• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽريفڪ جام جو زبردست حل، مستقبل جي ٽرانسپورٽ

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
چين جي هڪ ڪمپني ٽريفڪ جام جي مسئلي جو هڪ اهڙو بهترين حل تيار ڪيو آهي، جنهن جي مدد سان ٽريفڪ جام تي ضابطو اچڻ سان گڏ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سهولت پڻ بهتر ٿيندي۔۔

china_buses_1.jpg

هي آهي ٿري ايڪسپريس ڪوچ
جيڪا هڪ عام بس نه آهي، پر پبلڪ ٽرانسپورٽ هجڻ سان گڏوگڏ هڪ انڊرگرائونڊ ٽنل روڊ يا سب وَي جي طور پڻ ڪم ڏيندي، ڇو ته جديد ڊزائين جي ٺهيل هن بسن جي هيٺان ٽريفڪ گذاري سگهجي ٿي۔ هي هڪ اهڙي بس جو ڊزائين هوندو، جنهن جي اونچائي گهٽ ۾ گهٽ پندرنهن فٽ هوندي ۽ ان کي برقي سگنلز (بجلي) ۽‌ سج جي ڪرڻن جي توانائيءَ‌جي مدد سان هلائي سگهبو۔ 30 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندڙ هي بسون پنهنجي مٿانهين حصي ۾ 1400 مسافرن جي گنجائش رکن ٿيون، جڏهن ته انهن جي هيٺين حصي مان ٽريفڪ بنا ڪنهن خلل جي باآساني گذرندو رهندو، بلڪل ايئن جيئن سَب وَي تي گذرندو آهي۔
انهيءَ ٽرانسپورٽ جو آئيڊيا چين جي مرڪزي شهر بيجنگ ۾ هلندڙ 13هين انٽرنيشنل هاءِ ٽيڪ ايڪسپو نمائش ۾ شينزين هُواشي فيوچر پارڪنگ ايڪوپمنٽ نالي ڪمپنيءَ طرفان ڏنو ويو۔ انهيءَ جديد طرف جي ٽرانسپورٽ کي ٺاهڻ ۽ انهن جي لاءِ ٽريڪس ٺاهڻ ۽ شروع ڪرڻ تي فقط 500 ملين يُوان (چائنيز ڪرنسي) جو خرچ ايندو، جيڪو ڪنهن به سَب وي جي تعمير تي ايندڙ خرچ جو 10 سيڪڙو خرچ مس آهي۔۔
وڌيڪ معلومات لاءِ هي وڊيو ڏسو۔۔۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=Hv8_W2PA0rQ&feature=player_embedded
 
ٿري ڊي ايڪسپريس ڪوچ جون ڪجهه تصويرون۔۔۔

دوستو مان هن ڪوچ جي متعلق هتي پهرين به معلومات ڏئي چڪو آهيان۔۔ هتي فقط ڪجهه تصويرون ونڊ ڪرڻ چاهيان ٿو۔۔۔

CHINA-BUS.jpg

بس جي هيٺانهين حصي جو ڪجهه ڏيک

CHINA-BUS.jpg

CHINA-BUS.jpg

هن بس جي ٽريڪ جو هڪ ڏيک

slide_9151_121536_large.jpg
 
جواب: ٿري ڊي ايڪسپريس ڪوچ جون ڪجهه تصويرون۔۔۔

مسافر بس تي سوار ڪرڻ لاءِ ٺهيل اسٽيشن جو ڏيک، جيڪا روڊ جي بلڪل مٿان هوندي۔۔

slide_9151_121537_large.jpg

هي بسون هڪ خاص قسم جون لهرون (الٽراسانڪ لهرون يا سگنلز) استعمال ڪري پنهنجي رستي ۾ ايندڙ وڏين گاڏين جو تعين ڪنديون ۽‌جيڪڏهن هن جي متعين ڪيل حد ۾ ڪا گاڏي اهڙي اچي وڃي ٿي، جنهن جي اونچائي هن جي هيٺ ڏنل سطح کان وڌيڪ هوندي ته هن بس جي اندر الارم وڄڻ شروع ٿي ويندو۔۔

slide_9151_121538_large.jpg

ڪمپنيءَ جي مطابق هي بسون سڄي سال ۾ صرف 860 ٽن فيول خرچ ڪنديون، جنهن بعد سال ۾ هن جي فيول جي بچت ٻي ٽرانسپورٽ جي مقابلي ۾ هزارين ڀيرا وڌيڪ هوندي، يعني هي 2460 ٽن ڪاربان بچائينديون ۽‌ هن سان ماحوليات جو تحفظ ٿي سگهندو۔۔۔

slide_9151_121541_large.jpg
 
جواب: ٿري ڊي ايڪسپريس ڪوچ جون ڪجهه تصويرون۔۔۔

پليٽ فارم جو هڪ ٻيو ممڪنه طريقو، جنهن ذريعي مسافرن کي اها سهولت هوندي ته هو هڪ ڏاڪڻ جي ذريعي بس جي مٿانهين سطح کان به مٿي ٺهيل هڪ پليٽ فارم مان بس ۾ لهي يا چڙهي سگهن۔

slide_9151_121542_large.jpg

ٻيا ڪجهه مختلف ڏيک

slide_9151_122516_large.jpg

slide_9151_122517_large.jpg
 
جواب: ٽريفڪ جام جو زبردست حل، مستقبل جي ٽرانسپورٽ

جيو مست جيو اصل واهه جي شيئرنگ ڪئي اٿئي۔ ۽ اهي آهن زنده دل قومون جيڪي پنهنجي ملڪ جي ترقي جي لاءِ هر روز نت نيون ايجادون ڪنديون رهنديون آهن۔
اسان واري ملڪ ۾‌ته اِهو آهي جو پهريان هلندڙ گاڏيون به تباه ٿيو وڃن۔
 
جواب: ٽريفڪ جام جو زبردست حل، مستقبل جي ٽرانسپورٽ

ادا مست اهي ملڪ ته ڏينهنون ڏينهن ڪا نئين ايجاد کي عمل ۾ آڻين ٿا۔ پر اسانجي ملڪ پاڪستان جو هرڪو حال ڄاڻي ٿو۔ نئين ايجاد ڪابه عمل ۾ نه ٿي اچي۔ باقي پهريان هلندڙ گاڏيون به تباه ٿيو وڃن۔ الله سائين اسانجي ملڪ جي حڪمرانن کي به ملڪ جي صحيح خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ (آمين)
 
جواب: ٿري ڊي ايڪسپريس ڪوچ جون ڪجهه تصويرون۔۔۔

سائين واھ جي بس آهي پاڪستان وارن ايجاد ڪئي آهي نه۔۔۔؟
 
جواب: ٽريفڪ جام جو زبردست حل، مستقبل جي ٽرانسپورٽ

جيو مست جيو اصل واهه جي شيئرنگ ڪئي اٿئي۔ ۽ اهي آهن زنده دل قومون جيڪي پنهنجي ملڪ جي ترقي جي لاءِ هر روز نت نيون ايجادون ڪنديون رهنديون آهن۔
اسان واري ملڪ ۾‌ته اِهو آهي جو پهريان هلندڙ گاڏيون به تباه ٿيو وڃن۔

مهرباني ادا عبدالوهاب۔۔۔۔
ادا ملڪ جي ڳالهه ڪري رنگ ۾ ڀنگ ٿا ملايو۔۔۔۔
 
جواب: ٽريفڪ جام جو زبردست حل، مستقبل جي ٽرانسپورٽ

ادا مست اهي ملڪ ته ڏينهنون ڏينهن ڪا نئين ايجاد کي عمل ۾ آڻين ٿا۔ پر اسانجي ملڪ پاڪستان جو هرڪو حال ڄاڻي ٿو۔ نئين ايجاد ڪابه عمل ۾ نه ٿي اچي۔ باقي پهريان هلندڙ گاڏيون به تباه ٿيو وڃن۔ الله سائين اسانجي ملڪ جي حڪمرانن کي به ملڪ جي صحيح خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ (آمين)

صحيح ڳالهه آهي ادا
 
جواب: ٽريفڪ جام جو زبردست حل، مستقبل جي ٽرانسپورٽ

يار مست توهان جي ڳالهه بروبر درست آهي، جاني پر ڪجي ڪڏهن ڪڏهن ڪانڊيرو به وڻ بڻجيو وڃي

بابلا هتي ڪانڊيري کان ڳالهه چڙهي وئي آهي، ملڪ مڙئي ٿوهر ٿي ويو اٿئي، جيڪو هٿ وجهي پاڻ ڪنّڊا ٿي وڃي
 
جواب: ٽريفڪ جام جو زبردست حل، مستقبل جي ٽرانسپورٽ

توهان جي آندل بهترين، معلوماتي ۽ انتهائي اهم موضوعن کي ملائي هڪ موضوع بڻايو ويوآهي۔۔۔ دوستن جي سهولت لاءِ چائنيز زبان واري وڊيو کي انگريزي ورجن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي۔۔۔
حقيقت ۾ چائنا طرفان آندل پبلڪ بسن جو هي فارمولو انتهائي ڪارائتو، آلودگي ۽ نقصان کان پاڪ فارمولو آهي جنهن تحت عام پبلڪ گهٽ خرچ سان بهتر سفر ڪري سگهندي۔۔۔ يقينن مستقبل ۾ جديد گاڏين ۾ هي هڪ بهترين اضافو هوندو۔۔۔ ڇو ته هن جي بهترين فيچرس ۾ گاڏي جو شمسي توانائي واڌو بجلي سان هلڻ، ننڍين گاڏين کي پنهنجي هيٺان گذارڻ، روڊ تي مختصر جڳهه والارڻ کان علاوه ايمرجنسي جي صورت ۾ سمورا درواز کلي ڏاڪڻ ۽ ترڪڻ جي صورت بڻجي وڃڻ جنهن سان سمورا مسافر هڪ منٽ جي اندر بس مان نڪري سگهن ٿا۔۔۔۔ انتهائي لاجواب تصور آهي۔۔۔۔ دعا آهي ته اهي بسون جلد ڪراچي جهڙي ٽريفڪ سان ڀريل شهر ۾ پڻ متعارف ڪرايون وڃن۔۔۔
 
بلڪل سائين دعا ته اها ئي آهي۔۔۔ :-??
پر لڳي نه ٿو۔۔
 
Back
Top