سنڌ سلامت دوستو سلام
مان سچل ڳوٺ ڪراچي جو رهواسي آهيان جيڪو ڪراچي جهڙي شهر ۾ سنڌين جو مضبوط ڳڙهه آهي۔ جتي 100 في صد سنڌي آباد آهن۔ منهنجو اصل تعلق ڳوٺ نواب وساڻ تعلقه ڪوٽ ڏجي ضلع خيرپور سان آهي۔
مان سن 1999 ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيء مان ايم بي اي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان پاس ڪري 2000ع ۾ سوئي سدرن گيس ڪمپني ۾ نوڪري جي شروعات ڪئي۔ هن وقت مان سوئي سدرن گيس ڪمپني هيڊ آفيس ڪراچي ۾ بطور ڊپٽي چيف مينيجر ڪم ڪري رهيو آهيان.
مان سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سچل ڳوٺ شاخ جو ميمبر آهيان ۽ ان جي ئي پليٽ فارم تان سنڌي ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۽ سماجي ڪم ڪرڻ جو حوصلو مليو آهي۔
ادبي حوالي سان منهنجي ڪابه وڏي حيثيت ناهي۔ مان نه ته ڪو شاعر آهيان ۽ نه وري ڪو اديب، بس سنڌي سپوتن ۽ سنڌي سڄڻن جي ڪم کي انٽرنيٽ ۽ سوشل نيٽورڪس تي اپڊيٽ ڪندي ماڻهن سان شيئر ڪندو رهندو آهيان۔ سنڌي شاعرن جي چونڊ شاعري کي ڊزائن ڪري انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ منهنجو مشغلو آهي۔
سنڌ سلامت سان ويجهڙائي سائين نثار ابڙي صاحب جن ڪري ٿي آهي۔ سندس ئي چوڻ تي مان ميمبر ٿيس ۽ سندس وطن اچڻ کان اڳ فيسبوڪ تي رابطي کانپوء سندن اسرار تي سنڌ سلامت تي شيئرنگ ڪري رهيو آهيان۔ مان بلڪل نئون آهيان ۽ ڪمپيوٽر بابت گهڻي ڄاڻ به ڪانه اٿم ۽ اها توقع آهي ته سنڌ سلامت جا دوست هر موڙ تي رهبري ڪندا۔
اميد ته سنڌ سلامت تي اوهان سان ساٿ جاري رهندو. منهنجي face book تي ID هن اي ميل تي آهي
sulemanwassan@hotmail.com