هُنَ! مونڏانهن ڏٺو ... مون اکيون چورائي ورتيون ... دل جي ڌڪ ڌڪ ڪجھه بي ترتيب لڳي ... ڄڻ ٿر جي وارياسي تي ڪو هرڻ ڊوڙ پائي بيهندو هجي ۽ وري ڊوڙ پائيندو هجي .... ميڊم پنهنجو بحث جاري رکندي ” ها ته انگريز شاعر وليم ورڊس ورٿ جا ادب ۽ شاعريءَ جي تشريح ۾ چيل هي لفظ هوبهو ٺهڪي اچن ٿا " “ it is an spontaneous overflow of the powerful feelings ”طاقتور جذبن جو باساخته اظهار “ مون ڪجھه لفظ ئي ٻڌا هوندا ته خيالن جو گھوڙو وري ان نئين آيل ڇوڪرِ طرف ڊوڙڻ لڳو ... ” هوءَ ڏٺل ڏٺل ۽ پنهنجي پنهنجي پئي لڳي ... پر پاڻ ڪٿي مليا ته ڪونه آهيون ... سندس اکين ۾ عجيب ڪشش آهي ... هڪ دفعو ڏسي اکيون ڦيريائين ته ڄڻ ڪو سياري جي تڙڪي جي اوٽ اچي ويو هجي “ ميڊم بحث کي مختصر ڪندي باقي سڀاڻي تي رکيو ... اسين سڀ ٻاهر نڪري آياسون ... هوءَ اندر ئي ميڊم سان ويٺي رهي ... آءُ ڊپارٽمنٽ اڳيان باغيچي ۾ ويٺل دوستن سان حق موجود ٻولائي اچي ويٺس ... ” ڏاڏا “ ”جي “ ” هير سان مليو آهين ؟ “ ” نه ... ڪير؟ “ ” غازي بابا ! هوءَ اوهانجي classmate ڇوڪري، اڄ ئي آئي آهي “ ” داخلا ته اڳ ئي ٿيل هيس پر محترمه آئي اڄ آهي ... سٺي گھراڻي جي ڇوڪري آهي “ پنهنجي ٻي هڪ ساٿيءَ وچ ۾ پوندي چيو هوءَ ميڊم جي ڪمري مان نڪري ڀر ۾ ئي سنڌي ڊپارٽمنٽ جي لائبريري ڏانهن هلي وئي ... مون خالق جي ٻانهن کان وٺي کيس اٿاريو ... خالق يارن جو يار ... خوش مزاج ... سريلو... قومي ڪارڪن ... نهٺو ۽ وڻندڙ نوجوان هو ... پاڻ ٻئي لائبريري ۾ آياسون ... منهنجي نظر وڃي هير تي پئي جا شيلف تي پيل مختصر ڪتابن جو بغور معائنو ڪري رهي هئي ... ويٺل دوستن سان پري کان ئي ٻانهون ٻڌي هلو هاءِ ڪئيسون ... ويهڻ شرط ئي خالق پنهنجي مخصوص ۽ سريلي آواز سان سنڌي وائي ڳائڻ شروع ڪئي ... ” تنهنجي ياد جي وري آ وير ... اووو لڳي رهي آ ٿڌڙي هير“ هُنُ مڙي پاڻ ڏانهن ڏٺو ۽ منهن تي هلڪي مشڪ آڻي اسانجي ويجھو ٿيندي چيائين؛ ” او ادا! خالق ... اوهين!“ خالق پنهنجي مخصوص انداز سان کيس مٿي تي هٿ رکي آڌرڀاءُ ڪندي چيو ” ڀلي ڪري آيا ... ڏاڍا سياڻا آهيو ... امتحانن ۾ اچي پهتا آهيو! “ هڪ انوکو ٽهڪ ڏنائين ” نه ادا ! اهڙي ڳالهه ناهي ... بس ڪجھه مصروفيت ۽ ڪجھه ...“ وڏو ساه کڻي هوا ۾ ڦهلائي ڇڏيائين خير و عافيت کانپوءِ منهنجو تعارف ڪرائيندي خالق چيو ... هن سان ملو، اسانجو محترم ۽ پيارو دوست ... اسين کيس پيار ۾ ” ڏاڏا “ به چئون ته ” غازي“ پڻ ... هُنَ مونڏانهن دلڪش نگاهه سان نهاريندي کيڪاريو ... مون به کيس پنهنجي پوري خلوص ۽ پيار سان جواب ڏيندي ڀليڪار ڪئي ... ان کيڪار ۽ جوابي کيڪار واري مرحلي ۾ ايئن لڳو ڄڻ آءُ تپيل اونهاري جي اُسَ مان نڪري ڪنهن گھاٽي وڻ جي ڇانوَ ۾ پهچي ويو هجان ... انهن ڏينهنِ ۾ هم خيال دوستن يونيورسٽي ۾ ” سنڌي ثقافتي سنگت “ جو بنياد وڌو هو ... سنگت جو بنيادي ڪارڻ سنڌي نوجوانن کي هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ هو ... ڪراچي يونيورسٽي سنڌ جي پراڻي، وڏي ۽ بهترين يونيورسٽي آهي پر افسوس سنڌي لوڻ برابر به ڪونه ۽ مٿان وري ڏک جي ڳالهه ته سڀ جو سڀ سنڌي نوجوان مختلف ڌڙن ۾ ورهايل ۽ هر هڪ ڌڙو ٻي ڌڙي جو ويري ... پاڻ همٿ نه هاريندي ڪنهن حد تائين سنڌي نوجوانن کي ڪٺي ڪرڻ ۾ ڪامياب پڻ ٿياسون ... سنگت جي دوستن جو فيصلو ٿيو ته قومي سطح جو ثقافتي ميڙاڪو ڪوٺائجي ... سڀ طئي ڪيو ويو ... پئسا گڏ ڪرڻ ... انتظاميه سان ڳالهيون ڪرڻ ... مختلف تنظيمن ۽ اهم شخصيتن کي مدوع ڪرڻ ... وغيره وغيره ... ڪاميٽيون ٺاهي ڪم شروع ڪيو ويو ... پنڊال جي ميزبانيءَ لاءِ ڪنهن پرڪشش ۽ پراعتماد شخصيت جي ڳولها شروع ٿي ته سڀني دوستن جي راءِ وڃي هير تي ٿي ... مڙني دوستن ان ڪم لاءِ مونتي زور ڀريو ته کيس راضي ڪريان ... هونءَ ته آءُ ڇوڪرين جي معاملي ۾ لڄارو هيس پر هير جي معاملي ۾ الائجي ڇو پنهنجائپ جو احساس ٿيڻ لڳندو هو... ان ڏينهن سيءُ ڪجهه سَرسُ هو ... جنوري جو مهينو مٿان وري جھڙائتي ٿڌ ۽ خشڪ هوا ... هاسٽل کان نڪرندي ڪجھه دير ٿي وئي ۽ ميڊم جو پيرڊ پورو ٿي چڪو هو ... سر چنا صاحب به ڪنهن ڪم سانگي ويل هو.... آءُ رات ساري هير سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ٿيو هوس ... ڪئي جملا ۽ لفظ واڌو ڪاٽو ڪيا هئا انڪري دوستن سان رسمي هيلو هاءِ ڪندي کيس ڳولهيندو رهيس ... راهداريءَ ۾ ... لائبريريءَ ۾ ... ڪمرن ۾ ... آفيس ۾ پر هوءَ ڪٿي به نظر نه آئي ... دل ٻڏندي محسوس ٿي ڄڻ ته ڪا اهم شئ گم ٿي وئي هجي ... آءُ ته کيس هرروز پسي اندر ئي اندر ۾ ڪئي مشڪون مشڪي وٺندو هوس ... وساميل صورت سان ڊپارٽمنٽ جي ٻاهران باغيچي واري ننڍڙي ڀت تي تڙڪو تاڙي ويهي رهيس ... نوٽ بڪ کولي ڏسڻ شروع ڪيو پر ڪنهن پني به پاڻ ڏانهن متوجهه نه ڪيو ... بيقراري ۽ بيتابيءَ جا من ۾ مَڻَ ... اوچتو نظر وڃي ڪلاسن جي پوئين پاس واري باغيچي ۾ پٺيري ويٺل ڇوڪريءَ تي پئي ... ڪارو پشمي ڪوٽ پهريل ... ڪنڌ ۾ اجرڪ ويڙهيل ... وارن ۾ وڏو پوپٽ لڳل ... ” اڙي! هير ته هوءَ ويٺي آهي “ ان خيال پوري بدن ۾ حرارت ڦهلائي ڇڏي جڏهن ته هاڻ ڏند وڄي رهيا هئا ... ” مونکي ساڻس ڳالهائڻو آهي ... دل جو حال ... نه نه ميڙاڪي جي ميزبانيءَ لاءِ ... ڇا به “ سمجھه ۾ ڪي نه ٿي آيو ” اڙي يار! اٿُ ... همٿ ڪر ... هوءَ اڪيلي ويٺي آهي “ الائجي ڇو همٿ جواب ٿي ڏنو، عجيب وسوسا ... ان دوران هير ڪنڌ ورائي هيڏانهن نهاريو ۽ مونکي پاڻ ڏانهن متوجهه ڀائيندي اٿي کڙي ٿي ۽ رکُ رکيائين مونڏانهن ... منهنجي اندر هزارين گل ٽڙي پيا ... جيئن جيئن ويجهي ٿي آئي ته منهنجي ڪيفيت ڪجھه ايئن جيئن ننڍڙي هوندي ڪلاس ۾ سبق پڙهڻ وقت ٿيندي هئي... اٿي بيٺس ... هوءَ آئي سلام ڪندي ڀت تي ويهي رهي ... ” اوهين به ويهو نه، اٿي ڇو بيٺا ! “ اکيون اکين سان ملائيندي چيائين مون به همٿ ڪندي سندس اکين مان اکيون نه ڪڍيون ۽ ڀر ۾ ويهي رهيس ... خوشنصيب سمجھڻ لڳس پاڻکي ... ” ڪجھه بخار محسوس پئي ڪيم ... ميڊم جي پيرڊ کانپوءِ تڙڪي وٺڻ لاءِ وڃي باغيچي ۾ ويٺس پر سيءُ آهي جو لهڻ جو نالو ئي نه “ ٻٽون جھوليءَ ۾ رکندي چيائين آءُ کيس ڏسندو رهيس ... ڪجلي اکيون سچ پچ هرڻي جھڙيون ... چهرو ڄڻ موهن دڙي جي نرتڪي ... تيز سائو وڳو مٿان وري ٽونر لڳل گج ... نڪ ۾ سنڌي سوني ڦلڙي ... ڳچيءَ ۾ گھاٽي ناسي رنگ وارو اجرڪ مٿان وري مخملي ڪوٽ ... ” ڪهڙن خيالن ۾ گم ٿي ويا اوهين! “ هلڪي مشڪ منهن تي آڻيندي چيائين ”اوهانکي پئي ڏٺو ... اوهين ته ڪنهن به طرح سان بيمار نٿا لڳو!“ ” ها سڀ ايئن ئي چوندا آهن ته آءُ بخار ۾ وڌيڪ تازي تواني لڳندي آهيان “ ” چڱو جي اوهانکي هن سيءَ ۾ گرم گرم ڪافي (coffee) پيئاري وڃي ته پوءِ ؟ “ ” پوءِ ته واه واه ... ههڙو سيءُ ۽ ڪافي “ هٿ مهٽيندي چيائين ” پوءِ اٿو ته ڪنٽين (canteen) هلون ... تازي ۽ گرم کير جي ڪافيءَ جو مزو ئي پنهنجو “ ڪنٽين طرف ويندي هڪ ٻئي جي مصروفيتن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ... پريان ڪنڊ ۾ خالي ٽيبل تي وڃي ويٺاسون ... ” اوهانجي چڱي خاصي تعريف ٻڌي اٿم ... پڙهائيءَ جي معاملي ۾ به ته هونءَ به!“ ”هونءَ مان اوهانجي مراد ؟ “ مون حيرانگيءَ مان پڇيو ” مطلب ته سوشل آهيو ... قومي ڪارڪن آهيو ۽ ٻڌو اٿم ته اخلاقن به سٺا آهيو ! “ مون دل ئي دل ۾ انهن دوستن جا ٿورا مڃيا جن پرپٺ تعريف ڪري منهنجو مان وڌايو هو ۽ شايد هير جو مونسان ڪنٽين تائين اچڻ پڻ ان ئي تعريف سبب ممڪن ٿيو هوندو ... مون مشڪندي وراڻيو ” پاڻ ادب جا شاگرد آهيون ... گھٽ ۾ گھٽ ٻيو نه ته ادب ۽ اخلاق سان پيش اچڻ ته ضرور گھرجي ۽ هونءَ به بقول لقمان حڪيم ”جو پوکجي سو لڻجي “ خدمتگار آيو، مون ٻن ڪافين جو چوندي هير کان ڪجھه کائڻ جو پڇيو .. ” ها، ڪو ڪيڪ هجي ته گھرائي وٺو ۽ پاڻي به“ مون فروٽ ڪيڪ “Fruit Cake” ۽ پاڻي آڻڻ لاءِ چيو جلد ئي ڪيڪ ۽ پاڻي پهتو ٿيو ... مون ٻنهي گلاسن ۾ پاڻي اوتيو ... هن پرس مان ٻه گوريون ڪڍي وات ۾ وجھي پاڻيءَ ڍڪ سان ڳيت ڏئي ڇڏي ... من ۾ سوچن ۽ وسوسن جا درياه جاري ۽ ساري هئا ... پنهنجي دل جي ڳالهه ڪيئن ۽ ڪٿان شروع ڪجي ؟ ” هڪ ڪم آهي اوهان ۾”ها “ ڪيو ته چوان “ چوڻو ڪجھه هو نڪتو ڪجھه ” اوهين ڪم ٻڌايو .. جي ڪرڻ جھڙو هوندو ته ضرور ”ها“ ڪبي “ سنجيدگي آڻيندي چيائين ” ثقافتي سنگت طرفان ميڙ ڪوٺايو ويو آهي ... سڀ طئي ٿي ويو آهي ، ميزبانيءَ لاءِ اوهانجو انتخاب ڪيو ويو آهي ... ” پڪ سان ادا خالق! حجت ڪئي هوندي!“ ” نه! مون صلاح رکي جنهن تي سڀني دوستن حامي ڀري آهي “ ” اوهانکي اهو خيال ڪيئن آيو؟ “ ” اوهانجي شخصيت ۽ ادبي ذوق ڏسي راءِ ڏني اٿم ۽ اميد ته مايوسي نه ٿيندي“ سندس چهري تي ڪجھه رضامنديءَ جا آثار ڏسندي مون اڳتي ڳالهه کي وڌائيندي چيو ” ڏسو نه هڪ ته سنڌي ڇوڪريون تمام گھٽ آهن ۽ جي آهن به ته سنڌي ڇوڪرن کان ڇرڪنديون ۽ لڪنديون وتن بلڪل ايئن جيئن ڪانءُ ڪمان کان ... ڪن ادڙين لاءِ ته سنڌي سڏائڻ به باعث زحمت ... مٿان وري سنڌي ادب ۽ ثقافت سان ته مورڳو لڳين ئي ڪونه ... لطيف، سچل ۽ سامي ته سندن سمجھه کان ئي ٻاهر ...“ مون به هڪ ساهيءَ ۾ اندر جي باه ڪڍي ورتي . ” ٿي سگھي ٿو ... پر هروڀرو سنڌي ڇوڪرين جو ئي ڏوهه ناهي ... سنڌي ڇوڪرا به برابر جا حصيدار آهن ...“ سندس چهري تي بحث جا آثار اڀري آيا ... ” اهو وري ڪيئن؟ “ ” سنڌي ڇوڪرا به ته ڪجھه بردبار ٿين ! ڳوٺ ۾ شادي هوندن ته به هت اچي پاڻکي ڇڙو ٻڌائي ڪوڙ ڳالهائي ٻي ڪنهن جي زندگيءَ سان به کيڏن ۽ پنهنجو نقصان الڳ ڪنِ ... ڳوٺ ۾ والدين پورهيت ۽ هاري ناري هوندا ته هت اچي ٻڌائيندا ته پاڻ جاگيرن جا وارث آهن ۽ پوءِ ان ڀرم کي قائم رکڻ لاءِ اونڌا ڪم ڪري سماجي براين ۾ مبتلا ٿيو وڃن ... نتيجو بربادي نه پڙهائي ڪري سگھندا نه وري ڪو هنر حاصل ڪري عزت ۽ مانائتي زندگي گھاري سگھندا ... آءُ ته چوان ٿي ته سنڌي نوجوان سچا ۽ حقيقت پسند ٿين ... پنهنجو رتبو سڃاڻن ... وس ۽ حيثيت آهر عمل ڪن، هنري ۽ ڪاروباري سکيا وٺي ترقي ڪن ته هوند ڪيڏا نه سٺا لڳن ... عورت مرد جي اکين مان ئي سندس مردانگي، سچائي ۽ نيت پروڙي وٺندي آهي ... عورت کي مڙس کپي مڙس ... نه ڪي ٺڳ ۽ ڪوڙو...“ گرم گرم ڪافي سامهون اچي وئي ... مون به شڪر ڪيو ... نازڪ مسئلو ڇيڙي ککر ۾ ڦوڙ هنيو هيم ... سنڌي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هڪٻئي کي سمجھندا ۽ ڪيئن سمجھندا اهو به هڪ وڏو موضوع آهي ... ”گرم گرم ڪافي ... مزو اچي ويو “ مون سرڪي ڀريندي ڳالهه جو رخ مٽايو ... پاڻ به سرڪي ڀري مزو ورتائين ۽ ڪافيءَ جي سٺي ۽ تازي هجڻ جي حامي ڀريندي چيائين ” اوهان ته باقاعدگيءَ سان ڪلاسن ۾ حاضري ڀري آهي پڪ سان نوٽس Notes وغيره ته ٺاهي گڏ ڪيا هوندا ... پليز منهنجي مدد ڪريو ... ڪجھه ڏينهن کان سوچيم پئي ته ڪنهن کان مدد وٺجي “ ” اوهانکي ڪا خاص تڪليف ڪرڻي نه پوندي “ مون گرم ڪپ کي ٻنهي هٿن سان جھلي هٿن کي گرمي ڏيندي وراڻيون ” اوهانجو ته تعلق ئي اهڙي گھراڻي سان آهي جنهن ۾ ادب جي سنڌو پئي وهي! “ ”اهو ته ٺيڪ آهي پر ڪي ڪتاب جي ڪورس ۾ هجن ۽ ميڊم جا بحث ته نوٽ ڪرڻ جهڙا هوندا آهن ... سي کپندا “ ” ها ڪجھه ليڪچرس مون وٽ آهن ... سي آءُ ڪاپي ڪرائي اوهان تائين پهتا ڪندس ... نثري ادب، ادبي تنقيد ۽ ادبي تاريخ جهڙن مضمونن تي اوهانکي محنت ڪرڻي پوندي ... باقي سائين قادري ته آهي ئي صوفي منش ماڻهون، کيس ڏسندي ئي تصوف ياد اچيو وڃي ... شاهه لطيف، شاهه ڪريم، سچل ۽ سامي ته اوهان پڙهيا ئي هوندا ...“ ” جي ... مون ڀٽائيءَ کي ته سٺو پڙهيو آهي .. سچل جو به ڪجھه سنڌي ڪلام ياد آهي بس سندس سرائڪي ۽ اردو ڪلام کي ڏسڻو پوندو ...“ ڪافيءَ جي آخري سرڪي هڻي اڳتي چيائين ”ڀلا ٻين مضمونن جو ڇا ٿيندو؟ استاد ويهن ئي ڪونه ۽ خاص توجھه به نٿا ڏين ... مون ته ڪجھه استادن کي صرف ۽ صرف Sindhi Language Course ڪرڻ وارن سان مصروف ڏٺو آهي ... ريگيولر شاگردن تي ته ڪو توجهه ئي ناهي “ سندس لهجي ۾ شڪايت ڀريل هئي ... سندس ان شڪايت تي مون ٽهڪ ڏيندي چيو ” محترمه! ڇڏيو ان ڳالهه کي هڪ ڪراچي يونيورسٽي ۽ ٻيو وري سنڌي ڊپارٽمنٽ ! شڪر ڪريو ته هلي پيو ... وس وارن جو وس پڄي ته انکي به تالا هڻي ڇڏن ... چڱو ڇڏيو ان بحث کي ۽ اهو ٻڌايو ته ميڙاڪي جي ميزباني ڪندا نه ... مون اميد سمجھي اوهانجو نالو ڳڻايو آهي ...“ مون به ڪافيءَ جي آخري سرڪي ڀري ڪپ کي ساسر حوالي ڪيو ... ٿورڙي سوچ ۽ مونڏانهن صلاحي گھور کانپوءِ جواب ڏنائين ” جي ... مونکي ڪجھه تجربو آهي ... نڀائي وڃبو ... ڪجھه بيتن جي چونڊ ڪرڻي پوندي ۽ ٻيا ضروري تفصيل کپندا ... اوهانکي سهائتا ڪرڻي پوندي ۽ ڪو ٻيو ساٿي اسٽيج تي ساڻ هوندو ته وڌيڪ سٺو لڳندو .. مون سندس شڪرانا ادا ڪيا ۽ هڪ ڪم هو جو مونتي رکيل هو سو ته ڪاميابيءَ سان پورو ٿيو پر من جي ڳالهه ۽ اڻ تڻ باقي هئي . . . . ” هاڻ ڀلا اٿجي ۽ ڊپارٽمنٽ هلجي ؟“ سندس سواليه انداز هو ” جي هلون ٿا ... بس هڪ سوال آهي “ دل جي ڌڙڪن ڪنهن ناهموار رستي تي هلندڙ ڪار جيئان ... دل جي ڳالهه چوڻ ايئن ۽ ايتري ڏکي ٿئي ٿي سا اڄ خبر پئي ... ” جي ... ڪهڙو سوال آهي ... پڇو “ ” سنڌي ادب جي طالبعلم جي حيثيت سان هي سوال اوهان سان ڪرڻ مناسب لڳي ٿو ... ادبي تاريخ پيار ۽ عشق جي داستانن سان ڀريل آهي ... سوال ته اوهين پيار ۽ عشق جي تشريح ڪيئن ڪندا؟“ مون ادب جي آڙ ۾ تير هلايو ... گھري سوچ ۽ منهن تي مشڪوڪ مشڪ آڻيندي چيائين ” ڇا ارادو آهي اوهانجو ... غازيءَ مان شهيد ٿيڻ جو ارادو ته ناهي؟“ ”جي گھائجي چڪو آهيان ... بس ساهه نڪرڻ باقي آهي “ مون به واري نه وڃائي هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيائين ” اوهانجو سوال انتهائي اهم ۽ منجھائيندڙ آهي ... پر پوءِ به آءُ پنهنجي سمجهه ۽ علم آهر چونديس ته عشق، پيار، محبت، نينهن يا وري هن جذبي جا ٻيا به ڪئي نالا ڳڻائي سگھبا ... تازو هڪ ڪتاب پڙهندي ڪنهن انگريز ليکڪ جا پيار مطلق چيل هي لفظ ڏاڍا سهڻا لڳا ... “Life is Greater than Death but love is greatest than either” يعني زندگي موت کان اتم آهي پر پيار ٻنهي کان عظيم ... عشق ۾ انسان هر طرح جي نفعي نقصان کان مٿاهون ٿي قرباني ۽ جان نثاريءَ جا مثال قائم ڪري وڃي ٿو جيئن شاه جو هي شعر؛ عشــق نه آهي رانـــد، جيئن کيــلن ڳـــڀرو، جيءَ جسي ۽ جان جي، ڀڃي جو هيڪاند، ســسي نيـــزي پــــاند، اڇــل ته ٻه اڌ ٿئـــي. ... عشق کي ٻن طبقن ۾ ورهائي سگھجي ٿو ... هڪ حقيقي عشق ۽ ٻيو آهي ڪوڙو عشق ... ٻنهي جو آغاز ڪنهن هڪ نقطي کان ٿي انتها تي پهچندي پهچندي انساني دنيا تي انتهائي اهم ۽ اڻمٽ نشان ٺاهي وڃي ٿو ... سچو عشق انساني سماج تي واڌو قسم جا اثر قائم ڪري ٿو ۽ ڪوڙ تي ٻڌل ڪاٽو قسم جا اثر ڇڏي وڃي ٿو ... سچو عشق! ڏيڻ واري روش تي ٻڌل هوندو آهي ۽ ڪوڙو پيار! صرف حاصل ڪرڻ تي ... سچو عشق هڪ گھڻ رکائين هيري جيئان آهي جنهنجي هر پاسي کان مختلف ۽ نرالي رنگ جي روشني نڪري ٿي ... جنهن سان انساني دنيا ظلمت مان نڪري نور ۾ پهچي وڃي ٿي ... “ ڪائنات ۾ انسان جي حيثيت پاڻيءَ تي ترندڙ ڦوٽي جيئان آهي ... جو ڪجھه گھڙين لاءِ پئدا ٿي پنهنجي موت مري وڃي ٿو ۽ ڪائنات جي پئدا ڪندڙ جي صفات جي تعريف انساني عقل ۽ شعور کان مٿي جي ڳالهه آهي ... قرآن شريف جي سورت لقمان ۾ چيل آهي ته سڄي ڌرتيءَ جا سمورا وڻ قلم ٿي پون ۽ مڙوئي سمنڊ ۽ انهن جيترا ٻيا ست سمنڊ مس ٿي پون ته به خالق جي تعريف ۽ ڪلمات ادا ٿي نه سگھندا ... ايترو معمولي انسان ايڏي وڏي هستيءَ سان جڏهن عشق ڪري ويهي ٿو ته پوءَ عشق جا معجزا به عظيم ۽ بي بها ٿين ٿا ... ” عشقِ حقيقي انسان کي اهڙي ته عظمت عطا ڪري ٿو جو هو، هِنَ دنيا ۽ هُنَ دنيا ۾ سرخرو ٿي پوري انسانذات لاءِ مشعل راهه ٿي وڃي ٿو ... عشق حقيقي حضرت ابراهيم عليه کي باهه کان محفوظ ڪري وٺي ٿو ... حضرت موسى عليه کي جابر ظالم ۽ خدائيءَ جي هام هڻندڙ فرعون تي فتح ڏئي ٿو ... حضرت عيسى عليه کي صليب تان بچائي وٺي ٿو ... حضرت محمد صه کي هر مصيبت سان مهاڏي اٽڪائڻ جو حوصلو عطا ڪري کيس دنيا جو رهبر بڻائي ڇڏي ٿو ... شاهه ڀٽائي جھر جھنگ جبل جھاڳي روشن ٿئي ٿو ته شاهه عنايت سچ ۽ حق خاطر شهيد ٿئي ٿو ... ” ڪوڙ، فريب ۽ خود مطلبيءَ تي ٻڌل پيار انسان کي هڪ اهڙي ڪريل مقام تي پهچائي ٿو جو هو چنگيز۽ هلاڪو ٿي انساني کوپڙين جا محل ٺاهي ٿو ... هٽلر ۽ مسوليني ٿي دنيا کي تباهي ۽ بربادي تي پهچائي انسانن ۾ ابدي خوف جو ڪارڻ بڻجي وڃي ٿو. . . پيار! موت ۽ حيات کان مٿي واري شيءَ آهي ... سچي عشق جي ڏاڪڻ تي ڪڏندي ... عاشق هر قسم جي قرباني ڏئي ٿو ۽ مزي جي ڳالهه ته تڪليفون، مصيبتون ۽ ٻيا انيڪ ايذاء سهندي لطف اندوز ٿئي ٿو . . . عاشـق زهـر پيــاڪ، وهه پسيو وهــسن گھـــڻو، ڪـــڙي ۽ قاتـــل جــــا، هميـــــشه هيــــــراڪـ، لڳين لئنون لطيف چئي، فنـــا ڪيا فــــــــــراق، توڙي چڪن چاڪ، ته به آه نه سلن عام سين. اوهانجو سوال جيڪڏهن عورت ۽ مرد جي پيار مطلق آهي ته اهو حقيقي عشق جي شروعاتي نقطي جيئان آهي يا وري منزل طرف کنيل پهريون قدم ... هن رشتي ۾ پڻ سچ ۽ ڪوڙ جا اثر ٿين ٿا ... ڪوڙ تي ٻڌل پيار سان زندگي زهر ۽ سچ تي قائم ٿيل رشتي سان زندگيءَ جو سڪون... هن تعلق سان سندن پيار روزاني جي ساٿ ۾ هر ڏک ۽ سک جو ونڊڻ هوندو آهي ... هڪٻئي جي ننڍين وڏين خواهشن کي سمجھڻ ۽ پورو ڪرڻ هوندو آهي ... هڪٻئي جي غلطين کي سهڻ ۽ سڌارڻ هوندو آهي ... سندن پيار پختو ۽ جاندار هوندو ته معاشرو به ترقي ۽ خوشحاليءَ جون منزلون طئي ڪندو ... آءُ سنڌي نوجوانن کي صلاحينديس ته عورت صرف جسماني خواهشن جي پورائي لاءِ نه پر معاشري جي وڌائڻ ۽ بهتر انساني نسل جي پيدائش لاءِ آهي ... جيئن هڪ هاري پنهنجي زمين جي مناسب پرگھور ڪرڻ سان بهتر ۽ صحتمند فصل لڻي ٿو ساڳئي طرح عورت جي مناسب ۽ ضروري سنڀال لهڻ سان بهتر ۽ ڪارائتا انسان حاصل ڪري سگھبا آهن ... “ آءُ سندس فڪري گھرائيءَ تي حيران ٿيندو رهيس ... سچائيءَ تي موهت ٿيندو رهيس ... سندس اکين جي اونهي ساگر ۾ غواص ٿي پيار جا موتي ڳوليندو رهيس ... موٽ ۾ اڻملهه موتي مليا جن ۾ خلوص هو ... پيار هو ... وفا ۽ نڀاءُ هو ... سندس وجود منهنجي زندگيءَ جي بيٺل پاڻيءَ تي ڪنول جي گل جيئان ٽڙڻ لڳو هو ... انڊلٺ جا سمورا رنگ سمايل جنهنجي روشنيءَ سان منهنجو وجود پڻ ست رنگي روشنيءَ سان منور ٿي ٿيو ... من جو سنسان مندر آباد ٿيڻ لڳو ... من مندر جي ڊگھي برج تي اڳ ڪوئل جي ڪوڪو ته هاڻ ڪبوترن جي گٽرگون ... صبح جي روشني، جا ظلمتن کي ختم ڪري ۽ اهڙي رات جا سهڻا خواب کڻي اچي ... ڄڻ ته تنبوري جي تار تي پري کان ڪو شاهه جو هي بيت جھوگاريندو هجي؛ شڪر گڏياسون سپرين، جاني جيئري يار، ويٺي جنين جي وٽ ۾، ڪـوڙين ٿيا قـرار، ڌڻيــــــــم! ڪر مَ ڌار، پاڙو تن پريــــن جو انتخاب: حفظ الله ڪاڪا ريفرنس: وائيس آف سنڌ