• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خطرناڪ ٻوڏ اڄ سنڌ جو رخ ڪندي،ڪچو ٻڏي ويو،سکر بئراج کي خطرو آهي(وفاق) اپاءَ ورتا آهن،و

عبدالوهاب

سينيئر رڪن
سنڌو درياءَ ۾ وڏي ٻوڏ (هاءِ فلڊ) جو ريلو گڊو وٽ پهچي ويو، اڄ شام کان تمام وڏي ٻوڏ (سپر فلڊ) جو ريلو گذرڻ شروع ڪندو، ارسا پاران 7 لک 50 هزار کان 8 لک ڪيوسڪ پاڻي ۽ ماهرن پاران 9 لک ڪيوسڪ پاڻي پهچڻ جا امڪان ظاهر، ورتل جائزي مطابق ڪالهه شام جو 6 وڳي گڊو وٽ وڏي ٻوڏ جا وهڪرا 5 لک 66 هزار ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيا ويا، جيڪو سمورو پاڻي هيٺ ڇڏيو پيو وڃي، ذريعن مطابق اڄ شام کان گڊو وٽ تمام وڏي ٻوڏ(سپر فلڊ) جي صورتحال پيدا ٿيندي، جنهن سبب گڊو وٽ پاڻي وهڪرا 7 لک 50 هزار کان 8 لک ڪيوسڪ ٿيڻ جي توقع آهي، گڊو وٽ تمام وڏي ٻوڏ جي صورتحال 24 کان 36 ڪلاڪن تائين جاري رهڻ جي توقع آهي، ٻئي طرف ٻوڏ صورتحال بابت ذميوار اداري فيڊرل فلڊ ڪميشن جي ويب سائيٽ تي سنڌو درياءَ ۾ ٻوڏ صورتحال بابت ڪالهه صبح جو ڇهين وڳي واري ڊيٽا ڏني وئي آهي، جنهن ۾ گڊو وٽ پاڻي وهڪرا 4 لک 54 هزار ڪيوسڪ ڄاڻايا ويا آهن، ٻوڏ بابت پاڻي صورتحال کي مانيٽر ڪرڻ ۽ هر 6 ڪلاڪن کانپوءِ نئين ڊيٽا جاري ڪرڻ فيڊرل فلڊ ڪميشن جي ذميواري آهي، هوڏانهن ارسا جي انگن اکرن ۾ ڪالهه شام جو چشما وٽ پاڻي جو هيٺيون وهڪرو 5 لک 29 هزار ڪيوسڪ ڄاڻايو ويو آهي، جڏهن ته ايف ايف سي جي ويب سائيٽ تي چشما وٽ پاڻي جو وهڪرو 6 لک هڪ هزار ڪيوسڪ ڄاڻايو ويو آهي، ڪالاباغ وٽ ڪالهه شام جو 6 وڳي پاڻي جو هيٺيون وهڪرو 4 لک 52 هزار ڪيوسڪ رهيو پر ايف ايف سي مطابق اتي پاڻي جا وهڪرا 4 لک 76 هزار ڪيوسڪ ڄاڻايل آهن، سکر وٽ ڪالهه رات وچولي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي، جتي پاڻي جا وهڪرا 3 لک ڪيوسڪ کان وڌي ويا هئا، هوڏانهن ڪالهه شام جو ڪوٽڙي وٽ پاڻي جو مٿيون وهڪرو هڪ لک 41 هزار ۽ هيٺيون وهڪرو هڪ لک 26 هزار ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو پر ايف ايف سي پاران اتي پاڻي جو مٿيون وهڪرو هڪ لک 38 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺيون وهڪرو هڪ لک 26 هزار ڪيوسڪ ڄاڻايو ويو آهي، چناب ۾ مرالا وٽ هڪ دفعو ٻيهر پاڻي وهڪرن ۾ واڌ آئي آهي، جتي پاڻي جو مٿيون وهڪرو هڪ لک 45 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺيون وهڪرو هڪ لک 11 هزار ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي، جهلم ۽ چناب ۾ گذريل هفتي ٻوڏ وهڪرن جو پاڻي تريمو وٽ پهچي ويو آهي، جتي پاڻي جا مٿيان وهڪرا 2 لک 38 هزار ۽ هيٺيان وهڪرا 2 لک 27 هزار ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيا ويا، اهو پاڻي 4 کان 5 ڏينهن ۾ پنجند وٽ پهچي سنڌو درياءَ ۾ شامل ٿيندو، ڪالهه پنجند وٽان 75 هزار ڪيوسڪ پاڻي سنڌو ۾ شامل ٿيو آهي. هوڏانهن پنجاب جي آبپاشي کاتي جي ماهرن دعويٰ ڪئي آهي ته سپر فلڊ جا وهڪرا اڄ سنڌ ۾ داخل ٿيندا، جيترو پاڻي پنجاب ۾ پيل گهارن سبب درياءَ مان نڪري ٽڙي پکڙي ويو آهي اوترو ئي پاڻي ڊيراغازي خان ۽ راجن پور ضلعن ۾ وسندڙ برسات سبب سنڌو ۾ داخل ٿي رهيو آهي . آبپاشي پنجاب جي هڪ عملدار مطابق ڪالهه صرف ڊيراغازي خان جي جابلو ندين ذريعي هڪ لک ڪيوسڪ پاڻي سنڌو درياءَ ۾ داخل ٿيو آهي ۽ اهو سلسلو لڳاتار جاري آهي. آبپاشي پنجاب جي ماهرن مطابق گڊو بئراج وٽ 9 لک ڪيوسڪ تائين پاڻي پهچي سگهي ٿو . ٻئي پاسي ارسا جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ ڊيراغازي خان ۽ راجن پور جي جابلو ندين جو پاڻي سنڌو ۾ داخل ٿي رهيو آهي پر اهو ايڏي وڏي مقدار ۾ ناهي، ان ڪري گڊو وٽ 9 لک ڪيوسڪ پاڻي پهچندو. ارسا جي ذريعن موجب پنجاب جي بئراجن جي مقابلي ۾ سنڌ جي بئراجن تي پاڻي جو دٻاءُ وڌيڪ ڏينهن تائين جاري رهي سگهي ٿو، گڊو ۽ سکر بئراجن تي سپر فلڊ جا وهڪرا لڳاتار هڪ هفتي تائين رهندا . ان جو ڪارڻ ڪالهه تريمو ۽ پنجند جو سنڌو درياءَ ۾ داخل ٿيل هڪ لک اسي هزار ڪيوسڪ پاڻي آهي . ارسا جي ذريعن موجب ڪالهه اهو پاڻي سنڌو درياءَ ۾ داخل ٿيو آهي، جيڪو ايندڙ ٽن ڏينهن تائين گڊو بئراج وٽ پهچندو . جنهن ڪري گڊو بئراج تي پاڻي جي سطح ۾ ڪا خاص گهٽتائي نه ايندي. ٻئي طرف سنڌ آبپاشي کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته مٺڻ ڪوٽ ۽ ڪوٽ ادو ڀرسان درياءَ جي بچاءَ بندن ۾ پيل گهارن بعد هاڻ گڊو بئراج وٽ پاڻي جي وڏي ٻوڏ وارو وهڪرو 8 لک ڪيوسڪ جي لڳ ڀڳ هوندو، تونسا بئراج وٽ پاڻي جي سطح ۾ لڳاتار لاٿ واري صورتحال آهي، جتي ڪالهه شام جو پاڻي جو وهڪرو 7 لک 75 هزار ڪيوسڪ رهجي ويو آهي، جنهن کانپوءِ اندازو آهي ته اڄ 5 ۽ 6 آگسٽ جي رات جو مٿين درجي واري ٻوڏ وارو وهڪرو گڊو بئراج وٽان گذرڻ شروع ٿي ويندو، جيڪو ايندڙ 3 ڏينهن کانپوءِ سکر بئراج وٽان گذرندو، ٻئي طرف گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌ جي اترين علائقن ۾ پيل مينهن سبب بچاءَ بندن تي ٿيندڙ امدادي ڪم سخت متاثر ٿيا، جڏهن ته پاڻي جي وهڪرن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ سنڌ جو وڏو وزير توڙي آبپاشي وارو صوبائي وزير هيليڪاپٽر ذريعي معائنو نه ڪري سگهيا، موسميات کاتي وارن جو چوڻ آهي ته ايندڙ 48 ڪلاڪن تائين وقفي وقفي سان مينهن پوڻ جو امڪان آهي، اهڙي صورتحال سبب امدادي ڪم سخت متاثر ٿيندا، وچين درجي واري مٿين ٻوڏ وارو وهڪرو گڊو بئراج جي هيٺين پاسي وهڻ سبب سکر ۽ گڊو بئراجن جي وچ ۾ واقع ڪچي جي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ زمين پاڻي هيٺ اچي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڪچي جي علائقي مان ماڻهن جي لڏپلاڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، ٻئي طرف آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام سيف الله ڌاريجو چيو آهي ته پاڻي جي انتهائي وڏي ٻوڏ وارو وهڪرو پنجاب ۾ پيل گهارن سبب گهٽ مقدار ۾ سنڌ اندر داخل ٿيندو، اندازو آهي ته اهو وهڪرو 8 لک ڪيوسڪ جي لڳ ڀڳ هوندو، 8 لک ڪيوسڪ پاڻي سکر توڙي گڊو بئراجن وٽان آساني سان گذري ويندو، بئراجن کي ڪو به خطرو ناهي پر سنڌ جا بچاءَ بند ڪمزور آهن، انهن کي بچائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ويون آهن، ڪالهه سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ان ڳالهه جو ڪو به امڪان ناهي ۽ نه ئي ڪو منصوبو آهي ته بئراجن کي بچائڻ لاءِ ڪٿي ڪٽ(گهارو) هنيو ويندو، هن چيو ته اسان حفاظتي قدم کنيا آهن پر خدا جي مرضي جي آڏو اسان مجبور آهيون، جيڪڏهن ٻيو ڪجهه ٿي ويو ته اسان ڇا ڪري سگهنداسين؟، هن چيو ته گڊو ۽ سکر بئراجن جي وچ ۾ 145 حساس هنڌ بچاءَ بندن ۾ ظاهر ٿيا آهن، جتي آبپاشي کاتي جي ملازمن کي امدادي ڪمن تي لڳايو ويو آهي ۽ انهن هنڌن کي محفوظ بڻائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، هن چيو ته آبپاشي کاتي جي عملدارن جي مدد لاءِ فوج، نيوي ۽ رينجرز جا اهلڪار به موجود آهن، پاڻي جي ڪچي ۾ داخل ٿي وڃڻ کانپوءِ ڪچي جا ماڻهو ٻاهر نڪرڻ شروع ٿيا آهن، هن چيو ته آبپاشي کاتي پاران ڪچي وارن علائقن سان ٽچ ڪندڙ هر ضلعي کي 20 لک رپيا امدادي ڪمن لاءِ ڏنا ويا آهن، امدادي ڪمن جي نگراني ضلعي حڪومتون ڪري رهيون آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آبپاشي کاتي پاران فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪچي ۾ زميندارن ۽ بااثر ماڻهن پاران جوڙيل سوين پرائيويٽ بچاءَ بند ڊاٺا ويندا، هن هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته سکر بئراج جي اوڀاري پاسي ڄميل سلٽ لڙهڻ شروع ٿي وئي آهي، مون کي اميد آهي ته 8 لک ڪيوسڪ جي وهڪري دوران سلٽ جو وڏو مقدار لڙهي ويندو ۽ بئراج کي ڪو به نقصان نه پهچندو. وفاقي ڪابينا پاران ٻوڏ دوران پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير راجا پرويز اشرف کي سکر بئراج جي نگراني ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد بريفنگ ڏيندي سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير صمصام بخاري چيو ته سنڌ ۾ سپر فلڊ سبب سکر ۽ گڊو بئراجن وارن علائقن کي وڏو خطرو آهي، ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ نيوي جي هيليڪاپٽرن کي الرٽ ڪيو ويو آهي، صمصام بخاري چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ جو پاڻي اڄ پهچي رهيو آهي، سڀاڻي ان جي وهڪري ۾ وڌيڪ واڌ اچي ويندي، مملڪتي وزير چيو ته ٻوڏ سبب سنڌ صوبي جا 7 ضلعا متاثر ٿيڻ جا امڪان آهن، جنهن لاءِ ڪراچي ۾ نيوي جي هيليڪاپٽرن کي الرٽ ڪيو ويو آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي بندن جي نگراني جي ذميواري ڏني وئي آهي.
 
جواب: خطرناڪ ٻوڏ اڄ سنڌ جو رخ ڪندي،ڪچو ٻڏي ويو،سکر بئراج کي خطرو آهي(وفاق) اپاءَ ورتا

ادا الله خير ڪندو۔۔۔ يار ڄامشورو شهر جي هيٺانهين علائقن لاءِ به خطرو ظاهر ڪيو ويو آهي،
 
جواب: خطرناڪ ٻوڏ اڄ سنڌ جو رخ ڪندي،ڪچو ٻڏي ويو،سکر بئراج کي خطرو آهي(وفاق) اپاءَ ورتا

ادا الله رب العزت رحم ئي ڪري۔
 
جواب: خطرناڪ ٻوڏ اڄ سنڌ جو رخ ڪندي،ڪچو ٻڏي ويو،سکر بئراج کي خطرو آهي(وفاق) اپاءَ ورتا

لڪيل چاهت تمام بهترين الله سائين انهن جو حامي ۽ ناصر آهي۔
 
جواب: خطرناڪ ٻوڏ اڄ سنڌ جو رخ ڪندي،ڪچو ٻڏي ويو،سکر بئراج کي خطرو آهي(وفاق) اپاءَ ورتا

ادا عبدو! يار اصل ڪم پاڻي پاڻي ٿي ويو آهي ۔۔۔ قدرت جون آفتون آهن ۔۔۔ منهن ته ڏيڻو پوندو ۔۔۔ پر ليک جو آخري جملو ڏاڍو خطرناڪ آهي ۔۔۔ الله خئير ڪري چورن کي چيو ويو آهي ته سامان جي سنڀال ڪجو ۔۔۔

ڏسجي ته ڇاٿو ٿئي ۔۔۔ ؟؟؟

قومي طور تي دعائون گهرجن ته من ڪو رحم ٿي وڃي ۔۔۔۔ سنڌ جو مالڪ الله ۔۔۔ جنهنجو رب تنهنجو سڀ ۔۔۔۔

سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار ۔۔۔۔ آمين
 
جواب: خطرناڪ ٻوڏ اڄ سنڌ جو رخ ڪندي،ڪچو ٻڏي ويو،سکر بئراج کي خطرو آهي(وفاق) اپاءَ ورتا

ادا الله تعالي کان سڀ گڏجي دعا گهرو
 
جواب: خطرناڪ ٻوڏ اڄ سنڌ جو رخ ڪندي،ڪچو ٻڏي ويو،سکر بئراج کي خطرو آهي(وفاق) اپاءَ ورتا

ادا الله تعالي کان سڀ گڏجي دعا گهرو
 
جواب: خطرناڪ ٻوڏ اڄ سنڌ جو رخ ڪندي،ڪچو ٻڏي ويو،سکر بئراج کي خطرو آهي(وفاق) اپاءَ ورتا

سائين منهنجا
رب غفور رحيم، آ رحم ڪري اسان غريبن تي
 
جواب: خطرناڪ ٻوڏ اڄ سنڌ جو رخ ڪندي،ڪچو ٻڏي ويو،سکر بئراج کي خطرو آهي(وفاق) اپاءَ ورتا

واقعي زبردست ادا ڪنگ شيئر ڪرڻ جي مهرباني
 
جواب: خطرناڪ ٻوڏ اڄ سنڌ جو رخ ڪندي،ڪچو ٻڏي ويو،سکر بئراج کي خطرو آهي(وفاق) اپاءَ ورتا

ادا عبدالوهاب اِها ته اسانکي به خبر آهي۔ پر هاڻي اِهو پاڻي ڪنڌڪوٽ تائين پهچي چڪو آهي۔ الله رحم کٿ باقي ڪَل حال براورا
 
جواب: خطرناڪ ٻوڏ اڄ سنڌ جو رخ ڪندي،ڪچو ٻڏي ويو،سکر بئراج کي خطرو آهي(وفاق) اپاءَ ورتا

ادا عبدالوهاب اِها ته اسانکي به خبر آهي۔ پر هاڻي اِهو پاڻي ڪنڌڪوٽ تائين پهچي چڪو آهي۔ الله رحم کٿ باقي ڪَل حال براورا

بس ادا، الله هَير کن، مَ ته ڌڻي در دُعاگو استَ، ني مئين چاچا ڪال کُذئي، گش گي ته بارش ڪار خرب کُزئي۔

جاني اگر ڪنهنج وٽ سنڌوءَ جي پيٽ ۾‌ايندڙ سيلاب جون وڊيوز آهن ته براءِ مهرباني شيئر ڪن
 
Back
Top