اڄوڪي دور ۾ سائنس جي تحقيق مطابق صحيح وقت تي پاڻي واپرائڻ سان انساني جسم کي تمام گهڻو فائدو حاصل ٿئي ٿو۔۔ کاڌو کائڻ کان پهرين 2 گلاس پاڻي پيئڻ سان هاضمو درست رهي ٿو۔ صبح ساڻ اٿڻ مهل هڪ گلاس پاڻي پيئڻ سان انساني جسم جي سمورن عضون ۾ رت جي گردش صحيح ٿئي ٿي، جنهن جي ڪري اهي عضوا صحيح ڪم ڪن ٿا۔ رات جي وقت سمهڻ کان پهرين هڪ گلاس پاڻي پيئڻ سان رات جو اوچتو دل جو دورو پوڻ جو خطرو گهٽجي وڃي ٿو۔۔ وهنجڻ کان پوءِ هڪ گلاس پاڻي پيئڻ سان بلڊ پريشر گهٽ نه ٿيندو آهي۔
جواب: پاڻي پيئڻ جا ڪجهه بهترين اصول۔۔۔ ادا تمام بهترين سمجهاڻي آهي۔ مهرباني پر آءُ ته صبح جو ٻهه گلاس پيئندو آهيان
جواب: پاڻي پيئڻ جا ڪجهه بهترين اصول۔۔۔ ادا۔۔۔ هي عام انسانن جي لاءِنسخو آهي، اسلام آبادين لاءِ نه آهي۔۔۔ ها ها ها
جواب: پاڻي پيئڻ جا ڪجهه بهترين اصول۔۔۔ اڙي ادا ڇو ڀلا اسلام آبادي عام انسان ناهن هوندا ڇا۔؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
جواب: پاڻي پيئڻ جا ڪجهه بهترين اصول۔۔۔ ادا مست توھان خاص اصول ته ڇڏي ڏنا۔نبي پاڪ جي سنت مطابق پاڻي پيئڻ جا ھي طريقا آھن۔پاڻي ويھي پيجي،پاڻي کي ڏسي پيجي،ٽن ساھين ۾ پيجي ، ماني کان اڳ يا وچ ۾ استعمال ڪجي۔
جواب: پاڻي پيئڻ جا ڪجهه بهترين اصول۔۔۔ ادا بلڪل توهان صحيح ڳالهه ڪئي آهي۔۔۔ پر ادا مٿي ذڪر ڪيل اصول مان سائنس جي تحقيق جي حساب سان ڏسايا آهن، رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن جي سنت مطابق ڏسيل هي ڪجهه اصول مان ڏسڻ پئي چاهيا پر انهن لاءِمون وٽ پڪو حوالو نه هو، ان ڪري في الحال مان انهن کي ڇڏي ڏنو ته ڪنهن ٻئي موضوع ۾ پيش ڪندس۔۔ نشاندهي ڪرڻ جي مهرباني ادا عالم۔۔۔