• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔حليم باغي جي شاعري

حفظ الله ڪاڪا

سينيئر رڪن
جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ ــ پوءِ منهنجي تو کان دوري آ
هي جيون جيون آهي ڇا ــ ڪٿ جيل زهر ڪٿ سوري آ

هن ڪاڪ منڊل کي ڊاهيندي ڪنهن آس نگر جا ساٽ سٽيون
اُس کان ته اجھو ٿو گھرجي، هي سنسار ته تپندڙ کوري آ

هن ڪوڙ قلعي جو ڀرم ٽٽو سڀ سانگ رچاءِ به سمجھون ٿا
تو ٺوري ٺاهي آڏ رکي مون ڪالهه جا ڍونڍي ٻوري آ.

ڏاڍو ڏاڍو ڪريو ڇو؟ ڇا لاءِ ڊڄان مان سمجھان پيو
جي ڏاڍو اڪ جي ماکي آ پوءِ ڪهڙي باغ جي موري آ.

قاتل جي هٿ ۾ لرزش آ، خنجر به سنڀالي ڪير ڀلا
هي منهنجي خون جو تقدس ٿيو جلاد جي لئه مجبوري آ

اڄ ڌرتيءَ ماءُ جي ڳل لڳي هر باغيءَ پئي ٿي هيئن چيو
مان ڪسجان تنهنجي راهن ۾، منظوري آ منظوري آ۔۔۔

حيلم باغي جي شاعري
انتخاب حفظ الله ڪاڪا
(رفرنس وائيس آف سنڌ)
 
جواب: جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔حليم باغي جي شاعري

مونکي صحيح ياد ته نٿو اچي ته ڪنهنجي آواز ۾ شايد سرمد يا ٻيجل جي آواز ۾ اهو گيت آهي ۔۔۔ پر يار غضب جو گيت ۽ غضب جو آواز ٻڌندي ئي دل چوندي هئي ته ڪهاڙي کڻي نڪري پئجي ۔۔۔ قومي جذبي سان سرشار هي گيت جڏهن به پڙهبو يا ٻڌبو آهي ته ساڳيو ئي جذبو ڀرجي ويندو آهي ۔۔۔

ڪاڪا سائين لک ٿورا جو اوهان اهڙو سهڻو گيت پڙهڻ لاءِ ونڊ ڪيو آهي ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
 
جواب: جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔حليم باغي جي شاعري

سائين هي گيت سرمد سنڌي جي من موهيندڙ آواز ۾ چيل آهي، ايترو خوبصورت آهي ته جو دل ٻڌڻ کان لرزش ۾ اچي ويندي آهي۔۔۔۔
 
جواب: جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔حليم باغي جي شاعري

ادا ڪاڪا مهرباني توهان جي

ادا اگر اِهو گيت توهان وٽ آهي ته اسان شيئر ڪندا ته مهرباني ٿيندي
 
Back
Top