جيئن هند ۾ اڪثر لطيفا سکن تي ٺاهيا ويندا آهن تيئن سنڌ ۾ کوڙ لطيفا پٺاڻن تي ٺاهيا ويندا آهن ۔۔۔ اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻ سنڌ ۾ هڪ قبيلو آهي ”پٺاڻ“ بلا شبه اهو قبيلو سنڌي آهي ۽ سنڌ جي ٻولي ۽ ثقافت ۾ سمائجي ويو آهي ۔۔۔ پر لطيفي لکڻ واري انهن پٺاڻن جي ڳالهه ڪئي آهي جيڪي اصل پختونخواهه جا آهن ۽ نسواري آهن ۔۔۔ جن جي ٻولي ٻي، جن جي ثقافت ٻي ۽ جن جو رنگ ڍنگ سنڌين کان ڪوهي ڏور آهي ۔۔۔ هو نه ته سنڌ جا آهن ۽ نه وري ڪڏهن انهن مان سنڌ کي فائدو ٿيو آهي ۔۔۔ هميشه سنڌ مان کائيندا آهن ۽ سنڌ کي ئي نقصان ڏيندا آهن ۔۔۔ ڪجه سال اڳ تائين ته سنڌ جا ٻار اغوا ڪرڻ ۾ ملوث رهيا آهن ۔۔۔
جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي ڪنڌارئون ڌوڪو ۔۔۔
خئير لطيفي جي بيان ڪرڻ ۾ ڪو هرج ناهي هوندو۔۔۔ ڀوڳ ته ڀوڳ هوندو آهي ۔۔۔ ۽ سڄي دنيا ۾ ڪن قبيلن يا ذاتين يا وري قومن تي مختلف لطيفا ٺاهيا ۽ بيان ڪيا ويندا آهن ۔۔۔ هت سعودي عرب ۾ غامدي، زهراني ۽ ٻين اصل سعودي قبيلن تي ڪيترائي ٽوٽڪا ٺهيل آهن ۽ اسين سندن منهن تي ٻڌائيندا آهيون ۔۔۔
کل ڀوڳ کي دل ۾ نه ڪبو آهي ۔۔۔
اسانجو هڪ دوست هوندو هو سعيد اعواڻ ۔۔۔ اسين کيس ريجهائي پرچائي ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ وٺي وياسون، کيس ٽوپي پارائي فيلڊنگ لاءِ کڙو ڪيوسونس، جڏهن سندس ڏانهن بال ويو ته همراهه کي ڀڄڻو پيو ۽ جيئن ئي ڀڳو ته هوا تي ٽوپي لهي ويس ۔۔۔ هڪدم ميدان مان ٻاهر نڪري بيٺو، پڇا ڪرڻ تي ٻڌايائين ته هو اهڙي ڪابه راند نه کيڏندو جنهن ۾ ٽوپي لهي وڃي ۔۔۔ ٽوپي عزت آهي ۽ عزت لهي وڃي ته باقي ڇا بچو ۔۔۔ سو ادا هر هڪ ڳالهه کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جو الڳ الڳ نظريو هوندو آهي ۔۔۔
انڪري دل وڏي ڪيو ۔۔۔۔