اڄوڪي سنڌ اسيمبلي ءِ سورهيه بادشاه جي قرباني تاريخ حرن سان ضرور انصاف ڪندي؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ زاهد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏5 آگسٽ 2010۔

  1. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    اڄوڪي سنڌ اسيمبلي ءِ سورهيه بادشاه جي قرباني تاريخ حرن سان ضرور انصاف ڪندي؟

    استاد نظاماڻي ورتل فيس بوڪ (سائين جوکيو شفيق احمد) جي وال تان

    پاڳارا خاندان جي تاريخ تي جڏنهن به نظر ٿا ڪريون ته اها ڳاله واضع ٿي ٿئي ته هي خاندان، انگريز حڪومت دوران سامراج سان مزاحمت ۾ رهيو. پاڳارا خاندان جنهن جي مريدن کي عامـ لغت ۾ حر فقيرن نالي سڃاتو وڃي ٿو. انهن فقيرن پنهنجي مرشدن سان روحاني عشق ڪيو. اهو ئي سبب هو جو انهن فقيرن نه صرف پنهنجن محبوب مرشدن مٿان پروانن جيئان؛ انهن جي حڪم تي پنھنجن سرن جا نذرانه ڏنائون. پاڳاره خاندان جي مريدن مان نه صرف آزادي جا جونجهار مڙس پيدا ٿيا بلڪه وقت جا وڏا عالم عقابر به پيدا ٿيا. اهڙين خوبصورت سٽن،کي سرجيندڙ
    ڪ يئن ريجهايا توکي ڪيئن پرچايان ڏس ڪو ڏان
    تخليقڪا ر سليمان شاه جهڙا عاشق شاعر به پيدا ٿيا،
    1843ع ۾ سنڌ انگريزن جي غلامي ۾ آئي، 1847ع ۾ پير حزب الله شاه گادي نشين ٿيو جنهن 1890ع تائين پنهنجن حر فقيرن ذريعي انگريزن سان طويل مزاحمت ڪئي دريا خان نظاماڻي جهڙا فقير جزائر انڊيمان ڪاري پاڻي جهڙن جيلن ۾ ويا سنڌ جو اهو پهريون فريڊم فائٽر هو جيڪو ڪوٽ ڏجي جي قلعي مان فرار ٿيو هو، بعد ۾ سزا طور هندستان جي مشهور جيل يرودا مان به زنجيرون ٽوڙي نڪري آيو، ان بعد ۾ سزا طور کيس ڪاري پاڻي موڪليو ويو.
    هن مجاهد جي قبر ڪٿي آهي آخري وقت ۾ ڪيڏانهن ويو اها ڳاله تحقيق طلب آهي.
    انهي دور ۾ جئند ماڇي جهڙا مجاهد وڙهندي شهيد ٿيا.
    هي اهوئي دور هو جنهن ۾ حرن کي قابو ڪرڻ لاءِ انگريز سرڪار لوڙها قائم ڪيا جيڪي ڪنهن نه ڪنهن نموني 1952ع تائين رهيا. 1890ع کان 1900ع تائين بچو بادشاه پيرو وزير جي هاڪ رهي جن سانگهڙ ڀرسان مکي ڍنڍ ڀرسان پنهنجي آزاد حڪومت قائم ڪئي. انهي دور ۾ ڊپٽي يعقوب ءِ لوڪس جهڙن ڪامورن مظلوم حرن سان قهري قلور ڪيا جن جي شاهدي خود سندن رپورٽن مان ملي ٿي.
    اها انگريز سامراج خلاف مزاحمت جي تحريڪ پير سيد صبغت الله شاه جي دور ۾ عروج تي پهتي، جنهن وطن يا ڪفن، آزادي يا موت جو نعرو ڏنو هو. هي سورهيه 6 مارچ 1909ع ۾ پيدا ٿيو، 1921ع م پڳدار ٿيو.
    اها ڳالهه انگريز سرڪار کي پسند ڪون آئي ڇاڪاڻ ته سندن من ۾ ڪجه ٻيو هو، انهن ن ٿي چاهيو ته اهڙو پير گادي نشين ٿئي جيڪو انهن جي جيءَ حضوري ڪري. انگريز سرڪار جي ڪامورن پير صاحب جي سخت نگراني شروع ڪئي بلڪه سازشون شروع ڪيون، جن ۾ ان وقت سنڌ جا اهم ماڻهون ءِ پنهنجا عزيز به انهن سازشن ۾ شامل هئا. پير صاحب پنهنجي فقيرن کي هدايتون ڏيڻ لاءِ دعوتون وٺڻ شروع ڪيون، اهي عام جماعت جون دعوتون هيون انگريز آفيسرن انهن دعوتن کي ٻيو رنگ ڏيڻ شروع ڪيو. حهرجماعت جي فقيرن تي سختيون وڌايون ويون. حر فقيرن لاءِ ٿاڻن تي بي گناه حاضرين جو سلسلو شروع ڪيو ويو.
    ڪ ن کي ته باقاعده روپوش ڏيکاري ڪيس داخل ڪيو ويو، ءِ پير صاحب تي دٻاءُ وجهي اهو چيو ويو ته محمد يوسف فقير مهر، دودو ڪوري، امام بخش سنجراڻي ءِ ٻين کي پوليس حوالي ڪيو پير صاحب صاف انڪار ڪيو ته اهو معاملو سرڪارا ڄاڻي ءِ فقير ڄاڻن. مطلب پير صاحب فقير پيش ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو.
    ان کان اڳ سازشن ذريعي پير صاحب خلاف هڪڙو ڪوڙو ڪيس غير قانوني طور هٿيار رکڻ جو ٺاهيو ويو. پير صاحب پنهنجي بچاءُ لاءِ ان وقت جو مشهور وڏو وڪيل ءِ ناميارو اڳواڻ قائدآعظم محمد علي جناح ڪيو.
    جيڪو بعد ۾ اهو ڪيس اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو. اهو جناح صاحب جي اصولن خلاف هو پر ان ڪيس مان اڌ ۾ هٿ ڪڍي وڃڻ هڪ بحث طلب موضوع آهي جنهن تي بعد ۾ بحث ڪبو. پير صاحب کي اٺن سالن جي سزا ڏيئي هندستان جي ڏورانهن جيلن ڏانهن موڪليو . جن م مدنا پور ڍاڪا، راجشاهي. رتناگيري وغيره. انهن جيلن ۾ پري صاحب ڇهه سال قيد جا ڪاٽيا ٻه سال کين سٺن روين ڪري معاف ڪيو ويو. قيد دوران سنڌ جو ڪو به اهم ماڻهو ملڻ نه ويو، سواءِ جناب سر شاهنواز ڀٽو جي. جنهن نه صرف ان وقت پير صاحب سان ملاقاتون ڪيون بلڪه پير صاحب کي جيل ۾ اي ڪلاس وٺي ڏيڻ جي سفارش پڻ ڪئي.
    پير صاحب جا شاهنواز ڀٽو ڏانهن جيل مان لکيل خط اڄ به تاريخي اهميت رکن ٿا. قيد دوران پير صاحب نه صرف ڪتابن جو مطالعو ڪيائين بلڪه ڪتاب به لکيائين تنبيهه الفقراءَ، جهڙي نموني مولانه ابوالڪلام آزاد غبار خاطر يا جواهر لعل نهرو تلاش هند لکيوهو. مان سمجهان ٿو پير صاحب جو گهڻي ڀاڱي مواد سرڪار ضايع ڪري ڇڏيو.
    جڏنهن پيرصاحب آزاد ٿي سنڌ پهتو ته سندن شاندار استقبال ڪيو ويو. جنهن ۾ سنڌ جا ناميارا سياستدان ءِ حر جماعت جا فقير هئا
    پير صاحب 1937ع ۾ حج جي سعادت لاءِ حرمين شريفين روانه ٿيا.
    واپسي کانپوءِ پاڻ حر جماعت جا غازي ڀرتي ڪيائون. هر هڪ کان انٽرويو وٺي پوءِ ان جو نالو لسٽ ۾ لکندا هئا. سرڪار کي ان ڳاله تي وڌيڪ چڙ لڳي جيتوڻيڪ ساڳئي وقت ڪانگريس وارن يا خاڪسار تحريڪ وارن يا مسلم ليگ وارن به پنهنجا رضاڪار ڀرتي ڪيا هئا. پر پير صاحب جي غازين تي سرڪار کي وڌيڪ ڪاوڙ آئي. انهي ڪاوڙ جو اظهار سرڪار ڪجهه ان طرح ڪيو جو گورنر پير صاحب کي حڪم ڏنو ته پاڻ ڪرا چي اچي ويهي رهن. پير صاحب اهڙو حڪم لکت ۾ گهريو، ءِ چيائين ڪهڙي قانون يا ڏوه ۾ مان نظر بند رهان. ڪو سبب ته ٻڌايو، پر سرڪار وٽ اهڙو ڪو به قانوني جواز نه هو.
    پير صاحب واپس گڙنگ بنگلو موٽي آيا. اتي حرن فقيرن کي خاص هدايتون ڏنائون. جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان ڪيائون. انگريز سرڪار جوابي ڪاروائي ڪندي پير صاحب کي 4 اڪٽوب 1941ع ۾ ٻيهر گرفتار ڪري سيوني ڀرسان ناگپور جيل موڪليو ويو.
    اها ڳالهه حرجماعت جي غازي فقيرن جي برداشت کان ٻاهر هئي، نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ ۾ سرڪار خلاف شديد مزاحمت شروع ڪئي .
    لاهور ميل ڪرايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي اوڀر طرف مارشلا لڳائي وئي. مارشلا جي آڙ ۾ سنڌ جي حرن جا ڳوٺن جا ڳوٺ ساڙيا ويا. وڌيڪ لوڙها قائم ڪيا ويا. ڪيترائي انهي مارشلا جي آڙ ۾ مارشلا ڪورٽ تحت حر فاسي چاڙهيا ويا
    پير صاحب کي مختصر عرصي دوران ڪيس هلائي شهيد ڪيو ويو جنهن جو تاريخ ۾ مثال ڪون ٿو ملي.

    ان دور جي سنڌ اسيمبلي 20 مارچ 1942ع تي ڊپٽي اسپيڪر محترمه ڄيٺي ٽي سپاهيملاڻي جي صدارت ۾ حر ايڪٽ جهڙو ڪارو قانون پاس ڪيو ويو دلچسپ ڳالهه آهي ته اهو به جمعي جو ڏينهن هو، هن سال 20 مارچ به جمعي جي ڏينهن آيو آهي.
    انهي اجلاس مان سائين جي ايم سيد غير حاضر رهيو. انهي اجلاس ۾ سنڌ جا ڪهڙا معزز هئا انهن جو تفصيل مان ڪتابي سلسلي جهونگار نمبر 13 ۾ ڇاپي چڪو آهيان.
    شاباش آهي اڄوڪي سنڌ اسيمبلي کي جنهن پير صاحب جي شهادت ءِ جدوجهد آزادي واري تحريڪ کي مڃيندي بحث ڪرايو ءِ شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو سرڪار طرفان موڪل جو اعلان ڪيو اسان سڀ سنڌ واسي انهي اسيمبلي کي خراج عقيدت ٿا پيش ڪيون.
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: اڄوڪي سنڌ اسيمبلي ءِ سورهيه بادشاه جي قرباني تاريخ حرن سان ضرور انصاف ڪندي؟


    ادا توهان جو مضمون واقعي به بهترين معلومات سان ڀريل آهي ان ۾ ڪافي سوال جواب طلب پڻ آهن خاص طور تي جيڪو مان ڪوٽا ڏئي واضع ڪيو آهي

    ان نموني جا سوال ڪافي آهن جيڪي جواب طلب آهن

    بهرحال توهان جي اهڙي قيمتي معلومات شيئر ڪرڻ جي مهرباني

    سدائين گڏ
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: اڄوڪي سنڌ اسيمبلي ءِ سورهيه بادشاه جي قرباني تاريخ حرن سان ضرور انصاف ڪندي؟

    ادا اوهان جو موضوع بهترين آهي
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اڄوڪي سنڌ اسيمبلي ءِ سورهيه بادشاه جي قرباني تاريخ حرن سان ضرور انصاف ڪندي؟

    سلام آهي سنڌ جي هن سورهيه بادشاهه کي جنهن سنڌ جي ويڙهه ۽ آزاديءَ جو سنگ بنياد رکيو، افسوس جو سنڌ جو هي سورهيه به سنڌ جي غدارن ۽ انگريز حڪمرانن جي سازشن آڏو ڪامياب ٿي نه سگهيو ۽ عظيم شهادت ماڻي، پاڻ سرخرو ڪري ويو ۔۔۔

    سائين جي ايم سيد ۽ ٻيا قومپرست هميشه انڳالهه تي افسوس ڪندا رهيا ته هنن سورهيه بادشاه جو ساٿ نه ڏئي غلطي ڪئي هئي ۔۔۔ هي واحد انسان هو جنهن پاڪستان جي مخالفت ڪئي ۽ آزاد سنڌ جي ڳالهه ڪئي هئي ۔۔۔

    سلام سورهيه بادشاه جي فڪر ۽ بهادريءَ کي ۔۔۔۔
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: اڄوڪي سنڌ اسيمبلي ءِ سورهيه بادشاه جي قرباني تاريخ حرن سان ضرور انصاف ڪندي؟

    ادا زبردست موضوع آهي مهرباني.
     
  6. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: اڄوڪي سنڌ اسيمبلي ءِ سورهيه بادشاه جي قرباني تاريخ حرن سان ضرور انصاف ڪندي؟

    ادا توهان جو مضمون واقعي به بهترين معلومات سان ڀريل آهي
     
  7. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: اڄوڪي سنڌ اسيمبلي ءِ سورهيه بادشاه جي قرباني تاريخ حرن سان ضرور انصاف ڪندي؟

    مهرباني اوهان سڀني دوستن جي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دوستو اهو ليک منهنجو ذاتي ناهي پر اهو مون فيس بوڪ تان هتي چاڙهيو آهي۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو