مست
سينيئر رڪن
حوالو: روزاني ڪاوش 6 آگسٽ 2010
قادرپور لوپ بند کي روڻيون، آبپاشي کاتي پاران ڪرايل ڏيڍ ڪروڙ جو ڪم به بند کي مضبوط نه ڪري سگهيو، ٽٽڻ سان گهوٽڪي شهر ٻڏي ۽ قديم شاهراهه ۽ ريلوي ٽريڪ لڙهي ويندا، ڪچوٻنڊي بند گهوٽڪي تعلقي جي يونين ڪائونسل حسين ٻيلي ۾ آهي، 1976ع دوران سنڌو ۾ گهوٽڪي ويجهو درياءَ جو شينڪ ٽٽڻ بعد قادرپور لوپ بند تعمير ڪيو ويو هو، جنهن کي 1994ع ۾ درياءَ کائڻ شروع ڪيو، جنهن بعد درياءَ بند کي پائڻ شروع ڪيو، نتيجي ۾ ڪيترائي ڳوٺ درياءَ جي نظر ٿي ويا، هاڻوڪي هنڌ تي درياءَ جي پهچڻ تي 2004 ۾ ايريگيشن کاتي جي بند ڊويزن طرفان پٿرن جي پچنگ جو ڪم شروع ڪيو ويو، تقريبن ڏيڍ ڪروڙ رپين جي لاڳت سان 50 فوٽ تائين پٿرن جي ايپران تعمير ڪئي وئي، جنهن بعد اهو سمجهيو ويو ته بند مضبوط ٿي ويو آهي پر هن دفعي وري درياءَ ۾ چاڙهه دوران ايريگيشن کاتي طرفان لکين رپين جي ڪرايل ڪم جو نتيجو اڳيان اچي ويو ۽ گذريل رات بند کي روڻيون پوڻ سان ئي علائقي واسين جو بند جي مضبوطي تان ويساهه کڄي ويو، جنهن ڪري لڏپلاڻ شروع ڪئي وئي، جڏهن ته انتهائي حساس بند هجڻ باوجود ايريگيشن کاتي بند تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو، 2 ڏينهن اڳ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه بند جو معائنو ڪري بند تي وڌيڪ پٿر پهچائڻ جو حڪم ڏنو جنهن تي ڪوبه عمل نه ٿيو، جڏهن ته رات جو بند جي نگراني لاءِ ايريگيشن کاتي طرفان ماڻهو به مقرر نه ڪيا ويا، جنهن ڪري پ پ جي ايم اين اي ميان عبدالحق عرف ميان مٺو پنهنجي طرفان هڪ سئو مزدور گهرائي رات جو انهن کي بند جي چوڪسي لاءِ مقرر ڪيو، جڏهن ته انتهائي گهڻو خطرو هجڻ باوجود بند تي بجلي جو ڪوبه انتظام نه ڪيو ويو، ايريگيشن کاتي طرفان بند تي رکايل جنريٽر هڪ ڏينهن به نه هليو، جنهن ڪري بند تي اوندهه ڇانيل هئي، واضح رهي ته خطري جي منهن ۾ آيل ڪچوٻنڊي وٽ قادرپور لوپ بند جو 2004ع ۾ هاڻوڪي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل اشفاق پرويز ڪياني به معائنو ڪيو هو، جيڪو ان وقت سنڌ جو ڪور ڪمانڊر هو، ڪچوٻنڊي بند ڀرسان ڪچوٻنڊي ٿاڻو به آهي، جڏهن ته بند جي ٻاهران گهوٽڪي ضلعي جي سڀ کان وڌيڪ زرخيز زمين آهي، جنهن ۾ هن وقت ڪمند ۽ وونئڻن جو فصل هزارين ايڪڙن تي پوکيل آهي، جڏهن ته بند جي سامهون بدر گئس فيلڊ پڻ آهي جنهن ۾ گئس جو هڪ کوهه آهي، بند جي امڪاني ٽٽڻ جي صورت ۾ گهوٽڪي شهر، پنو عاقل نيشنل هاءِ وي ۽ ريلوي ٽريڪ سڌي ريت خطري ۾ آهن، جڏهن ته پنو عاقل فوجي ڇانوڻي جي جنرل ڪمانڊنگ آفيسر (جي او سي) ۽ برگيڊيئر ڪچوٻنڊي بند قادرپور لوپ بند جو معائنو ڪيو ۽ ڪيتري ئي دير تائين بند جي صورتحال جو جائزو ورتو، جڏهن ته بند تي پاڻي جي دٻاءُ سبب بند کي ڳوٺ اميربخش چاچڙ وٽ روڻيون ظاهر ٿي پيون، جنهن ڪري پاڻي بند جي ٻي پاسي ڏانهن وهڻ شروع ٿي ويو، جنهن کي بند ڪرڻ لاءِ هنگامي طور تي بلڊوزرن ذريعي پٿر وجهڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو، هوڏانهن بند جي انتهائي خراب حالت هجڻ سبب بند تي سڄو ڏينهن پاڪستان آرمي، رينجرز ۽ پاڪستان نيوي جا جٿا هاءِ الرٽ رهيا، جڏهن ته پ پ جي ايم پي اي ڄام اڪرام الله ڌاريجو پڻ پ پ جي عهديدارن سڪندر علي لاکو ۽ ٻين سان گڏ بند جو دورو ڪيو، جڏهن ته اين سي ايڇ ڊي طرفان به ڪچوٻنڊي وٽ ڪئمپ قائم ڪئي وئي، ڪالهه صبح سان ٻڌايو ويو ته سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ڪچوٻنڊي ۾ قادرپور لوپ جو معائنو ڪندو پر هو سکر کان سڌو گڊو روانو ٿي ويو، سڄو ڏينهن انتهائي حساس بند جو ڪنهن به وزير معائنو نه ڪيو.
قادرپور لوپ ۾ روڻيون، بلڊوزر آندا ويا، جي او سي پهتو