لوئي (تنوير عباسي)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    لوئي (تنوير عباسي)

    مون هن کي سڃاتو ئي ڪين. ان ۾ منهنجو ڏوهه نه هو، واقعي هو ڪافي بدلجي ويو هو. مليو به سالن کان پوءِ هو. هن جي مٽن ۾ کڏون پئجي ويون هيون. وار ڦٽل هئس، جن ۾ شايد ڪن ڏينهن کان تيل نه وڌو هئائين. سندس رنگ ڪنهن اس ۾ پيل پن جيان لهسجي ويو هو. ڪپڙا ميرا ٿي ويا هئس، اندران پگهر ۾ ميري ٿيل گنجي ظاهر ٿي رهي هئي.

    مون کي يقين ئي نه آيو ته هي ڪو ساڳيو رفيق آهي، جو مون سان پورو سال گڏ پڙهيو هو – جنهن جو منهن ڀريل ۽ رنگ نکريل هوندو ه. جنهن جا وار سدائين سليقي سان سنواريل هوندا هئا، ۽ جنهن جي نرڙ تي سدائين هڪڙي چڳ لهرائيندي نظر ايندي هئي. ۽ سدائين صاف پئنٽ ۽ رنگين بش – شرٽ ۾ ملبوس نظر ايندو هو.

    مان ۽ رفيق ڇهين درجي ۾ گڏ پڙهيا هئاسين. ان زماني ۾ جڏهن ماستر اسان کي پڙهائيندو هو، ته هي نوٽ بڪ تي ماستر جي ڪارٽون ۽ ڇوڪرين جي اسڪيچن ٺاهڻ ۾ مشغول نظر ايندو هو. ۽ جڏهن ڪلاس پوري ٿيڻ بعد هو مون کي اهي ڪارٽون ڏيکاريندو هو، ته اسين ٻئي گڏجي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندا هئاسين. ۽ ٿوريءَ دير بعد هن جي چپن تي هڪ مرڪ کيڏندي نظر ايندي هئي، ڄڻ ته انهن ٽهڪن ڏيڻ سان هن کي سندس محنت جي قيمت ملي وئي هجي.

    سڄو سال هن ماسترن جي ڪارٽونن ۽ ڇوڪرين جي اسڪيچن ڪڍڻ ۾ گذاري ڇڏيو، ۽ جڏهن نتيجو نڪتو ته ظاهر هو ته هو ناپاس ئي ٿيو. ان کان پوءِ، هن سان گڏجڻ جو موقعو گهٽ ملندو هو. ڇو ته مان پاس ٿي ويو هئس، ۽ هي ساڳي ئي درجي ۾ ماسترن جا ڪارٽون ۽ ڇوڪرين جا اسڪيچ پيو ڪڍندو هو.

    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، مون کي خبر پئي ته هن کي اسڪول مان ڪڍيو ويو آهي. هن بورڊ تي هيڊ ماستر جو ڪارٽون ٺاهيو هو – ان ڏوهه ۾، اسڪول کان نڪرڻ بعد، وري مون کي هو نظر نه آيو، ۽ مون به ڪراچي ڇڏي، حيدآباد ۾ پنهنجي تعليم جاري رکي.

    اڄ ٽن سالن بعد جيئن ئي مان چانهه پيئڻ جي خيال کان هوٽل ۾ گهڙي رهيو هئس، ته هن مون کي ٻانهن کان جهلي پاڻ ڏي ڇڪيو. واقعي پهرين مون هن کي سڃاتو ئي ڪو نه، پر پوءِ غور سان ڏسڻ بعد، معلوم ٿيم ته هو ساڳيو رفيق آهي – اسڪيچن ۽ ڪارٽونن وارو رفيق، جنهن جو منهن ڀريل هوندو هو، ۽ مون سان گڏجي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو هو.

    مان هن کي پنهنجي گهر وٺي آيس. هن مون کي ٻڌايو ته هن کي گهر مان ڪڍيو ويو آهي – انهيءَ ئي فن جو شوق سببان. سندس والد جو چوڻ هو ته هو رنگن ۽ برشن تي اجايو خرچ ٿو ڪري ۽ سدائين سندس ڪپڙن تي رنگن جا داغ نظر اچن ٿا – بيڪار ٿو پيو وقت وڃائي – ان ڪري اهو شوق ڇڏي ڏي. پر هو بدستور تصويرون چٽيندو رهيو. ڪڏهن درياءَ جي مست لهرن جون، ته ڪڏهن اوڀر تي اٿندڙ شفق جي وڻندڙ لالائيءَ جون.

    ان کان پوءِ گفتگو جو موضوع ڦري، ان وقت جي حالتن تي آيو. هي اهو وقت هو، جو ماڻهن ۾ پنهنجي قوميت جو احساس اچي چڪو هو، ۽ هر طرف کان پنهنجي تهذيب کي بچائڻ جا آواز اٿي رهيا هئا. نوجوان طبقو ڪافي سجاڳ ٿي چڪو هو، پر رفيق نهايت جذباتي ٿي ويو هو. هن چيو،.“ هاڻي ٻيو سڀ ڪجهه ڇڏي، مون پنهنجي وطن کي تصويرن ۾ چٽڻ شروع ڪيو آهي ” هن مون کي ڪجهه تصويرون به ڏيکاريون – سکر بئراج، لئنسڊائون پل، سنڌي نينگرين جو کوهه تي جهرمٽ، سنڌي ٻڪرار پنهنجي ٻڪرين سان، ڪوٽڙي بئراج جي ڪنڌيءَ سان خانه بدوشن جا لڏا – انهن سڀني نظارن کي هن رنگن جي قيد ۾ آڻي ڇڏيو هو. هن شاهه جي بيتن کي تصويرن ۾ پيش ڪرڻ شروع ڪيو هو. نوري، سسئي، مارئي – اهي سڀ هن چٽيون. انهن ۾ مون کي مارئي جي تصوير ڏاڍي وڻي. هن ۾ ڏيکاريو ويو هو ته هڪ عاليشان محل ۾ مارئي پٽ تي ليٽيل آهي، هن جا وار پريشان آهن ، ۽ سندس سدا ۽ ميرا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا آهن، ۽ هوءَ انهن ڦاٽل ڪپڙن مان ظاهر ٿيندڙ اوگهڙ کي لوئيءَ سان لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

    هن تصوير جي قيمت گهڻي ٿيندي؟ مون هروڀرو کانئس پڇيو. هن تصوير جي قيمت؟ هن جي چپن تي طنزيه مرڪ ڊوڙي وئي. ماڻهن وٽ پئسو ڪٿي آهي اهڙين تصويرن تي خرچ ڪرڻ لاءِ؟ هنن کي فلم ايڪسٽريسن جون اڌ اگهاڙيون تصويرون کپن- ائين چوڻ سان هن جي دل ڀرجي آئي، ۽ چيائين “ڀاءُ! اسان جو عوام بکيو آهي. هن کي جنس جي بک، روح جي بک ..... آهي. هن جو به ته ڏوهه نه آهي. هن کي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح پنهنجي بک مارڻي آهي - ۽ آرٽسٽ؟ اهي به بکيا آهن. پيٽ جا بکيا. گويا هي به هڪڙو بک جو سودو آهي. آرٽسٽ عوام جي بک مٽائين ٿا ۽ عوام آرٽسٽن جي” .....

    ٻه ٽي ڏينهن مون وٽ رهڻ بعد، هو روزگار جي تلاش ۾ نڪري ويو...... ۽ سندس خط مون ڏانهن ايندا رهيا. ڪڏهن لاڙڪاڻي مان ته ڪڏهن سکر مان. ڪڏهن ڪٿان ته ڪڏهن ڪٿان. پهريائين تڪڙا تڪڙا خط لکندو هو ۽ پوءِ آهستي آهستي ڪري خط لکڻ بند ڪري ڇڏيائين. سندس خط ۾ سدائين سندس فن جي قدر نه ٿيڻ جو ذڪر هوندو هو.

    هڪ سال بعد، اوچتو هن جو خط آيو، جنهن ۾ هن پنهنجي اچڻ متعلق لکيو هو. جنهن ڏينهن هو اچڻ وارو هو. تنهن ڏينهن مان اسٽيشن تي ويس. گاڏي اچڻ تي مون ٿرڊ ۽ انٽر گاڏا ڳولهڻ شروع ڪيا. خلاف توقع هو هڪ سيڪنڊ ڪلاس گاڏي مان سوٽ ڪيس کڻي هيٺ لٿو.
    مون ڏٺو ته هو ساڳيو رفيق هو. اسڪول وارو رفيق، جنهن جا ڳل ڀريل هئا ۽ وار سليقي سان سنواريل هئا، ۽ هڪڙي چڳ سندس پيشانيءَ تي لڙڪي رهي هئي، ۽ هو هڪ اچي سوٽ ۾ ملبوس هو. هن گاڏيءَ مان لهڻ شرط سوٽ ڪيس قُليءَ جي حوالي ڪيو ۽ مون سان چنبڙي ويو.

    گهر وٺي اچڻ بعد، مون هن کي چيو، تنهنجي حالت هاڻي سڌري وئي آهي – شايد هاڻي دنيا تنهنجي فن جو قدر ڪرڻ لڳي آهي......!

    ها......! هن هڪ ڦڪيءَ مرڪ سان چيو. ڇو ته مون پاڻ دنيا جي جذبات جو قدر ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ائين چئي، هن سوٽ ڪيس کوليو، ۽ هڪ تصوير ڪڍي، ٿڌو ساهه ڀري، ان تي حسرت واري نظر وڌائين. مون کي ڏسڻ لاءِ ڏنائين.

    مون هن کان تصوير وٺي ڏٺي..... اها ساڳئي مارئيءَ جي تصوير هئي – اها ساڳي، جيڪا هن مون کي اڳئين سال ڏيکاري هئي. فرق فقط اهو هو ته هن جي ليڙون ليڙون ٿيل ڪپڙن مان بدن جي اوگهڙ ظاهر ٿي رهي هئي. هن جي لوئي لهي وئي هئي.

    (مهراڻ: 1 – 1956ع)


    ڪتاب مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون مان ورتل
    ليکڪ : حميد سنڌي
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: لوئي (تنوير عباسي)

    تنوير عباسي جا ليک، شاعري ۽ ڪهاڻيون پڙهڻ وٽان هوندا آهن ۔۔۔ هن ڪهاڻي جي آخري مٿي ڪوڊ ڪيل جملي ۾ حقيقت واضح آهي ۔۔۔۔ اها ساڳي حالت اڄ جي مارئي جي آهي ۔۔۔ اها ساڳي حالت اڄ جي سنڌ جي آهي ۔۔۔ اڄ جو عمر بادشاهه اهڙو عادل ناهي جهڙو اڳ جو عمر بادشاهه عادل هو جنهن مارئي کي آزاد ڪيو هو ۔۔۔ پر اڄ جو عمر بادشاه، ڪروڙن ماڻهن جو قاتل آهي ۽ هو مارئي جي جسم تان بچيل ڪپڙا ۽ سر تان لهي ڪنڌ ۾ پيل لوئي به لاهي وڃڻ جا جتن ڪري رهيو آهي ۔۔۔

    ڏسجي ته مارئي جا مارون ڪيستائين پنهنجي سنڌ مارئي جي ڪپڙن کي تار تار ٿيندي ڏسندا ۔۔۔ ؟؟؟

    مهرباني دوست وساڻ ۔۔۔۔
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: لوئي (تنوير عباسي)

    سائين، مونکي هڪ بيت ياد اچي ويو آهي پر ٿورو کُٽل آهي، جيڪو بلڪل انهي پوري مضمون جواب آهي۔

    ماندي ٿي نه مارُئي تنهنجو الله آهي،
    سو ورهين جا ڏکڙا هڪ لحظي ۾ لاهي،


    سائين اهو شعر مڪمل ڪريو توهان پوري ڪهاڻي جو جواب هن ۾ ئي ملندو
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: لوئي (تنوير عباسي)

    مهربانيون دوستو۔

    ادا عبدلوهاب پورو شعر هن ريت آهي

    ماندي ٿي نه مارُئي تنهنجو الله به آهي،
    سو ورهين جا ڏکڙا هڪ لحظي ۾ لاهي،
    اهڙو ئي مالڪ آهي جو ماڳ پهچائيندئي ماروي
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: لوئي (تنوير عباسي)

    اوهان جي لکيل سٽن جي درد ۽ پيڙاء کي محسوس ڪندي سنڌ جي هن اهم معملي تي ڪريم چانڊيو سان ڳالهائيندي الائي ڇو اکيون ڀرجي آيون آهن۔ اوهان جي هنن سٽن روئڻهارڪو ڪري ڇڏيو آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو