اعجاز احمد
سينيئر رڪن
السلام عليڪم ورحمة الله،
آئون آهيان اعجاز احمد سومرو عرف ڊبل اي نسواري.... رهائش خيرپور ميرس ۾ آهي. مرحوم ابي ماستريءَ جا گهڻائي آرڊر وٺي ڏنا. دوستن جي بد دعاءَ سان ماستري ڇڏي، ايريگيشن ۾ سرويئر جي نوڪري ڪيم. پڇتاءُ کان پوءِ سائين قائم علي شاهه جي ڀنگ جا ڪونڊا به گهڻا ئي گهوٽيم، پر مليو ڪجهه ئي ڪين. هاڻي سڄو ڏينهن پيو واهن جا وتان پيٽ ڪڇيندو. ٻين لفظن ۾ ”ليول مٿي تي پاڻ پنڌ“، اس هجي يا رُڃ، بک هجي يا اڃ، پاڻ چرئي اٺ وانگر سڄو ڏينهن جهنگن ۾. گاڏيون ته گهڻيون ئي مليل آهن، پر ايندو ويندو پنڌ آهيان، ڊسڙ ڪياڙي وٺندي آهي. ڇاڪاڻ ته گاڏي هلائڻ اچي ئي ڪين. پسنديده خوراڪ نسوار آهي، جنهن تي متاثر تي ڪري دوستن ڊبل اي نسواريءَ جو لقب ڏنو آهي. ڪمپيوٽر ٿورڙو ڪو گهڻو اچي، بس گذارو ڪري وڃون.
ننڍڙي لاءِ امڙ سڳوريءَ دعا ڏني هئي ته ”ابا، الله ڪندو ته گورنر ٿيندين.“ بس هاڻي اهائي خواهش اٿم ته الله ڪري هڪڙي ڀيرو گورنر ٿيان، ته جيئن پنهنجي ماستريءَ جو آرڊر ڪڍيان، انهيءَ کان پوءِ استيعفا ڏئي ڇڏيندس.
اهو آهي منهنجو مختصر تعارف. هاڻي جيڪڏهن دوستن کي پسند اچي ته سٺي موٽ ڏين، ٻيءَ صورت ۾ نسوار جي چپٽي هڻي ماٺ ڪري ويهي رهنداسين.
دوستن کي دعوت آهي ته نسوار واپرايو، دوست وڌايو....!!!