جو گهٽ کان گهٽ نقصان ٿئي.


    ٻوڏ سِر تي اچڻ کانپوءِ اک پٽيندڙ ڪامورا!​

    امولک داس/ميرپور ماٿيلو

    ملڪ ۾ تازو پيل برساتن جي نتيجي ۾ خيبر پختونخوا ۽ پنجاب جي ڪجهه حصن کي ٻوڙڻ کانپوءِ ٻوڏ جي پاڻي جو رخ سنڌ ڏانهن آهي. ان حوالي سان موسميات کاتي جي اڳڪٿي آهي ته گڊو وٽان ساڍا ڏهه لک، سکر بئراج وٽان 10 لک ۽ ڪوٽڙي بئراج تائين 8 لک ڪيوسڪ پاڻي پهچندو. وڏي عرصي کانپوءِ سنڌو ۾ ايڏي تعداد ۾ پاڻي اچڻ سبب سنڌو جي بندن کي نقصان جو خطرو وڌي ويو آهي، ان حوالي سان سنڌ سرڪار جي ڪامورن جي اک به هاڻ کلي آهي، نه ته ان طرف اڳ ۾ ڪا به توجهه نه ڏني وئي آهي. تازو سنڌ ڪابينا بچاءُ بندن جي مرمت لاءِ 44 ڪروڙ رپيا منظور ڪري ڇڏيا آهن. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جڏهن ٻوڏ سِر تي آهي، تڏهن وڃي سرڪاري ڪامورن جي اک کلي آهي. پاڻي سنڌ ڏانهن وڌي پيو ۽ چند ڏينهن ۾ سنڌو ۾ اڃا به چاڙهه ايندو. موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ٻوڏ سبب سکر، لاڙڪاڻو ۽ نوابشاهه سميت ٻيا علائقا متاثر ٿيندا، ان حوالي سان ڪامورن ۾ ڦڙپوٽ ته متل آهي، پر ڏسون ته هو ڪجهه ڏينهن ۾ پنهنجي لاپرواهي جو ڪيترو تدارڪ ڪن ٿا.

    [​IMG]
     
  2. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: درياء جا ڌڌڪا ۽ سنڌ جي غريب عوام جو حال

    ادا الله سائين خير ڪندو هر جهان جو بس دعا ڪيو ته انسانيت جو بچا ٿئي
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: درياء جا ڌڌڪا ۽ سنڌ جي غريب عوام جو حال

    گڊو کان سکر تائين بندن، ڳوٺن ۽ ڪچي جي صورتحال​


    خالد ٻانڀڻ

    سنڌو درياهه ۾ مدتن بعد ٻوڏ اچڻ کانپوءِ پوري سنڌ ۾ هڪڙو ميسيج ڏاڍي تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي ته ”سنڌو درياهه پنجاب، قابل کي ٻوڙيندي نچندو، ڪڏندو، گج گوڙ ڪندو سمنڊ ڏانهن وڌي رهيو آهي. تمر جا ٻيلا وري ساوا ٿيندا، ڪچي جون زمينن جو اوج موٽي ايندو، مال لاءِ گاهه ڦندا، پلو سکر تائين اچي خواجه خضر جي سلامي ڀريندو.“ ائين جڏهن 4 آگسٽ تي 10 لک ڪيوسڪ کان مٿي پاڻي جو وهڪرو پنجاب جون حدون ڪراس ڪري گڊو بئراج سان ٽڪرائيندو تڏهن پوري سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال ٿي ويندي. آبپاشي عملدارن سنڌ حڪومت جي دعويٰ موجب ته پاڻي جو وهڪرو 9 کان 10 لک ڪيوسڪ هوندو جڏهن ته آبپاشي جا ڄاڻو ان دعويٰ کي رد ڪندي چون ٿا ته اهو پاڻي 13 لک ڪيوسڪ جي لڳ ڀڳ به ٿي سگهي ٿو. ان کان 18 سال پهريان 1992 ۾ 9 لک ڪيوسڪ پاڻي آيو هو ۽ هاڻي ايندڙ پاڻي گڊو کان سکر تائين جي ڪچي وارا علائقا ٻوڙيندو ايندو پر 6 سالن کان بندن جي مرمت نه ٿيڻ سبب وڏي تباهي جا امڪان آهن. ڇو ته گڊو وٽ ٻوڏ جو جنوني وهڪرو جڏهن گهوڙا گهٽ بچاءُ بند سان ٽڪرائڻ بعد گهوٽڪي، ٽوڙي بچاءُ بند، قادرپور بچاءُ بند،ڪي ڪي بند، گيمڙو بند سان اچي ٽڪرائيندو ته ان وقت ڇا حالت بيهندي ان لاءِ وقت کان پهريان ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي. ڇو ته بندن جي مرمت نه ٿيڻ سبب بندن ۾ ڪوئن، لوڌڙن کوٽائي ڪري کڏا هڻي ڇڏيا آهن. جڏهن ته اڪثر هنڌن تان پاڻي جي کوٽ وارن ڏينهن ۾ماڻهن بندن ۾ ناليون ڪڍي جهٽا هڻي زمينن تائين پاڻي پهچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ مال جي لاءِ گهيڙ ٺاهڻ جي ڪري پڻ بندن کي وڏو نقصان پيو آهي. گڊو کان ڪشمور، شڪارپور، روهڙي تائين ڦهليل سوين ڪلوميٽرن ۾ ڦهليل بندن مان 8 بندن کي هڪ ڏينهن پهريان گڊو ۾ سنڌ جي وڏي وزير کي ڏنل بريفنگ ۾ ايريگيشن طرفان انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي. جنهن ۾ ڪي ڪي بند، ٽوڙي بند، قادرپور بند، ايل اين بند، ايس ايم بند، گيمڙو بند، ڪي ڪي فيڊر پڻ شامل آهن. انهن بندن جي آسپاس ۽ ڪچي ۾ رهندڙ انساني آباديون پڻ خطري هيٺ ڄاڻايون ويون آهن. 1988 ۽ 2004 وارين ٻوڏين دوران قادرپور لوپ بند کي ميل 6 ۽ 7 وٽ گهارا پيا هئا جن تي ان وقت ايريگيشن انتظاميه 75 ڪروڙ روپيا خرچ ڪري مرمت ڄاڻائي هئي پر هن وقت ٻيهر انهن هنڌن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. کانپوءِ اهو پاڻي جڏهن سکر بئراج ڏانهن وڌندو ته منڊو ديرو، الف ڪچو، سکر وارن بچاءُ بندن تي ان پاڻي جو دٻاءُ وڌي ويندو. جڏهن ته سکر جي الف ڪچي واري علائقي ۾ هن وقت 19 ڳوٺن جي 6100 آبادي خطري واري صورتحال ۾ ٻڏل آهي. جڏهن ته ايريگيشن انتظاميه توڙي ضلعي حڪومت پاران انهن ڳوٺن جي رهواسين کي گهر خالي ڪرڻ وارا نوٽيس ڏيڻ جي باوجود هڪ به ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن اچڻ لاءِ تيار ناهي. جڏهن ته ساڳي ريت سکر بئراج کان لئنسڊائون پل تائين جي بندر وال سان رهندڙ ماڻهن کي پڻ ايريگيشن طرفان نوٽيس ڏئي ٻن ڏينهن اندر گهر خالي ڪرڻ جي لاءِ چيو ويو آهي پر اتان جي رهواسين به گهر خالي ڪرڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ اهي سموريون آباديون غيرقانوني طور تي آباد ٿيل آهن ۽ نوٽيس ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته اوهان بندر وال تي غيرقانوني طور تي گهر، ڪارخانه، گودام، مينهن جا واڙا قائم ڪيا آهن. انهن کي فورن ختم ڪيو وڃي پر انهن نوٽيسن تي نه پهريان عمل ٿيو آهي نه وري هاڻي عمل ٿيڻ جا ڪي امڪان آهن. جڏهن ته سکر جي ٿرمل پاور هائوس، پراڻو سکر، قريشي ڳوٺ، سائيٽ ايريا گرڊ اسٽيشن، ڳوٺ راهوجا تائين بچاءُ بندن کي مختلف هنڌن تان مينهن جا گهيڙ ٺهيل ۽ تقريبن پٿر جي لڳ پچنگ لڙهيل هجڻ سبب سکر کي پڻ ان بند کان خطرا لاحق آهن. جڏهن ته ان بند تي5 کان مٿي لڳايل رليف ڪئمپن تي ڪچي مان ڪو اچي ناهي رهيو جڏهن ته درياهه ۾ هلندڙ سمورين ٻيڙين کي ضلعي انتظاميه بند سان بيهاري ڇڏيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي حڪم باوجود سکر جي ڪچي وارن بندن تي ڪٿي ايڪڙ ٻيڪڙ ايريگيشن جا عملدار نظر اچن ٿا پر پوليس ۽ رينجرس جو ڪو به گشت ناهي شروع ڪيو ويو. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي ته سکر بئراج 9 لک ڪيوسڪ کان مٿي پاڻي برداشت نه ٿو ڪري سگهي ته هڪ وڏو بحث ڇڙي ويو آهي. سيڪريٽري سطح جي ايريگيشن مان رٽائرڊ آفيسرن جي دعويٰ آهي ته سکر بئراج هن وقت به 13 لک ڪيوسڪ پاڻي ڪراس ڪري سگهي ٿو پر سکر بئراج جي کاٻي پاسي واري پاڪيٽ ۾ سلٽ جي بهتر نموني ڊائون اسٽريم ۾ واهڻ وارو ڪم نه ٿيڻ سبب سلٽ جا ٻه وڏا ٻيٽ ٺهيل آهن جنهن سان پڻ بئراج کي خطرو ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته سکر بئراج توڙي گڊو بئراج جا چيف انجنيئر ايڏي وڏي صورتحال جي باوجود ان جي ڪري مطمئن نظر اچي رهيا آهن ته انهن جي لاءِ پئسن جي آبڪلاڻي جي مند اچي وئي آهي ڇو ته بندن جي مرمت ڪئمپن ۽ ٻين مختلف مدن ۾ ڪروڙين روپيا هڪ ڀيرو ٻيهر ورتا ويندا. ورتا ڇا ويندا سنڌ حڪومت فوري طور تي 46 ڪروڙ روپيا پڻ جاري ڪري ڇڏيا آهن هاڻي اهي ڪروڙ ڪيئن ۽ ڪٿي خرچ ٿيندا انهن جي ڪا به نگراني ڪو نه ٿيندي صرف بلن جو پيٽ ڀربو. گڊو کان ڪشمور تائين حساس ڏنل بند خطري هيٺ آيل ڳوٺ، بندن جي نگراني ڳوٺن جي ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن ڪڍي اچڻ وارا ڪم اڃا تائين سست رفتاري سان هلي رهيا آهن. 18 سالن بعد ايندڙ پاڻي جو وڏو موجن واري ريلي کي روڪڻ سکر کان خيرت سان گذارڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت کي ان کان وڌيڪ حرڪت ۾اچڻ گهرجي ٻي صورت ۾ سکر بئراج سميت ڪيترائي شهر، ڳوٺ تباهي جي نظر ٿي سگهن ٿا. سنڌ جي وڏي وزير هڪ ڏينهن پهريان ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، گڊو بچاءُ بندن جو فضائي توڙي زميني جيڪو دورو ڪيو هو هن بندن جي حالت تي انتهائي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ٻڌايو پيو وڃي ته ايريگيشن عملدارن کي پڻ ڇنڊ پٽي ته بندن کي ائين بي يارو مددگار ڇو ڇڏيو ويو آهي بندن تي ڏينهن رات چوڪسي وڌائي وڃي. بندن سان گڏ سکر جي بچاءُ بند جي پڻ نگراني ڪئي وڃي هاڻي اها نگراني ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي سان ٿي رهي آهي اهو جڏهن ٻوڏ ايندي ته خبر پئجي ويندي ڪچي ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ ان قلم تي ڪيترو عمل ٿيندي نظر اچي ٿو ان لاءِ ڪا ساراهه جوڳي صورتحال سامهون ناهي آئي
    . ***
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: درياء جا ڌڌڪا ۽ سنڌ جي غريب عوام جو حال

    سنڌو درياهه ۾ آيل پاڻي ورهين کانپوءِ ملاحن جي چهرن تي مرڪون آڻي ڇڏيون​


    غلام حسين خاصخيلي
    سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ سمنڊ تائين ورهين کان پوءِ پاڻي سمنڊ سان پنهنجو ميلاپ ڪيو آهي. درياهه جي پاڻي جو وهڪرو سمنڊ جي پاڻي سان ٽڪرائجڻ سان سمنڊ جو کارو پاڻي واپس سمنڊ ۾ هليو ويو آهي. سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ ورهين کان پاڻي جو وهڪرو بند هو، جنهن سبب درياهه جي مست ڇولين کي ڏسڻ وارا ماڻهو اکين ۾ لڙڪ آڻي پنهنجا هٿڙا آسمان ڏانهن کڻي الله تعاليٰ کان روزاني دعا گهراندا هئا ته اي الله سنڌو ۾ پاڻي آڻ ۽ سنڌو جون مست ڇوليون ڏسڻ جو موقعو نصيب ٿئي.

    سنڌو درياهه ۾ وڏي عرصي کان پاڻي جو وهڪڙو سمنڊ ڏانهن بند رهڻ سبب درياهه جي ڪچي وارا هزارين ايڪڙن تي بيٺل ٻيلا تباهه ٿي ويا ۽ سمنڊ جي اندر تمر وارا ٻيلا به ختم ٿي ويا، جنهن ڪري ماحولياتي آلودگي تي تمام وڏو اثر پيو ۽ موسم جون تبديليون سامهون آيون. گرمي ۾ شديد اضافو ٿيو. درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ هزارين ملاح پنهنجا اباڻا ڪکاوان گهر ۽ ٻيڙيون ڇڏي روزگار خاطر مختلف علائقن ڏانهن هليا ويا هئا ۽ درياهه جي ٻنهي ڪنارن تي اُداسي وارا نظارا موجود هئا. سنڌ جي سُوکڙي طور مشهور سنڌ جو پلو درياهه ۾ سمنڊ ڏانهن پاڻي بند هئڻ ڪري ورهين کان موجود نه هو.

    ملاح هر وقت الله کان پاڻي جي اچڻ جون دعائون ڪندا رهيا ته سنڌ جا سياسي، سماجي، ادبي تنظيمن سان گڏوگڏ هر ماڻهو وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪري رهيا هئا ته سنڌو درياهه کان ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ پاڻي ڇڏيو وڃي. اهي مطالبا ورهين کان جاري هئا پر پاڻي حڪمرانن ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ نه ڇڏيو. اقوام متحده جي قانون مطابق پوڇڙ تائين پاڻي هر صورت ۾ ڇڏڻو آهي پر ان بين الاقوامي قانون تي به عمل نه ٿي رهيو هو. سنڌ جي ورهين کان اُداس رهندڙ ملاحن ۽ سنڌڙي جي رڙين کي نيٺ الله تعاليٰ ٻڌي ورتو، سنڌ سميت ملڪ ۾ ڪڪرن جي ڪارونڀار پنهنجا وسڪارا شروع ڪيا. برسات جي تيز وسڪارن سان ملڪ جي ندين ۽ درياهن ۾ پاڻي جو اضافو ٿيو. ورهين کان پوءِ درياهه ۾ ٻوڏ واري صورتحال سامهون آئي. سنڌو درياهه پاڻي ۾ واڌ ٿي. درياهه ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي ڏسندي آبپاشي کاتي جا عملدار سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ سمنڊ ڏانهن پاڻي کولي ڇڏيو. سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ پاڻي ورهين کان سڪل سنڌو درياهه جي پيٽ کي آلو ڪندو سڪل بندن کي سائو ڪندو پاڻي سمنڊ تائين پهچي ويو. سنڌو درياهه جي پاڻي کي سمنڊ جي پاڻي سلامي ڏني ۽ تمر جا ٻيلا هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي جوڀن سان مستي ۾ اچي ويا آهن. سنڌو درياهه جي ڪچي جي سُڪل زمين ۾ پاڻي جي اچڻ سان ساوڪ جا جوڀن پڻ سامهون اچڻ وارا آهن. درياهه ۾ پاڻي جي اچڻ تي هزارين ملاحن جي چهرن تي مُرڪون اچي ويون آهن. ملاحن جي مردن، عورتن ۽ ٻارڙن سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي اچڻ تي سنڌو بادشاهه کي ڀيٽا ڏيندي گلن جي ورکاءُ ڪئي ۽ درياهه ۾ مٺا لولا پاڻي حوالي ڪيا آهن. ورهين کان سنڌو درياهه جي سُڪل پيٽ ۾ پاڻي جي اچڻ تي ٻيڙيون هلڻ شروع ٿيون آهن. ٻيڙيون جيڪي ورهين کان درياهه جي ڪنارن ڀرسان اداس حالت ۾ بيٺل هيون، انهن ٻيڙين ۾ هڪ ڀيرو ڄڻ ساهه پئجي ويو آهي. ملاحن پاڻي اچڻ جي خُوشي ۾ الله تعاليٰ جا شُڪر ادا ڪندي مٺايون ورهائڻ سان گڏ خيراتون پڻ ڪيون آهن. ملاحن پنهنجن ٻيڙين جي مرمت ڪري ٻيڙين کي خوبصورت جهنڊين سان سينگاري درياهه جي پاڻي ۾ هلائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. جهونن ملاحن سنڌو درياهه ۾ پاڻي ڏسي سندن اکڙين ۾ خوشي جا لُڙڪ اچڻ سان گڏ چهرن تي خوشي ٻهڪي رهيون آهن. هزارين ملاح جيڪي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روزگار خاطر هليا ويا هئا اهي پاڻي جي اچڻ سان ٻيهر پنهنجن ماڳن تي اچي ويا آهن. ملاحن سنڌو درياهه ۾ سمنڊ کان پاڻي جي وهڪرن ۾ مستي سان خوشي ۾ پلو ڪوٽڙي بيراج تائين پهچي ويو آهي. ملاحن طرفان پنهنجي صدين کان روايت موجب پلا سُوکڙي طور دنيا جي مختلف ملڪن ڏانهن موڪليا ويندا آهن ۽ هاڻ اهي پلا ورهين کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچندا. سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ ورهين کان پوءِ پاڻي سمنڊ تائين پهچڻ تمام خوشي واري ڳالهه آهي. سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي سامهون رکندي آبپاشي کاتي کي گهرجي ته اُهي درياهه جي بند کي مضبوط رکڻ جي لاءِ هينئر کان ئي پنهنجو سمورو ڪم مڪمل ڪري ڇڏين. سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ پاڻي جو وهڪرو ورهين تائين بند رهيو، جنهن ڪري بندن ۾ مختلف هنڌن تي ڪوئن، نانگ بلائن جا ٻرڙ ۽ ٻين جانورن طرفان کڏون کنيل آهن ۽ بند جي مختلف هنڌن تي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي موجود آهي. آبپاشي کاتي پاران ڪوٽڙي بيراج لطيف آباد، حيدرآباد واري بند کي گياڻ بند سميت ڄامشورو بند کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ٺٽي ضلعي ۾ سنڌو درياهه بند جي صورتحال بهتر نه آهي، جيڪڏهن سنڌو درياهه ۾ ٻُوڏ وارو پاڻي تيز ڇولين سان جيئن ئي پهچندو ته ڪيترن ئي هنڌن تي درياهه جي بند کي ٽوڙي پاڻي مختلف علائقن جو رُخ ڪري سگهي ٿو. آبپاشي کاتي جي عملدارن کي بند جي سارسنڀال ورهين کان ئي رکڻ کپي ها پر انهن بند تي ڪنهن به قسم جو ڌيان نه ڏنو ۽ اهي عملدار صرف آفيسن ۾ ويهي صرف پنهنجون پگهارو کڻندا رهيا، اُنهن عملدارن شايد اهو سوچي ڇڏيو هو ته هاڻ سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ سمنڊ تائين ڪڏهن پاڻي بيهندو ئي ڪونه ان ڪري بند جي سارسنڀال ڪهڙي ڪجي! آبپاشي کاتي جي عملدارن کي گهرجي ته اُهي ماضي وارين غلطين کي پري رکندي موجوده ٻوڏ واري صورتحال کي سامهون رکندي هنگامي حالت واري صورتحال کي نظر ۾ رکي سنڌو درياهه جي بند کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو وڃي ته جيئن ٻوڏ وارو پاڻي درياهه جي بند کي ٽوڙي ٻئي پاسي رُخ نه ڪري سگهي. آبپاشي کاتي سان لاڳاپيل سمورين اختيارين کي هن اهم، حساس هنڌن واري بند تي فوري طور توجهه ڏيڻ گهرجي ۽ آبپاشي کاتي واري جي سموري عملي کي 24 ڪلاڪ ئي درياهه جي بند جي نگراني ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن آبپاشي کاتي پنهنجو اکيون وقت سر نه کوليون ۽ ان صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳواٽ اُپاءُ نه ورتا ته صورتحال ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري سگهي ٿي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، آبپاشي کاتي جي سمورن عملدان ۽ آفيسرن جون موڪلون رد ڪندي کين حُڪم ڏنو آهي ته اهي درياهه جي بندن جي صورتحال کي بهتر ڪن. سنڌو درياهه ۾ پاڻي جو ٻوڏ وارو وهڪرو ڪوٽڙي بيراج تي چوڏنهن آگسٽ تائين پهچڻ جو امڪان آهي. آبپاشي کاتي ۽ موسميات کاتي امڪان ڏيکاريو آهي ته ملڪ ۾ تيز برساتن جو سلسلو ٻيهر تيزي سان شروع ٿيڻ سان ڪوٽڙي بيراج تي ورهين کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻوڏ واري صورتحال سامهون اچي سگهي ٿي ان ڪري سموريون تياريون اڳواٽ ڪرڻ جون هدايتون پڻ ڪيون ويون آهن. سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي تيز وهڪري سان گڏو گڏ تيز برساتن وسڻ سان منڇر ڍنڍ ۾ به پاڻي جي اندر اضافو ٿي ويو آهي ۽ جيڪڏهن امڪاني برساتون ملڪ ۾ لڳاتار تيزي سان وسيون ته منڇر ڍنڍ جو پاڻي وڌي ويندو ۽ ان پاڻي کي منڇر ڍنڍ اڙل واهه مان سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو جنهن سان سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بيراج تي امڪان آهي ته پاڻي جي صورتحال تمام گهڻي وڌي سگهي ٿي ۽ اهڙي صورتحال ۾ ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ سمنڊ تائين درياهه جو ڪمزور بند مختلف هنڌن تان ٽٽي سگهي ٿو ۽ پاڻي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال به پيدا ڪري سگهي ٿو. آبپاشي کاتي جي انتظاميه گهرجي ته اُهي ڪمزور بندن کي مضبوط رکڻ فوري طور پٿر ۽ مٽي وجهي بند کي بهتر ڪن. سنڌو درياهه جي ڪمزور بندن جي ذڪر ڪرڻ سان گڏوگڏ ڄامشورو جي المنظر جو خوشين ڀرئي جو ذڪر جو وسارڻ جوڳو ناهي، سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي مست ڇولين جي اچڻ سان پلو ڪوٽڙي بيراج تائين پهچڻ تي پلو المنظر تي به موجود آهي، حيدرآباد سميت سڄي سنڌ مان سوين ماڻهو المنظر پهچي سنڌو درياهه جي جوڀن جو درشن ڪرڻ سان گڏوگڏ پلي جو درشن ڪري رهيا آهن. سنڌو درياهه ۾ المنظر وٽ ٻيڙين ۾ چڙهي مردن، عورتون ۽ ٻار درياهه جي ڇولين مان لطف اندوز ٿي رهيا آهن. پاڻ سڀ اها ئي دعا ڪريون ٿا ته خدا ڪري سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ سمنڊ تائين درياهه جون مست ڇوليون هميشه پنهنجي جوڀن سان سمنڊ تائين هلنديون رهن.
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: درياء جا ڌڌڪا ۽ سنڌ جي غريب عوام جو حال

    روڪ جي روڪي سگهين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ (منير سومرو )​

    پنجاب گذريل مهيني ۾ قانوني ۽ اخلاقي حدن کي اورانگهي سي جي ڪئنال کي کولي ڇڏيو جنهن سبب سنڌ جي ڪيترن ئي حصن ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي وئي ايتريقدر جو هينئر تائين به ڪيترن ئي هنڌن تي ٻيجارو به پوکجي نه سگهيو آهي. پنجاب جي هٺ ڌرمي جي ڪري سنڌ جي سخت احتجاج جي باوجود مرڪز به خاموش ٿي ويو ۽ آخر سنڌ جي وزير اعليٰ جا بيان به بند ٿي ويا، پر اها ڳالهه الله سائين کي ناگوار گذري ته صوفين جي سرزمين کي سوڪهڙي جو شڪار بڻايو ٿو وڃي انڪري هڪدم بارشن جو سلسلو ايترو ته وڌي ويو جو 33 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو. سوين جانيون ضايع ٿي ويون ڪروڙين روپين جو نقصان رسيو هينئر ته اها حالت آهي جو ميانوالي ۽ راجن پور شهر به ٻوڏ جو شڪار ٿي سگهن ٿا هن وقت چيو ويو آهي ته 4 ۽ 5 آگسٽ تي 9 کان 10 لک ڪيوسڪ پاڻي گڊو مان گذرندو.

    گذريل ڪيترن ئي سالن کانوٺي آبپاشي کاتي سنڌ جي بچاءِ بندن تي ڪم نه ڪرايو آهي جنهن سبب انهن جي حالت انتهائي خراب آهي. اتان جيڪڏهن 33 سالن کانپوءِ 10 لک ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو گذرندو ته اهو بچاءِ بند ان کي ڪيئن روڪي سگهندو اسان جي سمجهه کان ڳالهه ٻاهر آهي. هن وقت به تقريبن 2 لک ڪيوسڪ پاڻي گذري ٿو ۽ پاڻ مان ڏٺو آهي ته عاقل کان ڪيترن ئي هنڌن تان بچاءِ بند جا چاپڙ ڪرن پيا ۽ بند کي ڪيترن ئي هنڌن کان روڻيون لڳل آهن پر افسوس جو اڄ تائين اتي صرف هڪ ٽريڪٽر مٽي کي بند تي اڇلائي پيو. 31 جولاءِ تي وزير اعلي سنڌ ڪي ڪي بند کي ڏسڻ لاءِ گڊو آيل هو جتي هن اعلان ڪيو ته آبپاشي کاتي کي ٻوڏ جي پاڻي کي منهن ڏيڻ لاءِ 40 ڪروڙ روپيه جاري ڪيا آهن جڏهن ته وزير اعلي سنڌ جي سمورن ڊي سي اوز کي پڻ هاءِ الرٽ لاءِ چيو آهي پر لاڙڪاڻي جو ڊي سي ڪيترن ئي ڏينهن کان اسلام آباد ويل آهي جيڪو هتي غير حاضر آهي. 30 جولاءِ تي اي ڊي او روينيو لاڙڪاڻو آبپاشي انجينئرن سميت صحت کاتي جي عملدارن سان گڏجاڻي ڪئي ۽ چيو ويو ته نصرت لوپ بند،عاقل آگاڻي بند، منگلي آباد بند،گاجي ديرو ۽ لاڙڪاڻو سيوهڻ بند جا حصا انتهائي حساس آهن جتي آبپاشي جو عملو 24 ڪلاڪ موجود رهندو. ڪچي جي علائقي جي ماڻهن کي پڪي تي آڻي اتي ميڊيڪل ڪئمپن کان علاوه کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪيو ويندو ۽ آبڪلاڻي جو سمورو سامان بندن تي پهچايو ويندو پر هن وقت تائين اتي ڪجهه به نه ٿيو آهي. جيتوڻيڪ وزير اعلي سنڌ جي گذارش تي فوج لاڙڪاڻي پهچي وئي آهي ۽ ٻيڙين جو به انتظام ڪيو ويو آهي پر جيستائين بچاءِ بند جي حفاظت نه ڪئي ويندي تيستائين فوج به ڪجهه نه ڪري سگهندي. ڇاڪاڻ ته سنڌو دريا عاقل ڳوٺ ڀرسان گذري ٿو جيڪو لاڙڪاڻي شهر کان صرف 5 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي جيڪڏهن اتان بند ٽٽو ته لاڙڪاڻو شهر به نه بچي سگهندو. انڪري ان هنڌ تي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته فوري طور تي بندن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پچنگ جو ڪم شروع ڪرڻ گهرجي جيڪو ڏينهن رات ڪم ٿيندو تڏهن ٻن ڏينهن اندر ان کي تيار ڪري سگهبو. جڏهن ته لاڙڪاڻو خيرپور پل کي به انتهائي وڏو خطرو آهي ڇاڪاڻ ته اها پل ان هنڌ تي تيار ڪئي وئي جتي سنڌو دريا جو موڙ اچي ٿو، ٻيو ته اين ايڇ اي وارن اسپرن تان مٽي کنئي آهي جنهن سبب به اتي انتهائي وڏو خطرو آهي. ڇاڪاڻ ته دريا کي موڙ هجڻ سبب اتي پاڻي جو زور وڌيڪ هوندو جيڪو به بچاءِ بند ۽ پل لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. ان هنڌ به پچنگ جي ڪم جي سخت ضرورت آهي ۽ آبپاشي کاتي وارن کي صرف 3 ڏينهن آهن. جيڪڏهن اتي ڪم جلد کان جلد شروع نه ڪرايو ويو ته وڏي نقصان جو انديشو آهي. جڏهن ته اين ايڃ اي وارن لاڙڪاڻي موهن جو دڙو روڊ ٺهڻ لاءِ به موهن جو دڙو لڳ دريا مان واري کنئي آهي انڪري اهو به خطرو وڌي ويو آهي ته دريا پنهنجو رخ بدلايو ته موهن جو دڙو پاڻي هيٺ اچي ويندو. جيڪو سنڌ جي تاريخ کي ميساري ڇڏيندو انڪري ان کي به آبپاشي وارن کي نّظر ۾ رکڻو پوندو. اها حقيقت آهي ته سنڌو جي ليفٽ بئنڪ وارو ڪچو ڪيترن ئي سالن کان وٺي اڃايل رهيو آهي انڪري اتي پاڻي جي انتهائي ضرورت آهي پر ايتري به نه جو ماڻهن جي زندگي ۽ انهن جي مال متاع داءِ تي لڳي وڃي پاڻي جو ايندڙ وهڪرو جيڪڏهن 10 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ آيو ته لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪچي واري علائقن ۾ 80 ڳوٺن کي سخت نقصان رسندو. جن ۾ رهندڙ ماڻهن کي پڪي تي آڻڻ لاءِ هنگامي حالتون لڳائڻ جي ضرورت آهي پر هن وقت تائين ڪي به اپاءِ نه ورتا ويا آهن ۽ نه ئي رليف ڪئمپون ٺاهيون ويون آهن. 80 ڳوٺن جي آبادي اٽڪل 20 هزار ٿيندي اهي انگ اکر ضلعي حڪومت جا آهن جيڪي ان انتظار ۾ آهن ته سنڌ حڪومت ڪڏهن ٿي پئسا موڪلي ! .

    ڪچي جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن دريا ۾ 8 لک ڪيوسڪ پاڻي آيو ته اسان پنهنجا گهر ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏينداسين ڇاڪاڻ ته ايترو پاڻي اسان کي نقصان نه پر فائدو ڏيندو، انهن جو اهو به چوڻ آهي ته سرڪار جڏهن اسان کي پڪي تي وٺي ويندي آهي ته صرف خواري کانسواءِ ڪجهه به نه ملندو آهي. اتي نه ته صحيح طرح سان کاڌ خوراڪ ملندي آهي ۽ نه وري ڪي دوا.ئون، عورتون ٻارڙا سخت پريشان ٿيندا آهن انڪري اسان پنهنجن گهرن ۾ چڱا آهيون جيڪڏهن اسان جو انهن کي خيال آهي ته اسان جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪري اسان جي گهرن تي اماڻين.

    آبپاشي جا ماهر چون ٿا ته 1973 ۾ سکر بئراج کان 12 لک ڪيوسڪ پاڻي گذريو آهي انڪري سنڌ کي 10 لک ڪيوسڪ پاڻي نقصان نه ڏيئي سگهندو، پر ڳالهه اها آهي ته هينئر 2010 آهي. اهي آبپاشي جا ماهر اهو ٻڌائن ته 37 سالن جي عرصي ۾ سنڌ جي آبپاشي کاتي ڪيترن ڪئنالن توڙي واهن، شاخن جي کاٽي کڻائي آهي حالت اها آهي جو رائيس ڪئنال، دادو ڪئنال، وارهه ڪئنال، کيرٿر ڪئنال جي کاٽي نه ٿيڻ سبب پاڻي انهن ۾ گهٽ اچي ٿو. ٻيو وري 1973 ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هيو جنهن کي جڏهن اها خبر پئي ته سکر بئراج مان 12 لک ڪيوسڪ جو وهڪرو گذري ٿو ته هن هيليڪاپٽر سکر بئراج جي پل واري روڊ تي لاهي پاڻ آبپاشي عملي سان گڏ پاڻي جي مانيٽرنگ ڪري پيو ۽ هاڻي اهي حالتون ناهن جو ملڪ جو وزيراعظم يا صدر اهڙي رسڪ کڻي سگهي ڇاڪاڻ ته امن امان جي صورتحال خراب آهي. انڪري جيتوڻيڪ جو هن وقت آبپاشي عملدارن ڪئنالن ۾ پاڻي جو وهڪرو گهٽايو آهي ان جي باوجود انهن ۾ حد کان وڌيڪ پاڻي وهايو ويو ته اهي ڪئنال جيڪي ڪيترن ئي شهرن جي وچ مان گذرن ٿا پاڻي شهرن کي نقصان پهچائي سگهي ٿو. آبپاشي جي عملدارن کي گهرجي ته اهي پنهنجن آفيسرن کي 24 ڪلاڪ بندن جي نگراني لاءِ گشت ڪرائن خاص ڪري حساس قرار ڏنل بندن تي لانڍيون ٺهرايون وڃن جيئن اڳ هوندو هو جلد کان جلد آبڪلاڻي جو سامان بندن تي پهچايو وڃي. افسوس جو هينئر بندن تي ڪابه لانڍي ٺهيل ڪانهي.
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو