السلام عليڪم۔اميد ته سڀ سنڌ سلامت جا دوست ٺيڪ هوندا۔۔۔۔۔۔۔؟ مان جو نالو ته آهي علي ڏنو سولنگي پر مان کي علي چوندا آهن مان هاڻي نائين ڪلاس ۾ آيو آهيان۔ مان کي هن اڱڻ جو ڏس همانگير وارن ڏنو آهي۔ مان جو ماڳ شڪارپور آهي۔
جواب: مان آهيان علي سولنگي ادا توهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀليڪار ٿو چوان۔۔ همانگير وارن جي مهرباني چئبي جن توهان جهڙن دوستن کي هتي اچڻ جو ٻڌايو۔۔۔
جواب: مان آهيان علي سولنگي سنڌي پٽ علي ۔۔۔ ڀلي ڪري آيا ۔۔۔ رب اوهانکي خوش ڪري، اسانجون اکيون ٿڌيون جو اوهان سنڌ دوست اوطاق تي ڀيرو ڀڳو ۔۔۔ هڪ صلاح ته منهنجا پٽ هي عمر تنهنجي تمام قيمتي آهي ۽ ڪنهن به شاگرد لا مئٽرڪ جا ٻه سال ۽ انٽر جا ٻه سال تمام گهڻا قيمتي هوندا، انهن سالن ۾ جيڪو شاگرد پاڻ ملهائي پڙهائي تي توجهه ڏئي ڪامياب ٿي ويو ته سمجهو سندس زندگي سون ٿي ويندي آهي ۽ هو سٺين ڪاليجن ۾ داخلا جي قابل ٿي ويندو آهي ۔۔۔ ۽ جي ان عمر ۾ ڪو شاگرد وقت وڃائي هيڏانهن هوڏانهن ۔۔۔ ياري باشي ۽ کيل تماشي ۾ لڳي ويندو آهي ته پڙهائي متاثر ٿيندي آهي ۽ سندس ڪامياب ٿيڻ جا موقعا گهٽ ٿي ويندا آهن ۔۔۔ هي ڳالهه آ انڪري ٿو چوان ته اوهان منهنجي اولاد جي عمر جا آهيو، ۽ سنڌي آهيو انڪري اوهانکي سڌي ۽ وقتائي ڳالهه ٻڌائڻ اسان وڏن جو فرض آهي ۔۔۔ اوهان پنهنجو گهڻي کان گهڻو وقت پڙهائي کي ڏيو ۽ ڪامياب ٿيو ته سمجهو سنڌ سلامت ڪامياب ٿي وئي ۔۔۔ بيشڪ انٽرنيٽ استعمال ڪيو ۽ ان مان پڙهائي ۽ علم جي سلسلي ۾ ۽ ڪجهه تفريح حاصل ڪرڻ ۾ مدد وٺو پر هروڀرو وقت نه وڃائجو ۔۔۔۔ اميد ته هن وڏي سنڌي ڀا جي ڳالهه دل ۾ نه ڪندا ۔۔۔ رب اوهانجي مدد فرمائي ۔۔۔ آمين
جواب: مان آهيان علي سولنگي ادا توهان بلڪل ٺيڪ چيو آهي۔ ۽ مون علي کي هن اوطاق جو سڏ ان جي لا۽ ڏنو ته هتي پنهنجي ڪم جون شيون حاصل ڪر نه ڪي فضول ٽائيم ويسٽ ڪر ادا نثار توهان بلڪل سهي آهيو
جواب: مان آهيان علي سولنگي ادا علي سولنگي صاحب۔۔۔ ڀلي ڪري آئين اميد ته ادي وڏي سائين نثار صاحب جي ڳالهين تي عمل ڪندين،،، مهرباني