غريب ۽ امير جو موت ، ۽ ان جي اهميت ڪالهه سنڌ جي هڪ وڏي شهر ڪراچي ۾ متحده قومي موومينٽ جي ڪارڪن جو موت واقع ٿيو آهي، جنهن کي ملڪ جي تمام ميڊيه ڪوريج ڏني آهي، ۽ بار بار اهيو ٻڌايو ٿو وڃي ته متحده قومي موومينٽ جي سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر رضا حيدر نامعلوم ماڻهن جي هٿان شهيد ٿئي ويو آهي جڏهن ته ان هڪڙي ماڻهون جي ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ تقريبن 48 ماڻهون ٻيا به قتل ٿئي ويا آهن ۽ افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ميڊيه انهن 48 ماڻهن لاء اهيو چئي رهي آهي ته ( ڪراچي ۾ حالات جي خرابي جي ڪري 48 ماڻهون قتل ٿئي ويا آهن،) سوچڻ جي هي ڳالهه آهي ته جيڪو وڏو ماڻهون آهي ۽ ڪنهن پارٽي سان واسطو رکندڙ آهي ته ان لاء الفاظ شهيد استعمال ڪيا ٿا وڃن ۽ ان جي قتل کي اهميت ڏني ٿي وڃي جڏهن ته هوڏنهن 48ماڻهون قتل ٿئي ويا آهن جا الفاظ استعمال ڪيا ٿا وڃن۔ انهن ڏانهن ڪو به ڪنهن به قسم جو ڌيان يا اهميت ئي نه ٿي ڏني وڃي صرف ان لاء ته اهي وڏا ماڻهون نه هئا ۽ عام شهري هئا۔ اهي ته آهن مري ويل ماڻهون جا انگ اکر پر انهن مري ويلن کان علاوه تقريبن 100 جي لڳ ڀڳ ماڻهون زخمي به آهن جيڪي مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن ۽ انهن جا مٽ مائٽ انهن لاء پريشان آهن ڪو خدا جو خوف ئي ڪونهي، جڏهن ته وقت جي خليفي حضرت عمر فاروق رضه لاء چيو ويندو آهي ته ان جو قول آهي ته ( جيڪڏهن درياء نيل جي ڪناري تي ڪو ڪتو به بک کان مري وڃي ته ان جو ذميوار عمر هوندو )
جواب: غريب ۽ امير جو موت ، ۽ ان جي اهميت ادا غريبي ۽ اميري جو فرق ته سڄي دنيا ۾ آهي پر اهڙو ظلم جهڙو اسانجي ملڪ ۾ آهي اهڙو ڪٿي ڪو ورلي ملندو ۔۔۔ بس هاڻ ته پنهنجي ملڪ جون حالتون ڏسي دل رت جا ڳوڙها ٿي ڳاڙي ۔۔۔ پر عجب اهو آهي ته سڄي قوم ايئن چپ جيئن ڪجهه ٿيو ئي ناهي ۔۔۔ بي حسيءَ جو به ڪو ته انت هوندو ۔۔۔ ڏسجي ته سنڌ ڪيستائين ٿي اهو برداشت ڪري ۔۔۔؟؟؟؟
جواب: غريب ۽ امير جو موت ، ۽ ان جي اهميت سائين جڏهن غريب ئي ٿيو ته پو انهي کي شهيد وري ڪٿي ٿا لکن يا وري پڙهن۔۔۔ بس غريب جو ڀاڳ به غريب۔۔۔۔ شُڪر ڪيو ته وري به انهن کي قتل چئي رهيا آهن نه انهن جو وس پُڄي ته انهن مري ويا آهن ۔۔۔۔۔ به چئي سگهن ٿا۔۔۔
جواب: غريب ۽ امير جو موت ، ۽ ان جي اهميت ادا ممتاز ۔۔۔ يار ڪهڙيون ٿا ڳالهيون ڪريو۔۔۔ هتي غريب ماڻهو ته ”ماڻهو“ ليکجي ئي ڪونه ٿو، مان ته سمجهان ٿو حالات اهڙا آهن جو غريب جو نالو نشان پاڪستان ۾نه رهندو۔۔۔
جواب: غريب ۽ امير جو موت ، ۽ ان جي اهميت ادا عبدالوهاب صاحب ته هن ٽاپڪ کي شايد ڏٺو ئي ڪونه ، اوهان شايد زاهد سومرو جي ڳجهه تي عبدالوهاب لکي ويا آهيو۔
جواب: غريب ۽ امير جو موت ، ۽ ان جي اهميت مٺا مست خير ته آهي، نه، هي تحرير مان نه پر ڪنهن ٻئي موڪلي آهي منهنجا جاني
جواب: غريب ۽ امير جو موت ، ۽ ان جي اهميت معاف ڪجو ادا، هينئر مون کي بجليءَجي ذري ذري اچ وڃ ۽ انٽرنيٽ جي سست اسپيڊ تنگ ڪري ڏنو آهي، مست جي مستي جهڪي ٿي وئي آهي۔۔