اسلام عليڪم دوستو، اڄ مان توهان سان اسلام آباد جي خوبصورتيءَ جون ڪجهه تصويرون شيئر ڪري رهيو آهيان اميد ته توهان کي پسند اينديون۔ هي شهر خوبصورت هتان جا ڏسڻ جا خوبصورت پر غود غرض آهن اصل ڀاءُ ڀاءُ جي گهر به نه وڃي۔ اسلام آباد جو هڪ خوبصورت رات جو منظر ڏينهن جو منظر اسلام آباد جو نقشو۔ فيصل مسجد۔ رات جو منظر ڏينهن جو منظر
جواب: اسلام آباد جا رنگ سيرينا هوٽل ميرئٽ هوٽل زيروپوائنٽ پاڪستان مونومينٽ فارچون پلازه (هتي جو سيور فوڊ مشهور آهي جيئن ڪراچي ۾ اسٽوڊنٽ برياني)
جواب: اسلام آباد جا رنگ فاطمه جناح پارڪ پاڪستان نيشنل آرٽس ڪائونسل گيلري سينچوريس (5 تارن وارو هوٽل ) جيڪو آخري مرحلن ۾ آهي
جواب: اسلام آباد جا رنگ موبلنڪ جي مين آفيس. ايم اين اي هاسٽل اسٽيٽ لائف بلڊنگ، شهيد ملت سيڪريٽريٽ، او جي ڊي سي ايل ٽاورز
جواب: اسلام آباد جا رنگ ڪنوينشن سينٽر پارليامينٽ هائوس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان وزير اعظم سيڪريٽريٽ، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس
جواب: اسلام آباد جا رنگ ادا عبدالوهاب ۔۔۔ يار اهڙي بهترين تصويرن جي ونڊ تي مهرباني۔۔ ڪجهه تصويرون ڏسي ته پل کن سوچ ۾ پئجي ويس ته ڇا هي پاڪستان جي ڪنهن شهر جون تصويرون آهن يا وري ڪنهن ترقي يافته ملڪ جون۔۔ پر آخر توهان جي ڳالهه تي اعتبار ڪرڻو پيو۔۔ اسلام آباد به اصل هڻ کڻ لڳي پئي آهي۔۔۔
جواب: اسلام آباد جا رنگ ڀلا سنڌ جو پئسو ڪٿي ته خرچ ٿيندي نظر ايندو نه! مبارڪ هجي ادي عبدالوهاب کي ۽ انهن ٻين آڱرين تي ڳڻڻ جيترن سنڌين کي جي اسلام آباد ۾ مڙئي حصو پتي ڳنڍيون ويٺا آهن ۔۔۔ باقي ته جيترو پئسو سنڌ ڪمائي ٿي ته اهو ڪيڏانهن ٿو وڃي ۔۔۔؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ پ ۔۔۔۔۔ن ۔۔۔۔۔ ج۔۔۔۔۔۔ا ۔۔۔۔ب جي ملڪ ڏانهن ۔۔۔
جواب: اسلام آباد جا رنگ ير عبدوُ مهرباني۔۔۔۔۔۔۔ اهڙيون بهترين تصويرون ونڊ ڪرڻجي لا توهان جي اهي تصويرون ڏسي اهي ڏينهن ياد اچي ويا جڏهن ريڊيو پاڪستان خيرپور تي ڪانٽريڪٽ تي نوڪري وٺڻ جي لا اهي سڀئي آفيسون گهميوسين پر جڏهن هڪ هندو هجڻ جو احساس ٿيو ته نوڪري جو آسرو لاهي اسلام آباد ۽ مري ۽ حسن ابدال گهمڻجو پروگرام ٺاهيوسين۔۔۔۔ خيئر مهرباني ير۔۔۔ جيڪو ٿيو هو ڀلي لا هي هو شايد۔۔۔۔
جواب: اسلام آباد جا رنگ واه سائين عبدالوهاب توهان ته گهر ويٺي اسلام آباد جو سير ڪرائي ڇڏيو. سدا سلامت هجو .
جواب: اسلام آباد جا رنگ زرعي ترقياتي بينڪ جي هيڊ آفيس پي ايم سيڪريٽريٽ، سپريم ڪورٽ ۽ ايم اين هاسٽل جي هڪ دلڪش تصوير بارش وقت روڊ پي ايم سيڪريٽريٽ جو هڪ دلڪش منظر