سنڌ سلامت جا دوستو! اڄ عزيز ناريجي صاحب جو هي هڪ ليک ورلڊ سنڌي نيٽ تي پڙهڻ لاءِ مليو، اوهان به پڙهو ۔۔۔ هي ليک آهي اتر آمريڪا ۾ موجود سنڌين جي تنظيم” سانا “ بابت ( SANA Sindhi Association of North America) ***************** ڀلا سانا آھي ڇا؟ عزيز ناريجو وقفي وقفي سان اُتر اميريڪا ۾ رھندڙ دوست خيالن جي ڏي وٺُ ڪندا رھندا آھن ته آخر سانا آھي ڇا؟ ڪڏھن ڪڏھن اھا ڏي وٺُ کان وڌيڪ وٺُ پڪڙ لڳندي آھي۔ ڪڏھن ڪڏھن ته مورڳو لفظن جي ٺُشم ٺُشا ۾ تبديل ٿي ويندي آھي۔ جڏھن ته ڳالھ ته سانا جي باءِلاز ۾ پڌري پٽ پئي آھي پر تڏھن به ڪِن دوستن وٽ ِاھا اڃا ڳجھارت ئي بڻيل آھي۔ ڪي دوست چون ته سانا ته رُڳو آھي ڪچھرين لاءِ۔ ڪي چون ته سانا آھي ئي اُتر اميريڪا ۾ رھندڙ سنڌين جي خذمت لاءِ ته ڪي چون ته نه سانا جو مقصد ته آھي سنڌ جي سنڌين جي مدد ڪرڻ۔ ڪن سڄڻن جو پڪو پھ آھي ته سانا کي سماجي سرگرمين تائين محدود رکجي ته ڪي چون ته سانا سنڌ جي حقن جي حفاظت نه ڪئي ته ان جو وجود ئي بيڪار! ڪي چون ته سانا ساليانو ڪنوينشن ڪري وڌو ته گھڻو ٿيو، وڏو خير کٽيوسون۔ وڌيڪ اميدون نه رکو! سنڌ ۾ دوست چون ته سانا بين الاقوامي ادارن ۾ سنڌ جو ڪيس ڀرپور نموني ڇو نٿي رکي؟ سنڌ ۾ اسڪول، اسپتالون ڇو نٿي کولرائي؟ امن امان جي مسئلي کي حل ڪرائڻ لاء جوڳا قدم ڇو نٿي کڻي؟ پاڻي، اين ايف سي ۽ سنڌين جي ٻين حقن لاءپاڻ ڇو نٿي پتوڙي؟ اُميدون، خواهشون، سوچون سو هزار، سانا ته آهي هڪ۔ ڪنهنجي ٻُڌي، ڪنهنجي لَنوائي! ڇويھ سال اچي ڀريا آھن، اڃا ته اسانجا ڀائر ۽ ڀينر هڪ فيصلي تي ئي نٿابيهن ته هي جيڪو رانديڪو اسان جي ھٿ لڳو آھي، اُن جو ڪارَجُ ڇاآھي۔ پھرين ته اھو آھي ڇا؟ مورُ آھي، ڊيلَ آھي، ڍڳو آھي، گاڏي آھي، جھاز آھي يا ڪو ڊائناسار آھي؟ ڪارجُ ته پوء جي ڳالھ آھي۔ ڀلا ان ڳالھ کي به ٿا ڇڏيون۔ سنگت جي مرضي سانا کي پنھنجي پنهنجي سھولت مطابق جيڪي سمجهن ٿا اھوئي سمجهندا رھن پر ڪجھ ڪم جي ڳالھ به ته ڪن۔ جي سمجهن ٿا ته سانا رڳو آھي اتر اميريڪا جي سنڌين جي سار سنڀال ۽ خذمت لاء ته ڀلا پوء ان ڪم کي ئي وٺن نه؟ سڀ ھٿ ُ ھٿَ ۾ ڏئي سانا کي ڇو نه سڄي اتر اميريڪا جي سنڌين جي من موهڻي، دلپسند تنظيم بڻايون؟ سنڌي ھندو توڙي مسلم، ڪرستان توڙي ٻُڌَ، پارسي توڙي بَهائي، نُوري توڙي ناري يا مذھبي توڙي غير مذھبئ کي ڇو نه ھڪ سڳي ۾ پويون؟ گھڻا دوست اهو چاھيندا به ھوندا پر سوچيندا ته اھو ڪم ڪرڻ لاء ته ڪيئي ٻيا ويٺا آھن۔ پاڻيھيئي پيا ڪندا۔ بدقسمتي اھا آھي ته گھڻو ڪري سمورا دوست اھو ئي پيا سوچيندا آھن ته اهو ڪم ته ڀر ۾ ويٺل ماڻھو ئي ڪري ڇڏيندو، اسان ڇو تڪليف ڪريون۔ باقي ٻوڙُ رڌجي تيار ٿي ويو ته کائڻ ۾ ٻرو اسان کي به ڪونه چڙھندو۔ ٻوڙ ڪو کُٽي پيو يا ان ۾ ڪو مرچ گهٽ يا لوڻ وڌيڪ پئجي ويو ته گوڙ به واھ جو ڪري وجهبو۔ اسانجو خزانچي چئي ٿو ته ھرڪو ميمبر جي هڪ ُھڪُ ئي نئون ميمبر بڻائي ته اسانجي ميمبرشپ ھڪدم ٻيڻي ٿي ويندي۔ ائين قصو اڳتي ھلي ته ڪٿي وڃي دنگ ڪندو، ڪنھن سوچيو آھي؟ ٻن ٽن سالن ۾ اسانجي ميمبرشپ ڪٿي وڃي پھچندي؟ طاقت به ته انگ سان ايندي آھي! جيڪي دوست چون ته سانا آھي رڳو سماجي تنظيم ته ڀلا ان جي سماجي سرگرمين ۾ اڳ اڳرا ٿي ڇو نٿا حصو وٺن؟ پنھنجي پنھنجي علائقي ۾ سانا جا ميمبر ٺاھين، چيپٽر کولين، گڏجاڻيون ڪن، سنڌين کي ڳولھي ڳولھي لھن، تازو سنڌ کان آيل دوستن جي مدد ڪن، انھن کي اميريڪا ۽ ڪيناڊا جي قانونن جي ڄاڻ ڏين، رھائش ۽ روزگار ڳولھڻ ۾ مدد ڪن، پنهنجي ٻارڙن کي سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جي ڄاڻَ ڏين، انهن کي سنڌي سيکارين، سنڌي موسيقئ سان روشناس ڪرائين۔ ڪمَ ته سرڪار گهڻئي آهن پر ڪجن به ته نه! سماجي تنطيم ۽ ڪنوينشن جي دوست ڳالھ ته برابر ڪن ٿا پر اها ڀلا ڪا چڱ مڙسي آهي ته اسانجي تنظيمَ کي ڇويھ سال اچي ٿيا آھن، اڃا اسانجي ميمبرَن يا ڪنوينشن ۾ شريڪ ٿيندڙن جو انگ ورلي ڪو پنجن سون کان مٿي ٿو چڙهي۔ جيڪي دوست چاھين ٿا ته سانا سنڌ ۽ سنڌين جي خذمت ۾ ڀرپور حصو وٺي، اُهي اڳتي ڇو نٿا وڌن؟ اھو مڃڻ مراد آهي ته هڪَ هٿَ جي ڪجھ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دوست ھميشه روڄ راڙي ۾ ضرور لڳا پيا هوندا آھن پر گهٽ ۾ گهٽ انهن جيترا ئي ٻيا دوست وڏي واڪي پيا چوندا آهن ته سانا کي سياسي نه بڻايو، اُنَ کي اتر اميريڪا تائين محدود رھڻ ڏيو، وغيره وغيره! ٻيو ته رُڳو ماتمَ سان ته مسئلا حل نه ٿيندا آهن۔ رڙين کان اڳتي به وڌڻو پوندو آهي۔ ڪجھ عملي قدم به کڻڻا پوندا آھن۔ آءٌ اهو ڪو نه ٿو چوان ته سڄو ڏوھ ڪو هڪَ، ٻن يا چند ماڻهن جو آهي۔ اسان سڀ اڪيلي ۽ تنطيمي طرح هر چڱي ۽ بُري ۾ برابر جا شريڪ آھيون۔ جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته سانا مضبوط ٿئي، اتر اميريڪا ۾ رھندڙ سنڌين جو اثرائتو آواز ثابت ٿئي، انهن لاءِ هڪُ دل موهڪ پليٽ فارم بڻجي ته اسانکي سنجيدگئ سان ويهي ڪجھ سوچڻو پوندو۔ پهرين ته اسانکي اهو طي ڪرڻو پوندو ته: سانا آهي ڇا؟ اسانجو سانا لاء ويين ڇا آهي؟ اسان سانا کي ڪيئن ڏسڻ چاهيون ٿا؟ اسانجي خيال ۾ سانا کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ سانا کي اڳتي ڪهڙو دڳ وٺڻ کپي؟ منهنجي خيالَ ۾ پهرين سوال جو جواب ته اسانجي باءلاز ۾ موجود آهي۔ سانا اُهو سڀ ڪجھ آھي جيڪو دوست الڳ الڳ سانا لاءِ سوچين ٿا۔ رڳو ضرورت آهي ڪم ڪرڻ جي۔ ڪنهن کي ڇا ڪرڻ کپي، اهو به ڄڻ ته طي ٿيو پيو آھي۔ ھرڪو اهو ڪم ڪري جيڪو ان جو من پسند هجي۔ جيڪڏهن توهانکي سماجي يا تنطيمي ڪم پسند آهن ته اهي ڪيو۔ جيڪڏهن توهان سنڌ جي ماڻهن جي ڪا خذمت ڪرڻ چاهيو ٿا ته اهو ڪيو۔ ميمبر وڌائڻا آھن، پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ چيپٽر کولڻا آهن، ڪنوينشن ۾ مدد ڪرڻي آهي، تنظيمي ڪمن ڪارين ۾ حصو وٺڻو آھي ته ان ڪم ۾ لڳي وڃو۔ چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺو۔ عهديدار ٿيو۔ ذميواريون کڻو۔ تنظيم کي پنهنجو سمجهو ٿا، ان تي نڪته چيني به ڪريو ٿا ته ڪجھ ته ذميواريون به کڻڻيون پونديون۔ جيڪڏهن توهان سنڌ جي ماڻهن جي خذمت ڪرڻ چاھيو ٿا ته جنهن به ميدان ۾ ڪم ڪرڻ چاهيو ٿا ان لاء پروگرام ٺاهيو، سنڌ ۾ ماڻهن سان لھ وچڙ ۾ اچو۔ سانا ۾ پنهنجا همخيال دوست ٺاهيو۔ هڪ ٻئي جي مدد سان ڪم ۾ هٿ وجهو، ۽ ڪم شروع ڪرڻ کانپوءِ ان کي اڌ ۾ ڇڏيو نه۔ همت ۽ جذبي سان ان ڪم ۾ لڳا رھو۔ ڪجھ وقت ۽ پيسي جي قرباني ته ڏيڻي ئي پوندي۔ توهان تعليم جي ميدان ۾ ڪم ڪرڻ چاهيو، صحت جي ميدان ۾، ميڊيا ۾، انساني حقن جي ميدان ۾، سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ قومي حقن جي ميدان ۾، ڪم ته توهانکي ئي ڪرڻو پوندو۔ سانا وٽ ڪو اهڙو مڪينزم نه آھي جو توهان رڳو سوچيو ۽ اهو ڪم سانا ڪري ڇڏي۔ سوچيندؤ به توهان ته اُن جي پوئواري به ڪندؤ توهان۔ ها سانا جا ڪافي دوست جيڪي توهان سان ان ڪم ۾ سهمت هوندا، اهي توهان سان شامل ضرور ٿيندا۔ پر بنيادي طرح پنهنجي تجويزن تي عمل به توهانجي ئي ذميواري آهي۔ ڪجھ ڪم اھڙا به هوندا جيڪي رڳو تنظيمي سطح تي ڪري سگهبا، ڪجھ ڪم ميمبر پاڻ هٿ ۾ کڻندا تڏهن قصو هلندو ۽ گاڏو چُرندو۔ ڪجھ اسانکي پنهنجي ڪمزورين تي به ڌيان ڏيڻو پوندو ڇو ته اڪثر اهي ئي اسانجي رستي ۾ رڪاوٽون بڻجن ٿيون۔ سنڌي بيزاري: اسان مان گهڻن دوستن اهو محسوس ڪيو هوندو ته اسانجي ڪميونٽئ جا گهڻا ماڻهو پنهنجن کان اصل ونئون ٿا وڃن۔ ٻين قومن ۾ به ضرور اهڙا ماڻهو هوندا جيڪي پنهنجن کان پري پيا ڀڄندا۔ ڪن کي کڻي پنهنجن جا هٿ به لڳل هوندا پر ڪي ته ائين ئي پنهنجي ڪميونٽئ سان ڳنڍجڻ کان پيا ڪيٻائيندا۔ اسانکي اهڙن دوستن کي به پاڻ ڏانهن ڇڪڻو پوندو۔ سهپ جي کوٽ: اسانکي پاڻ مان ڪجھ ڪاوڙ کي به گهٽائڻو پوندو۔ هڪ ٻئي لاء سهپ پيدا ڪرڻي پوندي۔ اسانکي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٻئي سان اهڙو مهذب ورتاءُ ته رکڻو ئي پوندو جيترو اسان عام رواجي زندگئ ۾، پنهنجي ڪم جي جڳھ جي ساٿين سان يا ڪنهن مالَ ۾، دڪان تي يا پنهنجي پاڙيسرين سان رکون ٿا۔ پنهنجي ڪميونٽئ جي ماڻهن سان رُکو، تذليل ڪرڻ وارو يا ڪاوڙ وارو رويو رکڻ جو مونکي ته ڪو جواز ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي۔ ڪجُھ سائينءَ سنواريا دوست وري اهڙا آهن جو ڪڏهن ڪنهن سانالسٽ تي ڪو اڻوڻندڙ جملو لکي ڇڏيو يا ڪنهن ڪنوينشن ۾ ڪو گُفتو ڪڍي ڇڏيو يا سانا ۾ آيل ڪنهن مهمان ڪا ناپسند ڳالھ ڪري وڌي ته عمر ڀر اها ڳالھ نه وساريندا۔ پوء ڀلي ان ماڻهؤ جو سانا سان سڌو واسطو نه به هجي، عهديدار به نه هجي پر اها ڳالھ وساريندا نه۔ ڪاوڙ گهڻي وري مرڳهيان سانا تي هوندن۔ ڪنوينشن ۾ اچڻ ڇڏي ڏيندا۔ سانا کي پيا گاريون ڏيندا۔ جيئن سنڌئ ۾ هڪ چوڻي آهي ته: رُٺي آهي گهوٽ سان ڳالهائي نٿي ڳوٺَ سان! ائين به ناهي ته عهديدارن کان غلطيون ڪونه ٿيون ٿين۔ غلطي ته ڪنهن کان به ٿي سگهي ٿي۔ اسان سڀ غلطيون ڪيون ٿا۔ ڊگهي نظر ۽ وڏئ دل سان غلطيون معاف به ڪجن ۽ هميشه لاء ڪاوڙ به نه ڪرڻ کپي۔ اسانکي هميشه رستا ۽ بهانا ڳولهڻ کپن هڪ ٻئي سان ڳنڍجڻ، گڏجڻ، گڏجي هلڻ ۽ ويجهي اچڻ لاء نه ڪهِ هڪ ٻئي کان رُسڻ ۽ پري ٿيڻ لاءِ۔ ساٿيو، سانا اسان لاءِ هڪ انمول پليٽفارم آهي ۽ پنهنجي جنم ڀومئ ۽ پنهنجي مٽئ کان ڏور هڪ ڇِت آهي جنهنجي هيٺان اسان سڀ گڏجي ويهون ٿا ۽ پنهنجي بُڻ بنيادَ، پنهنجي سڀيتا ۽ پنهنجي اتهاس سان ڳنڍجون ٿا۔ اها حياتي آهي ۽ اِهي رتَ جا رشتا آهن۔ سنڌ جي هڪ وڏي ليکڪ مرحوم حفيظ شيخ جي ٻولئ ۾ اِهي روح جا ريلا آهن۔ اسانجي ڪوشش هجي ته انهن کي ڪڏهن سُڪڻ نه ڏيون۔ سانا شال جُڙي رهي! ٻيڙا ئي پار