مست
سينيئر رڪن
وفاقي حڪومت نيٺ ڪراچي ۾ 3 ڏينهن کان جاري رت جي راند جي رد عمل ۾ ڪراچيءَ ۾ شوٽ اِن سائيٽ (ڏسندي ئي گولي هڻڻ) جو حڪم صادر ڪري ڇڏيو آهي۔۔ اها ڳالهه رحمان ملڪ متحده جي مرڪز نائين زيرو تي اچڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي۔۔ سندس چوڻ هو ته هينئر پاڪستان ۽ خاص ڪري ڪراچي جا حالات نازڪ آهن ۽ دهشتگرد ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ ٿا چاهين۔۔۔ انهيءَ سان گڏ رحمان ملڪ ايم ڪيو ايم جي قتل ٿيل اڳواڻ رضاحيدر کي سرڪاري نوڪري ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو ۽ ان کان بعد هڪ ڳالهه واضح ڪئي ته حڪومت لاءِ هر شخص جي جان جي ايتري ئي اهميت آهي،جيتري ڪنهن اهم يا وي آءِ پي شخصيت جي جان۔۔۔۔
هاڻي يار ٻڌايو ته صحيح۔۔ دهشتگردن جي ڳڙهه ۾ ويهي اهي ڳالهيون ڪرڻ۔۔۔ ڪهڙي عملي ڳالهه آهي هن ۾ ؟