0 هر وجود جا چار وجود هوندا آهن، مقطوبي ، ملفوظي ، ذهني ( تصور ۾ ) ، حقيقي وجود ۔ 0 محبتن جو ادراڪ ڪير به نٿو ڪري سگهي ، ۽ نه وري ماپڻ جي ڪوشش ڪر ۔ 0 زندگي نعمت آهي ، انڪري انهي کي ضايع ٿيڻ کان بچايو۔ 0 راڻي وٽان رات جيڪو نيهن جو نياپو آيو ، ان کي شآيد سمجهي نه سگهين ، جيڪڏهن ها ته ، يقينن ايترو غافل نه رهي سگهين هان ۔ 0 مومل جا ماڻا ايسيتائين ، جيستائين هو مطلوب آهي ، پر جڏهن هو طالب بنجي پئي تڏهن انجون منٿون ، ايلاز راڻي کي ريجهائڻ لا رهيا آهن ۔ 0 تلوار جي ڌار تي فاتح بنجڻ ڪوبه ڪمال ناهي ۔ 0 جيڪڏهن وطن جي حب ايمان جي نشاني آهي ، ته پو راجا ڏاهر جي محبت ابن قاسم کان عظيم آهي ۔ 0