مست
سينيئر رڪن
حوالو: روزنامه ڪاوش 6 آگسٽ 2010
ڪشمور جو سڄو ڪچو ٻڏي ويو، هزارين ماڻهو ڦاسي پيا،بندن کي 20 هنڌن تي روڻيون
ڪشمور ڪچي وارو سمورو علائقو پاڻي هيٺ اچي ويو آهي جنهن سبب سوين ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙن تي بيٺل وونئڻن ۽ سارين توڙي ڪمند جو فصل مڪمل طور پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، هزارين ماڻهو اڃا تائين ڪچي واري علائقي ۾ پاڻي ۾ ڦاٿل آهن، جنهن کي محفوظ هنڌن تائين پهچائڻ لاءِ ڪوبه جوڳا اپاءُ ناهن ورتا ويا، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي نيوي جا اهلڪار ٻيڙين ذريعي ماڻهن کي محفوظ هنڌن تائين پهچائي رهيا آهن، گذريل رات کان وڌيڪ پاڻي هيٺ آيل ڳوٺن ۾ ڳوٺ صادق مزاري،غلام قادر جکراڻي، جهنگل سولنگي، ساماڻو سولنگي، شاهه محمد مزاري، غلام رسول سولنگي، باقر سولنگي، احمد چنا، اسد خان مزاري، محمد ابراهيم ڊرگهه سميت 50 کان وڌيڪ ڳوٺ شامل آهن، پاڻي جو وهڪرو وڌڻ سبب پاڻي جو دٻاءُ ڪي ڪي بند، ٽوڙي بند ۽ ايل ايم بند تي وڌي رهيو آهي، اهڙي صورتحال سبب ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس پکڙيل آهي جنهن ڪري پ پ ضلعي ڪشمور جي صدر مير مختيار احمد سهرياڻي ، جماعت اسلامي سنڌ جي امير اسدالله ڀٽو ۽ مسلم ليگ (ن ) جي اڳواڻ جلال الدين مزاري جي اڳواڻي ۾ سوين ڳوٺاڻا حساس قرار ڏنل بندن تي امدادي ڪاررواين ۾ حصو وٺڻ لاءِ پهچي ويا آهن،جڏهن ته ڪي ڪي، ٽوڙي ۽ ايل ايم بند ۾ 20 هنڌن تان روڻيون پيون، جن کي ضلعي انتظاميا، پوليس ، رينجرز ۽ ڳوٺاڻن جي مدد سان بند ڪيو، ڊي سي او ڪشمور عابد علي شاهه صحافين سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي ته 25 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي پهچائي انهن ۾ کاڌ خوراڪ سميت ضرورت جون شيون فراهم ڪيون پيون وڃن ٻئي طرف گڊو ٿرمل پاور هائوس جي پوئين پاسي ڪئمپ ۾ ترسايل متاثرن جي انتظاميا ڪابه واهر نه ٿيڻ ڪري اهي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن . 
