عبدالوهاب کي ٻيهر مبارڪون۔۔۔

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏4 آگسٽ 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    اسان جي پياري دوست عبدالوهاب هن ڀيري همت ڪري خير سان 100 موضوع پورا ڪيا آهن بلڪه 100 کان به ٽپي ويو آهي۔ عبدالوهاب جا شروع ڪيل جيڪي به موضوع آهن اهي سڀئي گهٽ ۾ گهٽ منهنجي لاءِ ته معلوماتي هوندا آهن، خاص ڪري ڪمپيوٽنگ ٽپس ۽ ويب سائيٽ ۾ ونڊ ڪيل سندس موضوع ڪنهن خزاني کان گهٽ نه‌آهن۔۔ ان کان علاوه پاڻ ڀلو اوطاقي به آهي، وقت سر اهڙا تفريحي موضوع ونڊ ٿو ڪري جو اسان جهڙي مستن کان کل بيهارڻ مشڪل ٿيو وڃي۔۔ اڄ به وڊيو واري سيڪشن ۾ سندس ونڊ ڪيل هڪ موضوع تي مون کي اڃان تائين کل ٿي اچي۔۔

    توهان کي منهنجي طرفان دل سان مبارڪ باد

    [​IMG]


    [​IMG]
     
  2. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: عبدالوهاب کي ٻيهر مبارڪون۔۔۔

    ادا جنهن دوست جي تعريف مست ڪري ته ان ۾ ڪو شڪ ئي نه آهي ته اهو دوست لاجواب هوندو۔
    پر حقيقت ۾ به ادو عبدلوهاب تمام بهترين ونڊون ڪندو آهي۔ معلومات سان گڏ مزاح تي مشتمل شيئرنگ سڀني دوستن جي من کي موهي وجهن ٿيون۔

    ادا درويش جي مبارڪ هُجيوَ
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: عبدالوهاب کي ٻيهر مبارڪون۔۔۔

    منهنجا جاني مست توهان جا لک احسان جو توهان پنهنجي قيمتي وقت مان چند گهڙيون هن ناچيز کي مبارڪون ڏيڻ لاءِ‌وقف ڪيون۔
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: عبدالوهاب کي ٻيهر مبارڪون۔۔۔

    ادا درويش توهان جهڙا پرين پيارا اسان کي مبارڪون ڏيڻ اچن ته پوءِ اسان ته اڻ ڏٺي عيد ۽ ملهار جي مند ٿي وئي، توهان ائين مبارڪون ڏيندا رهو هي ناچيز ائين ئي تحريرون ۽ موضوع پيو موڪليندو۔
    جنهن ڏينهن توهان جو مبارڪون رڪجي ويون ان ڏينهن سمجهو منهنجو ساهه پرواز
     
  5. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: عبدالوهاب کي ٻيهر مبارڪون۔۔۔

    توهان کي منهنجي طرفان دل سان مبارڪ باد
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: عبدالوهاب کي ٻيهر مبارڪون۔۔۔

    ادا وهاب مون فقير طرفان به دل سان مبارڪون قبول ڪندا

    توهان جي لکڻين مان مون کي سکڻ لا۽ گهڻو ڪجهه مليو آهي

    پنهنجي اهڙي ڪوششون جاري رکندا
    سدائين گڏ
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عبدالوهاب کي ٻيهر مبارڪون۔۔۔

    عبد الوهاب، جنهنکي آ پيار منجهاران ”عبدو“ ڪوٺيندو آهيان ، آءُ جڏهن هن اڱڻ تي آيس ته عبدو پنهنجي پوري جوڀن سان هن فورم جي دوستن جو دادلو چورائيندو هو ۔۔۔ سندن لکڻين مان، سوالن مان ۽ سلامن مان لڳو ته؛ معصوم، سچي دل وارو، ۽ سکڻ سيکارڻ جي تمنا رکندڙ نوجوان آهي، انڪري ساڻس منهنجي دوستي پڻ گهري ٿيندي رهي ۔۔۔

    عبد الوهاب سنڌ سلامت تي ايندڙ هر دوست کي خلوص سان ۽ پيار منجهاران ڀليڪار ڪندو رهيو، گل ۽ مٺايون پيش ڪندو رهيو ۽ اسان جهڙن سستن کي همٿائيندو رهيو، دوست عبد الوهاب جي هڪ ٻي خوبي اها آهي جو جڏهن ڏسندو آهي ته دوست ڪافي سنجيده بحث ۾ اچي هڪٻئي سان تون تون مان مان ڪري رهيا آهن ته وچ ۾ پئي اهڙي ته کل مسخريءَ جي ڳالهه ڪري وجهندو جو ماڻهونءُ ٿڌو ٿي ويندو آهي ۔۔۔

    جيتوڻيڪ چيو وڃي ٿو ته سندس لکڻيون 100 پوريون ٿيون آهن، پر آءُ سمجهانٿو ته هن اوطاق لئه ڪيل خدمتون انهن سئو لکڻين کان گهڻيون ۽ مٿاهيون آهن ۔۔۔۔

    ممڪن مونکان سندس ڪا لکڻي رهجي وئي هجي پر ڪوشش ڪري عبدالوهاب جي هر ليک کي آءُ شوق سان پڙهندو آهيان، معلوماتي ۽ ڪارائتا ونڊ ڪندو آهي ۔۔۔

    دوست عبدالوهاب !۔۔۔ دوست ته سڀ ڪو سڏائيندو آهي پر وفا ۽ جفا ڪنهن ڪنهن ۾ هوندي آهي ۔۔۔ اوهانجي شخصيت ۾ ٻئي شيون موجود آهن، انڪري بجاطور تي اوهان سٺا دوست آهيو ۔۔۔

    اسانجو دعائون ۽ نيڪ تمنائون اوهان سان گڏ ۔۔۔ ۽ دعا آهي ته اوهان پنهنجي حياتيءَ ۾ هميشه خودڪفيل رهو ۽ عزت ۽ مان واري زندگي گذاري سرخرو ٿيو ۔۔۔ آمين
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: عبدالوهاب کي ٻيهر مبارڪون۔۔۔

    ادا نثار!۔۔ توهان جا هي ڪمينٽس اسان جهڙن دوستن لاءِ‌پرائيڊ آف پرفارمنس کان گهٽ نه هوندا آهن۔
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: عبدالوهاب کي ٻيهر مبارڪون۔۔۔

    ادا همانگير مهرباني توهان جي جو توهان اسان کي مبارڪ ڏيڻ جي لاءِ‌ قرب جي قدم ڀري آيا۔
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: عبدالوهاب کي ٻيهر مبارڪون۔۔۔

    ادا فقير مون ناچيز کي ته ڪجهه اچي ئي ڪونه، بس رڳو ٻروچاڻا ڌڪ هڻندو‌آهيان، بس پوءِ ٺهڪي ويندا آهن ۽ توهان دوستن جا هلڪڙا ڦلڪڙا مسئلا حل ٿو وڃن۔ جيڪڏهن هيئن لکجي ته بهتر ٿيندو " اسان جي لکڻين مان توهان کي گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو آهي" ڇو جو سنڌ سلامت تان هن ناچيز توهان جهڙن دوستن، ڀائرن ۽ پرين پيارن کان گهڻو ڪجهه سکيو آهي۔ نه مون ۾ ايتري ڄاڻ پهريان ته ڪونه هئي۔
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: عبدالوهاب کي ٻيهر مبارڪون۔۔۔

    سائين منهنجا منهنجي انهي کان وڌيڪ ٻيو ڇا گهرجي جو توهان جهڙن مهربانن جون دُعائون سي به مڪي پاڪ مان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اصل انهي دُعائن جي صدقي ته مان هلي رهيو آهيان نه ته ڪڏهن جو پرين کان پري هليو وڃان ها۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو