سنڌ ۾ قبيلائي دهشتگرديءَ جو خاتمو ڪيئن آڻجي؟ جامي چانڊيو سنڌ ۾ قبيلائي دهشتگرديءَ جو راڪاس آدم بوءِ آدم بوءِ ڪندو اُتر سنڌ ۾ عوام جي زندگيءَ، سڪون ۽ سلامتيءَ کي مڪمل طور مفلوج ۽ مرڻينگ ڪري چڪو آهي. ڪو ڏينهن خالي نه آهي جڏهن قبائلي دهشتگرد ٽولا بيگناهه ماڻهن جو خون وهائي پنهنجي وحشي جبلت جي تسڪين نه ڪندا هجن. اُتر سنڌ جا 9 ضلعا ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻو، قمبر-شهدادڪوٽ، دادو، گهوٽڪي، سکر ۽ خيرپور قبائلي دهشتگرديءَ جي آڙاهه ۾ سڙي رهيا آهن ۽ اسان سڀ اهو بربريت جو وحشي ناچ اکين سان ڏسي رهيا آهيون. تازو انڊس پيپلز فورم ان صورتحال تي هڪ اهم پيش قدمي ڪري سکر ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو، جنهن ۾ مختلف ذاتين جي خود ساخته “چڱن مڙسن”، سول سوسائٽيءَ جي نمائندن ۽ ڪجهه قومپرست سياسي پارٽين جي نمائندن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ ان صورتحال تي هڪ کُليل بحث مباحثو ڪيو ويو، جڏهن ته ان ۾ سنڌ جي اڌ آباديءَ يعني عورتن جي اثرائتي شرڪت گهٽ هئي. سنڌ ۾ هر سنجيده فورم ۾ عورتن جي ڀرپور ۽ اثرائتي نمائندگي هئڻ گهرجي، نه ته ان کي قوم، عوام ۽ سماج جو حقيقي نمائنده فورم سڏي نه سگهبو، پر مجموعي طور اهو فورم هڪ اهم ۽ وقتائتو قدم هو، جيڪو گهربل نتيجن تائين جاري رهڻ گهرجي ۽ اهو ئي ان سيمينار ۾ گڏيل فيصلو ڪيو ويو. ان سيمينار ۾ پيش ڪيل رپورٽ مطابق رڳو ويجهي ماضيءَ ۾ مختلف ضلعن ۾ هلندڙ قبيلائي تڪرارن ۾ ڪُل 1780 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 400 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن. ان رپورٽ مطابق اخبارن ۾ رپورٽ ٿيل انهن 75 تڪرارن مان 66 سيڪڙو خوني تڪرارن جو نبيرو نه ٿيو آهي، يعني 75 مان رڳو 25 جهيڙن جا نبيرا ٿيا آهن، جڏهن ته باقي 50 خوني جهيڙا اڃا اڻ نبريل آهن. رپورٽ مطابق اُتر سنڌ جي 9 ضلعن ۾ وڌ کان وڌ قتل شڪارپور ضلعي ۾ ٿيا ۽ خبرن موجب شڪارپور ۾ 12 تڪرارن ۾ 586 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن، ۽ هن ضلعي ۾ 12 تڪرارن مان رڳو 4 تڪرارن جو نبيرو ٿيو آهي، جڏهن ته 8 جهيڙن جو ٺاهه نه ٿيو آهي. شڪارپور کانپوءِ قتلن جي حساب سان ڪشمور ضلعو ٻئي نمبر تي آهي، جنهن ۾ هلندڙ تڪرارن ۾ 535 بيگناهه انسان قبيلائي دهشتگرديءَ جو بَکُ بڻجي چڪا آهن ۽ هن ضلعي ۾ به 12 تڪرارن مان اڃا 10 جهيڙن جو نبيرو نه ٿيو آهي. جيڪب آباد ۾ پڻ ويجهي عرصي ۾ مختلف برادرين ۾ 4 تڪرار ٿيا آهن ۽ خبرن موجب انهن ۾ 67 بيگناهه انسان مارجي چڪا آهن. هن ضلعي ۾ به اڃا تائين 4 مان 3 تڪرار اڻ نبريل آهن. پهرين ڳالهه ته منهنجيءَ نظر ۾ هي قبيلائي جهيڙا نه پر سڌي سنئين قبائلي دهشتگردي آهي، جيڪا اُتر جي سنڌي عوام تي مڙهي وئي آهي، ان ڪري انهن خوني ڪاررواين کي دهشتگردي ايڪٽ تحت خصوصي عدالتن ذريعي منهن ڏنو وڃي. ٻي ڳالهه ته اُتر سنڌ ۾ هلندڙ هن قبائلي دهشتگرديءَ کي سنڌ جي باقي بحرانن، مصيبتن ۽ مسئلن کان ڌار ڪري نه ڏسڻ گهرجي. اُتر سنڌ ۾ قبيلائي دهشتگردي پڻ سنڌ جي ان مجموعي صورتحال جو هڪ پاسو ۽ عڪس آهي، جنهن ۾ ڪراچيءَ کي شهري نسلي دهشتگردن ۽ ٻين مافيائن جي حوالي ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي سنڌ ۾ تعليم ۽ خاص طور تي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم مڪمل طور تباهه ۽ برباد ڪئي وئي آهي ۽ موجوده چونڊيل سياسي حڪومت به ان جي سڌاري لاءِ ڪابه سنجيده ڪوشش نه ورتي آهي. سنڌ ۾ عوام جي صحت جي ابتري ۽ ماحولياتي تباهيءَ اڳوڻا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. صحت جي عالمي ادارن جي رپورٽ موجب سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي علائقن ۾ 25 سيڪڙو کان وڌيڪ آباديءَ کي هيپاٽائٽس بي ۽ سيءَ جهڙا موضي مرض لڳل آهن. يعني ان جو عملي طور مطلب اهو ٿيو ته ٻهراڙين جي 25 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي خاموشيءَ سان موت جي اوسيئڙي ۾ آهي. سنڌ ۽ سنڌي عوامَ جي معاشي صورتحال ڪنهن تباهيءَ کان گهٽ نه آهي. پاڻيءَ جي سنگين بحران زرعي معيشت کي مڪمل طور جهوري ۽ مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي ۽ جديد شهري معيشت ۾ اسان جو حصو اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. سنڌ ۾ سماجي ڀڃ ڊاهه ۽ انارڪيءَ جي شڪل هاڻي گهرو ويڙهه جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي ۽ قبائلي دهشتگردي ان سماجي ڀڃ ڊاهه ۽ گهرو ويڙهه جو ئي هڪ بڇڙو ۽ وحشي عڪس آهي. ان ڪري سنڌ جي اُترين 9 ضلعن ۾ هلندڙ ۽ وڌندڙ قبائلي دهشتگرديءَ کي سنڌ جي مجموعي قومي صورتحال جي پس منظر ۾ ڏسڻ گهرجي. تڏهن ئي ان کي سمجهي به سگهبو ۽ ان لاءِ ڪا رٿابندي به اختيار ڪري سگهبي. اچو ته ان مسئلي جي پس منظر ۽ پيش منظر توڙي ان جي محرڪن ۽ سدباب تي هڪ گهڻ-طرفي نظر وجهون. سنڌ تي قبائليت ڇو ۽ ڪيئن مڙهي وئي؟ تاريخي طور سنڌ ۾ قبائلي ۽ سرداري نظام ڪڏهن به مضبوط ۽ سگهارو نه رهيو آهي. اهو سماجي نظام بلوچستان جي بلوچ سماج ۾ موجود ۽ مضبوط رهيو آهي، جنهن جا اثر اُتر سنڌ جي ڪجهه سنڌي- بلوچ ذاتين تي رهيا آهن، پر سماجي نظام جي اها روايت سنڌ ۾ ڪڏهن به سگهاري نه رهي آهي. ضياءُ الحق سنڌ ۽ سنڌين جو بدترين ويري هو ۽ هن 1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سنڌين جي سياسي مزاحمت کي ڏسي جنهن وسيع تر حڪمت عمليءَ تحت سنڌ ۽ سنڌين سان دشمنيءَ جو هڪ آڙاهه ٻاريو، شهرن ۾ نسلي دهشتگرد، ٻهراڙين ۾ قبائليت، سرداري نظام ۽ سماجي ڀڃ ڊاهه ان جا ئي روپ آهن. اسٽيبلشمينٽ اهو سمجهي ورتو هو ته جيڪڏهن سنڌي عوام جي وڌندڙ سياسي، قومي ۽ مزاحمتي شعور آڏو شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ بند نه ٻَڌا ويا ته اهو شعور اڳين مرحلي ۾ تنظيمي شڪل اختيار ڪري هڪ اهڙي سياسي قوت ۾ تبديل ٿيندو، جيڪا سنڌ ۾ هن رياست جي سمورين سازشن ۽ ناجائز مفادن کي لوڙهي ڇڏيندي. ڇاڪاڻ ته شعور ۽ تحريڪ کان پوءِ اڳيون فڪري مرحلو سنڌ جي سياسي شعور جي تنظيمي شڪل ۾ سامهون اچي ها، جنهن کان رياستي سگهه جي نمائنده اسٽيبلشمينٽ مڪمل طور ڊڄي وئي هئي. ان سازشي رٿابنديءَ کي سنڌين جي هڪ ٻئي وڏي دشمن آمر پرويز مشرف پنهنجي اوج ۽ عروج تي پهچايو. ضياءُ الحق ان جا بنياد وڌا ۽ پرويز مشرف سنڌ ۾ شهرن ۾ نسلي ۽ ٻهراڙين ۾ قبائلي دهشتگرديءَ کي سنڌي عوام خلاف هڪ وڏي منظم قوت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. سنڌ جا شهر مڪمل طور شهري دهشتگردن حوالي ڪيا ويا ته سنڌ جون ٻهراڙيون اڳ ئي موجود ۽ نون ٺاهيل قبائلي نوابن ۽ سردارن کي سياسي جاگيرن طور ورهائي ڏنيون ويون. سنڌ جا نام نهاد قبائلي سردار ۽ نواب پنهنجيءَ پر ۾ خوش آهن ته انهن کي رياست ايئن ئي سگهارو ڪيو آهي- حقيقت اها آهي ته سنڌ ۾ قبيلائي سوچ، قبيلائي دهشتگردي توڻي نام نهاد نوابن ۽ سردارن کي ان ڪري سگهارو ڪيو ويو آهي ته جيئن سنڌي عوام جو اُسريل سياسي شعور ڪا سگهاري ۽ منظم شڪل اختيار نه ڪري سگهي. سنڌي عوام کي ياد رکڻ گهرجي ته قبائليت، ذات پرستي، قبيلائي سماجي گروهه بندي، قبائلي خوني تڪرار سنڌين جي قومي سگهه آڏو رياست جا ٻڌل بند آهن، جنهن کي موٽ ۾ سنڌي عوام جي سياسي شعور، گڏيل جدوجهد، ٻڌيءَ ۽ قومي سوچ سان هر صورت ۾ ۽ هر سطح تي ٽوڙڻو آهي. سنڌ ۾ قبائلي، گروهي ۽ ذات پرستيءَ جي سوچ هوندي ۽ سنڌ جو عوام ذاتين ۽ قبيلن جي صورت ۾ رياست جي پاليل ۽ تاتيل سردارن، نوابن ۽ وڏيرن جي حوالي ۽ انهن جي رحم ۽ ڪرم تي هوندو ته پوءِ سنڌ ڪڏهن به هڪ قوم طور نه رڳو سگهاري ٿي نه سگهندي، پر پنهنجي اندروني ۽ بيروني دشمنن ۽ مخالف قوتن جو ڀرپور مقابلو نه ڪري سگهندي ۽ ان ئي سبب ۽ محرڪ ۽ مقصد طور سنڌ ۾ قبائليت، سرداري نظام ۽ سماجي گروهه بنديءَ جي زهر کي سنڌي عوام جي نفسياتي، ثقافتي ۽ سماجي رڳن ۾ لاٿو ويو آهي. قبائلي دهشتگرديءَ جو وڌڻ ۽ لاقانونيت: سنڌ جي اُترين علائقن ۾ قبائلي دهشتگرديءَ جي وڌڻ جو ٻيو اهم سبب بدترين لاقانونيت ۽ پوليس نظام ۾ ڪرپشن آهي. جڏهن دهشتگردن ۽ قاتلن کي خبر يا پڪ آهي ته لاقانونيت ۽ ڪرپشن تي ٻڌل هيءَ پوليس ۽ عدالتي نظام کين ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهي ته پوءِ ڇو نه سندن حوصلا بلند ٿيندا؟ جڏهن هر شيءِ جو تعين ۽ نبيرو طاقت ۽ پئسو ڪندو ته پوءِ معاشري جو اهڙو حال ڇو نه ٿيندو، جنهن جو وحشي عڪس اسان روز اخبارن جي صفحن ۽ ٽي وي اسڪرين تي پڙهون ۽ ڏسون ٿا رياست جي ناڪامي ۽ سماجي ڀڃ ڊاهه: رياستي ادارا سڄي ملڪ ۾ پر خاص طور تي سنڌ ۾ مڪمل طور پنهنجو وجود وڃائي چڪا آهن، رياست مجموعي طور عوام لاءِ نه پر ان جي دشمن قوتن جي هٿيار ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. جڏهن رياستون ايئن ناڪام ٿيڻ لڳنديون آهن ته پوءِ معاشرا بدترين ۽ وحشي انارڪيءَ ڏانهن وڌندا آهن. جنهن ۾ سماج ذاتين، قبيلن ۽ ٻين گروهه بندين جو شڪار ٿيندو آهي. نتيجي ۾ هر گروهه ۽ ٽولو چاهيندو آهي ته اهو ٻين مٿان حاوي هجي ۽ ظاهر آهي ته لاقانونيت جي صورت ۾ اها هڪ هٽي دهشتگرديءَ کان سواءِ قائم ٿي نه سگهندي آهي. اُتر سنڌ اڄ اهڙي صورتحال جو خوني منظرنامو پيش ڪري رهي آهي، جنهن ۾ چند قبيلائي دهشتگرد ٽولن سموري عوام کي يرغمال ڪري کانئن سُکَ سان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي. جيڪو ڏاڍو سو گابو: رياست جي ناڪاميءَ ۽ سنڌي سماج جي اڳوڻي سماجي ڍانچي جي تيزيءَ سان ڀڃ ڊاهه سبب سنڌي سماج عدم سلامتيءَ جي احساس وچان هڪ عجيب صورتحال جو شڪار ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ هر گروهه هر قيمت تي پاڻ کي طاقتور ثابت ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ آهي. جي اُها سگهه پورهيي، صحتمند چٽاڀيٽيءَ ۽ پُرامن ماحول ۾ فطري پراسس ذريعي سامهون اچي ها ته اها سنڌي سماج کي ڇالَ ڏئي اڳتي وٺي وڃي ها ۽ سنڌي عوام جي قومي ۽ سماجي اوسر جو عمل ترقي پسنديءَ ڏانهن مائل هجي ها، پر جيئن ته (Power Dynamics) طاقت جي محرڪن جو هيءُ عمل هر قيمت تي ۽ هر صورت ۾ ٻين کي هيڻو ڪري پاڻ کي سگهارو ڪرڻ جي بنياد تي هلي رهيو آهي، ان ڪري سنڌي سماج ماضيءَ جي ان دور جي عڪاسي ڪري رهيو آهي جڏهن “جيڪو ڏاڍو سو گابو” جو اُصول رائج هو. هاڻي سنڌ ۾ هر ماڻهو ٻئي کان، هر ذات ٻيءَ ذات کان، هر گروهه ٻئي مخالف گروهه کان ۽ هر قبيلو ٻئي قبيلي کان ۽ هر نام نهاد سردار ۽ نواب ٻئي سردار ۽ نواب کان وڌيڪ طاقت ثابت ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ سنڌي سماج ۽ عوام جي مجموعي قومي ٻڌي ۽ سگهه کي لتاڙي رهيو آهي. طاقت جي هيءَ وحشي ڊوڙ سنڌي قوم جي گڏيل سماجي، سياسي، ثقافتي، ذهني، روحاني، احساساتي، معاشي ۽ قومي سگهه جا بکيا اُڊيڙي رهي آهي. نتيجي ۾ سنڌي عوام جي جيڪا گڏيل قومي سگهه ان جي قومي مقصد، وحدت، آجپي، اوسر ۽ آزاديءَ لاءِ استعمال ٿيڻي هئي، اُها پنهنجون پاڙون کوٽڻ ۽ پنهنجي قومي سگهه جا ٿنڀا ۽ ٿوڻيون ڪيرائڻ ۾ صرف ٿي رهي آهي. اڄوڪي جديد دور ۾ طاقت، آجپي ۽ ترقيءَ توڙي سلامتيءَ جا هٿيار قابليت، تعليم، شعور، ٻڌي، سائنس، ٽيڪنالاجي، سياسي سگهه، مهذب رويا ۽ محنتي قدر آهن، پر هن ناڪام رياست جي ورهايل سماج ۾ ماڻهو پنهنجي سلامتي بارود ڀريل هٿيارن، نفرت، گروهه بندي، طاقت جي استعمال، جنونيت، قتل و غارت ۽ ناجائز طاقت جي بي دريغ استعمال ڪرڻ ۾ ڳولي رهيا آهن. ان سموريءَ صورتحال جي ڪري سنڌ ۾ جيڪي نتيجا سامهون آيا آهن، انهن تي هڪ نظر وجهڻ ضروري آهي ته جيئن ان جي مرحليوار سدباب تي سوچي ڪا عملي واٽ ڪڍي سگهجي. سنڌي سماج جي تاريخي اوسر جي اُبتي گنگا وهڻ: سنڌي سماج مجموعي طور نسلي حوالي سان ته آباديءَ جي ٽن حصن تي مشتمل آهي، يعني هڪ حصو دراوڙ ذاتين تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڪولهي، ڀيل، اوڏ، باگڙي ۽ ٻيون لاڏائو ذاتيون اچي وڃن ٿيون، جن کي وقت هڻي هيڻو ڪري سماجي طور پست حال طبقن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي دراوڙ ذاتين جو سماج پسمانده ۽ پوئتي رهجي ويل ضرور آهي، پر اُهو مجموعي طور وحشي، انسان دشمن، ڪنزرويٽو ۽ قبيلائي يا گروهي طاقت ۽ طبقاتي نظام تي ٻڌل ناهي، پر هاڻي اخبارن ۾ خبرون اينديون رهن ٿيون ته انهن ذاتين جا ماڻهو به ڪارو ڪاريءَ تحت خون ڪن ٿا ۽ انهن ۾ پڻ اهي وحشي ۽ جنوني لاڙا تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن. سنڌي سماج جو ٻيو حصو سماٽ ذاتين تي ٻڌل آهي، جيڪي پنهنجيءَ سماجي سرشت ۾ صدين کان لبرل، روشن خيال ۽ پُرامن رهيا آهن. ان جو هڪ تاريخي مثال سمي ڄام تماچيءَ جو وٺي سگهجي ٿو، جيڪو محبت ۾ هڪ مُهاڻيءَ کان نوازجڻ لاءِ آتو هو ۽ لطيف سائينءَ ڪاموڏ ۾ چيو ته: نوريءَ جي نوازيو ٿيو تماچي طيءِ سنڌ جي سماٽ برادرين جو سماجي ڍانچو زرعي سماج سان ته وابسته هو پر اهو جاگيرداري ۽ قبيلائي ۽ سرداريءَ جهڙن ڪوڙهيل، متروڪ ۽ عوام دشمن سماجي روين ۽ نظام کان آجو هڪ سڌريل ۽ اڳتي وڌيل سماج هو پر بدقسمتيءَ سان هاڻي سنڌ جي سماٽ برادرين ۾ به قبيلائي سوچ ۽ سرداري نظام جا ڪوڙهيل لاڙا وڌي رهيا آهن. هاڻي ابڙن، ٻرڙن، سمن، سومرن، سولنگين، ڀَين، پنهورن، عباسين، ڀُٽن ۽ اهڙين ٻين سماٽ ذاتين ۾ به اهي لاڙا وڌي رهيا آهن ۽ هر ذات منجهان خود ساخته نام نهاد سردار اُڀري پنهنجي عوام کي قبيلائي سوچ جي ڌٻڻ ڏانهن ڌِڪي رهيا آهن. اهو زهر هاڻي سنڌ جي سماٽ ذاتين جي رڳن ۾ پڻ داخل ٿي رهيو آهي. ٽئين طرف سنڌ جون سنڌي-بلوچ ذاتيون آهن، جن جو وڏو حصو اُتر سنڌ ۾ رهي ٿو. تاريخي طور انهن ذاتين ۾ به سرداري ۽ قبيلائي نظام مضبوط نه هو پر بلوچستان جي اثر سبب جيڪو محدود رجحان انهن ذاتين ۾ جيڪڏهن اڳ موجود به هو ته وقت سان ان کي تبديل ٿي سنڌي سماج جي سماجي طور اُسريل حصن سان شامل ٿي، سنڌ جي قومي وحدت جي عمل کي تيز ڪرڻو هو، پر رياستي حڪمت عملين ۽ سازشن سبب تاريخ جي گنگا اُبتو وهي رهي آهي. بجاءِ جو سنڌين جون بلوچ پس منظر واريون ذاتيون مرحليوار تبديل ٿي وڌيڪ لبرل ۽ سڌريل شڪل اختيار ڪن ها، پر هاڻي ته ماڳهين اُهي بدترين قبائلي شڪل اختيار ڪري سنڌ جي سماٽ ۽ دراوڙ ذاتين جي تاريخي اوسر کي پڻ اُبتي پير هلائي رهيون آهن. ڪوبه سماج سياسي ۽ معاشي توڻي ثقافتي طور تڏهن اُسرندو، تبديل ٿيندو ۽ اڳتي وڌندو آهي، جڏهن ان جون سماجي شڪليون ۽ ڍانچا ۽ رشتا تبديل ٿيندا آهن. ڪنهن به سماج جي معيشت، سياست ۽ ڪلچر ان جي سماجي رشتن، ڍانچن، قدرن ۽ ادارن جو ئي اولڙو ۽ عڪس هوندو آهي. هاڻي اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هڪ سماج تاريخي طور اڳتي وڌڻ بجاءِ تاريخ جي متروڪ، مُدي خارج، پسمانده ۽ ڪوڙهيل نظامن جي ڌٻڻ ڏانهن ڌڪيو وڃي ۽ پوءِ ان جي معيشت، سياست ۽ نفسيات روشن خيال، جديد ۽ ترقي پسند هجن؟ ان ڪري دنيا ۾ سماجي تبديليءَ کي سياسي، معاشي ۽ ثقافتي تبديليءَ جو بنياد سمجهيو ويندو آهي. 21هين صديءَ ۾ سنڌي عوام قبائليت، سرداري نظام ۽ جاگيردار نفسيات ۽ بدترين سماجي گروهه بنديءَ جي هوندي پنهنجي ترقي ۽ اوسر لاءِ ڪهڙي جاءِ پيدا ڪري سگهندو؟ ان ڪري سمجهڻ گهرجي ته سنڌي سماج جي اوسر جو هيءُ زوال ۽ مُدي خارج قدرن، سوچ، روين، نفسيات ۽ نظامن ڏانهن موٽ ڪو تاريخي ۽ فطري لقاءُ ناهي، ان کي رياستي سطح تي مڪمل طور مينيج ڪيو ويو آهي، جنهن جي اسان کي هر سطح تي منظم مزاحمت ڪرڻي پوندي. مرڻينگ معيشت ۽ قبيلائي دهشتگردي: بدقسمتيءَ سان ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جا وڏا شهر هٿ وٺي سنڌين کان کسيا ويا ۽ انهن جي معيشت ۽ شهري زندگيءَ جو سمورو وهنوار ڌارين حوالي ڪيو ويو پر ان باوجود سنڌين جو مستقبل ان ڪري اونداهو نه هو جو سنڌي ڪروڙن جي انگ ۾ هئا (۽ آهن). سنڌي سماج جي فطري اوسر جي نتيجي ۾ سنڌين کي مرحليوار هڪ ڀيرو وري پنهنجن شهرن جي مالڪي ڪرڻي هئي. ڇاڪاڻ ته تاريخي طور سنڌين منجهان شهري مڊل ڪلاس اُسري لازمي طور پهرين ننڍن ۽ پوءِ وڏن شهرن ۾ آباد ٿيڻو هو ۽ سنڌي مڊل ڪلاس جي اها اوسر سنڌين جي پنهنجن شهرن جي وارثي ۽ مالڪيءَ کي يقيني بڻائي ها، پر رياستي سازشن ۽ حڪمت عملين ان صورتحال کي پنهنجيءَ اُبتڙ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. يعني شهر دهشتگرد مافيائن جي حوالي ڪيا و يا آهن، جتي سنڌي ماڻهوءَ کي اڃا تائين معاشي ۽ سماجي طور زمين تي پير کوڙڻ جي گهربل جاءِ نه پئي ملي ۽ ٻئي طرف ٻهراڙين ۽ ننڍن شهرن ۾ لاقانونيت، وڌندڙ قبائليت، ذات پرستي، سرداري نظام ۽ قبائلي دهشتگرديءَ سنڌي سماج جي فطري اوسر تي ڄڻ ته بند ٻڌي ڇڏيا آهن ۽ سنڌ جو باشعور مڊل ڪلاس هن سڄي وحشت ۾ پنهنجي لاءِ گهربل جاءِ (Space) نه ڏسي نفسياتي طور ويڳاڻپ جو شڪار ٿي رهيو آهي. جيڪا سگهه سنڌ جي آئيندي جي اُميد جي صورت ۾ اُڀرڻي هئي، اُها بدترين مايوسيءَ ۾ تبديل ٿي رهي آهي. الميو اهو آهي ته حيدرآباد ۾ اهو طبقو پناهه وٺڻ لاءِ پهتو ته اُتي به اسان جي ڀته گير ۽ ڏوهاري قومپرست گروهه سندس اوسر جا دڳ روڪيو بيٺا آهي. قاسم آباد ان جو هڪ وڏو مثال آهي، جتي ڪو مڊل ڪلاس جو ماڻهو سک، امن ۽ سلامتيءَ سان پنهنجو جائز ڪاروبار نٿو ڪري سگهي ۽ ڀته گير ٽولا انهن لاءِ مستقل خطرو بڻيل آهن. هڪڙي ڳالهه طيءِ آهي ته اڄوڪي دور ۾ سنڌ ته ڇا پر دنيا جي ڪابه قوم ۽ ملڪ رڳو زرعي معيشت جي بنياد تي اڳتي وڌي نه ٿو سگهي. سنڌ ۾ پاڻيءَ جي بحران ته ويتر ان جا امڪان گهٽائي ڇڏيا آهن. هاڻي صورتحال اها آهي ته لوئر سنڌ پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري معاشي طور تباهه آهي ته اپر سنڌ لاقانونيت، قبائلي دهستگرديءَ جي ڪري برباد آهي. ان صورتحال ۾ آخر اسان جي قومي معاشي سگهه جو حشر ڇا ٿيندو ۽ معاشي طور ڪمزور ۽ مرڻينگ معاشرو ۽ قوم ڪنهن سان مقابلو ڪري سگهندي؟ سنڌي عوام جو قومي مقابلو جن مضبوط ڌرين سان آهي، اهي رڳو سياسي طور ئي نه پر معاشي طور نهايت اڳتي آهن. سندن تعليم، ادارن جي تاڃي پيٽي، مضبوط مڊل ڪلاس، دنيا سان سندن رابطي ۽ شهري معيشت سبب انهن جي سماجي ۽ سياسي سگهه پڻ تمام گهڻي منظم ۽ اُسريل آهي. جڏهن ته ذات پرستي، قبائليت، قبائلي دهشتگردي، سماجي گروهه بندي، سرداري نظام، جاگيرداري نفسيات، تعليم جي تباهي، زرعي معيشت جي زوال، ادارن جي اڻ هوند ۽ امن امان جي غير موجودگي سنڌي عوام ۽ خاص طور اُسرندڙ مڊل ڪلاس جي معاشي ۽ سماجي پيرن هيٺان ڄڻ زمين کسڪائي ڇڏي آهي. هاڻي اهو نڌڻڪو، هيسيل، عدم سلامتيءَ جو شڪار، ڪمزور ۽ هوا ۾ لٽڪيل عوام ۽ مڊل ڪلاس اڄوڪي هن سخت چٽاڀيٽيءَ جي دور ۾ پنهنجي مخالف ۽ مقابلي وارين ڌرين ۽ قوتن سان ڪهڙو معاشي، سماجي ۽ سياسي مقابلو ڪري سگهندو؟ سنڌ ۽ خاص طور اُتر سنڌ ۾ صنعتي ترقي يا ٻاهرين سيڙپڪاريءَ جو ته في الحال امڪان ئي ڪونهي ۽ سوال آهي ته هن خوني راند ۽ بربريت جي ماحول ۾ ڪير آهي، جيڪو اچي هتي سيڙپڪاري ڪندو؟ سنڌ جي قومي سڃاڻپ ۽ قبائلي دهشتگردي: انگريزيءَ ۾ چوندا آهن ته: “Perception is bigger than reality” يعني ٻين لفظن ۾ تاثر حقيقت کان وڌيڪ سگهارو ٿيندو آهي. سنڌي سماج پنهنجي امن پسنديءَ ۽ روشن خياليءَ واري تاريخي سڃاڻپ تيزيءَ سان وڃائي رهيو آهي. حقيقت ڀل ته ان جي اُبتڙ هجي، پر سنڌي سماج جو مجموعي طور جيڪو خاڪو اُڀري رهيو آهي، ان ۾ نااهلي، غير ذميواري، انتشار، انارڪي، اڻ سهپ، بي عملي ۽ هاڻي سماجي وحشت، ڪارو ڪاري، قبائلي دهشتگردي ان جا خاص عڪس آهن. يعني مجموعي طور ان سموري صورتحال سنڌي سماج جي تاريخي پُرامن، روشن خيال سڃاڻپ جو چهرو مسخ ڪري ڇڏيو آهي. اسان حقيقت ۾ ۽ پنهنجي جوهر ۾ ڇا به هجون، پر ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته اسان کي بطور قوم جي ڪيئن ۽ ڇا سمجهيو وڃي ٿو؟ يا اسان جي ڪهڙي تصوير دنيا آڏو سامهون اچي ٿي. سنڌي سماج جي جيڪا تصوير روز اخبارن ۾ ۽ ٽي ويءَ جي اسڪرين تي پيش ٿئي ٿي، جنهن ۾ ڪارو ڪاريءَ سان گڏوگڏ زمين، چوري، پيار جي پرڻي، ڪارنهن، فصل جي ڀيل، پاسي لڳڻ، وڻ جي ٽاري لاهڻ، گاهه جي ڀريءَ، پاڻيءَ جي واري جهڙن معمولي معاملن تان ويهه ويهه خون ٿين ٿا- ان سان ظاهر آهي ته اسان جو هڪ نفسياتي ڀڃ ڊاهه جي شڪار، وحشي سماج جو تاثر اُڀري رهيو آهي. نتيجي ۾ سماج ۾ جيڪي به مثبت ۽ صحتمند سرگرميون ٿين ٿيون، اُهي سامهون ئي نه ٿيون اچن. هاڻي ان صورتحال ۾ اسان سان قومي طور ڪير گڏ بيهندو ۽ اسان جي واهر يا همدردي ڪندو؟ نتيجي ۾ سنڌي قوم ڏينهون ڏينهن ملڪي ۽ علائقائي طور اڪيلائيءَ جو شڪار ٿي وڌيڪ ڪُنڊائتي ٿي رهي آهي. اڄوڪي دور ۾ سفارتي حوالي سان دنيا جون همدرديون ۽ اخلاقي سهڪار وٺڻ لاءِ ڪجهه ماڻ، ماپا ۽ معيار جڙيل آهن ۽ سنڌي سماج جو موجوده تاثر ۽ خاڪو ان ۾ ڪنهن طور به فٽ نه ٿو ٿئي. قبيلائي دهشتگرديءَ ويتر ان صورتحال کي سنگين ڪري ڇڏيو آهي. سماجي طور گهرو ويڙهه جهڙي سماج جي باهه ۾ ٻيو ڪير پوندو؟ تجويزون: (1) اُتر سنڌ ۾ وڌندڙ قبيلائي دهشتگرديءَ جو ذميوار بنيادي طور رياست ۽ ان جي انتظاميه ۽ عدالتي ادارن کي سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهو رياست جو اولين فرض آهي ته اُها عوام جي جان، مال، عزت ۽ روزگار ۽ ذهني سڪون جو تحفظ ڪري ۽ ان لاءِ سمورا گهربل بندوبست ڪري. ان ڪري سماج جي سمورين ساڃاهه وند ڌرين جو فرض آهي ته اُهي رياستي ادارن تي پنهنجو دٻاءُ وڌائين. (2) سنڌ پوليس ۾ ڪيترائي مثالي، بهادر ۽ ايماندار پوليس آفيسر موجود آهن، ان ڪري ضرورت ان جي آهي ته اُتر سنڌ جي انهن 9 ضلعن جتي قبائلي دهشتگرديءَ جي باهه ٻريل آهي، اُتي انهن مضبوط، بهادر، قابل ۽ ذميوار پوليس آفيسرن کي مقرر ڪري کين مڪمل انتظامي اختيار ڏنا وڃن. يقين جهڙي اُميد سان چئي سگهجي ٿو ته اهڙا پوليس آفيسر ڪجهه وقت اندر صورتحال ۾ تمام وڏيءَ حد تائين سڌارو آڻي سگهندا (3) سنڌي ميڊيا جتي پنهنجي ترقيءَ ۽ واڌاري سبب سنڌي سماج جي اوسر ۾ وڏيءَ حد تائين مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، اُتي ان جي ڪجهه رجحانن سنڌي سماج کي سخت نقصان پڻ رسايو آهي. مثال طور ڌاڙيلن، ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪندڙن، قبيلائي دهشتگردن ۽ هٿياربندن کي سطحي ڊرامن ۽ رپورٽنگ ذريعي هيرو ڪري پڻ پيش ڪيو ويو آهي، جنهن جو اڳ ئي نفسياتي ۽ سماجي ڀڃ ڊاهه جي شڪار سماج تي ڪو مثبت اثر نه پيو آهي. سنڌي ميڊيا جا سطحي ۽ غير معياري ڊراما ڏوهارين ۽ هٿياربندن جي ڪردارن ۾ سحر انگيزيت پيدا ڪري عوام کي گمراهه ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا. ٻئي پاسي ميڊيا جي اهڙي ڪردار سبب سنڌ جو اميج سڄي ملڪ ۽ دنيا ۾ وڌيڪ بدنام ۽ خراب ٿئي ٿو. ان جي اُبتڙ سنڌي ميڊيا کي نه رڳو اهڙن رجحانن ۽ روين يا روايتن کي وائکو ڪرڻ گهرجي، پر ٻئي طرف سماج جي صحتمند ڪردارن، سوچن، لاڙن، سرگرمين ۽ عملن کي وڌيڪ اُڀارڻ گهرجي. (4) سماج ۾ وڌندڙ ويڳاڻپ سبب اهڙن حساس مسئلن ڏانهن معاشري جي سجاڳ ۽ ساڃاهه وند فردن ۽ حصن جو رويو گهڻي ڀاڱي لاتعلقيءَ وارو آهي. يعني هرڪو پنهنجي کَل بچائڻ ۾ پورو آهي، پر ظاهر آهي ته جيڪا باهه سڄي معاشري کي وڪوڙيندي ان ۾ پس و پيش ڪير به بچي نه سگهندو. اسان کي اها سماجي بي حسي ۽ لاتعلقي ختم ڪري هن باهه کي وسائڻ ۾ پنهنجي پتيءَ جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ٻيءَ صورت ۾ اڳ يا پوءِ اُها باهه هر گهر تائين ايندي ۽ ان کان ڪير به محفوظ ۽ سلامت نه رهندو. (5) سول سوسائٽي جيتوڻيڪ سنڌ ۾ اڃا ايترو مضبوط ۽ سگهاري نه ٿي آهي جو رياست يا سماج جا طاقتور گروهه ۽ حصا ان کي به ڪا ڌر سمجهن ۽ ان جي آواز ۽ ڪردار کي گهربل اهميت ڏين، پر ان باوجود سول سوسائٽي ڊسڪورس جي تشڪيل جي حوالي سان وڏو اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. جيئن ته اڄوڪي دور ۾ ڊسڪورس به پاور جي هڪ صورت آهي، ان ڪري ان جي اهميت ڪنهن طور به گهٽ اهم نه آهي. سنڌ ۾ رياست جي ناڪاميءَ، لاقانونيت، وڌندڙ قبائليت ۽ قبائلي دهشتگرديءَ، ذات پرستي ۽ نسل پرستيءَ جي لعنت کي سگهاري عوامي راءِ ۽ ڊسڪورس ذريعي ڪاپاري ڌڪ هڻي سگهجي ٿو ۽ ان ڏس ۾ سنڌ جي بظاهر ڪمزور سول سوسائٽي وڏو اهم ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، جنهن ۾ اديب، دانشور، صحافي، وڪيل، انساني حقن جا ڪارڪن ۽ غير سرڪاري تنظيمون خاص طور اچي وڃن ٿيون. سنڌ جو الميو اهو آهي ته وڏيرو، جاگيردار، قبيلائي سردار يا ان طبقي سان سلهاڙيل ٻيا ماڻهو ته پنهنجي سماجي اثر کي هر صورت ۾ ۽ هر سطح تي ڀرپور استعمال ڪن ٿا، پر مڊل ڪلاس پنهنجي قوت کي ڀرپور نموني قابليت، اعتماد ۽ رٿابنديءَ سان استعمال نٿو ڪري. اڄوڪي در ۾ جيترا علمي، تعليمي، ڪميونيڪيشن، ميڊيا ۽ ٻيا جديد ذريعا مڊل ڪلاس وٽ آهن، انهن جو وڏيرڪو طبقو تصور به نٿو ڪري سگهي، پر اصل مسئلو اهو آهي ته اهو ان جو گهربل بامقصد استعمال نه ٿو ڪري. ان ڪري قبائلي دهشتگرد ۽ قبائليت جي هن وڌندڙ رجحان کي سگهاري ڊسڪورس ذريعي ڪاپاري ڌڪ هڻي اڪيلو ۽ ڪُنڊائتو ڪري سگهجي ٿو. ان ڊسڪورس جا بنياد اهي ئي هئڻ گهرجن ته: قبائلي نظام، سرداري نظام، ذات پرستي ۽ سماجي گروهه بندي نه رڳو متروڪ ۽ مُدي خارج نظام ۽ رويا آهن، پر اُهي سنڌ دشمن رٿابنديءَ جو حصو آهن. سنڌ کي 21هين صديءَ ۾ اڳتي وڌڻ ۽ مقابلي لاءِ سردارن، نوابن، قبيلائي دهشتگردن، هٿياربندن ۽ ڏوهارين جو نه پر ڊاڪٽرن، انجنيئرن، سائنسدانن، اسڪالرن، دانشورن، روشن خيال سياسي ڪارڪنن، ادب، هنر، معياري تعليم ۽ مضبوط ادارن توڻي سجاڳ، باشعور ترقي پسند عوام جو سماج گهرجي. قبائليت، ذات پرستي، سماجي گروهه بندي سنڌي عوام جي گڏيل قومي سگهه کي ورهائي سنڌ تي ميري نظر رکندڙ قوتن جا هٿ مضبوط ڪري رهي آهي. سنڌي عوام سنڌ دشمن قوتن سان تڏهن منهن ڏئي سگهندو جڏهن اهو ذاتين، برادرين، قبيلن ۽ گروهي مفادن کان مٿانهون ٿي قومي سوچ تحت ڪا گڏيل قومي سياسي واٽ اختيار ڪندو. سنڌ ۾ وڌندڙ قبيلائي دهشتگرديءَ سنڌي عوام جي بدترين غربت واري حالت ۾ نه رڳو بي پناهه اضافو ڪيو آهي، پر ان جي معاشي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي سگهه جي اوسر آڏو بند ٻڌي ڇڏيا آهن. سنڌي عوام جي سموري ذهني، احساساتي، سماجي، سياسي، معاشي سگهه ۽ وسيلا سنڌ جي قومي وحدت، ان جي قومي بقا، آجپي، آزاديءَ ۽ باوقار خودمختيار معيشت جي بحاليءَ لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجن. جڏهن ته ذات پرستي، سماجي گروهه بندي ۽ قبيلائي دهشتگرديءَ سبب سندن اها سموري سگهه سنڌي قوم جي اجتماعي تباهيءَ ۽ برباديءَ لاءِ استعمال ٿي رهي آهي. زرعي معيشت سنڌي عوام ۽ خاص طور نوجوانن کي روزگار جا وسيع موقعا فراهم نه ٿي ڪري سگهي ۽ امن امان جي اڻ هوند، قبائلي دهشتگردي ۽ عدم سلامتيءَ جي ڪري سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ڪابه سيڙپڪاري ٿي نه سگهندي، جنهن جو سمورو نزلو سنڌي عوام تي ڪرندو ۽ سندن معاشي جياپي جا گس بند ٿيندا ۽ سنڌ وڌيڪ معاشي بدحاليءَ جو شڪار ٿيندي. اڄوڪي جديد دور ۾ طاقت، بهادريءَ ۽ “چڱ- مڙسيءَ” جا معيار تبديل ٿي چڪا آهن. اڄوڪي دور ۾ شير شاهه جي شڪري وانگر گهر جا ڪڪڙ مارڻ وارو نه پر طاقتور ۽ بهادر اهو آهي، جيڪو هنرمند، قابل، تعليم يافته، ذميوار، انسان دوست، پورهيو ڪندڙ ۽ ٻين لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندڙ آهي. جديد انساني سماج جي سورهيائي ۽ سگهه جاگيردار ۽ زرعي معاشرن جي مُدي خارج بهادريءَ ۽ طاقت کان گهڻي مختلف آهي. ان ڪري اسان کي طاقت جي جديد، انسان دوست، علم دوست ۽ روشن خيال توڻي ترقي پسند سرچشمن سان پاڻ کي سلهاڙڻو پوندو. اڄوڪي دور ۾ سنڌي عوام جي اڳواڻي لوفر، ڏوهاري، جاهل سردار ۽ نواب، قبيلائي دهشتگرد ۽ ڪوتاهه نظر ۽ انتشار پسند نه پر قوم جا قابل، ذميوار، محنتي، ڪميٽيڊ فرد ۽ ادارا ئي ڪري سگهن ٿا. ان ڪري سنڌي عوام کي پنهنجي ليڊرشپ هر سطح تي تبديل ڪرڻي پوندي. (4) اڄوڪي دور ۾ ڪنهن به سماج کي تبديل ڪرڻ جا وڏي ۾ وڏا ٻه ذريعا آهن، يعني هڪ تعليم ۽ ٻيو سيڪيولر، انسان دوست، روشن خيال سياست. سنڌ ۾ قبائليت، ذات پرستيءَ، سماجي گروهه بنديءَ، انتشار پسنديءَ ۽ جنوني انارڪيءَ جا اهي لاڙا ان ڪري به وڌيڪ سگهارا ٿيا آهن جو اسان وٽ روشن خيال، ترقي پسند عوامي قومي سياست ڪمزور ٿي آهي. اسان جي قومي ۽ عوامي سياست جون انيڪ ڪاميابيون پنهنجيءَ جاءِ تي پر ان جي هڪ وڏي ناڪامي اها آهي ته ان سنڌي عوام ۾ پيدا ڪيل شعور کي تنظيمي شڪل ۾ منظم ڪري ان کي وڏي سياسي ۽ قومي قوت ۾ تبديل نه ڪيو، نتيجي ۾ عوام گروهن، ذاتين، قبيلن ڏانهن موٽ کاڌي. هڪ ڳالهه طيءِ آهي ته سياسي سماج ئي عوام کي ذات پرستيءَ ۽ قبائليت مان ڪڍي سگهي ٿو، يعني جڏهن عوام جي ٻڌي، اتفاق يا اختلاف جا بنياد ذات، ڳوٺ، شهر، ويڙهو، پاڙو، قبيلو نه پر سياسي سوچ ۽ قومي مفاد هوندا. اڄ جڏهن سمورو سنڌي سماج ۽ خاص طور اُتر سنڌ جا اڪثريتي علائقا بدترين قبيلائي گروهه بنديءَ، دهشتگرديءَ ۽ بربريت جي باهه ۾ سڙي رهيا آهن، تڏهن ان جو حقيقي دائمي حل تڏهن ئي نڪرندو جڏهن سنڌ ۾ روشن خيال، ترقي پسند قوم ۽ طبقاتي سياست ۽ ان جون نمائنده ڌريون سگهاريون ٿينديون. سماج جو هر مسئلو پس و پيش سياسي آهي ۽ ان جو حل به سياست، سياسي ليڊرشپ، سياسي عمل، سياسي پارٽين ۽ سياسي سماج جي اڏاوت ذريعي ٿيندو. هاڻي اهو بال سنڌ جي قومي ۽ عوامي سياست جي دعويدار سياسي پارٽين جي ڪورٽ ۾ آهي ته اُهي ڪيتريءَ حد تائين عوام کي متبادل واٽ، دڳ، تحرڪ، تنظيم ۽ گڏيل سگهه ۽ ان جو شعور ڏيڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿيون. ٻيءَ صورت ۾ نظر اِهو پيو اچي ته قبائلي دهشتگرديءَ جو هيءُ تيزيءَ سان سُرندڙ وسيهر سنڌ جي قومي وحدت، امن، ترقيءَ جي امڪان، قومي سگهه ۽ آئيندي کي ڳڙڪائي ويندو. اسان اهو سڄو لقاءُ بدقسمتيءَ سان ڏسندا ئي رهجي وينداسين. سنڌ جي قومي ايجنڊا تي سماجي تبديليءَ جي جيتري گهرج ۽ اهميت اڄ آهي، ايتري شايد اڳ ڪڏهن به نه هئي. اسان جو گڏيل قومي شعور ۽ انڪار ذات پرستي، سماجي گروهه بندي، قبائليت ۽ قبائلي دهشتگرديءَ جي قوم دشمن، انسان دشمن ۽ عوام دشمن توڻي تبديلي دشمن رجحان کي هڪ پراسس ذريعي هڪ ڀيرو ٻيهر تايخ جي ڊسٽبن ۾ ڦِٽو ڪري سگهي ٿو پر ان لاءِ گهربل سنجيدگيءَ، رٿابنديءَ ۽ منظم قوت جي ضرورت آهي.