دوستو اسلام عليڪم، مهنجو نالو صبيحُ ڀٽو آهي، ڄامشورو ۾ رهندو آهيان، مان محترم طاهر سندي جو ٿورا ئتو آهيان جهن مونکي سنڌ سلامت جهڙي ڪارآمد فورم جو ٻڌايو۔
جواب: دوستو اسلام عليڪم ادا صبيح ڀٽو صاحب۔۔۔ توهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻتي ڀليڪار چئجي ٿو، مان به اوهان جي شهر ڄامشورو ۾ رهندڙ آهيان۔۔۔ سائين طاهر سنڌي جا لک ٿورا، جنهن اوهان کي هن فورم تي آندو۔۔۔
جواب: دوستو اسلام عليڪم سائين صبيح ڀٽو صاحب! اوهانجا لک ٿورا جو اوهين هن اڱڻ تي ڪهي آيا، اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿي چئجي ۽ اميد ٿي ڪجي ته جهڙو سهڻو ۽ وفاشعار دوست طاهر آهي اهڙيطرح اوهان به اسانجي هن اڱڻ جا سهڻا ۽ سيبتا دوست ثابت ٿيندا ۔۔۔ دوستن جو قافلو وسيع ٿيندو ته منزل آسان ٿيندي ۔۔۔ اوهانکي هن فورم تي سنڌ ۽ سنڌيت بابت ڪجهه چوڻ ۽ ٻڌڻ جون کوڙ ساتريون ڳالهيون نظر اينديون ۔۔۔ اوهان هن اوطاق جي هر ڪمري ۾ وڃي گهمندا ته نت نوان موضوع ۽ مضمون ملي ويندا ۔۔۔ ڪنهن به قسم جي مدد جي ضرورت هجي ته اسانجون اکيون ٿڌيون ۔۔۔۔ اوهانکي هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار ۔۔۔۔ دعائن ۾ گڏ ۔۔۔
جواب: دوستو اسلام عليڪم ادا صبيح پيارا سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀلي ڪري آيا سائين طاهر سنڌي جو دل گهريو دوست آهي سندن شخصيت تمام پياري آهي پاڻ فورم جي سونهن آهن اميد ته اوهان به انهن وانگر فورم جي سينگار ۾ اضافو ڪندا