مست
سينيئر رڪن
خبرن مطابق ڪراچيءَ ۾ ماحول ڏاڍو خراب لڳو پيو آهي، 40 کان مٿي ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ملائي ڪري 50 کان مٿي گاڏيون ساڙيو ويون آهن۔ انهيءَ کان علاوه ڪراچي، حيدرآباد جا تعليمي ادارا بند آهن ۽ ڄامشورو شهر جون ٽئي يونيورسٽيون به بند آهن، ڇو ته انهن جي ملازمن ۽ شاگردن جي گهڻي اڪثريت حيدرآباد ۾ رهي ٿي۔۔۔
هاڻي ڪراچي ۾ جنهن سياسي تنظيم جي رهنما مارجڻ تي ايترو دنگو فساد شروع ٿي ويو آهي، سدائين ايئن ئي ٿيندو آهي ته جيڪڏهن انهيءَ پارٽي جي گهر جو ڪو ٻلو به مارجي وڃي تڏهن به سنڌي، بلوچ يا پٺاڻ ضرور ماريا ويندا آهن، هينئر به انهن جو نشانو پٺاڻ آهن، ڇو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ڪراچيءَ ۾ پٺاڻن جو هڪ مشهور ڪائونسلر مارجي ويو هو، جنهن بعد اها ڪاروائي ڪئي وئي آهي،
هن ڪهاڻيءَ جو ٻيون پس منظر اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته هي فرقه وارانه سازش هئي، ڇو ته هي فرد اهلِ تشيع مان هو ۽ ذات جو سيد هو۔۔ جنهن کي ڪالعدم تنظيم سپاهه صحابه وارن قتل ڪيو آهي ۽ انهيءَ معاملي کي هاڻي ايم ڪيو ايم پنهنجي مشهوريءَ لاءِ لساني انداز ۾ وٺي رهي آهي ۽ انهيءَ جو الزام هو حڪومتي پارٽيءَ ۾ شامل هڪ مشهور شخصيت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا تي به مڙهڻ ٿا چاهين جنهن ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ بعد اسيمبليءَ ۾ هڪ بيان ڏنو هو ته ڪراچيءَ جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ عام ماڻهو ڇو ٿا مرن ۽ ڪو ايم اين اي يا ايم پي اي ڇو ڪونه ٿو ماريو وڃي۔۔ ڪالهه هڪ نجي ٽي وي جي ٽاڪ شو ۾ ان وڊيو کي ڏيکاري بار بار هڪ ڳالهه دهرائي پئي وئي ته انهيءَ شخص جو اهو خواب پورو ٿي ويو۔
وڌيڪ خدا کي خبر۔۔۔