جواب: پيار وارن لا وڊيو
مٺڙا پنهنجو پيار ته پراڻو ٿيو ئي ناهي ۔۔۔ هر روز ان ۾ نواڻ ايندي پئي وڃي ۔۔۔ پيار جيئن جيئن وقت سان اڳتي وڌندو آهي تيئن تيئن پڪو ۽ پختو ٿيندو آهي ۽ جيڪو پيار پراڻو ٿئي سو سمجهي وڃو ته پيار نه پر وقت کي ڌڪو ڏنو ويو هو ۔۔۔
خئير پيار جي فلسفي تي ڳالهائبو ته ڪاغذ ڪارا ٿي ويندا ۔۔۔ اوهانجا لک ٿورا ۔۔۔ پر هڪ عرض ته سنڌي گانا هجن ته اکين ته باقي هندي يا اردو گانا ونڊ ڪرڻا هجن ها ته اڄ هي اوطاق اهڙن گانن سان ڀريل هجي ها ۔۔۔ دل ۾ نه ڪندا ۔۔۔ هن اوطاق جو نعرو آهي ” سنڌ ۽ سنڌيت “ انڪري اوهانکي ڪو سنڌي گيت سهڻو لڳي ته دوستن سان ونڊ ڪرڻ ۾ ڪو هرج ناهي ۔۔۔
باقي اوهانکي مزن وٺڻ جي پوري پوري آزادي آهي ۔۔۔۔