فاطمه ڀٽو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سياسي ڌنڌ ۾ وڃايل حقيقتون ۽ اسان جا قلم!




    خميس 6 مارچ 2008ع



    آئون پاڪستان مان هتي پهتي آهيان. هڪ اهڙو ملڪ جتي تازو اليڪشن جو رائونڊ نان سويلين حڪمرانن جي نگرانيءَ ۾ مڪمل ٿيو آهي. اسان کي هڪ سال گذري ويو، جيڪڏهن ماضي ڪنهن شيءِ جي گذري وڃڻ جو نالو آهي ته هڪ امتحاني مستقبل اسان جو انتظار ڪري رهيو آهي. ميلان ڪنڊيرا هڪ ڀيري لکيو هو ته، ”طاقت خلاف ماڻهن جي جدوجهد به ائين آهي، جيئن يادداشت جي ويسر خلاف ويڙهه هجي.“ اسين نوجوان ليکڪ ۽ شهري، جن وٽ جتي ٻيون ڪي آسائشون ڪونهن، اتي خاص طور تي شين کي وساري ڇڏڻ يا انهن بابت بي خبر رهڻ واري عياشي ته ڪري ئي نٿا سگهون. اسين ان دنيا ۾ پيدا ٿيا آهيون، جيڪا دنيا اڳواٽ ئي موجود هئي، اها دنيا اسان تخليق ناهي ڪئي. شايد ان موقعي کان انڪار ڪيو ويو هو ته جنهن دنيا ۾ اسان رهون پيا، ان کي ڪو نئون روپ ڏجي، ۽ ان کي پنهنجي هٿ وس ڪجي. اسان جو ايندڙ نسل به اتي ئي اچي رهڻو آهي. اڄ جو جديد دور قديم دور ۾ پٿر تي اڪريل ڊرائينگ جيان هوندو، جيڪڏهن اسان سوچڻ کان سواءِ، مشاهدي ڪرڻ بنا اختيار حاصل ڪرڻ لاءِ تڪڙ ڪندا رهنداسين. ان جو ٻيو مقصد اهو ئي آهي ته اسان پنهنجي پسمنظر کان انڪار ڪريون ٿا، پنهنجي ماضيءَ کي وساريون ٿا. اسان وٽ جيڪا بدقسمتي ۽ بدنصيبي آهي، سا اسان پاڻ پيدا ناهي ڪئي، پر اها ڄڻ ته اسان کي ورثي ۾ ملي آهي. اسان سڀ ان عالمي نظام تي ڀاڙي ويٺل آهيون، جيڪو تشدد ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو آڻي رهيو آهي، جيڪو تشدد کي فروغ ڏئي رهيو آهي. انهيءَ سياسي ڌُنڌ کي هٽائڻو پوندو، ۽ ان جي خلاف وڙهندي اسان کي لازمي طور تي پنهنجو آواز ۽ پنهنجو قلم بلند ڪرڻو پوندو ته جيئن اسان رڪارڊ تي آڻي سگهون ته انهيءَ ڌُنڌ جي پويان ڇا هو.

    اچو ته هڪڙي لمحي لاءِ اهو ڌُنڌ هٽائي ڏسون. 2006ع ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان طرفان باجوڙ ۾ گڏيل آپريشن شروع ڪيو ويو. باجوڙ پاڪستان جو هڪ ننڍڙو قبائلي علائقو آهي، جيڪو وفاق جي انتظام هيٺ هلي ٿو. هيءُ هڪ جابلو علائقو آهي. ان کانسواءِ هي سوويت يونين واري زماني ۾ سوويت جو جنگي ميدان پڻ رهيو آهي، انهن هزارين دربدر ٿيل افغانين جو گهر پڻ آهي، جيڪي سوويت يونين واري زماني ۾ لڳل افغان جنگ ۾ متاثر ٿيا هئا، اسان کي باجوڙ لاءِ اهو ضرور ياد رکڻو پوندو. اهو ياد رکڻ ان ڪري به ضروري آهي، جو باجوڙ هڪ ڀيرو وري بدنامِ زمانه جنگجوئن لاءِ ويڙهه جو ميدان بڻيل آهي.

    جنوري ۽ نومبر 2006ع ۾ هتان جون ڪيتريون ئي بيگناهه عورتون ۽ مرد ماريا ويا، هو ان ويڙهه جو شڪار ٿيا، جيڪا ويڙهه ”دهشتگردي خلاف جنگ“ جي نالي تي شروع ڪئي وئي، جيڪا جنگ صرف صدر پرويز مشرف جي پنهنجي مرضي کان سواءِ ڪجهه به ناهي. هن جنگ جو پهريون حملو هڪڙي ميزائيل سان ٽن گهرن مٿان ڪيو ويو هو، جنهن ۾ معصوم ٻار ۽ عورتون مارجي ويون. پاڪستاني سڪيورٽي جا ادارا اها ڳالهه مڃڻ کان بلڪل انڪاري آهن ته ڪو هو آمريڪا سان گجي اها جنگ ڪري رهيا آهن، ۽ هو ان جي چوڻ تي پنهنجي ماڻهن جو ڪوس ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف آمريڪا به ان انسان دشمن عمل جي معافي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هنن جو مقصد القائده جي مکيه اڳواڻ ايمن الزواهري کي قتل ڪرڻ هو، پر کين اهو انهن لاشن ۾ هٿ نه اچي سگهيو، جيڪي بيگناهه باجوڙ جي ماڻهن جا اتي پيل هئا. جديد هٿيارن سان وڙهي ويندڙ ان جنگ ۾ دنيا جا ٻيا ملڪ به آمريڪا کي نٿا روڪين، انهن جا به پنهنجا ڪيترن ئي قسمن جا مفاد آهن.

    اهي سڀ ماڻهو، جيڪي آمريڪا جي ان خونخوار جنگ ۾ ساڻس گڏ آهن، انهن کي ڪو مسئلو ڪونهي جو اهي عوامي تباهيءَ وارا هٿيار ۽ ٽيڪنالاجي ان کي ڏئي رهيا آهن، جهڙوڪ ”هيليفائر“ ۽ ”پريڊيٽر“ ۽ شايد جلد ئي ”ڊريگون فائر“ ٽيڪنالاجي به انهن تي آزمائي وڃي، جيڪا آمريڪا وٽ تيار ٿي رهي آهي. اتي ڪيترن ئي ماڻهن جو قتلِ عام ٿي رهيو آهي، پر چون ٿا ته ان قتلِ عام تي آمريڪا ڇو معافي وٺي، ڇاڪاڻ جو اهو آپريشن آهي. پر اسان اهو ڇو وساريون ته اهو بي وقتو آپريشن آهي، جنهن ۾ نه وقت جو تعين ڪيو ٿو وڃي نه ان جڳهه بابت صحيح معلومات هجي ٿي، جنهن کي ٽارگيٽ بڻايو ٿو وڃي. ان صورتحال کان پوءِ به آمريڪا اهو مڃڻ کان انڪاري آهي ته ڪو هو هڪ وڏو ظلم ڪري رهيو آهي، پر ”دنيا کي دهشتگردن کان محفوظ“ رکڻ واري ”سخت قدم“ کڻڻ ڏانهن وڌي رهيو آهي.

    هڪ موقعي تي باجوڙ جي هڪ مدرسي تي ميزائيل ڪيرائڻ سان اٽڪل 80 ماڻهو قتل ٿي ويا، جن ۾ اتي جا شاگرد ۽ استاد به شامل هئا. ٽن فوجي هيليڪاپٽرن تان فجر جي ٽائيم اها بمباري ڪئي وئي. جيڪي 80 ماڻهو ان بمباريءَ ۾ قتل ٿي ويا، اهي جنگ جي ٻوليءَ ۾ ”ڏوهاري“ هئا. حڪومت جي رڳو اها ذميواري ناهي ته اها سچ ڳالهائي، پر اها به ان تي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اها ساڻن مهذب نموني پيش اچي.

    جيڪڏهن اهي شاگرد ۽ استاد اسامه بن لادن جيان ڪنهن اهڙي رٿابندي ۾ گهربل هئا، جنهن تحت آزاد ۽ معصوم ماڻهن تي حملو ٿيڻ جو خطرو هو ته پوءِ انهن کي پڪڙيو وڃي ها، سزا ڏني وڃي ها، انهن جي گرفتاريءَ جا وارنٽ ڪڍيا وڃن ها، انهن جي دفاع لاءِ وڪيل رکيا وڃن ها، هڪڙو اهڙو عدالتي ٽرائيل جوڙيو وڃي ها، جنهن مان هو گذرن ها. انهن جي ڏوهه کي هيليڪاپٽر تان بيهي نشانو نه پيو ڪري سگهجي. جيڪڏهن حڪومت ان طريقي سان انصاف جو احترام ڪرڻ کان لنوائيندي ته پوءِ انهن جي تشدد کان اسان ڪيئن محفوظ رهي سگهنداسين، جيڪي پاور ۾ هجن ٿا؟ اسان وٽ فقط پنهنجا لفظ آهن، مس آهي، پنهنجون يادون آهن، ۽ نه وسارڻ آهي.

    هڪڙي اندازي موجب بلوچستان ۾ پنج کان اٺ هزار شهري ”لاپتا“ آهن. هي دهشتگردي خلاف وڙهي ويندڙ ويڙهه ست سال اڳ شروع ٿي هئي. اهي ڪير آهن، جيڪي لاپتا آهن؟ اهي بلوچ قومپرست آهن، سنڌي قومپرست آهن، شاگرد آهن، پروفيسر آهن، مزدور اڳواڻ آهن، سياسي ڪارڪن آهن، انهن مان ڪي پيءُ ته ڪي وري پُٽ آهن. پر سرڪار انهن بابت ڪجهه معلوم هجڻ کان انڪار ڪريو ويٺي آهي، ايتري قدر جو انهن ماڻهن کي ميڊيا ۾ به بهتر نموني رپورٽ نه پيو ڪيو وڃي. جيئن 48 سالن جي هڪڙي پوڙهي کي بقول سرڪار جي ان ڏوهه ۾ رکيو ويو آهي ته ان جو تعلق ڪنهن دهشتگرد تنظيم سان آهي. انهن ماڻهن جو جڏهن ڏوهه معلوم ڪبو ته شايد وڌ ۾ وڌ اهو ئي ڏوهه هوندو ته انهن نان سويلين حڪومت خلاف پمفليٽ ورهايا هوندا، شايد اهي ان ڏوهه ۾ گم ڪيا ويا هجن ته انهن رياست خلاف ڳالهايو هوندو. پر ڪنهن کي ان نموني سان گم ڪري ڇڏڻ به ته دهشت آهي، پر ان لاءِ نه ڪنهن کان پڇاڻو ڪيو ويو آهي، نه وري ڪنهن جو احتساب ٿيو آهي. اوهان تصور ڪيو ته جيڪڏهن اوهان ان عمل جي مخالفت ڪريو ٿا ته اوهان به ”لاپتا“ ٿي سگهو ٿا، ۽ ڪير به ڪڏهن به ڄاڻي نه سگهندو ته اوهان سان ڇا ٿيو؟ اوهان جو ڏوهه اوهان کي ڪنهن ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ کان سواءِ ئي اوهان مٿان مڙهيو وڃي ٿو.

    روزانه اخبارن ۾ عورتن جا فوٽو ڇپجن ٿا، جن ۾ اهي سرڪاري عمارتن اڳيان ۽ پريس ڪلبن اڳيان مظاهرا ڪن ٿيون ته اسان جا پيارا ڪٿي آهن. گذريل سال جي نومبر مهيني ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ کان اڳ آئون ڪوئيٽا ۾ هيس، بلوچستان مون کي ”لاپتائن“ جو ديس لڳي رهيو هو. 22 سالن جو بابو سمالانيءَ جو قصو به ٻڌو. هو 22 سيپٽمبر تي گهران ڪنهن پارڪ ۾ واڪ ڪرڻ لاءِ نڪتو هو. هيءُ يونيورسٽيءَ جو گريجوئيٽ هو، سوشالاجي ۽ سياست جي شعبن ۾ پڙهندڙ هن شاگرد جو خواب هو ته آئون انگلش ۾ ماسٽر ڪريان. ملڪ جي ٻين ڪيترن ئي نوجوانن جيان بابو کي پڻ پنهنجي ملڪ جي سياست تنگ ڪري رهي هئي. پرتشدد واقعا، ناانصافي ۽ غربت هن لاءِ سخت مشڪلاتون پيدا ڪري ڇڏيون هيون. پر هن کي تبديليءَ جو هڪ موقعو مليو ۽ هن محسوس ڪيو ته جيڪڏهن هو پنهنجي ڪميونٽيءَ جي سياست ۾ پنهنجي سيڙپ ڪري ته هيءَ هڪ ذميوار شهريءَ جون ذميواريون نڀائي سگهي ٿو. اُن خيال کان هن بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) جوائن ڪئي. هيءُ هڪڙو ذميوار سياسي ڪارڪن هو. 22 سيپٽمبر تي لڳ ڀڳ ساڍي ٽين وڳي کانپوءِ بابو سمالاني لاپتا آهي. هو زور زبردستيءَ ڪنهن ڪار ۾ کنيو ويو ۽ جڏهن بابو گهر واپس نه پهتو ته سندس گهر وارن ڀر واري پوليس اسٽيشن سان رابطو ڪري بابو بابت پڇا ڪئي، پر اتي ڪو به رڪارڊ موجود نه هو. هن کي وڏو عرصو گهر ڀاتي وري ڏسي نه سگهيا. انهن ملڪن ۾ ڪي به ماڻهو ايئن لاپتا ناهن ٿيندا، جن ملڪن ۾ عام ماڻهوءَ جي حڪومتي ايوانن تائين رسائي هوندي آهي، جتي حڪومتون عام ماڻهوءَ ڏانهن ذميوار هونديون آهن. اهو سڀ ڪجهه اتي ٿيندو آهي، جتي ”خفيه تشدد“ ۾ يقين رکندڙ حڪومتون هجن ٿيون، جتي حڪومتي ادارا پنهنجي شهرين جي خلاف ڪم ڪن ٿا. ڪنهن کي خفيه نموني قيد ڪرڻ سان حڪومت ان قابل هجي ٿي، جو حالتن کي معمول موجب رکي سگهي. لاپتا ماڻهن کي ختم ڪيو وڃي ٿو، ۽ ان جو اهڙو ڪو به ثبوت نٿو هجي، جنهن سان چئجي ته ڪو غلط ٿي رهيو آهي، هر شيءِ نارمل هجي ٿي. ڪاروهنوار معمول موجب هلندو رهي ٿو، جنهن ڪري گهرو توڙي پرڏيهي ڌريون هڪٻئي سان بنا خوف رابطي ۾ رهن ٿيون، جيڪي ٻي صورت ۾ خوفزه هجن. اسان وٽ لفظ آهن، ۽ انهن لفظن جي ڪري اسان تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. بابو جي باري ۾ منهنجو آرٽيڪل 15 نومبر تي ڇپيو هو ۽ 8 ڊسمبر تي مون کي ڪوئيٽا جي هڪ مقامي صحافيءَ وٽان هڪڙي اي ميل آئي، جنهن ۾ لکيل هو، ”فاطمه، بابو ملي ويو آهي.“ ان اي ميل ۾ اهو به ڄاڻايل هو ته ان کي هڪ ڳجهي اداري وارا کڻي ويا هئا. هن ڳالهه ڪرڻ مان منهنجو مقصد اهو ناهي ته هن جي بازيابيءَ جو ڪريڊٽ کڻي رهي آهيان، پر منهنجو مطلب اهو آهي ته مان ان ڳالهه تي زور ڏيان ته اسان وٽ لفظ آهن، اسان جا هٿيار وڪامي ويا آهن، پر اسان جا قلم سگهارا آهن ، ان ڪري اسان وڙهي سگهون ٿا. اسان اهو ياد ڪري وڙهون ته اقتدار ۽ سياست اسان مان اميد ٿي رکي ته اسان سڀ ڪجهه وساري ڇڏيون. هو اسان پاڪستانين مان اها اميد رکن ٿا ته اسان وساري ڇڏيون ته اسان ڪو آمريت ۾ گذاري رهيا آهيون. هو چاهين ٿا ته اسان اهو به وساري ڇڏيون ته اسان جي سرحدن اندر سولين جنگ هلي رهي آهي. هو چاهين ٿا ته اسان اهو به وساري ڇڏيون جيئن اسان اڄ ڳالهايون پيا ته اسان جو ملڪ اڄڪلهه پنهنجن ئي شهرين سان جنگ ۾ مصروف آهي. هو چاهين ٿا ته اهو به وساري ڇڏيو ته سويلين ليڊرشپ ڪا ڪرپشن ڪئي. هو چاهين ٿا ته اسان جي وڏن لفظن ۽ محاورن تي ريجهي وڃو. پر اهو سڀ ڪجهه قبولڻ جوڳو ناهي. هڪ اهڙو ملڪ جتي عوام جي ڳالهائڻ لاءِ بلڪل گهٽ فورم موجود آهي، اسان وٽ تمام گهٽ جايون آهن، کلي ڳالهائڻ لاءِ. اتي ڪنهن کي به مزاحمت ۽ احتجاج جو حق ناهي، اتي انهن سمورن ڪمن لاءِ صرف گهٽيون آهن، پر اهي غير محفوظ آهن. ڪو به رستو، ڪا به گهٽي، ڪو به روڊ محفوظ ناهي.

    سياست جي حالت اها آهي ته اتي سياسي نظرئي نالي هاڻ ڪا شيءِ ناهي رهي، شخصيتون ئي سڀ ڪجهه آهن. جڏهن مون پاڪستان ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ مسئلن تي ڳالهائڻ شروع ڪيو، مثال طور جڏهن مون فيوڊلزم خلاف لکڻ ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ڪراچي جا شاهوڪار ماڻهو منهنجي ان عمل تي ڏاڍا ڪاوڙيا. مون ٻه سال اڳ لکيو هو ته آئون وراثت واري سياست کي نه ٿي مڃان، جيڪا موروثي گورنمينٽ هجي، ان کي نه ٿي مڃان. آئون پاڻ اهو ڪنهن طوطي جيئان دهرايان ٿي، گذريل ڇهن مهينن کان، آئون ميلان ڪنڊيرا جي ڳالهه ۾ يقين رکان ٿي، آئون انهن لاءِ لکان ٿي جن لاءِ ڪو آواز نٿو اٿاري، جن جو ڪو همدرد ڪونهي.

    fatima.bhutto@gmail.com
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: فاطمه ڀٽو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڇا دربدريءَ ۽ بي گهريءَ جو ڪو ازالو ٿي سگهي ٿو؟



    خميس 26 جنوري 2006ع

    اها اڃا ڏينهن جي شروعات هئي، جڏهن مان پنهنجي گهر واپس ٿي هيس. گهر، جيڪو هڪ انسانن لاءِ انتهائي لازمي دنيا هجي ٿي. منهنجي دل تمام گهڻي صدمي ۾ هئي، ڇاڪاڻ جو مان اهي گهر ڏسي آئي هيس، جيڪي 3 ٽائون شپس تي مبني هئا، ۽ اهي ٽئين ٽائون شپس ڊاهي پٽ ڪرڻ جو طئي ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ جو اتي ڪا خوفناڪ شيءِ تعمير ٿيڻي آهي، جنهن کي ”لياري ايڪسپريس وي“ چيو وڃي ٿو. هزارين گهر اڃا ڊهڻا آهن، پر انهن جي ڊهڻ کان اڳ ايڪسپريس وي تعمير ڪرڻ لاءِ پهريان ئي 11000 گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن. هي اهي گهر آهن، جن جي تعمير ڪنهن به طرح سان غير قانوني نه ٿي هئي، پر سمورن گهرن جي قانوني حيثيت هئي. نه رڳو ماڻهن جا گهر ڊاهڻ جو طئي ڪيو ويو آهي، پر اهو به طئي ٿيو آهي ته اهي هزارين دڪان به ڊاهي پٽ ڪيا ويندا، جيڪي باضابطه طور تي ٽيڪس ڀرين ٿا.

    مون مٿي جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، سي توڙي جو فقط انگ اکر آهن، پر ڳالهه انگن اکرن کي پڙهڻ جي ناهي، پر ڳالهه ان انساني المئي کي محسوس ڪرڻ جي آهي، جيڪو هتي رونما ٿي رهيو آهي. اسان اهو هنڌ به ڪراس ڪيو، جنهن هنڌ لاءِ چيو پيو وڃي ته ان جاءِ تي 19 هين صديءَ ۾ هڪ قبرستان قائم ٿيو هو. پر شايد ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اتي ڪو به قبرستان نه هجي، ڇاڪاڻ جو اها جاءِ به انهيءَ خوني شاهراهه جي حد ۾ اچي ٿي. هڪ پيرسن شخص ماڻهن جي هجوم مان رستو ٺاهيندو اسان جي اڳيان اچي بيٺو، ۽ چوڻ لڳو ته، ”مان تازو ئي پنهنجي پٽ کي هتي دفن ڪيو آهي، پر هاڻي هو ان جي قبر جا نشان مٽائي، ان کي اڃا به مون کان پري کڻي وڃڻ چاهين ٿا.“ ڏسو هتي لاشن جو تقدس به ڪيئن نه پائمال ٿي رهيو آهي!

    سرڪار انهيءَ رستي جي تعمير لاءِ ڇو دليل ڏئي رهي آهي، جڏهن ان جي متبادل اسان وٽ هڪ ٻيو اهڙو رستو آهي، جيڪو اسان کي ساڳي رفتار سان هڪ پوائنٽ کان ٻي پوائنٽ تي پهچائي سگهي ٿو. اهو رستو ناردرن باءِ پاس آهي، جيڪو بلڪل به هن ئي ايڪسپريس وي وانگي آهي، جنهن جو استعمال بنا ڪنهن انساني آباديءَ کي بي دخل ڪرڻ جي ڪري سگهجي ٿو. قبرستان کان ڪجهه پرڀرو هڪ قديم مسجد به آهي، جيڪا 1840ع ۾ تعمير ڪئي وئي هئي، پر هاڻي زمين جي کوٽائي سبب اها مسجد به خطري هيٺ اچي وئي آهي، ”لياري ايڪسپريس وي“ ان لياري نديءَ جي مٿان ٺهڻو آهي، ۽ ان جي ٻنهي پاسي 100فوٽن جي والار ڪرڻي آهي. انهيءَ مقصد لاءِ اتي رهندڙ انهيءَ بلوچ آباديءَ کي بي دخل ڪرڻ ضروري آهي، جن کي اها زمين 1780ع ۾ خان آف قلات ڏني هئي. هيءَ فقط زمين ناهي، جنهن کي اسان نقشي تان ميساري ڇڏيون، پر هيءُ ته هن شهر جو ورثو ۽ تاريخ آهي، جنهن کي محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيئن اسان مهتا پيلس ۽ قائد اعظم جي يادگار شين کي محفوظ ڪيو آهي، ايئن ئي اسان کي هن قديم آباديءَ کي تحفظ ڏيارڻو آهي ته جيئن اسان ڪو تاريخي ورثو ڇڏي ايندڙ نسل جي ڪنهن ميار کان بچي سگهون. اسان پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ فقط ئي فقط ميڪڊونلڊس ۽ ڪي ايف سي نٿا ڇڏي سگهون. مان محسوس ڪريان ٿي ته هن قديم آباديءَ کي بي دخل ڪرڻ بي مقصد ۽ بي معنيٰ آهي.

    ڪراچي اهو شهر آهي، جنهن جا 45 لک ماڻهو ڪچي آبادين ۽ پوئتي پيل علائقن ۾ رهن ٿا. پر سموريون ڪچيون آباديون ايڪسپريس وي ۾ تبديل نه پيون ڪيون وڃن. انگن اکرن موجب ڪراچيءَ اندر 1200 ڪچيون آباديون آهن. شهر اندر اڳواٽ ئي ”ڪلين اپ“ پراجيڪٽ جي نالي ۾ 16740 سٽي گورنمينٽ ڊاهي ڇڏيا آهن. ”بي دخلين خلاف ڪارروائي“ ۽ ”بيوٽيفڪيشن اسڪيم“ وارن اصطلاحن هيٺ شهر جي صفائي ۽ سونهن لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيون وينديون آهن، انهن جو آخري نتيجو عوام جي خدمت ۽ ڪراچيءَ جي شهرين جي تحفظ لاءِ چونڊجي آيل نمائندن پاران تشدد برپا ڪرڻ جي صورت ۾ سامهون ايندو رهيو آهي. گذريل هفتي مون هندو اقليتن جي رهائش وارو علائقو ”پريم ڪالوني “ گهمي ڏٺو، جيڪو علائقو گلشن اقبال کان ٿوري پنڌ تي آهي، ان ڪالونيءَ کي به سرڪاري ايجنسين ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي. اتي مان جڏهن پنهنجي ڪار مان لهي هيٺ بيٺيس ته عجيب احساس ٿيو. مون کي لڳو ته ڄڻ مان بالا ڪوٽ يا مظفرآباد ۾ هجان، پر مان اتي نه هيس، مان ڪراچيءَ جي دل ۾ هيس. پر هتي آيل تباهي قدرت جي پاران آيل نه هئي، اهو انسانن پاران برپا ڪيل تباهيءَ جو نمونو هو. پريم ڪالونيءَ جي رهائشين مٿان پوليس اهلڪار لاٺي چارج ڪندا رهيا، جڏهن انهن اهڙي ظالماڻي ڪارروائي ۽ پنهنجي بي دخليءَ تي احتجاج ڪيو ته ناظم مصطفيٰ ڪمال انهن سان ملاقات کان مسلسل انڪار ڪندو رهيو. ان وقت مان ڪالونيءَ جي انهن ماڻهن سان گڏ هيس، جڏهن هو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ناظم آفيس جي ٻاهران گڏ ٿيا هئا. ڪيتري ئي وقت تائين هو هڪ چونڊيل نمائيندي سان ملاقات لاءِ وڏي صبر سان دڳ تي ويٺا رهيا. سخت سرديءَ دوران انهن جي گهرن تي بلڊوزر هلائي کين بي گهر ڪيو ويو هو. ڪيتري ئي وقت تائين مان پاڻ انهن بي گهر ماڻهن سان گڏ ويٺل هئس. مون بلڊوز ڪيل پريم ڪالوني ۽ رحمتيه ڪالونيءَ جي عورتن ۽ ٻارن سان گڏ هيس، جن کي گهر جهڙي بنيادي انساني حق کان محروم ڪيو ويو هو. مون کي خوف آهي ته مان انهن سان ايندڙ هفتي به ايئن ئي ڪنهن چونڊيل نمائندي جو انتظار ڪندي رهنديس، ان کان پوءِ ٻئي هفتي، وري ٽئين هفتي ۽ پوءِ هر ايندڙ هفتي. پر ڇا ڪنهن هفتي انهن سان انصاف به ٿيندو؟

    جڏهن ڪير اهڙي انساني المئي جي معاوضي جي ڳالهه ڪري ٿو ته ڄڻ اهو سرڪاري ڪارندن پاران زبردستي نيڪاليءَ کي جائز قرار ڏيندو هجي. دربدري ۽ بي گهريءَ جي ازالي جو ڪو به متبادل نٿو ٿي سگهي. ”لياري ايڪسپريس وي“ جي متاثرين کي ملندڙ ٿورو معاوضو ڇا انهن جي بي گهري ۽ دربدريءَ جو ازالو ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندو؟ ”لياري ايڪسپريس وي“ جي رڳو 8000 متاثرين کي رهڻ لاءِ فقط پلاٽ ۽ زمين ڏني وئي آهي، جيڪي پلاٽ به انهن جي اصل آباديءَ کان تمام گهڻو پري آهن. جتان کان انهن جي ٻارن جا اسڪول، ۽ سندن ڪم ڪرڻ جون جايون تمام گهڻو پري آهن، پر اهي خاندان قسمت وارا ليکيا وڃن ٿا، ڇاڪاڻ جو ڪيترن ئي خاندانن کي ته ڪو به معاوضو ناهي مليو، ۽ نه ئي وري انهن کي ڪو معاوضو ڏيڻ جو آسرو ڏنو ويو آهي. سرڪار پنهنجي ماڻهن سان اکٻوٽ راند کيڏي رهي آهي. حڪومت انهن کي پنهنجين نظر کان پري منتقل ڪري رهي آهي، ۽ کين رهڻ لاءِ تمام ننڍڙيون ڀونگيون عطا ڪرڻ جي ”مهرباني“ ڪري رهي آهي، سو به ان صورت ۾ جڏهن هو ڪا دعويٰ ڪندا. بهرحال ٿي سگهي ٿو ته اهي ننڍڙيون ڀونگيون ڪنهن حد تائين انهن جي گهرن جو متبادل ٿي سگهن، پر جتان اهي بي دخل ٿيا آهن، اتان جي يادن، اتان اسڪولن، قبرستانن جو متبادل ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ انهن شين جو ازالو ڪرڻ ڇا ڪنهن جي وس ۾ آهي؟

    جڏهن مان گاڏيءَ ۾ گهر موٽي رهي هيس ته مون شرم محسوس ڪيو، مون ان وقت شرم محسوس ڪيو، جڏهن مان هڪ چڙيا گهر وٽان گذريس، جتي جا جانور به انهن ڪيترن ئي ماڻهن کان بهتر حالت ۾ زندگي گذاري رهيا هئا، جيڪي ماڻهو ڪچي آبادين ۾ رهائش پذير آهن. مون کي ان وقت به شرم محسوس ٿيو، جڏهن مان پنهنجي گهر وڃڻ لاءِ تين تلوار جو چونڪ ڪراس پئي ڪيو، اهو چونڪ، جيڪو سڄي شهر جو ڪشادو ترين علائقو سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن منهنجي گهر جو دروازو کليو ته منهنجي دل چاهيو ته پنهنجي گهر ۾ داخل نه ٿيان، ڇو ته مان ان وقت ئي ڪيترن بي گهر ماڻهن سان ملي آئي هيس.

    هيءُ معاملو رڳو ايڪسپريس وي جو ڪونهي، پر وڏي انساني المئي جو معاملو آهي، ماڻهن جي بنيادي حق جو معاملو آهي. رڳو انهن جي گهر جو معاملو به ناهي، پر انهن جي انهيءَ حق جو معاملو به آهي ته هو پنهنجو گهر ڪٿي اڏڻ چاهين ٿا. اهڙي قسم جي زبردستي واري بي دخلي اسان سڀني جو ان ڪري به مسئلو آهي، جو توڙي جو اڄ اسان انهن ماڻهن مان ناهيون، پر اڄ اهي آهن، ۽ سڀاڻي اسان به ٿي سگهون ٿا. ان کان اڳ جو گهڻي دير ٿي وڃي، اسان کي ان معاملي کي کڻڻ گهرجي. جيئن گانڌي چيو آهي ته، ”اسان کي ان تبديلي لاءِ ضرور ڪوشش ڪرڻ گهرجي، جيڪا تبديلي اسان دنيا ۾ ڏسڻ چاهيون ٿا.“ اسان جي سٽي گورنمينٽ جي ماڻهن جي زندگين ڏانهن مٿاڇري سوچ آهي، پر اسان ان کي عوام کي دربدر ڪرڻ جي اجازت قطعي به نه ڏينداسين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو