االسلام عليڪم دوستو، اگر توهان معلوم ڪرڻ چاهيو ٿا ته توهان جو ڪمپيوٽر ڪيتري دير کان هلي رهيو آهي ته توهان هيٺ ڏنل ٽپ آزمايو ۽ نتيجو توهان جي سامهون هوندو۔ 1۔ سڀ کان پهريان RUN تي ڪلڪ ڪريو ۽ CMD لکي ڪري انٽر ڪريو،، توهان جي سامهون هاڻي ڪمانڊ پرامپٽ واري ونڊو ظاهر ٿيندي۔ 2۔ هاڻي توهان ڪمانڊ پرامپٽ ۾ systeminfo لکو ۽ انٽر ڪريو، جيئن ئي توهان انٽر ڪندا ته توهان جي سامهون توهان جي ڪمپيوٽر جي پوري انفارميشن سامهون اچي ويندي۔ جنهن ما توهان System Up Time تي وڃي ڪري ڏسندا ته توهان کي ڪمپيوٽر جو رننگ ٽائيم يعني سسٽم ڪيتري دير کان هلي رهيو آهي۔ هيٺ ڏنل تصوير کي ڏسو
جواب: توهان جو ڪمپيوٽر ڪيتري دير کان هلي رهيو آهي۔ سائين عبدالوهاب توهان اڄ ڪلهه تمام بهترين شيئرنگ موڪلي رهيا آهيو يعني . يعني جيڪو وقت غائب رهيا ان جي ڪسر به هاڻي پوري ڪري رهيا آهيو الله تعالى توهان کي سلامت رکي.
جواب: توهان جو ڪمپيوٽر ڪيتري دير کان هلي رهيو آهي۔ سائين منهنجا پاڻ ڪسر ته دشمنن مان به ناهيون ڪڍندا، هي ته پوءِ به معلومات فراهم ڪري رهيا آهيون۔ منهنجي اِها ئي ڪوششرهي آهي ته سڀني سان جيترو ٿي سگهي علم ونڊ ڪندو رهان۔
جواب: توهان جو ڪمپيوٽر ڪيتري دير کان هلي رهيو آهي۔ ادا اِها ٽپ تمام بهترين ٽپ آهي۔ پر مونکي ان ٽپ جي اڳ ۾ خبر هئي۔ شيئر ڪرڻ جي مهرباني
جواب: توهان جو ڪمپيوٽر ڪيتري دير کان هلي رهيو آهي۔ ادا ڪهڙي ڳالهه آهي جنهن جي توهان کي اڳ ۾خبر ناهي هوندي۔ هن فورم تي هر اُها ٽپ جيڪا دوست شيئر ڪن ٿا ان جي توهان کي آلريڊي ڄاڻ آهي۔
جواب: توهان جو ڪمپيوٽر ڪيتري دير کان هلي رهيو آهي۔ وهاب راجه هي ٽپ اڳ ۾ مان پو۽ مست هن فورم تي شيئر ڪري چڪو آهي بهرحال حال دير آيد درست آيد سدائين گڏ
جواب: توهان جو ڪمپيوٽر ڪيتري دير کان هلي رهيو آهي۔ سائين عبدالوهاب توهان اڄ ڪلهه تمام بهترين شيئرنگ موڪلي رهيا آهيو