محترم رسول بخش پليجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ڇا هيءُ اهو ئي ملڪ آهي؟



    خميس 5 جنوري 2006ع

    سوچيندڙ ۽ سمجهو پاڪستاني اڄڪلهه سمجهي چڪا آهن بلڪه انهن مان ڪيترا بار بار چئي رهيا آهن ته هي ملڪي نظام، هي سياسي سٽاءُ، هيءَ سماجي صورتحال مطلب ته هي پاڪستان اهو ناهي جنهن جا پاڪستان جي عوام بلڪه سڄي هندستان جي مسلمان عوام خواب ڏٺا هئا، جنهن لاءِ دعائون گهريون هئائون ۽ لڙڪن ۽ رت جون ڀيٽائون ڏنيون هيائون. قافلا لٽايا هئائون ۽ قربانيون ڏنيون هئائون.

    ڀينر آئون ڀوري، مون س۾ سڃاڻي نه ڪيو(شاهه)

    60 سالن کن جي عرصي اندر پاڪستان هونئن ته هڪ ائٽمي پاور آهي، پر اهو پنهنجو اڌ وڃائي چڪو آهي. عملي طرح پنهنجو قومي وجود غيرن وٽ يرغمال رکي چڪو آهي. پنهنجا بنيادي آدرش، وفاداريون، بين الاقوامي حيثيتون ۽ وقار وڃائي پنهنجي خودمختياري ۽ آزادي گروي رکي پنهنجي سرزمين جا حصا ڌارين طاقتن جي قبضي ۾ ڏئي چڪو آهي. سندس آئين، سياسي ۽ عدالتي نظام مفلوج آهي. سندس عوام کي فوجي آمريت ۽ فسطائيت مان جان ڇڏائڻ جي ڪا واهه نظر نٿي اچي. ان صورتحال جو بنيادي ڪارڻ جيڪڏهن چڱيءَ طرح ڳولهبو ته اهو موجوده پاڪستان جي اڏاوت جي بنهه هيٺين پيڙهه ۾ ملندو ۽ معلوم ٿيندو ته اسان جو قافلو اٿڻ شرط راهه ويندي لٽجي ويو، بلڪه هٿ وٺي رهبرن هٿان لٽرايو ويو ۽ اسان قومي خودمختياري، آزادي، قومن جي ڀائيچاري، جمهوريت ۽ سماجي انصاف ڏانهن ويندڙ پاڪستان جي باني محمد علي جناح جي ڏسيل واٽ کان ڀٽڪائجي، فوجي ڊڪٽيٽرشپ ۽ ان جي پيدا ڪيل سول ڊڪٽيٽرشپ، سامراج پرستي، عوام دشمني، لاقانونيت، فسطائيت، ڪرپشن، ڪرمنلزم، آپيشاهي، قومي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ قومي تباهيءَ جي اوڙاهه ڏانهن وٺي ويندڙ واٽ تي هڪلبا پيا وڃون ۽ ڪنهن به وقت قومي غلاميءَ جي ڌٻڻ ۾ غرق ٿي وڃڻ جي خطري ۾ پئجي سگهون ٿا.

    جديد دور ۾ قومن ۽ ملڪن جا آئين، عمارتن جي پيڙهه وانگر ٿيندا آهن، جيڪڏهن نقشو صحيح هوندو ۽ اڏاوت ان جي مطابق صحيح نموني ٿيندي ته عمارت ڪارائتي سهوليت واري ۽جٽادار ٿيندي. جيڪڏهن پيڙهه ئي غلط هوندي ته پوءِ ان تي کڻي ڪيڏي به محنت سان اڏاوت ڪبي ته به اها پس و پيش ڪم جي نه ٿيندي ۽ ڪنهن به وقت ڊهي اچي پٽ تي پوندي.

    سياسي ڄاڻو چوندا آهن ته حڪمراني ڪوڙ، دوکي، فريب ۽ ظلم، زبردستي کان سواءِ هلي نٿي سگهي. فرق رڳو اهو آهي ته ڪي حڪومتون اهي ڌنڌا ڪوشش ڪري جيترو ٿي سگهندو آهي اوترو گهٽ ڪنديون آهن ته ڪي ڄاڻي ٻجهي سعيو ڪري جيترو پهچي سگهندو اٿن اوترو وڌيڪ لاپرواهي ۽ بي رحميءَ سان اهي ڪارستانيون ڪنديون آهن.

    ويچار ڪري ڏسبو ته اسان جي حڪمراني شروع ڏينهن کان وٺي ڪوڙ، دوکي، فريب، ڦرلٽ، ظلم، ويساهه گهاتي ۽ دلبي جو ڪاروبار پئي رهي آهي. وعدا هڪڙا ڪبا ڪم ان جي ابتڙ ڪبا. گس ٻڌائبو هڪڙو، وٺبو ٻيو. عوام کان حقيقتون لڪائبيون. ساڻن ڪوڙ بدوڙ ڪبا، ڏٽا ڏبا ۽ کين ويساهي ويساهي دلبا ۽ فريب ڏئي سندن ترا ڪڍي ڇڏبا ۽ پوءِ معصوم ۽ البيلو ٿي ويهي رهبو. ڄڻ ته هن تباهي ۽ برباديءَ سان پنهنجو ڪو به واسطو ڪونهي ۽ خبر ناهي ته جيڪي به ٿيو سو، ڪنهن ڪيو، ڇو ڪيو ۽ ڪيئن ڪيو. ڏوهه ڪبا سنگين، عالمي سطح جا ۽ ڀيانڪ ۽ پريس ۽ پروپيگنڊا جي زور تي سڀ ڳالهه، سڀ ڏوهه گناهه ڦٻائي وڃبا، لکن ڪروڙن کي تباهه ڪري پاڻ ان ڌنڌي مان ڪمايل مال خزانا جمع ڪري ستن پيڙهين جي عيش عشرت جا بندوبست ڪري ويهي موجون ماڻيون ۽ عوام کي واعظ ٻڌائبا ۽ نصيحتون ڏبيون.

    جيڪڏهن انهيءَ صورتحال جو ڪو هڪڙو وڏو ڪارڻ آهي ته اهو هي آهي ته قائد اعظم جي جاءِ نشين حڪمران ٽولن”قائد اعظم زنده باد“ جا نعرا هڻندي ۽ سندس عظمت جا ترانا ڳائيندي، کيس پاڪستان اچڻ شرط گهيري ۾ آڻي، عملي طرح سندس هٿ پير ٻڌي ۽ کيس مسلم ليگ جي صدارت تان خارج ڪري، ملڪ جي اهم ترين ڪار گذارين کان بيخبر رکي، پاڪستان کي يرغمال بڻائي، سامراجي ڪالوني ٺاهي، پاڻ سامراجين جي پاران سندن لاٺڙيا بنجي پاڪستان جي عوام کي پنهنجي ڦرلٽ، دادا گيري ۽ رهزني جو شڪار بنائڻ جي ڌنڌي ۾ لڳي ويا. هنن حڪمراني جي اصولن ۽ طريقه ڪار ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي ڏسيل واٽ کي ڇڏي، 360 ڊگرين جو ڦيرو کائي ان جي بنهه ابتڙ واٽ وٺي پاڪستان کي ڏاڪي به ڏاڪي پنهنجي رٿيل منزل کان هزارين ڪوهه پري وڃي ان اوجهڙ ۾ ڇڏيو آهي، جتي اڄ اهو هڪڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو آهي، جتان نڪرڻ جي ڪا واهه ڏسڻ ۾ نٿي اچي.

    قائد اعظم جي جن ڳالهين ۽ واٽن کي سندن جاءِ نشين ترڪ ۽ نظرانداز ڪيو، تن ۾ سڀ کان اهم ڳالهه ۽ واٽ آهي سندس ڏيکاريل آئيني واٽ کي نظرانداز ڪرڻ ۽ بنهه ان جي ابتڙ واٽ کي اختيار ڪرڻ. قائد اعظم پاڪستان لاءِ ڪهڙي قسم جي آئيني پيڙهه ڪري ڏني هئي، تنهن جو ذڪر ڪرڻ کان اڳ ان جي پس منظر کي واضح ڪرڻ ضروري آهي.

    سڀني کي معلوم آهي ته قائد اعظم پهريائين ڪانگريس جو سرگرم اڳواڻ هو ۽ ڪانگريس طرفان کيس هندو-مسلم اتحاد جي علامت جو لقب مليل هو. هن هندو-مسلم اتحاد جي واسطي پنهنجي ڪوششن ۾ ايتري حد تائين ڪاميابي حاصل ڪئي، جو هن جي زبردست ڪوششن جي نتيجي ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جيڪي اڳي هڪ ٻئي جون ڪافي ويري هيون، سي هڪ ٻئي جي ايترو ويجهو اچي ويون، جو ٻنهي جا ساليانا اجلاس هڪڙي ئي شهر ۾ هڪٻئي جي لڳو لڳ ٿيڻ لڳا ۽ ٻنهي جا اڳواڻ هڪ ٻئي جي ساليانن جلسن ۾ شريڪ ٿيڻ لڳا، پر جڏهن مهاتما گانڌي آفريقا کان هندستان آندو ويو، تڏهن جناح جهڙي حسابي ڪتابي ماڻهو مان خطرو سمجهي مولوين سڳورن کي مٺيون مٺيون ڳالهيون ٻڌائي کين پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيو. 1919ع ۾ ڪانگريس جي ناگپور اجلاس کان پوءِ هندستان جي آزادي جي حڪمت عمليءَ بابت محمد علي جناح ۽ گانڌي وچ ۾ سخت اختلاف پيدا ٿيا، جنهن ڪري جناح صاحب کي ڪانگريس ڇڏڻي پئجي وئي. 1928ع ۾ ڪلڪتي ۾ هندستان جي آئيني مسئلن جي نبيري لاءِ هڪڙي آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن جو سيڪريٽري پنڊت جواهر لعل نهرو جو والد پنڊت موتي لال نهرو هو. انهيءَ ڪانفرنس جي رپورٽ کي مسلمان اڳواڻن جي اڪثريت پسند نه ڪيو. محمد علي جناح انهيءَ رپورٽ ۾ ڪجهه درستيون ڪرڻ لاءِ تجويزون ڏنيون پر اهي قبول نه ڪيون ويون. اهي درستيون مسلمانن کي معمولي قسم جون رعايتون هيون. انهن ۾ هڪڙي مطالبي جو واڌارو ڪيل هو ته سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪري صوبائي خودمختياري ڏني وڃي، پر ڪانگريس اهي معمولي گهرون قبول ڪرڻ لاءِ به تيار نه هئي. ان ڪري مسلمانن جي دلين ۾ پنهنجي آئندي بابت خوف ۽ خطرا وڌي ويا جو سمجهيائون ٿي ته ڪجهه عرصي کان پوءِ انگريز هندستان هندو اڪثريت جي حوالي ڪري هليو ويندو ۽ نوان حڪمران يعني هندو اڪثريت جا اڳواڻ ساڻن الائي ڪهڙو انتقامي سلوڪ ڪندا.

    1930ع ۾ مسلم ليگ جو ساليانو اجلاس الهه آباد ۾ ٿيو. ان جي صدارت علامه اقبال ڪئي، جنهن ان اجلاس ۾ رٿ ڏني ته هندستان آزاد ٿئي ان کان اڳي يا پوءِ سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد کي پنجاب سان گڏي هڪڙي يڪي حڪومت قائم ڪئي وڃي، يعني ذري گهٽ اهڙي ساڳي بناوٽ واري حڪومت قائم ڪئي وڃي، جهڙي اڄ آهي. پر اها ڳالهه سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جي مسلمانن ٺڪرائي ڇڏي. بدقسمتيءَ سان ماضيءَ جي پنجاب سرڪار جنهن ۾ سکن سان گڏ مسلمان به اهم سول ۽ فوجي عهديدار هئا، تنهن جو پاڙي جي مسلمان قومن سان سلوڪ اڳرائي ۽ قبضي وارو پئي رهيو هو. خشونت سنگهه پنهنجي ڪتاب ”پنجاب جو مهاراجه رنجيت سنگهه“ ۾لکي ٿو ته، ”هڪڙي منزل تي پهچي پنجاب جي شهنشاهيت جي واڌاري جي گس جي راهه ۾ انگريز رڪاوٽ بنجي ويا، جنهن ڪري رنجيت سنگهه جا انگريزن سان تعلقات بگڙجي ويا. انگريزن سنڌ جي اميرن ڏانهن به سفير پئي موڪليو ۽ رنجيت جي دل ۾ اها هورا کورا متل هئي ته پنهنجي بادشاهيءَ کي ان (سنڌ) طرف سمنڊ جي ڪناري تائين وڌائجي.“ (ص:6 7 )

    ”ملتان جي فتح پنجاب ۾ افغان اثر ختم ڪري ڇڏيو ۽ ڏکڻ طرف جي مسلمان رياستن جو سخت مضبوط دائرو ٽوڙي ڇڏيو. ان فتح بهاولپور، ڊيره غازي خان، ڊيره اسماعيل خان ۽ مانڪره جي رياستن کي تابع ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ ڏانهن ويندڙ رستو کولي ڇڏيو.“ (ص: 126)

    ”پنجاب جي درٻار جون فتحون اتر، اولهه ۾ پنجاب جي آخري جاگرافيائي ڇيڙي تائين پهچي چڪيون هيون.“ جيڪڏهن پنجابي شهنشاهيت کي وڌيڪ ڦهلجڻو هو ته اهو فقط سنڌ جي رڻ پٽ مٿان سمنڊ ڏانهن ٿي سگهيو ٿي. جڏهن انگريزن ۽ سنڌين جي وچ ۾ ڳالهه ٻُولهه جون خبرون لاهور پهتيون تڏهن درٻار ۾ سخت چوٻول پيدا ٿي ويو ته انگريزن سان هڪ هڪاڻي ٿيڻ کپي. پنجابي پنهنجي افغانن ۽ پٺاڻن مٿان حاصل ڪيل فتحن جي نشي ۾ مست هئا ۽ وڙهه وڙهان سندن فطرت هئي.“ (ص: 54-153)

    ”هن (رنجيت سنگهه) ميرن کي چوائي موڪليو ته ڌارين کي واپاري يا سياسي دخل اندازي ڪرڻ نه ڏيو پر ان مان ڪو فائدو ڪو نه ٿيو، ڇو ته سندس ارادن جي سڀني کي خبر هئي ۽ پاڻ جنهن اڳرائي واري انداز ۾ شڪارپور تي قبضو ڪرڻ جون ڌمڪيون پئي ڏنائين، تنهن ڪري سنڌين کي سندس صلاحون دل سان نه لڳيون.“ (ص:186)

    ”هن افغان سياست ۾ سرگرميءَ سان دخل ڏيڻ شروع ڪيو. هن سان هرات جي درٻار مان سفير ملڻ لڳا. هن انگريزن کي ٻڌايو ته روسي ساڻس عهدنامو ڪرڻ لاءِ آتا هئا. هن نيپال جي وڪيلن سان گهرائي رکي، اهي افواهه ڦهلجڻ لڳا ته مرهٽا سردار ۽ حيدرآباد جو نظام ساڻس لاڳاپا وڌائي رهيا آهن.“ (ص: 186)

    ”هڪڙي پاسي (سک جنرل) زوراور سنگهه پنجاب جا جهنڊا لهرائي ٿٻيٽ ۾ داخل ٿيو ته ٻئي طرف هو (رنجيت سنگهه) شاهه شجاع کان مطالبا ڪرڻ لڳو ته نه رڳو ملتان، ڊيري غازي خان، ڊيري اسماعيل خان، مانڪره ۽ پشاور تي دعوائن کان دستبردار ٿئي، پر ڏانهنس گهوڙن ۽ ميون جو ڏن به ڏياري موڪلي.

    ملتان جي ڏکڻ طرف مزارين پنجاب جي چوڪين تي حمله ڪيا يا نه ڪيا، پر رنجيت سنگهه ان جو بهانو ڪري سنڌ ڏانهن منهن ڪيو. ”شهزادي کڙڪ سنگهه کي انتقامي ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، هن تيزي سان ڇڙواڳ مزاري قبائلين جو ڪم لاهي ڇڏيو ۽ 1836ع جي اونهاري ۾ مٺڻ ڪوٽ ۽ روجهاڻ تي قبضو ڪيائين. هن پِڻس کان شڪارپور تي هلان ڪرڻ جي اجازت گهري، پر هن انگريزن سان اٽڪڻ کان لهرايو. جنهن جي ڪري ڏکڻ طرف (سنڌي سمنڊ طرف) وڌڻ جون سندس امنگون ۽ ارمان پورا نه ٿيا. انگريز ان باري ۾ رنجيت سنگهه سان ڳالهيون ڪيون ۽ مٿس زور آندو ته سنڌ تي حملو نه ڪر، ڇو ته خود کين سنڌ تي قبضو ڪرڻ جو ارادو هو. ”عالم جاه (رنجيت سنگهه) بي صبري ڏيکاري (پنهنجي وزير خارجه فقير عزيز الدين جو هٿ پڪڙي ان تي بار بار زور سان تريون هنيائين. آخر رنجيت سنگهه ڳالهه مڃي. پر هن ان باري ۾ ڪو به عهدنامون ڪرڻ يا روجهاڻ خالي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.“ (ص :93-192)

    انگريزن نيٺ 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪري ورتو، پر پنجاب جي حڪمران طبقي ۽ سندن فوج جي تنگ نظري، ڪوتاهه انديشي ۽ خرمستين سبب زبردست فوجي طاقت هوندي به پنجاب نه رڳو انگريزي بيٺڪ بنجڻ کان بچي نه سگهيو، پر سندس فوج انگريزن لاءِ ڪرائي جي فوج بڻجي وئي، جنهن 1857ع واري هندستاني بغاوت ۾ انگريزن پاران وطن دوست بغاوت کي ڪاريون ضربون رسايون ۽ ان کان پوءِ به سڄي دنيا ۾ انگريزن پاران ڪرائي جا فوجي بنجي سر ڏيندا رهيا.

    1859ع کان وٺي پنجاب سرڪار پنجاب ۽ سنڌ جي گڏيل درياهن جي پاڻيءَ تي ڌاڙا هڻڻ شروع ڪيا، جيڪي اڃا تائين جاري آهن. انهن سببن جي ڪري پنجاب جي آس پاس جي صوبن سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جا ماڻهو، پنجاب سان گڏجڻ کان سخت لهرائيندا رهيا آهن، جو کين پنجاب جي حڪمران طبقن جي ڦرلٽ ۽ غلاميءَ جو سنگين خطرو پئي رهيو آهي. ان ڪري علامه اقبال واري 1930ع واري پنجاب جي اڳواڻي واري گڏيل مملڪت واري تجويز کي ڪنهن به ڌر قبول نه ڪيو ۽ ان کان 7 سال پوءِ تائين جيئن ته مسلم ليگ وٽ هندستان جي مسلمانن جي ڇوٽڪاري جي ٻي ڪا به ان کان بهتر تجويز سامهون ڪا نه هئي، ان ڪري 1937ع جي آل انڊيا چونڊن مسلم ليگ کي ڪا به اهميت نه ڏني ۽ محمد علي جناح اليڪشن کان پوءِ مسلمانن سان مروت ڪرڻ لاءِ پنڊت جواهر لعل نهرو ۽ مهاتما گانڌي کي خط لکي جيڪي ايلاز ۽ منٿون ڪيون، تن کي هنن نهايت غرور ۽ تڪبر سان رد ڪري ڇڏيو. ڪانگريس جي نئين سرڪار ۾ به مسلمانن جي دردن جو دارون ڪرڻ بدران کين ستائڻ لڳي، جنهن ڪري هندستان جي مسلمانن لاءِ اها ڳالهه انتهائي ضروري بڻجي وئي ته هو پنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ ڪو اهڙو مجرد سياسي نسخو ڳولهي ڪڍن، جيڪو سندن دردن جي دوا ڪري. 23 مارچ 1940ع ۾ هندستان جي مسلمانن اهو فيصلو ڪيو ته سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد پنجاب سان نه گڏبا، پر انهن مان هر ڪو پنهنجي سر الڳ الڳ خودمختيار حڪومت بنجي وڃي. ان ڳالهه کي سٺ سال ٿيا آهن، ان وچ ۾ پاڪستان جي حڪمران ٽولن سوين حيلن بهانن ۽ حرفتن سان هندستان جي مسلمانن جي 23 مارچ 1940ع واري گڏيل فيصلي جو نالو نشان غائب ڪري پاڪستان ۽ قائد اعظم جي نالي جي آڙ ۾ هوبهو اها حڪومت وري مڙهي ڇڏي آهي، جنهن جي 1930ع ۾ رٿ ڏني ويئي هئي ۽ جيڪا رٿ سڄي هندستان جي مسلمانن رد ڪري ان جي جاءِ تي 1940ع واري (آسام سميت) ڇهن آزاد ۽ خودمختيار حڪومتن واري تجويز منظور ڪئي هئي. اسين اڳي پنهنجي هم وطن (هندو ڀائرن) جي دائمي اڪثريت جي راڄ ۾ مظلوم دائمي اقليت ٿي عذاب سهڻ کان ڀڄي اچي وري پنهنجي هم مذهب (پنجابي مسلمان ڀائرن) جي راڄ ۾ دائمي اقليت واري عذاب جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا آهيون. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن، ”چورن کان ڇٽي، گَهل تان پيئي“

    1940ع واري ٺهراءَ واري آزاد ۽ خودمختيار رياست جي باشندن بنجڻ جي خوبصورت خواب ڏسندڙ سنڌي ماڻهو جو بدلجي بي رحم موت جي خطري جي ڄاڙين ۾ ڦٿڪندڙ اڄوڪي سنڌي ماڻهوءَ جي روپ ۾ اچڻ جي حقيقت جو قصو دلچسپ به ٿيندو ته فائديمند به. ان مان معلوم ٿيندو ته اصل پاڪستان جي اصل آئيني پيڙهه ڪهڙي هئي ۽ ان کي لڪائي گم ڪري، ان جي جاءِ تي ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت هڪڙي خراب، آمرانه ۽ فسطائي پيڙهه رکي هن ملڪ ۽ ان ۾ رهندڙ عوام ۽ قومن کي ڄڻ ته ڪنهن عذاب واري حالت ۾ آڻي ڇڏيو ويو آهي.
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم رسول بخش پليجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    پاڪستان جي اصل آئين جي پيڙهه ڪهڙي هئي؟



    جمع 6 جنوري 2006ع

    1940ع جي تاريخي ٺهراءَ جي ويجهڙائي وارو پسمنظر هي هو ته: 1937ع واريون چونڊون 1935ع واري گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ هيٺ ٿيون هيون. اهي في الحال فقط صوبن ۾ ٿيون هيون، جن ۾ ڪانگريس کي زبردست فتح ملي هئي ۽ 11 مان 8 صوبن ۾ ڪانگريسي حڪومتون قائم ٿي ويون ۽ مسلم ليگ کي زبردست شڪست ملي هئي. ٻن سالن کان پوءِ 1939ع ۾ ٻي جنگ عظيم شروع ٿي وئي. 3 سيپٽمبر 1939ع تي وائسراءِ لارڊ لنلٿگو ڪنهن به هندستاني سياسي ڌر کان پڇڻ آڇڻ کان سواءِ اعلان ڪيو ته انگلينڊ سان گڏ هندستان به ازخود جرمني ۽ ٻين محوري طاقتن خلاف ميدانِ جنگ ۾ لهي چڪو آهي، ان ڪري جيستائين جنگ ختم نه ٿي آهي، تيستائين 1935ع جي ايڪٽ هيٺ جيڪي مرڪزي چونڊون ٿيڻيون هيون سي نه ٿينديون. انهن ٿيڻ وارين چونڊن ۾ ڪانگريس عملي طرح سموري هندستان جي حڪمران ٿيڻ جون اميدون پئي رکيون. هنن تنهنڪري وائسراءِ جي بيان تي سخت اعتراض ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته هندستان کي فورن آزاد ڪيو وڃي ۽ آزاديءَ جو انتظام ڪرڻ لاءِ آئين ساز اسيمبلي چونڊي وڃي. ڪانگريس ۽ مسلم ليگ وچ ۾ مکيه جهڳڙو هي هو ته ڪانگريس جو مطالبو هو ته مسلمانن سان آئندي بابت ڪو به آئيني ۽ قانوني وهنوار ڪرڻ کان سواءِ انگريز بهادر حڪومت اسان کي ڏيئي ڇڏي، ڇو ته اسين دائمي اڪثريت آهيون، تنهنڪري سڄي هندستان جا نمائندا آهيون. اسان کي هڪدم آزادي ملي، پوءِ اقليتون ڄاڻن اسين ڄاڻون. ٻئي طرف مسلمانن چاهيو ٿي ته انگريز وڃڻ کان اڳ مسلمانن جي حقن حقوقن ۽ حيثيت بابت گهربل قانوني ۽ آئيني ضمانتون طئي ڪري پوءِ وڃن، نه ته اسين هم وطن ڀائرن جي دائمي ڳري اڪثريت هٿان پيڙهجي ناس ٿي وينداسين.

    هندستان جي مسلمانن ڏٺو ته بظاهر ڪانگريس وٽ ان مطالبي جو ڪو به اثرائتو جواب ڪونهي. واقعي ڪانگريس اڪثريت ۾ هئي ۽ مسلمان دائمي اقليت ۾ هئا. هو وڏا ڀائر هئا ۽ هي ننڍا (بلڪل ائين جيئن اڄ پاڪستان ۾ پنجابي ڀائر وڏا ڀائر آهن ۽ ٻيا سنڌي، بلوچ ۽ پٺاڻ اڳ ننڍا ڀائر هئا، هاڻي ته سٺ سالن ۾ گسي گسي صفا ننڍڙا ڀائر ٿي ويا آهن ۽ وڏي ڀاءُ ۽ سندس جوڙيوال اردو ڳالهائيندڙ سول ۽ فوجي بيوروڪريٽن جي سسي آسمان سان پئي گسي)

    محمد علي جناح سوچيو ته، انگريز آخر ڪيستائين هندستان کي آزادي ڏيڻ ۽ ڪانگريس کي ملڪ جو بي تاج بادشاهه بنائڻ کان نٽائيندا رهندا. هڪڙي ڏينهن اوچتو انگريز جهڪي پوندا ۽ سڀ ٽپڙ وڏي ڀاءُ کي هٿ اچي ويندا ۽ آهسته آهسته ڪري ننڍي ڀاءُ جو نالو نشان گم ٿي ويندو. (جيئن اڄڪلهه پاڪستان ۾ گهڻي قدر ٿي چڪو آهي ۽ باقي رهيل ڪسر پوري ڪرڻ جون پوريون پوريون تياريون زور شور سان جاري آهن.) هڪڙي طرف ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ۽ ٻئي طرف سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جي ماڻهن جي دلين ۾ پنجاب جي حڪمران طبقن جي روايتي اڳرائي ۽ تسلط جي خوف جو تدارڪ ڪرڻ لاءِ لاهور ۾ 23 مارچ 1940ع جو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته جيئن سڀ صوبا آزاد ۽ خودمختيار حڪومتون ماڻين ۽ ڪو به ننڍو ڀاءُ ڪنهن ٻي وڏي ڀاءُ جي رحم ڪرم تي نه هجي ۽ هر ڪو پنهنجي ڪکن ۾ خوش هجي.

    هوڏانهن سيپٽمبر 1939ع ۾ نازي جرمني پولنڊ تي حملو ڪري ٻي جنگ عظيم شروع ڪري ڇڏي ۽ ڄڻ اک ڇنڀ ۾ يورپ کي ڳڙڪائي وئي. 10 مئي 1940ع تي برطانوي وزير اعظم چيمبر لينڊ استعيفيٰ ڏني ۽ سندس جاءِ تي ونسٽن چرچل وزير اعظم ٿيو. 22 جون 1941ع تي جرمنيءَ يورپ تي حملو بند ڪري روس تي حملو شروع ڪيو.

    ان وچ ۾ مهاتما گانڌيءَ 6 جولاءِ 1940ع تي جڏهن جرمن سڄي يورپ جو ذري گهٽ ڪم لاهي چڪا هئا ”انگريز“ کي اپيل ڪئي ته جنگ بدران اهنسا جو رستو وٺو ۽ هٽلر ۽ مسوليني کي ڇڏيو ته توهان جي ”خوبصورت ٻيٽ“ تي قبضو ڪن. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هو هندستان جي وائسراءِ لارڊ ليلٿگو سان مليو ۽ کيس صلاح ڏنائين ته برطانيه هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏي، جرمني جو مقابلو روحاني قوت سان ڪري. جولاءِ 1940ع جي شروعات ۾ ڪانگريس جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته بنا دير هندستان جي آزادي بابت اعلان ڪيو وڃي ۽ قومي گورنمينٽ ٺاهي وڃي ته جيئن ڪانگريس هندستان جو اثرائتو بچاءَ ڪرڻ لاءِ تحرڪ ۾ اچي سگهي. ٻئي طرف جناح 7 2 جون تي وائسراءِ سان ملاقات ڪئي ۽ 1 جولاءِ تي لکت ۾ مسلم ليگ جا مطالبا پيش ڪيائين ته 1940ع جي لاهور واري ٺهراءَ جي ابتڙ ڪو به اعلان نه ڪيو وڃي، هندستان جي مسلمانن جي اڳواٽ رضامنديءَ کان سواءِ ڪا به آئيني اسڪيم عمل ۾ نه آندي وڃي وغيره. انهن مطالبن جي جواب ۾ 8 آگسٽ 1940ع تي وائسراءِ برطانوي سرڪار طرفان اعلان ڪيو ته جنگ کان پوءِ هندستان لاءِ نئون آئيني ڍانچو ٺاهڻ لاءِ هڪڙو نمائندو ادارو قائم ڪيو ويندو. ڪانگريس ان آڇ کي رد ڪري ڇڏيو. مسلم ليگ ان بابت وڌيڪ معلومات ۽ وضاحت جي گهر ڪئي.

    12 جون 1940ع تي مهاتما گانڌي هريجن اخبار ۾ لکيو، ”فقط ڪانگريس هندستان جي ماڻهن جي صحيح نمائندي آهي، ٻيون تنظيمون هٿ ٺوڪيون يا فرقي پرست آهن.“

    ڪجهه وقت کان پوءِ اوڀر ۾ جپان جا حملا تيز ٿي ويا. 14 جولاءِ 1942ع تي ڪانگريس مهاتما گانڌيءَ جي اڳواڻي هيٺ پنهنجو مشهور ٺهراءُ بحال ڪيو، جنهن کي هندستاني تاريخ ۾ ”ڪُئٽ انڊيا“ يا ”هندستان خالي ڪريو“ تحريڪ چئجي ٿو. 9 آگسٽ 1942ع ع جي صبح جو گانڌي، نهرو، آزاد ۽ ٻين ڪانگريسي رهنمائن کي گرفتار ڪيو ويو. هند سرڪار گرفتارين سان گڏ آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي ۽ سندس ٻين صوبائي ڪميٽين تي بندش وجهي ڇڏي. هندستان ۾ وڏا گوڙ شروع ٿي ويا. هندستان ۾ بمبئي، مدراس، سي پي، بنگال، يو پي ۽ بهار ۾ زبردست ڳڙ ٻڙ ٿي. ڪجهه وقت کان پوءِ اڙيسا ۽ آسام ۾ به وڏا گوڙ ٿيا. البته سرحد، سنڌ ۽ رياست ۾ نسبتن ماٺ رهي. وائسراءِ لارڊ للنٿگو لکيو ته، ”1857ع کان پوءِ هي وڏي ۾ وڏي بغاوت هئي“ پر اها بغاوت سال اندر ختم ٿي وئي. 15 جون 1943ع تي لارڊ ويول نئون وائسراءِ ٿي آيو. 17 فيبروري 1944ع تي مهاتما گانڌي قيد مان وائسراءِ سان خط و ڪتابت شروع ڪئي. 6 مئي تي مهاتما گانڌي کي آزاد ڪيو ويو. هن ان کان پوءِ به وائسراءِ سان ڊگهي خط و ڪتابت ڪئي، پر ان جو ڪو کڙتيل نه نڪتو. ساڳئي طرح هن محمد علي جناح سان به ملاقات ڪئي، پر هرڪو پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيو. 25 جون 1945ع تي وائسراءِ لارڊ ويول شملي ۾ ڪانفرنس سڏائي ۽ مولانا آزاد، جناح ۽ گانڌيءَ سان ڳالهيون ڪيون، پر ڪو به ٺاهه ٿي نه سگهيو.

    ان وچ ۾ هندستان جي مرڪزي اسيمبليءَ جون چونڊون ٿي گذريون، جن جا نتيجا ڊسمبر 1945ع جي آخر تائين پڌرا ٿيا. مسلم ليگ اها اليڪشن 1940ع جي ٺهراءَ مطابق يعني 6 مسلمان اڪثريت وارن صوبن سنڌ، بلوچستان، سرحد، پنجاب، بنگال ۽ آسام مان هر هڪ جي الڳ الڳ آزاد ۽ خودمختيار حڪومت قائم ڪرڻ جي پروگرام جي بنياد تي لڙي هئي. هن پروگرام جي سڄي هندستان جي مسلمانن وڏي جوش خروش سان آجيان ڪئي ۽ 5 سالن جي تبليغ کانپوءِ سڄي هندستان جا مسلمان مسلم ليگ جا عاشق ۽ فدائي بڻجي ويا، جنهن ڪري هن اليڪشن ۾ مسلم ليگ زبردست تاريخي سوڀ کٽي پاڻ کي هندستان جي سمورن مسلمانن جو اڪيلو نمائندو تسليم ڪرائڻ جو خواب پورو ڪيو ۽ انگريز توڙي ڪانگريس لاءِ هاڻي ڪو به اهڙو بهانو نه رهيو ته مسلم ليگ هندستان جي سمورن مسلمانن جي نمائندي ناهي، پر ٻيا ڪانگريسي به آهن.

    27 ڊسمبر 1945ع تي لارڊ ويول برطانوي سرڪار کي لکي موڪليو ته جيڪڏهن هن ڀيري به ڪانگريس 1942ع جهڙي بغاوت ڪئي ته ان کي دٻائڻ لاءِ اسان وٽ وسيلا ڪونهن. 5 جنوري 1946ع تي هڪ 10 ڄڻن جو پارليامينٽري وفد هندستان آيو. هنن هندستان جو دورو ڪيو ۽ مختلف ليڊرن سان مليا. ٻيءَ جنگ عظيم مئي 1945ع ۾ ختم ٿي چڪي هئي، انگريزن ۾ هاڻي وڌيڪ وڳوڙن کي منهن ڏيڻ جي نه طاقت هئي، نه خواهش.

    هنن جي هاڻي هيءَ خواهش هئي ته جلد کان جلد هندستان مان بهترين شرطن تي ظاهري طرح هٿ ڪڍون ۽ اندروني طرح کين روس خلاف پنهنجي ڪيمپ ۽ اثر ۾ رکون، هنن تنهن ڪري هڪ وزارتي وفد هندستان موڪليو، جيڪو 23 مارچ 1946ع تي ڪراچي پهتو. انهيءَ وفد شملي ۾ 5 مئي 1946ع کان وٺي 12 مئي 1946ع تائين مختلف پارٽين سان ڳالهيون ڪيون. هنن ڪانگريس توڙي مسلم ليگ کي چيو ته، توهين هندستان جي گڏيل حڪومت بابت پنهنجون آئيني تجويزون ڏيو، جيڪڏهن انگريز ۽ ڪانگريس اها ڳالهه قبول ڪن ها ته اوهين جن صوبن ۾ اڪثريت ۾ آهيو، انهن ۾ ڀلي جيئن وڻيوَ، تيئن پنهنجون حڪومتون قائم ڪريو ته مسلم ليگ لاءِ اها آسان ڳالهه هجي ها ته هو چوي ها ته، 1940ع جي ٺهراءَ مطابق 6 ئي مسلمان اڪثريت وارا صوبا يعني سنڌ، بلوچستان، پنجاب، سرحد، بنگال ۽ آسام اسان جي حوالي ڪريو ته 1940ع جي ٺهراءَ مطابق انهن صوبن مان هر صوبي ۾ آزاد ۽ خودمختيار حڪومت قائم ڪريون، پر ان ڏاڪي تي ڳالهه پئي هلي هڪڙي سڄي هندستان جي گڏيل حڪومت بابت تجويز پيش ڪرڻ جي. ان ڪري محمد علي جناح شملي ڪانفرنس جي اڳيان ان ڪانفرنس جي مخصوص گهرجن پٽاندڙ هڪڙو آئيني تجويزن جو پيڪٽ رکيو ۽ صاف چيو ته اهي سڀ تجويزون پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن، انهن مان ڪنهن به هڪ کي ٻين کان ڌار ڪرڻو ناهي. هڪڙي سڄي هندستان جي گڏيل حڪومت جي، ان حڪومت ۾ مسلمان جي هڪڙي زبردست اڪثريت جي سامهون ڇهن ئي ننڍڙين ننڍڙين ڌار ڌار حڪومتن جي ڳالهه پيش ڪري نٿي سگهجي.

    گهڻين آئيني تجويزن جي پئڪيج کي مان فقط هڪڙي نقطي ڏانهن اشارو ڪري پاڪستان جي حڪمران ٽولن وٺي شور ۽ غوغاءِ مچايون ته، ”1940ع وارو ٺهراءُ ختم ٿي ويو، ختم ٿي ويو!“ ڇا واقعي ائين هو؟ هرگز نه.

    وزارتي ڪميشن اڳيان قائد اعظم پاڪستان لاءِ هيٺيون آئيني پيڪيج پيش ڪيو:

    ميمورينڊم:

    12.5.46 تي آل انڊيا مسلم ليگ جي صدر (محمد علي جناح) هيٺيون ميمورينڊم جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ مطالبن جي آڇ شامل آهي. اهي مطالبا ميمورينڊم شملي جي ٽه ڌري ڪانفرنس جي 12.5.46 جي فيصلي مطابق پيش ڪيل ۽ مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جي مئي 10 کان 13 مئي تائين سال 1946ع جي شملا واري ورڪنگ ڪميٽي طرفان منظور ڪيل آهن.

    (1) 6 مسلمان صوبا (پنجاب، سرحد، بلوچستان، سنڌ، بنگال ۽ آسام) گڏي هڪ گروپ جي صورت ۾ گڏيا ويندا. انهن (صوبن) کي سواءِ خارجه معاملا، بچاءَ ۽ بچاءَ لاءِ ضروري مواصلات جي ٻين سمورن کاتن، معاملن ۽ ڳالهين جو اختيار هوندو. باقي مٿيان ٽي معاملا مسلمان صوبن جي گروپ (جنهن کي هن کان پوءِ پاڪستان گروپ سڏيو ويندو) ۽ هندو صوبا انهن ٻنهي گروپن جا ڌار ڌار آئين ساز ادارا گڏجي فيصلا ڪندا.

    (2) انهن مٿي ذڪر ڪيل 6 صوبن جي واسطي هڪڙو الڳ آئين ساز ادارو هوندو، جيڪو سڄي گروپ توڙي گروپ ۾ شامل صوبن لاءِ ڌار ڌار آئين (Constituition) ٺاهيندو ۽ صوبائي ۽ مرڪزي کاتن کي طئي ڪندو. باقي رهيل خود مختيار اختيار (Sovereign Powers) صوبن جي حوالي هوندا.

    (3) جڏهن آئين ساز ادارو پاڪستان جي وفاقي حڪومت ۽ صوبن جا آئين تيار ڪري مڪمل ڪندو، تڏهن گروپ جي هر صوبي کي اهو اختيار هوندو ته جيڪڏهن ان صوبي جا ماڻهو ريفرنڊم ذريعي اهو فيصلو ڪن ته ننڊن صوبي کي فيڊريشن کان ٻاهر نڪرڻ گهرجي ته پوءِ اهو صوبو گروپ (فيڊريشن) کان ٻاهر نڪري اچڻ جي لاءِ آزاد هوندو. (حوالو: فائونڊيشن آف پاڪستان-آل انڊيا مسلم ليگ. صفحو 33-532

    قائد اعظم ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي ٺاهيل هن آئيني تجويز جا پنج مکيه ۽ پاڻ ۾ ڳنڍيل ۽ هڪ ٻئي تي دارومدار رکندڙ اصول هي آهن:

    (1) سمورن مسلمان اڪثريت وارن صوبن کي پنجاب، سرحد، سنڌ، بلوچستان ۽ بنگال کي ڳنڍي هڪڙو اهڙو گڏيل ملڪ ٺاهيو ويندو.

    (2) جنهن جي وفاقي مرڪز وٽ فقط اڍائي کاتا هوندا يعني خارجه، بچاءَ ۽ فقط بچاءَ سان واسطو رکندڙ مواصلات.

    (3) باقي سڀ معاملا ۽ کاتا صوبن جي حوالي هوندا.

    (4) مرڪز جو آئين جدا ٺهندو ۽ صوبن جا آئين جدا ٺهندا.

    (5) آئين ٺهڻ کان پوءِ هر صوبي کي حق هوندو ته صوبي ۾ ريفرينڊم جي وسيلي فيصلو ڪري فيڊريشن کان ٻاهر نڪري.

    هنن مان ڪا هڪڙي ڳالهه کڻڻي ناهي. سڀ ڳالهيون پاڻ ۾ لازم ملزوم آهن. صوبن جي ڇهن ڌار ڌار حڪومتن بدران هڪڙي حڪومت قائم ٿيڻي آهي، جڏهن ته ٻيا چار مٿي ڏنل شرط به پورا ڪيا وڃن نه ته نه...
    (هن مضمون جو باقي حصو بعد ۾ پڙهندا)
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم رسول بخش پليجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    هاڻوڪا چونڊيل نمائيندا قوم لاءِ ڇا ڪري سگهندا؟




    سومر 25 فيبروري 2008ع



    خيرن سان چونڊون ٿي گذريون آهن. چوندا آهن ته جيڪي ڪُني ۾ هوندو اهو پاٽ ۾ پوندو. جهڙو هوندو سماجي اقتصادي نظام اهڙيون ٿينديون چونڊون ۽ اهڙا ٿيندا چونڊيل نمائندا. قبائلي سماجي اقتصادي نظام ۾ قبائلي سردار، جاگيردار زميندار نظام ۾ جاگيردار، زميندار ۽ سرمايه دار سماجي اقتصادي نظام ۾ سرمائيدار نمائندا ئي چونڊجي سگهندا.

    جنهن ملڪ جا ماڻهو غريب، اڻ پڙهيل، ٻچن جي گذر ۾ تنگ، پوليس، ڌاڙيلن، دهشتگردن، راڄن، قبيلن، ڪوٽن ۽ ٿاڻن جي مالڪ پيرن، ميرن، ڀوتارن، سردارن ۽ نوابن جي پيرن جون جتيون ڪري ليکجندا هجن، پوليس، ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن جي خوف ۾ مبتلا هجن، جن مٿان ڪوڙن ڪيسن، ڪارو ڪاريءَ جي الزامن جي خوفن جون تلوارون لٽڪيل هجن، جن جي نسلن جا نسل ڦورو ۽ ظالم، منافق ۽ مڪار طبقن جي دڙڪن ۽ داٻن، داداگيرين ۽ رهزنين ۽ سندن ڪوڙن آسرن، ڏٽن ۽ سبز باغن ۽ ڪوڙين ڊاڙن ٺڪائن جا رڻ پٽ جهاڳيندي، سهم سهندي، عذاب ڀوڳيندي ڳري کپي ويا هجن، انهن کي ڪهڙي خبر صحيح چونڊ جي؟ ڪهڙو اختيار جو چوي فلاڻو ڀوتار نه کپي؟ انهن کي ڪهڙي خبر ته جمهوريت حقيقت ۾ ڪهڙي بلا جو نالو هوندو آهي، جمهوري نظامن ۾ چونڊيندڙن جا چونڊيلن تي ڪهڙا حق هوندا آهن؟ چونڊيلن جا ڪهڙا اخلاقي ۽ قانوني فرض هوندا آهن. ٻئي طرف قدرتي ڳالهه آهي ته جن طبقن جي سموري دولت، طاقت، حشمت، رعب تاب ۽ هستيءَ جو دارومدار ئي ان ڳالهه تي آهي ته غريب ۽ نڌڻڪو عوام سندن اڳيان اهڙو ته هيڻو ۽ بي واهه هجي جو پاڻ ساڻن جيڪا به هلت، جيڪا به ڦرلٽ ۽ ڏاڍ مڙسي ڪن، سا کين ڦٻي وڃي ۽ هو ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي سگهن، سي چريا ٿيا آهن ڇا جو چاهيندا ته انهن اڻ ڄاڻن، بي سمجهن، بي وسن ۽ نڌڻڪن جي ڪا اهڙي واهه نڪري پئي، جو هو پنهنجي پيرن تي پاڻ ڀرا ٿي بيهي رهن، پنهنجيءَ وارا ٿي پون، ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍڻ جي ضرورت نه پوين. جيڪو ساڻن ڏاڍائي ڪري تنهن کي سبق سيکاري سگهن؟ چوندا آهن ته جي گهوڙو گاهه تي قياس کائي ته پوءِ کائيندو ڇا؟

    دراصل ٻه صديون اڳ هڪڙي انگريز مدبر چئي ڇڏيو هو ته قبائلي جاگيردار سماجن ۾ چونڊن جو مطلب ٿيو قبائلي جاگيردار طبقن جي عوام خلاف ٿيندڙ رهزني ۽ دهشتگرديءَ مٿان جمهوريت جو بخملي چوغو وجهي انهن جي ڀيانڪ اصليت کي لڪائي کين خوبصورت ۽ چمڪندڙ بنائي ڇڏڻ. سنڌ کي صوبائي خودمختياري 1937ع ڌاري حاصل ٿي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ وارن ڏهن سالن کي ڇڏي پاڪستان ٺهڻ واري ڏينهن کان وٺي جيڪي 60 سال گذريا آهن تن ۾ گهڻي ۾ گهڻا سرڪاري ڪم ۽ ڌنڌا سنڌي عوام خلاف ٿيا آهن ۽ انهن مان گهڻا سنڌ دشمن ڪم ۽ ڌنڌا يا ته سنڌ جي چونڊيل نمائندن جي ڀرپور پٺڀرائيءَ سان ٿيا آهن، يا اهي انهن بابت مجرمانه طور لاتعلق، خاموش، اڻڄاڻ بڻجي پئي رهيا آهن. سنڌي چونڊيل نمائندن جي ڪڏهن ڪنهن سنڌ دشمن حڪومتي رٿا، قانون يا ڪارروائي جي مخالفت ڪئي هوندي ته به ”هٿ هلڪو“ رکيو هوندائون. ”ساڌن سان سنمک، پئنچن سان پورا“ واري ڳالهه وانگر مڙيئي رڪارڊ جي پورائي ڪئي هوندائون. مرڻ جيئڻ جو مسئلو بنائي ٽيهن نسن جو زور ورلي لڳايو هوندائون.

    اڃا ڪالهوڪي ڳالهه آهي ته سنڌ جي وڏي اڪثريت وارن چونڊيل نمائندن جي اڪثريت جي موجودگيءَ ۾ ۽ ڪنهن حد تائين سندن ڀرپور ساٿ سان متحده وارن سنڌ اسيمبليءَ مٿان اهي فيصلا مڙهي ڇڏيا ته ڪراچيءَ کانسواءِ سنڌ جي ڪنهن به ٻئي ضلعي جا سنڌي ڪراچيءَ ۾ نه پڙهي سگهندا، نه نوڪريون وٺي سگهندا. سندن اکين اڳيان ڪراچيءَ جون سنڌي وسنديون ڊاهي پٽ ڪيون ويون. جيڪي نام نهاد مخالفت ۾ هئا ۽ جيڪي مٺين مٺين ڳالهين سان سنڌ جي اٻوجهه ۽ ويساهه وسوڙيل ماڻهن کي موهيو ويٺا هئا ۽ جن جي لاءِ اهو رڳو زبان جو خرچ هو ته سندن سڏ تي سڄي سنڌ ۾ هٽ تاڙ ۽ روڊ بلاڪ ٿي وڃن ها ۽ حڪومت جون اکيون ڦاٽي پون ها، تن ڇا رڳو کڻي وات سان احتجاج جو سڏ ڏنو ۽ اهڙو عمل ڪندڙن کي ناڪام ۽ شرمسار ڪيو؟ نه. ڪجهه ڪرڻو ئي ڪو نه هو، سو ڇو ڪجي؟ هنن ڀوتارن جا ڪم ٿيا پئي. عام غريب سنڌين لاءِ مٿي ۾ سور ڇو وجهجي؟ چوندا آهن ته ”گندئين کير ڏئي ته مينهن ڌارڻ جو ڪهڙو ضرور؟“ پاڪستان ٺهڻ وقت سنڌ جي لکين ايڪڙ سرڪاري زمين ڌاريا کڻي ويا. ٻي لکين ايڪڙ هينئر کڻي ويا. ڇا اها زمين 60 سالن ۾ چونڊيل نمائندن سنڌي بي زمين هارين کي مفت يا رعايتي اگهن تي ڏني؟ رڳو گهرن ٺاهڻ لاءِ پٽ ۽ معمولي قرض ڏنائون؟ نام نهاد ضلعي گورنمنٽون ٺهيون. ڪراچيءَ جا ٽي ضلعا يڪا گڏ. باقي سنڌ جي هڪڙي هڪڙي ضلعي جا پنهنجي مرضيءَ مطابق ٽي ٽي چار چار ٽڪر ڪري ڇڏيائون. ذري گهٽ سڄي سنڌ انهن جي ذاتي ملڪيت ۽ سنڌ پوليس سندن ڪمدار بڻجي ويئي! جنهن کي وڻين تنهن کي هڻي ليٽائي رکن، ڪاٺ ۾ وجهن يا مورڳو سندس کل لاهي ٻورين ۾ بند ڪري ڳوٺ موڪلي ڇڏين. زبردست اڪثريت هوندي، سنڌي چونڊيل نمائندن جي ڪن تي جونءَ به ڪا نه سُري. منهن ٻئي پاسي ڪري مزي سان سنڌ مٿان قهر ڪرڻ جي انهن کي ڄن ته اجازت ڏئي ڇڏيائون.

    هڪڙي گهري ۽ ڊگهي سازش جي نتيجي ۾ سنڌي تعليم تباهه آهي. تعليمي ادارا پُرامن شاگردن لاءِ ”نوگو ايريا“ آهن. سنڌي تعليمي ادارن جا اعليٰ تعليم يافته سنڌي جڏهن سنڌيءَ گاڏڙ انگريزي ڳالهائين يا لکن ٿا ته محب وطن ماڻهن کي شرم وچان پگهر اچيو وڃي. چونڊيل نمائندا ستا پيا آهن ۽ چانسلر صاحب مزي سان سنڌ جون يونيورسٽيون ۽ تعليمي ادارا پنهنجي پاليسيءَ تحت پيو هلائي. پاڻي بند آهي، يا زهريلو آهي. سنڌ جي فصلن جا اگهه هٿراڌو نموني ڪيرايا پيا وڃن. لکين ايڪڙ زمين تي قبضا ڪيا پيا وڃن. قبائلي قتلام عروج تي آهي. ڌاڙيل ڊيوٽي سان لڳا پيا آهن. ٻارن سان زنا، ڌاڙا، اغوا، مارا ماري، قتل جي بازار گرم آهي. ڏوهارين جا ڪيس باقائدگيءَ سان واپس ورتا ويا آهن. اهو سڀ ۽ ان سان گڏ انهن کان هزار دفعا وڌيڪ ٻيون سنڌ دشمن ڪاروايون سنڌ جي چونڊيل نمائندن جي اکين اڳيان سنڌي قوم جي وجود کي تباهه ڪري رهيون هيون ۽ هو چپ هئا. دراصل پاڪستان جي تاريخ سنڌي چونڊيل نمائندن جي سنڌ سان ڪيل ويساهه گهاتين ۽ دشمنين جي تاريخ آهي. اٿڻ شرط 1947ع کانپوءِ جڙيل سرڪار سنڌ جا اڌ ڀائيواري وارا ڇهه درياهه اڌ ڀائيوار سنڌ کي نظرانداز ڪري ٻئي ڀائيوار کي ڏئي ڇڏيا. ڪنهن چونڊيل نمائندن ٻڙڪ ٻاهر ڪا نه ڪڍي. لڏي ويلن جي هٿ ٺوڪين قانونن جي آڙ ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڌاريا پاڻ ۾ ورهائي کائي ويا پر چونڊيل نمائينده چپ هئا. ون يونٽ جي تائيد ۾ ووٽ ڪنهن ڏنا؟ ون يونٽ جا پُرجوش حامي ڪير هئا؟ ون يونٽ ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين جي ڦُر لٽ تي ڪنهن به چونڊيل نمائندي احتجاج ڪو نه ڪيو. ذري گهٽ سمورن چونڊيلن اسڪندر مرزا ۽ ايوب خان جي مارشل لا جي حمايت ڪئي ۽ سندن عظمت جاڳڻ ڳايا. مارشل لا نظام جي ساراهن جا ڍڪ ڀريا ويا. هڪڙن سنڌي چونڊيلن چيو ته پارليامينٽ جو ضرور ڪونهي، سڄي پاڪستان کي ون يونٽ بنايو وڃي.

    اڄڪلهه جيڪو جنهن پارٽيءَ معرفت چونڊجي اچي ٿو، سو جيڪڏهن ٻي پارٽيءَ ڏانهن وڃي ٿو ته ان کي لوٽو ٿو چئجي. پر سنڌ ۾ اڪثريت اهڙن چونڊيلن جي پئي رهي آهي، جيڪي ووٽ ڏئي چونڊي موڪليندڙ کان ڦري ان جي دشمنن جا ماڻهو ٿيو بيهو رهن. اهڙن ماڻهن کي لوٽو سڏڻ لوٽي جي بي عزتي ٿيندي. جيڪا قوم دوست ۽ دشمن جي، وفادار ۽ غدار جي تميز نه ٿي رکي، جيڪا پنهنجو تاريخي رڪارڊ درست نٿي رکي، گهوڙي ۽ گڏهه جو فرق نٿي سڃاڻي، جيڪا هڪ چونڊيل نمائندي، پارٽي ۽ ڌر جو حساب ۽ رڪارڊ نٿي رکي، تنهن کي پوءِ ڪنهن به شڪايت ڪرڻ جو حق نٿو پهچي.

    سنڌ جي چونڊيل نمائندن جي سنڌ سان ساٿ ۽ وفاداريءَ جو رڪارڊ مجموعي طور سياهه ڪارو پئي رهيو آهي. ان بابت ڄاڻو محققن، سنڌ جي تحقيقاتي صحافين (Investigative journalists) کي تاريخي تحقيق ڪري هر هڪ سنڌ جي چونڊيل نمائندي ۽ سندس پارٽيءَ (جهڙوڪ مسلم ليگ، فنڪشنل ليگ، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم وغيره وغيره) جي تاريخي ڪردار جو هڪڙو مستند رڪارڊ تيار ڪري ڇپائڻ گهرجي ته جيئن سنڌي ماڻهو سندن حقيقي روپ ڏسي سگهن ۽ رڳو زباني ڪلامي ڊاڙن ٺڪاون ۽ اداڪارين تي ڀنڀلجي دشمنن کي دوست سمجهي سندن هٿان قيامت تائين پاڻ ڏنگائيندا ۽ سنڌ سڪائيندا نه رهن. حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن اسان جي ويرين کي اسان جي پنهنجي چونڊيل نمائندن جو ساٿ حاصل نه هجي ها ته جيڪر هينئن سنڌ کي ڦري ماري ڪنگو فقير ۽ مرڻينگ مريض بنائي نه سگهن ها.

    من از بيگانگان هر گز نه نالم

    ڪه با من هرچه ڪرد آن آشناڪرد

    (حافظ شيرازي)

    (آئون ڌارين خلاف هرگز دانهن نٿو ڏيان، ڇو ته مون سان جيڪي ڪيو سو پنهنجن ڪيو.) نون چونڊيل سنڌي نمائندن کي هي بهترين موقعو مليو ته هو 60 سالن جي ماضيءَ جي غفلتن جي تلافي ڪرڻ لاءِ پنهنجي زندگيءَ جو هر پل ۽ پنهنجي ذهن ۽ ضمير جي هر قوت پنهنجي مرڻينگ قوم کي وري جيارڻ، تازو توانو ڪرڻ لاءِ وقف ڪري پنهنجي تاريخ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪن. ان لاءِ کين ٺوس ڪهڙا ڪم ڪرڻ گهرجن. ان بابت پنهنجا ويچار ايندڙ ڪچهرين ۾ پيش ڪيا ويندا.
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم رسول بخش پليجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    حقيقي جمهوريت لاءِ سامراج کان آزادي لازمي آهي




    اڱارو26 فيبرور ي 2008ع



    چوندا آهن ته "ڪن کي اڳيان مينهن ڍئين ڪن کي پويان مينهن" "جو جڏهن چڙهيو سو تڏهن سوار" ۽ "ڪڏهن ماٽي مٽ تي ته ڪڏهن مٽ ماٽي تي" ايشيا، افريقا، يورپ ۽ آمريڪا جي کنڊن جا ماڻهو هڪ ٻئي جي ڀيٽ ۾ سدائين هڪڙي حال ۾ ڪو نه رهيا آهن. اڄ آمريڪا سڄي دنيا تي سوار آهي. جنهن جو ڪالهه تائين ڄڻ نالو نشان ڪو نه هو. ڪالهه يورپ سوار هو. ٽيون ڏينهن ايشيا هو. اڄ سڀني کان پوئتي آفريقا جيڪو شروعات ۾ سڀني کان اڳتي هو، ڇو ته سائنس سيکاري ٿي ته جنهن پينگهي ۾ لڏي ماڻهو حيوان مان وڌي ويجهي انسان ٿيا سو آفريقا ئي هو. ٻئي طرف اسان جي بنيادي تهذيب جو باني ايشيا آهي، جنهن جا مرڪز عراق، مصر، سنڌ ۽ چين هئا. گهڻي دير کان پوءِ يورپ ۾ حيرت انگيز طور طاقتور يوناني، رومي عالمي تاريخي تهذيب پيدا ٿي. جيڪا پوءِ عيسائي مذهبي جنونين ۽ ايشيائي فوجي حملي آورن جهڙوڪ فنشائي، هون، آريا، سٿين، عرب، منگول ۽ ترڪ حملي آورن جو شڪار ٿي ڪمزور ٿي وئي ۽ يورپ تي هزارين سالن تائين هڪڙو اونداهو دور ڇانئجي ويو، جنهن کي تاريخ ۾ Dark ages سڏيو وڃي ٿو. ان دور ۾ يورپ ۾ روشني انهن مسلمان عالمن ۽ سائنسدانن آندي جن اها ڄاڻ ۽ سمجهه يوناني علمن ۽ سائنسن مان حاصل ڪئي هئي. پوءِ اهو فرض ائين ادا ٿيو جو سندن اصلوڪي يوناني سکيا ۽ ان مان پيدا ٿيل سندن نئين ڄاڻ ۽ سمجهه جي ڏياٽين سان يورپ جي تعصبي اونداهيءَ کي دور ڪيو ويو. اهڙي ريت يورپ جي نئين سجاڳي پهريائين مسلمانن ۾ حاصل ڪيل نئين سجاڳيءَ جي پيداوار هئي. عيسوي ستين صديءَ ۾ حضور صه جن جي وفات(632ع) کان پوءِ 12 سالن (634 کان 644ع) اندر مصر، شام، عراق ۽ ايران ملسمانن جي قبضي ۾ اچي ويا. اٺين صديءَ جي شروعات وارن 12 سالن اندر عرب فوجون ترتيب وار طارق بن زياد، محمد بن قاسم ۽ قتيجه بن مسلم جي اڳواڻيءَ هيٺ هڪ طرف يورپ(اسپين ۽ پورچوگال) ٻئي طرف بلوچستان، سنڌ ۽ ملتان ۽ ٽئين طرف وچ ايشيا تي حملي آور ۽ پوءِ جلد مالڪ ٿي ويا. 762 ۾ خليفي منصور عباسي هٿان بغداد جو بنياد پيو ۽ ان ۾ قسطنطنيه مان لوڌ جي نڪتل يوناني عالمن، فيلسوفن ۽ سائنسدانن جي آجيان ڪئي وئي ۽ کين ڏاهپ جو گهر(دارالحڪومت) ٺاهي ڏنو ويو جتي يوناني، علمن جا اڻ لڀ ڪتاب عربيءَ ۾ ترجمو ٿيڻ شروع ٿيا.يورپ ۾ مذهبي جنون جي اثر هيٺ ذري گهٽ ماري ڇڏيل يوناني علمن جو پهريون نئون جياپو ۽ پکيڙ مسلمان ملڪن ۾ شروع ٿي ويئي ۽ عباسي دور جي قوت ۽ سندس ثقافت پنهنجي عروج کي رسڻ لڳي. عيسوي نائين ۽ ڏهين صديءَ تائين دنيا کي فردوسي، علي سنيا، عمر خيام، البيروني، ذڪريا رازي الڪندي ۽ الفارابي، الطبري، المسعودي، الهيشم ۽ المتنبي جهڙيون بي مثال روشن خيال هستيون ملي ويون. يارهين صديءَ ۾ صوفي فراخدليءَ جو پيشوا داتا گنج بخش لاهور پهچي ويو، ٻارهين“ تيرهين صديءَ ابن رشد ۽ ابن طفيل، ابن کيمون، نصير الدين طوسي، ابن الاثير ۽ اجويني جهڙا عالمي سطح جا يگانا عالم، سائنسدان ۽ دانا ملي ويا. بدقسمتي سان علم ۽ سائنس جي روشنيءَ جو اهو دور تنگ نظر ۽ عالمي تاريخي حساب سان ان وقت جي عيسائي پادرين جهڙن ئي جاهلن جي فتوائن جي سٽ ڏيڍ سو سالن کان وڌيڪ عرصي تائين جهلي نه سگهيو ۽ مسلمان دنيا وري به وڃي ساڳي ماني ساڳ سان کائڻ تي مجبور ٿي ۽ صدين تائين دنيا کان پوئتي رهجي ويئي. پر ان ڏيڍ صدي جي عرصي دوران ان عالمي تاريخي اهميت جي علمي سائنسي ۽ ثقافتي انقلاب جو اثر ڏاڪي به ڏاڪي يورپ جي ملڪن تائين پهچي ويو ۽ 12 صديءَ جي شروعات تائين اٽليءَ ۾ يورپي نئين سجاڳيءَ جو دور شروع ٿي ويو. انهيءَ صديءَ ۾ اسپين ۾ مسلم اقتدار جو سج ذري گهٽ لهي ويو. ٽئين پاسي عثماني ترڪن ايشيا مائنر جي اتر اولهه واري سمنڊ جي ڪناري وارن ملڪن تي قبضو ڪري ورتو (1326) ۽ منگولن جو سونهري ٽولو ڏکڻ اوڀر روس تي قابض ٿي ويو.(1340) ۽ جلد ئي مسلمان ٿي ويو. ترت پوءِ تيمور جون ڪاهون شروع ٿي ويون ۽ ان ثمرقند ۽ بخارا تي قبضو ڪري ورتو (1369) ۽ ٽيهن سالن کان پوءِ پهريائين هندستان (1398) ۽ پوءِ شام (140-1400) کي تباهه ۽ برباد ڪري ٻئي سال يعنيٰ 1402 ۾ مري ويو. ان دور ۾ اٽلي ۽ ٻين يورپي ملڪن جو مشهور معروف ريشمي شاهراهه ذريعي هندستان ۽ چين سميت ايشيا جي ملڪن سان انتهائي فائديمند واپار هلندڙ هو. ان رستي جو ايشيا ۽ يورپ جي وچ ۾ ڳانڍاپو قسطنطنيه جي شهر وسيلي هو، جيڪو ٻنهي کنڊن جي وچ ۾ هڪ پل هو. اها پل پندرهن صدي جي پوئين اڌ ۾ اوچتو ٽٽي پئي ۽ يورپ جو ايشيا سان واپار ڄڻ هميشه لاءِ بيهي ويو. پندرهين صدي جي وچ ۾ (1453ع ۾) جڏهن هندستان تي لوڌي گهراڻي جي حڪومت هئي ۽ سنڌ تي ڄام جوڻي ٻئي جي حڪومت هئي، جيڪو مائي نوري واري ڄام تماچيءَ جي وفات (1392) کان 36 سال پو”(1428ع) سنڌ جي تخت تي ويٺو هو ۽ 25 سال راڄ ڪري ان ئي سال (1453ع) گذاري ويو، تڏنهن يورپ ۾ هڪڙو واقعو ٿيو جيڪو هونءَ ته عالمي تاريخي حساب سان بلڪل عام رواجي هو پر ان وقت جي نرالين حالتن ۾ دنيا جي اقتصادي، سياسي، فوجي ۽ سماجي طاقت جي عالمي توازن لاءِ هڪ اهڙو ڌماڪو ثابت ٿيو، جنهن دنيا جي تاريخ جو رخ ڄڻ هميشه هميشه لاءِ بدلائي ڇڏيو. گهڻين ناڪام ڪاهن کان پوءِ ترڪن جي بادشاهه محمد فاتح 1453ع ۾ قسطنطنيه تي قبضو ڪري يورپ کي اقتصادي طرح ڄڻ جام ڪري ڇڏيو ۽ يورپ جا ماڻهو رڳو قسم تي ڀاڙڻ بدران ان مسئلي جو ٽوڙ ڳولڻ کي لڳي ويا. هنن کي خبر هئي ته سڄو يورپ گڏجي وڙهي ته به شايد ترڪن کي شڪست ڏيئي نه سگهي. يورپ جا سمورا ملڪ گڏجي 1095ع کان 1272ع تائين پورا پوڻا ٻه سو سال هڪڙي اڪيلي ملڪ شام کان هڪڙو اڪيلو شهر يروشلم هٿ ڪرڻ لاءِ لڳاتار نوصليبي جنگيون ڪري هارائي چڪا هئا. ان ڪري هنن هاڻي سڌي مقابلي بدران ٻيو گس ورتو. پورچو گال جي بادشاهه هينري جهاز ران جي سرپرستيءَ ۽ واسڪو ڊاگاما، ڪولمبس ۽ مئگيلان جهڙن اڪيچار بي مثال سورهيه ۽ ثابت قدم جهاز رانن جي اڳواڻيءَ هيٺ هنن پندرهين صديءَ جي اڌ کان سورهين صديءَ جي وچ تائين پورا سو سال ڊگها، اڻانگا ۽ خطرناڪ سامونڊي سفر ڪري ايشيا ۽ آمريڪا تائين پهچڻ جا رستا ۽ گهٽ گهيڙ ڳولهي لهي ورتا ۽ نين سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي ايجادن ۽ نئين اڀرندڙ سرمايه دار سماجي نظام جي برڪت سان هو ايندڙ صدين ۾ سڄي دنيا جي بي تاج شهنشاهه بنجي ويا ۽ مشرق کان مغرب تائين، اتر کان اولهه تائين سڄي دنيا ڄڻ سندن پيرنجي خاڪ بنجي ويئي. اوڀر جي سمورن ملڪن جا مال خزانا ۽ پورهيا سندن ملڪيت بنجي ويا. هنن جا اڳواڻ اڳ انگريز، فرينچ، جرمن ۽ ٻيا يورپي ملڪ هئا. هاڻ آمريڪا بهادر آهي، پر ان سموري سرمائي دار آمريڪي يورپي لڏي جي اصل آڳ واڳ قاروني خزانن جي مالڪ صيهوني اسرائيلي عالمي تونگر طبقي جي هٿ ۾ آهي، جيڪي ڏينهن کي رات ۽ رات کي ڏينهن ڪريو ويٺا موجون ماڻين. هنن جي ايشيا آفريقا جي ملڪن مٿان راڄ جا سادا سودا پر اهم اصول هي پئي رهيا آهن.

    (1)پنهنجي ملڪن ۾ قبائلي، جاگيرداري، مذهبي جنوني ۽ ٻيا عوام دشمن رجعت پرست ۽ عام آزار طبقا ۽ ٽولا برداشت نه ڪبا، ٿوري گهڻي جمهوريت قائم ڪبي، ڪجهه نه ڪجهه آزاد چونڊون ڪرائبيون، ڪجهه نه ڪجهه غريب ماڻهن جو خيال رکبو کين گهوڙا گهوڙا ڪرڻ جو حق ڏنو، اخبارون، ريڊيو، ٽي ويون گهٽ ۾ گهٽ ظاهري طرح آزاد رکبيون، امن امان قائم رکبو، تعليم، علاج جو بندوبست رکبو. اندروني ٻڌي ۽ اتفاق رکبو. مذهبي، نسلي ۽ قومي تضادن کي وڌڻ ڪو نه ڏبو. اختلاف دور ڪبا، جتي ميٺ محبت سان ڪم نڪري اتي ڏنڊي کي ڪم نه آڻبو. مطلب ته گهر کي گهر ڪري هلائبو.

    (2) غلام ملڪن ۾ جمهوريت ٻمهوريت برداشت نه ڪبي. عوام کي عذاب ۾ رکبو متان من نه وڌي وڃن. مدي خارج قبائلي وڏيرڪا، پير پرست عوام جا مارا نظام نه رڳو جئن جو تيئن قائم رکبا پر هزارين طريقن سان انهن کي پالي نپائي عوام جو رت ست کارائي پيارائي وڌيڪ طاقتور ۽ رهزن بنائبو. حڪومت جو نظام ڦورو، ظالم ۽ دهشتگرد بنائبو، راڄوڻي قبيلائي، مذهبي، فرقيوارانه، نسلي فرق وڌائي چاڙهي ويرن وروڌن، دشمنين ۽ مارامارين ۽ جنگين جي درجي تي رسائبا. ماڻهن کي نالي ماتر پڙهائبو پر سندن ذهني حالت ۾ ڪو بنيادي فرق نه آڻبو. بنيادي طرح کين جاهل جانور بڻائي رکبو.

    (3)مٿن حاڪم گهڻو ڪري فوجي ۽ نه ته به رهزن ٽائيپ ڊڪٽيٽر رکبا ته جيئن عوام سدائين سندن خوف ۾ مبتلا هجن. چونڊن جا ڊراما ڪبا پر حڪومت پنهنجن ڇاڙتن جي رکبي.

    (4)1917 واري روسي انقلاب کي چيڀاٽڻ لاءِ 1930 ڌاري هٽلر ۽ مسوليني کي رشوتون ڏيئي سيکاري پڙهائي تيار ڪرايو ويو. پر قصو الٽو ٿي پيو. جنگ عظيم مڪمل طرح سرمايه دار ملڪن جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويئي.(جيتوڻيڪ آمريڪا بهادر جا پئون ٻارهن ٿي ويا) ان ڪري مجبورن ڪيترن ملڪن کي نالي ماتر آزاد ڪيو ويو. پر بقول ذوالفقار علي ڀٽي جي اها آزادي نالي ماتر آزادي هئي. هنن پنهنجن پالتو ڇاڙتن معرفت سمورو بندوبست ڪري ڇڏيو هو ته نوان ملڪ اڳي وانگر ئي سندن پيرن جي خاڪ رهندا، سندن ٽپڙ ڦورن جي حوالي هوندا. هو مورڳو نالي ۾ نهال رهي زندگين جا ڏينهن پورا ڪندا.

    جن اهڙن پاڪستان جهڙن ملڪن جي آزاديءَ جي تاريخ جو سنجيدو مطالعو ڪيو آهي تن کي خبر آهي ته(1)اسان جهڙن ملڪن جي آگ واڳ ٻاهرين وٽ آهي.(2)ملڪ غلاميءَ مان هرگز نه نڪتو آهي.(3) جيستائين حقيقي آزادي لاءِ سورهيائي واري ڊگهي ۽ اڻانگي جدوجهد نه ڪبي، تيستائين عوام جون تقديرون، سندن آزاديون، حق، عزتون، ملڪيتون ۽ وسيلا سامراج ۽ سندن ڦورو ۽ ظالم ڇاڙتن جي هٿ ۾ هوندا.

    جيستائين اهي سامراجي ڇاڙتا چون چرابنا، غداري ڪندا رهندا ۽ آقائن جا ظالماڻا حڪم مڃيندا رهندا تيستائين کين پنهنجي عوام کي مست هاٿين وانگر ٿا ڏيون ڪري چيڀاٽڻ جا لکيل پروانا حاصل رهندا. جيتريون وڌيڪ رهزنيون ڪندا اوترو آقائن کان ڳجهيون شابسون حاصل ڪندا. پر جي ٿوري حڪمن جي تعميل ۾ گڙ ٻڙ ڪيائون ته پوءِ سندن حال ضياءُ الحق، صدامن، گنودن ديمن وارو حال ٿيندو.

    غلام ملڪن ۾ پنهنجي پاليل حاڪمن سان گڏ هو پنهنجي مطلب جا رهزن ٽولا به تيار ڪري پالي نپائي عوام کي دهشت زده رکڻ لاءِ ۽ خود پالتو حاڪمن کي خوف ۾ رکڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن. پاڪستان ۾ به انهن اهڙا مختلف قسم جا عوام دشمن پالتو رهزن ٽولا تيار ڪري ڪتب پئي آندا آهن. انهن سامراجي ڇاڙتن ملڪ دشمن ٽولن جي تاريخ ۽ جاگرافي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ کان سواءِ سامراجي راڄ جي ڀيانڪ اصليت کي سمجهڻ مشڪل ٿي پوندو.چونڊون ٿيون آهن. عوام پنهنجي پر ۾ هڪڙو زبردست انقلاب برپا ڪيو آهي. پر سامراج ۽ سندس ڇاڙتا رهزن حڪمران ۽ ٽولا عوام کي انهيءَ سوڀ جا فائدا حاصل ڪرڻ ۽ سک جو ساهه کڻڻ ڏيڻ لاءِ هرگز تيار ڪونهن.

    ان ڪري محب وطن ۽ باشعور عوام جو پهريون فرض آهي سامراج ۽ سندس ڇاڙتن جي اڳراين ۽ ظالمن کان بچاءَ لاءِ گهربل شعور ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ دليري ۽ ثابت قدميءَ واري ڊگهي ۽ اڻانگي پرامن جمهوري جدوجهد ذريعي پنهنجي فتحن کي بچائڻ ۽ جٽادار سوڀ ماڻڻ.
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم رسول بخش پليجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڪراچيءَ جي الڳ مئنڊيٽ واري ڳالهه مان ڇا مراد آهي؟




    اربع 27 فيبروري 2008ع



    دنيا جي حڪمرانيءَ جي روايتي دستورن تي عمل ڪندي اڄوڪو عالمي سامراج به پنهنجا سڀ ڪم ڪار پنهنجي سر اڪيلو نٿو ڪري پر ٻين ساٿارين، ننڍن ڀائيوارن معرفت ڪرائي ٿو. ٻي جنگ عظيم جيڪا 1945ع ۾ ختم ٿي، تنهن جي خاتمي کان وٺي آمريڪي سامراج جا هونئن ته ذري گهٽ سڀ ملڪ سلامي ۽ ڇهه آني ڀريندڙ آهن، پر ڪي ملڪ سندس خاص الخاص نورِ نظر پئي رهيا آهن. جهڙوڪ يورپ ۾ انگلينڊ، اڳوڻي جنرل فرينڪو وارو اسپين، سالازار وارو پورچوگال، ايشيا ۾ جپان، آفريقا ۾ اڳوڻو ڏکڻ آفريقا، وچ مشرق ۾ شاهه وارو ايران، سعودي عرب، جنرل ضياءَ وارو دور وغيره. پر جيڪڏهن سوال ڪجي ته سندس دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ دادلو ۽ البيلو رهزن ڇاڙتو ملڪ ڪير آهي ته جواب هڪڙو ئي ٿي سگهي ٿو. صيهوني اسرائيل. جيڪڏهن سوال پڇجي ته اڄ مغربي سامراج هٿان دنيا جو سڀ کان وڌيڪ بي حساب عذاب ۾ ۽ جيئري موت جي منهن ۾ ڪهڙو ملڪ ۽ ڪهڙي قوم پيل آهي ته جواب ٿيندو فلسطين ۽ فلسطيني قوم. عالمي سامراج جي شهنشاهيت ۾ اسرائيل فلسطيني قوم سان جيڪي به ويل ڪيو و‎يٺو آهي، انهن جو ذڪر ڪرڻ به اڄوڪي سامراجي روايت ۾ ڪبيرو گناهه آهي. دنيا ۾ ڪنهن به مذهب جي مڃيندڙن جا ايترا گهڻا ملڪ ڪونهن، جيترا مسلمان مذهب جا، بچن شل 50 کان گهڻا آهن. پر جڏهن اسرائيل جي فلسطين مٿان گذريل 60-70 سالن کان وهيل ويلن جو ذڪر نڪرندو ته سڀني مسلمان اميرن، ڪبيرن، بادشاهن، صدرن، جنرلن جا وات ڄڻ سبجي ويندا. ايران بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ائٽمي بجلي گهر ٺهرائي ٿو ته سڄي يورپ ۾ قيامت متل آهي. چي، ايران ايٽم بم ٺاهي ٿو. پر جيڪڏهن چئجي ته اسرائيل وٽ ته 200 ائٽم بم اڳ ۾ تيار ٿيا رکيا آهن ته اکيون ڦوٽارجي وينديون. اهو ڪو نه چوندا ته اها ڳالهه ڪا ڪوڙي آهي. پر چوندا ته اسرائيل بابت اها ڳالهه ڪرڻ جي توهان جرئت ڇو ڪئي؟ جيڪي يورپي تاريخدان چون ٿا ته اسرائيلين تي هٽلر جا ظلم برابر ٿيا آهن، پر انهن ۾ وڌاءُ به گهڻو ڪيو اٿن ۽ ان جو ناجائز فائدو به وٺن ٿا ته اهڙن کي سندن ئي ملڪن جون سرڪاريون جيلن ۾ بند ڪريو ڇڏين. سوچن جي آزاديءَ جي علمبردار مغرب ۾ گستاخي وارا ڪارٽون فڪري آزاديءَ جو ساراهه جوڳو اظهار قرار ڏنا وڃن ٿا، پر اسرائيل جي ڪنهن به ڪوڙ بدوڙ يا ظلم ۽ وحشانيت تي اعتراض ڪرڻ ڄڻ عالمي برادري جي آدابن خلاف واجب القتل جرم آهي. مطلب ڳالهه جو ته فلسطيني قوم کي جيئري ماري ڇڏڻ جهڙي ڳالهه ۽ هلي چلي آهي. انهن خلاف اسرائيل جيڪا به قيامت برپا ڪريو ويٺو آهي، ان بابت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ اها آهي اصل اعتراض جوڳي ڳالهه...اسرائيل خلاف فرياد ته پري جي ڳالهه رهي، پر رڳو دانهن ڪوڪن جي به اجازت ڪانهي، ڇو ته اسرائيل پيدائشي مظلوم آهي، نيڪ آهي، صالح آهي. جمهوريت پسند آهي، ڪا به غلط ڳالهه نه ڪندو، اهو ڇا به ڪري يا نه ڪري ان جي ڪا به جزا سزا ٿي ئي نٿي سگهي. فلسطين جو نالو وٺڻو ناهي. چئي اهي فلسطيني فلسطين ۾ اجايو ڇا پيا ڪن. جڏهن خود اسرائيلي اتي ويهي چڪا آهن، تڏهن هنن جو اتي ڪهڙو ڪم آهي اجايو هنن شريف ماڻهن کي تنگ ڪرڻ جو، سڄو عربستان ڪو نه پيو اٿن. بي فائدو گوڙ فساد بند ڪري نڪري نٿا اوڏانهن وڃن؟“

    دنيا جا ٻيا به اهڙا علائقا آهن، جتي آمريڪا ۽ يورپ جي سامراجين جو ساڳيو اهڙو رويو آهي، اتي جي رهاڪن سان. چي، ”عراقي عراق ۾ ڇا لاءِ گوڙ مچايو ويٺا آهن؟ جڏهن آمريڪي فوج پهچي ويئي آهي ۽ ڪارروائين ۾ لڳي پيئي آهي، تڏهن هنن جو ڪهڙو ڪم آهي، دست اندازي ڪرڻ جو؟“ افغانستان ۾ به ساڳئي ڳالهه آهي. ”افغاني بس ڪري ويهي ڇو نٿا رهن؟“ اتحادين کي پنهنجون ڊيوٽيون (گوليباري، بمباري، خونريزي، مارا ماري) ڪرڻ ڇو نٿا ڏين؟ اجايو پاڻ کي ڇو ٿا مارائين؟“

    هن وقت ڪراچيءَ جي سنڌ کان الڳ مئنڊيٽ جو مسئلو کڙو ڪيو ويو آهي. جڏهن لياقت علي 1948ع ۾ سنڌ، پنجاب، سرحد جون چونڊيل وزارتون هڪ ٻئي پٺيان پئي ٽوڙيون، جڏهن هن آئين ئي نٿي ٺهڻ ڏنو ۽ ووٽرن کي ووٽ ڏئي حڪومتون ٺاهڻ جو حق ئي نٿي ڏنو، جڏهن گورنر جنرل غلام محمد 1956ع جو ٺهيل آئين ۽ سڄي آئين ساز اسيمبلي ٽوڙي سڄي ملڪ جي ڪروڙن ماڻهن جو جيڪو جيترو مئنڊيٽ هو، سو ٽوڙي ڇڏيو، تڏهن آمريڪا بهادر ڪا ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي؟ اسڪندر مرزا، ايوب خان، يحيٰ خان، ضياءُ الحق، صدر مشرف سڄي ملڪ جون سڄيون ساريون چونڊيل پارليامنٽون ۽ اسيمبليون ٽوڙي ووٽرن کان حڪومتون ۽ قانون ٺاهڻ جو بنيادي حق کسي ورتو، تڏهن آمريڪا بهادر جو پاڪستاني ووٽرن جي مئنڊيٽ سان عشق ڪٿي هو؟ جڏهن صدر مشرف سڄي پاڪستان جي اعليٰ عدالتن کي ڄڻ تالا هڻي جج صاحبن کي ڪاٺ ۾ وجهي ڇڏيو، ايمرجنسي هڻي آئين جو جهڳو جهڻ ڪري ڇڏيو، تڏهن آمريڪا بهادر جناب مشرف کان ڪيتري قدر بيزاري ۽ لاتعلقي جو اظهار ۽ اعلان ڪيو؟

    ڇا ملڪ يا صوبي جي حڪمراني اڪثريت يا اقليت سڄي ملڪ يا سڄي صوبي جي حساب سان ٺهندي آهي يا هر شهر، ضلعي، تعلقي، تپي ۽ يونين ڪائونسل جي الڳ الڳ حساب سان؟ پر اهي ڳالهيون ڄڻ ته ڪرڻ جهڙيون ئي ڪونهن. انهن طرف ڌيان ڇڪائڻ ڄڻ ته فضول ۽ نامناسب ڳالهه آهي. ڇو ته اها مڊل ڪلاس جي نمائنده پارٽي آهي، هو لطيف، جي ايم سيد ۽ ڀُٽي جو مشن پيا پورو ڪن، انتها پسنديءَ خلاف لڙائيءَ ۾ مصروف آهن، پاڪستان ۾ جمهوريت جي علمبرداري پيا ڪن، جاگيردارن خلاف تحريڪ پيا هلائين. اهي اعتدال پسند آهن، روشن خيال آهن، انقلابي آهن، غريبن جا حامي آهن، مسڪينن تي مهربان آهن. رحمدل آهن، ٻاجهارا آهن، معصوم آهن. جيڪڏهن خبر نه هجيوَ ته وڃي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ کان پڇو، جن جو هميشه اهو موقف هوندو آهي ته جيڪو انهن کي حڪومت ۾ شامل نه ڪندو، تنهن کي حڪومت ڪرڻ جو حق ناهي.

    چوندا آهن ته جيڪا ڌُر سياست ۾ قدم رکي ٿي، ان جو وجود ۽ ڪردار ڄڻ ته پبلڪ جي ملڪيت بنجي وڃن ٿا، جيڪڏهن ڪن کي ان جي ساراهه ڪرڻ جو حق آهي ته ٻين ڪن کي وري ان تي تنقيد ڪرڻ ۽ ان کان پڇاڻو ۽ سوال جواب ڪرڻ جو حق آهي. جنهن کي اهو سودو منظور ڪونهي ۽ سوال ۽ تنقيد جي جواب ۾ ڏنڊو اڀو ٿئي ٿو يا بندوق سڌي ٿو ڪري، ان کي قومي سياست جي ميدان ۾ پير پائڻ جو ڪو به جائز حق ڪونهي. 1985ع ۾ قائم ٿيل ان ڌر جي گذريل 22 سالن ۾ پاڪستاني عوام ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن مٿان ڪيل احسانن جو مختصر ئي سهي، پر مستند احوال عوام اڳيان موجود هجڻ لازم آهي ته جيئن، جيڪڏهن ڪو ان احوال جي صحيح يا غلط هجڻ تي روشني وجهڻ ۽ ڪنهن موقف جي تائيد يا ترديد ڪرڻ چاهي ته ڪري سگهي.
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم رسول بخش پليجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    نئين حڪومت ۽ عوامي مينڊيٽ جي احترام وارو سوال!




    جمع 14 مارچ 2008ع



    تنهن ڏينهن ڪنهن سنڌي اخبار ۾ سنڌ جي چونڊيل قومي گهڻگهرن، ويڄن ۽ طبيبن جي سنڌ جي دردن جي دوا ڪرڻ بابت ارادن جي سروي ڏنل هئي. دستور موجب گهڻو زور ايوانن ۾ آواز اٿارڻ ۽ قومي امنگن جي ڀرپور ترجماني ڪرڻ تي هو. مسئلن جي واضح، تز ۽ ۽ ڀرپور نشاندهي نه هئي، انهن کي حل ڪرڻ بابت حڪمت عملي، پاليسي ۽ واٽ بابت ڪو به اشارو ڪو نه هو. مخالفتن، رنڊڪن ۽ انهن کي دور ڪرڻ جي طريقن جو ڪو به ذڪرِ ڪل ڪو نه هو. انهيءَ ڳالهه مان پڙهندڙ ۽ عام سنڌين کي تاثر اهو ٿي مليو ته سندن سوچ موجب پاڪستان ٺهڻ جي پهرين ڏينهن کان وٺي گذريل 60 سالن ۾ سنڌي قوم جي قومي، انساني، قانوني ۽ آئيني حقن ۽ وسيلن تي جيڪي به قهري وار ڪيا ويا آهن ۽ سندن وجود تي جيڪي قيامتون ڪڙڪايون ويون آهن، تن جو يڪ ٽِڪ علاج اهو رٿيو ويو آهي جو اسان جا وڏي هيج مان چونڊيل سيبتا، سوڍا ۽ سرواڻ قومي جذبي سان سشار ۽ ٽمٽار ٿي، ڀرپور تياري ڪري، ٺهي جڙي قانون ساز ايوانن ۾ جلوه افروز ٿيندا ۽ سر تريءَ تي رکي ايوانن ۾ اهڙيون لاجواب ۽ دليلن دلائلن سان ڀرپور طوفاني تقريرون ڪندا جن کي ٻڌي سنڌي ووٽر عوام جون دليون بهار ٿي وينديون. اهو سلسلو هڪڙي اجلاس ۾ نه، پر سدائين ۽ هر روز قائم رهندو، تان جو ڏسندي ڏسندي ڄڻ کن پل ۾ هن ملڪ ۽ وطن جو سياسي نقشو ۽ ذهني مزاج ئي بدلجي ويندو. اسان جي ارڏن ۽ اڻموٽ عوامي چونڊيل نمائندن جي روزانو وڌيڪ کان وڌيڪ مٿي اڀرندڙ ۽ گرجندڙ آواز جي جادوءَ ۽ عوامي امنگن جي ڀرپور کان ڀرپور ۽ تلوار کان تکي، ترجمانيءَ جي طلسمي تاثير سبب مخالفن جون وايون بتال ٿي وينديون ۽ ڪيترن ئي پٿر دل ويرين جون دليون ميڻ ٿي پونديون. سنڌ دشمني جا ڪوٽ ٺڪاءُ ڏئي پٽ تي ڦهڪو ڪرڻ شروع ٿيندا، ويرين طرفان هٿرادو سڪائي ٺوٺ ڪيل سنڌو وري ڪڙڪا ڪري وهڻ لڳندو، کسيل درياهه واپس ملندا، برباد ڪيل زمينون سرسبز ۽ شاداب ٿينديون، رشوت خوري، ڌاڙيل بازي ۽ دهشتگردي، اغوا، ڪاروڪاري، ڦرون، ڌاڙا ۽ قتلام، ڳڀا ڳڀا ڪري ٻورين ۾ بند لاشن جا تحفا، روز روز نون قومي وسيلن تي ڌارين جا قبضا ۽ نوگو ايريا پراڻا قصا بڻجي ويندا.

    ظاهر آهي ته اسان جا چونڊيل نمائندا جن مان گهڻن جو ايوانن مٿان قبضو رڳو اڄڪلهه جو ڪونهي ۽ هو نسل در نسل انهن ايوانن ۾ پنهنجين همتن ۽ قابليتن جا جوهر ڏيکاريندا ۽ سنڌ کي جنت جو نمونو بڻائيندا رهيا آهن، سي شايد هروڀرو غلط نه هجن. ٿي سگهي ٿو ته هو پنهنجي غير معمولي تجربي، جذبي ۽ تقرير جي فن جي زور تي جيڪي سوچين ٿا، سو ڪري وڃن، پر بظاهر ملڪن ۽ قومن، خاص ڪري اسان جهڙن ملڪن جي دردن جي دوا رڳو ايوانن ۾ ”آواز اٿارڻ“ ۽ ”عوامي امنگن جي ڀرپور ترجماني“ ڪرڻ ذريعي ڪو نه ٿي سگهندي آهي. اڪثر ٻين ملڪن ۾ ان لاءِ

    (1) محڪم ۽ مضبوط قومي حب جي جذبي، وڏي ڄاڻ ۽ قابليت سان تپاس ڪئي ويندي آهي ته ملڪ ۽ قوم جا حل طلب مکيه مسئلا ڪهڙا آهن ۽ انهن جي حل جون مخالف قوتون ۽ انهن جا مقصد ۽ واردات جا طريقا ڪهڙا آهن.

    (2) پوءِ قوم جي ڄاڻو، ڏاهن ۽ ماهرن کي سڏي گڏ ڪري اها قومي تحقيقات، صلاح مصلحت ۽ رٿابندي ڪئي ويندي آهي ته مخالفن جي واردات جي طريقن کي منهن ڪيئن ڏجي ۽ گهربل نتيجا ڪيئن حاصل ڪجن.

    (3) پوءِ مکيه قومي مسئلن، انهن جي رٿيل حل، انهن جي راهه ۾ امڪاني رڪاوٽن ۽ انهن کي دور ڪرڻ جي پروگرام بابت اها سموري حقيقت ۽ ڄاڻ پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي عوام اڳيان تيستائين لڳاتار پيش ڪئي ويندي رهي آهي، جيستائين قوم جو ٻچو ٻچو سمجهي وڃي ته مکيه مسئلا ۽ وارداتون ڪهڙيون آهن، ڇو آهن، ڪير انهن لاءِ ذميوار آهن، ڪهڙا حل آهن، ڪهڙا ان جا مخالف آهن، انهن کي ڪيئن منهن ڏئي سگهبو، انهن حلن کي عملي جامو پهرائڻ جو پروگرام، واٽ ۽ عمل جا طريقا ڪهڙا هوندا.

    جيڪڏهن سموري حقيقت سمجهڻ کانپوءِ قوم قبول ڪري وڃي ته برابر مکيه مسئلا اهي آهن، انهن جا حل جيڪي چئجن ٿا ته اهي ئي آهن، انهن حلن جي مخالفن کي منهن ڏيڻ جو جيڪو طريقو ٻڌايو وڃي ٿو، اهو صحيح آهي ۽ اسين توهان جي سمورين تحقيقاتن، تجزين، رٿيل حلن جي پروگرام سان متفق آهيون ۽ پوءِ هو واقعي تحقيق ۽ رٿا وغيره پيش ڪندڙ پارٽي جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن ٿا ته پوءِ ۽ فقط پوءِ ئي چئبو ته ان پارٽيءَ کي فلاڻي پروگرام تي فلاڻي ڏسيل واٽ تي هلي عمل ڪرڻ جو قوم طرفان مينڊيٽ يا اجازت نامو مليل آهي.

    جيڪا پارٽي ۽ جيڪي چونڊيل نمائندا عوام طرفان چونڊجڻ کانپوءِ ماٺ مٺي ۾ اهڙا اختلافي ۽ تڪراري قدم کڻن ٿا، جن قدمن جو هنن چونڊن کان اڳ ۾ ووٽرن سان ذڪر ئي ڪو نه ڪيو، انهن خلاف اعتراض ئي ڪو نه معلوم ڪيا يا ٻڌا، ووٽرن کان اهي قدم کڻڻ جي موڪل ئي ڪانه ورتائون ته پوءِ اهڙو عمل جمهوري روايتن جي سنگين خلاف ورزي ۽ عوام جي مينڊيٽ يا اجازت نامي جي سخت خلاف ورزي ۽ توهين آهي.

    نه 1988ع واري اليڪشن ڀيري، نه وچ وارين چونڊن ڀيري ۽ نه هنن تازين چونڊن ڀيري ڪنهن سنڌي اميدوار يا پارٽيءَ سنڌي ماڻهن کي چونڊن کان اڳ ٻڌايو هو ته اسين توهان پاران چونڊجڻ کانپوءِ ”سنڌ جي خلاف مسلسل ڪم ڪندڙن“ کي سامراج جي ڳجهن حڪمن مطابق حڪومت ۾ نالي ماتر ”ڀائيوار“ بنائي سنڌ حڪومت ۽ صوبي جي سموري آڳ واڳ انهن جي حوالي ڪري پاڻ رڳو وڏا پڳڙ ٻڌيو، ڀڳل ڪرسين تي چڙهيو سموري قوم جي جانين ۽ ملڪيتن، سندن گهر گهاٽ، گذر جي وسيلن، زمينن، درياهن، سندن، قومي دولت، حڪمرانيءَ جي حق، قومي وسيلن، قومي عزت ۽ آبروءَ کي تين وال ڪندڙ بڻيا ويٺا هونداسين. ان حالت ۾ گذريل ويهن سالن ۾ ان ڌر سان حڪومت ۾ ڀائيواريءَ وارا جيڪي به عمل ڪيا ويا، تن جو ڪنهن به پارٽيءَ طرفان سنڌي عوام کان مينڊيٽ يا اجازت نامو ورتل ڪو نه هو ۽ سندن اهي فعل جمهوري سياسي اخلاقيات جي سراسر ابتڙ هئا ۽ آهن.

    سنڌي پارٽين طرفان جيئن ته هن ڀيري به ڪو به اهڙو مينڊيٽ يا اجازت نامو نه طلب ڪيل آهي ۽ نه عوام طرفان ڏنل آهي، ان ڪري جيڪڏهن انهن مان ڪنهن عوام جي مرضيءَ خلاف ڪنهن اهڙي ڌر سان اتحاد ڪيو، جنهن ڌر سان عوام اتحاد ڪرڻ نٿو چاهي ته اهو سنڌي ووٽر عوام جي مينڊيٽ ۽ اجازت نامي جي سراسر خلاف هوندو. دنيا جون ڪنهن حد تائين جمهوري سياسي پارٽيون ۽ سندن اميدوار ڪوشش ڪري ڪا به اهڙي ڳالهه هرگز ڪا نه ڪندا آهن، جنهن لاءِ هنن پنهنجن ووٽرن کان اڳواٽ اجازت نامو يا مينڊيٽ حاصل نه ڪيو هجي. آمريڪا ۾ ان مينڊيٽ يا اجازت نامي جي اهميت اها آهي ته جڏهن ڪي اميدوار چاهيندا آهن ته سندن پارٽي صدارت لاءِ کين ٽڪيٽ ڏئي ته هو سڀ اڳواٽ پنهنجا پنهنجا الڳ الڳ پروگرام پيش ڪندا آهن. مثلن هڪڙو چوندو ته آئون جيڪڏهن چونڊيس ته عراق مان آمريڪي فوجون هڪدم گهرائي وٺندس، ٻيو چوندو ته آئون ڇهه مهينا پوءِ گهرائيندس، ٽيون چوندو ته جيڪڏهن آئون چونڊيس ته آئون آمريڪي فوجون فقط مڪمل فتح حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڪڍندس. هڪڙو چوندو ته آئون چونڊيس ته مشرف جي حمايت نه ڪندس، چونڊيل نمائندن جي ڪندس، ٻيو چوندو آئون توڙ تائين مشرف سان گڏ هوندس، ٽيون چوندو ته آئون ٻنهي کي ٺاهي پاڻ سان گڏ کڻي هلندس، وغيره. پوءِ سڄو سال پيا پنهنجي پنهنجي الڳ پروگرام بابت ووٽرن کي قائل ڪندا، تان جو وڃي ٻه اميدوار بچندا، اهي سڄو سال پيا پنهنجي پروگرام لاءِ ووٽرن کي قائل ڪندا، پوءِ گهڻي ۾ گهڻا ووٽر جنهن کي سندس پروگرام جو مينڊيٽ يا اجازت نامو ڏيندا، هو صدر ٿيندو.

    ٻيو سوال آهي ته ڇا جمهوري ملڪن ۾ عوام جا کسيل حق حاصل ڪرڻ لاءِ عوام جي حامي سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي فقط ڳالهيون ۽ تقريرون ۽ تحريرون ڪرڻيون هونديون آهن؟ ۽ جيڪڏهن ڪو ڪا ڳالهه ئي نه ٻڌي ته ماٺ ڪري ايوان جي ڪرسين تي ويهي اوٻاسيون ڏيڻيون آهن يا رڪارڊ جي پورائي لاءِ بار بار ساڳيون بور تقريرون ڪرڻيون ۽ ووٽر عوام کي بيوقوف بڻائيندو رهڻ ئي آهي ڇا؟ ٻيو ڪجهه به نه ڪرڻو آهي؟ گڏيل هندستان ۾ مختلف محبِ وطن رهنمائن جمهوري جدوجهد جا مختلف طريقا اختيار ڪيا. ڪن عدالتن ۽ اسيمبلين ۾ تقريرون ڪيون، ڪن مهاتما گانڌيءَ سان گڏ ننڍڙيون وڏيون سول نافرمانيون ڪيون. شروعات ۾ مهاتما گانڌي بي قاعدي لوڻ ٺاهڻ جهڙي بظاهر خسيس نافرماني ڪري لکين ماڻهو تيار ڪيا، پوءِ هارين ۽ مزدورن جي مطالبن جي محدود حمايت ڪيائين، تان جو 1942ع ۾ جڏهن ڪانگريس هندستان جي 11 صوبن مان اٺن ۾ وزارتن جي مالڪ هئي، تڏهن انگريز ”وائسراءِ“ هندستانين کان پڇڻ بنا اعلان ڪيو ته هندستان انگريزن پاران جرمنن سان ويڙهه ۾ شامل ٿيو آهي. ڪانگريس ڪاوڙجي اٺن ئي صوبن جي سرڪارين تان استعيفائون ڏئي هندستانين کي سڏ ڏنو ته ”انگريزن کي هندستان مان لوڌي ڪڍو.“ انگريزن کي چيائون، ”هندستان خالي ڪريو!“ (Quit India). انگريزن سڄي هندستان جي چوٽيءَ جا ڪانگريسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن جيلن ۾ بند ڪري ڇڏيا ۽ ٻين لاءِ هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ محشر مچائي ڇڏيو، تان جو تحريڪ في الحال ته سال اندر ڄڻ هميشه لاءِ چيڀاٽجي وئي، پر ان جو اڳتي هلي اثر اهو ٿيو جو ٻن سالن کانپوءِ 1945ع ۾ ان وقت جي وائسراءِ لارڊ ويول انگريز سرڪار کي لکي موڪليو ته، ”جيڪڏهن هاڻ ڪانگريس وري به اهڙو سڏ ڏنو ته پاڻ کي ڀڄڻ کانسواءِ ٻي واهه ڪا نه رهندي، تنهن ڪري اچو ته اڳواٽ ئي هندو اڪثريت وارن صوبن کي جلد کان جلد خالي ڪريون ۽ في الحال مسلمان اڪثريت وارن صوبن ۾ ديرو دمايون. انگريزن جي تڙ تڪڙ ۾ هندستان خالي ڪرڻ جو اصل ڪارڻ اها صورتحال هئي! حقيقي جمهوري پارٽيون عوام پاران زباني ۽ تحريري جدوجهد سان گڏ سدائين ڪنهن نه ڪنهن ڪڏهن ننڍي، ڪڏهن وڏي ۽ ڪڏهن تمام وڏي عوامي جدوجهد ۾ مصروف رهنديون آهن.

    صحيح سال ياد ناهي پر گهڻو ڪري شايد 1989ع جي ڳالهه آهي، صبح جو وقت هو، مون هندستان جي شهر ڪلڪتي جي هڪڙي هوٽل جي پهرين ماڙ تي الهندينءَ بالڪنيءَ ۾ چانهه پئي پيتي ته سامهون الهندي پاسي پريان باغ جي سامهون، ٻه ٽي گاڏيون اچي بيٺيون. انهن مان پنج اٺ سوٽن ۽ ڌوتين وارا وچئين طبقي جا ڏسڻا وائسڻا ماڻهو اچي لٿا ۽ لهندي شرط وٺي نعريبازي شروع ڪيائون. ان وچ ۾ ٻيا به کوڙ ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ڏهن، پندرنهن منٽن کانپوءِ پوليس اچي ٺڪاءُ ڪيو ۽ ڪيتري دير پوليس ۽ هنن همراهن جي پاڻ ۾ جوشيلي ڏي وٺ ٿيندي رهي. نيٺ پوليس وارن سڀني کي واڙي کڻي گاڏين ۾ هنيو ۽ رمندا رهيا.

    جڏهن بئرو ٿانوَ کڻڻ آيو ته مون کانئس پڇيو ته، ”هي گوڙ فساد ڇا جو هو، هي نعرا هڻندڙ ڪير هئا ۽ ڇو پئي گوڙ ڪيائون؟“ ته مون کي چيائين ته، ”هي ڪانگريسي هئا، جيڪو سامهون وارو باغ آهي، ان کي هتان جي کاٻي ڌر جي سرڪار رهائشي جڳهه بڻائي، ان ۾ مزدورن لاءِ ڪمرا بڻائڻ ٿي چاهي. ڪانگريسي ان تي اعتراض ٿا ڪن ته اهو باغ ٻارن جي تفريح جو باغ آهي، ان کي رهائشي جڳهه بڻائڻ نه ڏينداسين.“ مون پڇيو هي ته سنجيدا ۽ معتبر قسم جا ماڻهو ٿي لڳا، انهن کي ٻارن جي تفريح جهڙين ننڍڙين ڳالهين سان هروڀرو ڪهڙو واسطو؟ چيائين ته، ”هي رڳو ڏسڻ ۾ ڳنڀير ۽ معتبر ماڻهو ڪو نه هئا، هي مرڪزي ڪانگريسي حڪومت جا هن صوبي (مغربي بنگال) مان چونڊيل مرڪزي وزير هئا. هنن اهو ظاهر ٿي ڪرڻ چاهيو ته دهليءَ ۾ رهندي به کين هن شهر (ڪلڪتي) جي ٻارن جي تفريح ۾ رخنو پوڻ جو اونو هو.“

    آئون تن ڏينهن ۾ عوامي نيشنل پارٽي جو جنرل سيڪريٽري هئس. مغربي بنگال جي کاٻي ڌر جي حڪمران پارٽيءَ جي دعوت تي ڪيترائي ڏينهن ڪلڪتي ۾ رهيس. هر روز مون کي نئون نئون تجربو ٿيندو هو ته هتي جي سرڪار توڙي مخالف پارٽيون اسان وارين نڪمين ڏٽي باز حڪمران پارٽين يا ”هٿ هلڪو“ رکڻ واري جڙتو مخالفت ڪندڙ پارٽين جي ابتڙ پنهنجي عوامي مينڊيٽ جو سنجيدگيءَ، سچائيءَ ۽ خلوص سان احترام ٿيون ڪن ۽ کين انهن جي ڀلائيءَ جو ڪيڏو سچو پچو اونو آهي.

    ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌي عوام چوڪس ٿين ۽ چونڊيل حضرات کي صاف صاف ٻڌائين ته هاڻي ناٽڪ ۽ اداڪاريون گهڻي ئي ٿي چڪيون، هاڻ صفا صاف حساب ڪتاب جو وقت اچي ويو آهي. عوام کي هاڻ پورو پورو وهنوار گهرجي، صحيح ڪارڪردگي کپي، بنيادي ۽ دائمي حل گهرجن، پنهنجا سمورا کسيل حق ۽ وسيلا گهرجن ۽ محرومين، دهشتگردين، ذلتن ۽ ظلمن کان حقيقي ۽ دائمي ڇوٽڪارو گهرجي، دستوري عربيون، فارسيون، امير حمزي ۽ دودي چنيسر جون ڪهاڻيون يا دم دلاسا ۽ اهڙيون ڪي ٻيون ڳالهيون نه گهرجن. ان لاءِ گهربل صلاح مصلحت، رٿابندي ۽ عمل جي واٽ جلد از جلد ڪري، بنا دير عمل شروع ڪيو وڃي ته جيئن سٺ سالن جي ساڙيل ٻاريل سنڌي قوم ۾ وري ساهه پوي ۽ اها وري دنيا ۾ هلڻ چلڻ ۽ اڳتي وڌڻ جهڙي ٿئي.
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم رسول بخش پليجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    مشرف سرڪار سنڌ سان ڇا ڇا ڪندي رهي؟




    اربع 19 مارچ 2008ع



    پاڪستان جو قيام برطانوي راڄ ۾ مسلمان اڪثريتي آبادي وارن صوبن جي ڊگهي ۽ لڳاتار سياسي ۽ آئيني جدوجهد جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو هو. ان ۾ سنڌ جو ڪردار اڳواڻ دستي وارو هو، ان ڪري سنڌ کي تاريخي طور پاڪستان جي خالق صوبي جو درجو حاصل آهي. برطانوي راڄ کان اڳ سنڌ هڪ خودمختيار رياست هئي، 1940ع واري تاريخي ٺهراءَ ۾ سنڌ سميت سمورن صوبن کي آزاد ۽ خودمختيار قومي وطن (Independent and sovereign national homelands) سڏيو ويو آهي. 1946ع واريون چونڊون، جن ۾ پاڪستان جي قيام جو فيصلو ٿيڻو هو، تنهن کان اڳ مسلم ليگ طرفان سنڌي ٻولي ۾ هڪ پڌرنامو جاري ڪيو ويو هو، جنهن ۾ سنڌ جي عوام سان واضح طور واعدا ڪيا ويا هئا ته،

    جي توهان چاهيو ٿا ته ؛

    ڪامورا شاهيءَ کان آزاد ٿيو،

    توهان جي حقن جو تحفظ ٿئي،

    توهان جي ڪلچر ۽ تهذيب جي سلامتي يقيني بڻجي،

    توهان کي پنهنجي زمين جي آبياري لاءِ پاڻي ملي،

    توهان کي سٺا رستا ۽ سستيون سفري سهولتون هجن،

    توهان کي روزگار ۽ پيداوار لاءِ صنعتون ملن،

    توهان کي سمورن شعبن ۾ عزت ڀريو روزگار ملي،

    توها جي ٻارن کي مفت ۽ معياري تعليم ملي،

    بي زمين هارين کي زمينون ملن،

    مفت دوائون ۽ ڳوٺاڻي سطح تائين به علاج جون سهولتون ملن،

    توهان کي غلامي کان نجات ملي ۽ هڪ خوشحال ۽ سگهاري زندگي ملي.

    پر پاڪستان جي قيام کانپوءِ ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح کي پاسيرو ڪري ملڪ تي انهن قوتن قبضو ڪري ورتو، جن جو هن ملڪ جي خالق قومن جي عوام سان ڪو به رشتو نه هو ۽ نه ئي سندن مفاد جمهوريت ۽ انصاف جي نظام سان وابسته هئا. سنڌ جي وسيلن جو استحصال ڪرڻ ۽ سنڌين کي ان جي تاريخي وطن ۾ بي وطن ۽ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش جو ڄار وڇايو ويو. ملڪ جو ڍانچو ۽ نظام قطعي به اهو نه آهي، جنهن جو خواب ملڪ جي باني محمد علي جناح ڏيکاريو هو ۽ جن واعدن ۽ ضمانتن تحت سنڌ پاڪستان ۾ شامل ٿي هئي.

    ورهاڱي ۽ پاڪستان جي قيام وقت ڪٿي به اهو ذڪر يا معاهدو نه هو ته هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ آباديءَ جي مٽا سٽا ڪئي ويندي. سنڌ جون اربين، کربين رپين جو ملڪيتون، گهر، زمينون سنڌين کان Evacue property جي نالي ۾ کسي قبضي ۾ ڪيون وينديون. سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر کي سازش تحت تهس نهس ڪري سنڌين جي ثقافتي نسل ڪشي ڪئي ويندي. 1952ع ۾ ڪوٽڙي بئراج وٽ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين نان سولين ۽ سول ڪامورا شاهي کي ڀڳڙن مٺ تي نيلام ڪئي وئي، 1954ع ۾ سنڌ جي مرضيءَ خلاف ون يونٽ مڙهي سنڌ جون زمينون نان سولين ۽ سول ڪامورا شاهي کي الاٽ ڪرڻ جو سلسلو ون يونٽ جي سموري دور ۾ جاري رهيو ۽ اڄ تائين جاري آهي. سنڌ جي پاڻي کڻڻ ۽ سنڌ جي تاريخي وجود ۽ جياپي جي وڏن ذريعن سنڌو درياهه ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ پنجن ٻين درياهن مان سنڌين جي مالڪي کسڻ لاءِ مختلف دورن ۾ تربيلا، منگلا، چشما جهلم لنگ ڪئنال، تونسه پنجند لنڪ ڪئنال ۽ هاڻي گريٽر ٿل ڪئنال ۽ وڏن ڊيمن ذريعي بدترين رٿائن جو سلسلو هلندڙ آهي،

    سنڌي قوم سٺ سالن جي آزادي ۽ جمهوريت جي نعمتن ماڻڻ، ڪيترن ئي آزاد چونڊن ۾ چونڊيل بااصول ۽ عوام دوست ميرن، پيرن، جاگيردارن، سردار نمائندن ۽ قوم جي محبوب ۽ جڳ مشهور سرفروش ۽ دانا عوامي اڳواڻن جي قابليتن، ڏاهپن، قربانين ۽ سندن جمهوري حڪومتن جي دور انديش رٿابندين، جاکوڙن ۽ جفا ڪشين جي نتيجي ۾ اڄ هيٺين منزل تي رسي چڪي آهي هو،

    (1) سنڌ جا ماڻهو گذر لاءِ تنگ ۽ اٽي لپ ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ حيران ۽ پريشان آهن. ڌاڙيلن، دهشتگردن، پوليس، قبائلي قتلام ڪرائيندڙ ڀوتارن جا لڏا سر تي سوار اٿن، ٻچا وات ۾ اٿن، اکين اڳيان اوندهه اٿن، اها خبر ڪا نه اٿن ته سڀاڻڪو ڏينهن ڪيئن گذرندو.

    (2) چئوطرف سنڌ بڻجي ويئي ”ڪربلا ڪربلا“ وارو منظر آهي، پوليس ۽ انصاف وارن ادارن تي شهرن ۽ ٻهراڙين جي اثر رسوخ وارن ڀوتارن جو قبضو آهي. ڪو ڏينهن نٿو گذري جڏهن معصوم ٻار ۽ ٻارڙيون، نياڻيون، جوان ۽ پوڙها ڪنهن نه ڪنهن ٽولي هٿان اغوا، قيد، زوري زنا، ڪارو ڪاري، دهشتگردي، قبائلي قتلام جي ڪاتن جو کاڄ نٿا ٿين. سندن گهرن تي بلڊوزر نٿا ڪاهين، سندن وستيون نٿيون ڊهن، سندن ٻچن ۾ رڙ نٿي پوي، سندن لڄون قرآن پاڪ کڻي قاتلن کي رحم ڪرڻ لاءِ ٻاڪارينديون نٿيون وتن، پريس ڪلب اڳيان بي وسي جا ماتم نٿا ٿين.

    (3) سنڌي قوم جون پناهه، رحم ۽ انصاف لاءِ دانهون، ڪوڪون، آزيون نيزاريون، پلاند پوتيون، پاڪ ڪتاب جا واسطا ٻڌڻ ۽ ڏسڻ وارا ڪن ۽ اکيون بند آهن. چئوطرف انصاف ۽ مدد جي پڪارن جي ماحول مٿان هڪڙي بي رحم ماٺ جي راڪاس جو راڄ آهي.

    (4) سنڌين کان سندن بقول 1940ع واري ٺهراءَ جي ”آزاد ۽ خودمختيار قومي وطن“ جي مالڪي ۽ ان تي حڪومت ڪرڻ جو پيدائشي ۽ تاريخي 5 هزار سال پراڻو حق کسي ورتو ويو آهي. ڀوتار قوم جي حقن ۽ وسيلن تان گهڻا ڏينهن اڳ دستبردار ٿي چڪا آهن. سنڌي قوم سنڌ جي قومي حقن ۽ وسيلن تان ڏاڪي به ڏاڪي لادعويٰ بڻائجي رهي آهي،

    (5) سنڌ جي لکين ايڪڙن جي سون ورني زمين تي اصلوڪن بدران ٻيا پيا فائده ماڻين. سنڌين کي پنهنجي ديس ۽ وطن ۾ قانوني طرح رهڻ لاءِ چونڊيل نمائندن هٿان ٻه ٽي وال پٽ جون ٽڪريون به نصيب ڪو نه ٿيون ۽ روز سندن مٿان بلڊوزر اڀا ٿيا بيٺا آهن، نياڻيون ۽ ٻار پوليس هٿان روز پيا سٽجن ڪٽجن.

    (6) پاڪستان کان سنڌ ڇهن درياهن ۾ اڌ ڀائيوار هئي، هينئر سنڌ کي آباديءَ لاءِ ته ڇا، پر پيئڻ لاءِ به پاڻي نٿو ملي. آهستي آهستي ماڻهو مرڻ لڳا آهن.

    (7) سنڌي پنهنجي بمبئي يونيورسٽي واري تعليم سبب علي ڳڙهه ۽ پنجاب يونيورسٽي جي عالمن فاضلن کان ڪيئي قدم اڳتي وڌي ويا هئا، خاص ڪري انگريزي ٻولي تي دسترس ۾. اڄ سنڌ جي پرائمريءَ جا اسڪول ”گهوسٽ اسڪول“ بنائجي چڪا آهن، هاءِ اسڪول ۽ يونيورسٽون مٿائن مڙهيل سرڪاري پگهاردارن هٿان پڙهندڙن لاءِ ”نوگو ايرياز“ ۽ قلم ڪتاب وارن لاءِ قتل گاهو بڻيل آهن.

    سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر تازو ٽي وي تي دانهون ڪيون آهن ته پوليس کي چئي چئي ۽ لکي لکي بيهي رهيا آهيون پر يونيورسٽي تي قبضو ڪري ويٺلن کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي.

    (8) سنڌي شاگرد ڪاپي ڪلچر جي ڪات هيٺ ڪوڙي انگريزي پڙهي ۽ ڪوڙيون ڊگريون ڪڇن ۾ ڪريو، مٿي جي داخلائن ۽ نوڪرين لاءِ جتيون گسائي گسائي، مائٽن کي ڪنگال ڪريو نيٺ ڪنڌ هيٺ ڪريو گهرن مٿان وبال بنيا پيا پساهه کڻن.

    (9) سنڌ جي 80 سيڪڙو ماڻهن جو گذر سفر پوک تي آهي، پوک کي پاڻي کپي. پاڻي ۾ پساهه آهي، پاڻي سڀني کي کپي، ماڻهن کي، زمين کي، جانورن کي، پکين، ڌرتي کي، سمنڊ کي، آبهوا کي، پاڻي ملندو ته اهي جيئندا، نه ته نه جي سگهندا.

    (10)ويري چاهين ٿا ته سنڌ جي زمين مالڪن کان آجي ڪري اربين کربين رپين تي آمريڪا ۽ يورپ وارن سان وڪڻون ۽ جاوا ڪريون. ان ڪري پاڻي هٿرادو نموني بند ڪري ڇڏيو اٿن. فصل ٿيڻ نه ٿا ڏين، جيڪي نالي ماتر فصل ٿين ٿا، انهن جا اگهه هٿ وٺيو ڪيرايو تمام گهٽ ڪريو، جن جي ڪري خرچ به ڪنڌ ۾ پئجيو وڃي. سنڌ جو اپايل ان اسمگل ڪريو ٻاهر موڪلين ۽ وريو تمام وڏي اگهه تي اتان ساڳيو ان گهرائين، تان جو آبادگار کي ڪوڏيون ملن ۽ غريبن کي اٽو سون جي اگهه تي ملي.

    (11) وچان سرڪاري ايجنٽ اربين کربين ڪمائي سڄا سون پيا ٿين.

    (12) اربين رپين جي بجيٽ هڪڙا سٽي گورنمنيٽ جا مالڪ بنايل کائي ويا، ٻيا ضلعي جون ڀوتار حڪومتون کائي ويون. روڊن ۽ رستن تي رڳو ڳرا پٿر پيا آهن، هلڻ جا رستا جيڪي اڳي هئا، اهي به بند ٿي ويا آهن.

    (13) سڀ ڪم هٿراڌا، ڪوڙا ۽ ڪچا ڪرائي اربين رپيا شاهه شاهوڪار کائي ويا آهن. جتي ضرورتون آهن، اتي واري پئي وسي. مطلب ته مشرف سرڪاري نااهل نمائندن جو دور سنڌ تي ڪڙڪائي ڇڏيو.

    اهو سڀ ڪجهه ازخود ۽ اوچتو ته ڪو نه ٿيو آهي. ايئن ٿي سگهي ئي نٿو. ان سڄي ڳالهه ۽ ان سان لاڳاپيل ٻيا جيڪي سوين هزارين سنڌ سان لقاءَ ٿيل آهن، تن جو حاصل مطلب ڇا ٿيو؟ سبب ڪهڙو ٿيو؟ سنڌ ۽ سنڌين لاءِ فيصلو آخر ڪهڙو آهي؟ ڇو آهي؟ پيش پيش ڪير آهن، ۽ ڪهڙي ڏوهه ۾ ۽ ڪهڙي مقصد لاءِ اهو سڀ ڪجهه ٿيو آهي؟ ان تي هر سوچيندڙ سنڌي کي ڳوڙهو غور ڪري ان جو ڪارائتو حل ۽ ٽوڙ جلد از جل ڳولهي لهڻ گهرجي ۽ سنڌ ۽ سنڌين کي قومي حيثيت ڏياري نيستي ۽ نابودي کان بچائڻ گهرجي.

    ان سلسلي ۾ هيٺيان ابتدائي مکيه تاريخي نڪتا ذهن ۾ رکبا ته ڳالهيون سمجهڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.

    (1) غلام، بيمار ۽ مريض بنايل قومن ۽ تهذيبن کي وري آجو ڪرڻ ۽ جيئارڻ هڪڙي طرف سجاڳ، باشعور، ڀلن ۽ فرض شناس ماڻهن لاءِ هڪڙو فرض، هڪڙو پورهيو، هڪڙي جاکوڙ، هڪڙو سورهيائي ۽ پاڻ ارپڻ جو ڪارنامو هوندو آهي ته ٻئي طرف اهو ڪم پنهنجي سر هڪڙو هنر ۽ هڪڙو فن به آهي ته هڪڙي اعليٰ درجي جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي به آهي.

    (2) ساڳئي طرح جيڪي ماڻهو ۽ ڌريون آزاد ۽ چڱين ڀلين قومن ۽ تهذيبن کي غلام بڻائي، جيئري ماري ڇڏڻ پنهنجي ضرورت، پنهنجي ڀلي جي ڳالهه سمجهنديون آهن، سي ان ڪري انهن مظلوم ماڻهن ۽ قومن جون جاني دشمن ۽ ويري بڻجي وينديون آهن، جو انهن لاءِ اهو ڪم هڪڙو انتهائي اهم، بنيادي ۽ مرڻ جيئڻ جو مسئلو، سندن غيرت لاءِ چئلينج بلڪه هڪڙي مقدس قومي فرض وغيره کان گهٽ نه هوندو آهي.

    (3) مغربي سامراج قوتن صدين کان وٺي دنيا جي سندن هٿان غلام بڻايل قومن کي ڦري، ڪنگال ڪري، موڳو ۽ گابو گگدام بڻائي، چرڻ پرڻ کان چٽ ڪرڻ جي فن، هنر ۽ سائنس کي آسمان تي رسائي ڇڏيو آهي، پر رڳو هاڻوڪي دور جي ڳالهه ڪونهي هر دور ۾ چالاڪ ۽ عيار ٽولا سنون سڌن ماڻهن کي دٻائي، چيڀاٽي، هوش مان ڪڍي وائڙو بتال بنائي کين ناپاڪ ۽ نجس ۽ غلام چئي ڍورن وانگر وهائيندا، ايذائيندا ۽ چيچلائيندا رهيا آهن. ان جي ڪيئي مثال آهن، هندستاني تاريخ جي اوائلي دور جي آرين طرفان هندستان جي اصلي رهاڪن کي ماڻهن مان ڦيرائي جانور بنائي سندن انساني وجود مٽائڻ لاءِ کين ناپاڪ، شودر، اڇوت سڏي حيوان جو درجو ڏنو، جنهن مان صديون گذرڻ بعد اڄ ڏينهن تائين سندن جند ڪانه ڇٽي آهي. (ڏسو منوشاستر وغيره).

    (4) هندستان تي مسلمان حڪمراني جي دور ۾ عالم سڳورن سلطان علاءُالدين خلجيءَ کي چيو هو ته، هندستان جا هندو يهودين يا عيسائين وانگر اهلِ ڪتاب ناهن، تنهن ڪري کين قتل ڪري ڇڏجي، يا ٻيو نه ته به کين اهڙي حالت ۾ رکجي، جنهن ۾ سندن ڪريل حالت کي ڏسي اسان جي سر بلندي ثابت ٿئي. سلطان چيو هو ته توهان جي ڳالهه ته صحيح آهي پر اسان جي حڪومت جا ڪم ڪار ۽ نوڪريون چاڪريون هندو رعيت نه ڪندي ته ٻيو ڪير ڪندو؟ ان ڪري کين قتل ته نٿا ڪري سگهون پر توهان جو چوڻ مڃي کين اهڙي ڪريل حالت ۾ رکبو، جنهن مان اسان جي سربلندي ظاهر ٿئي ۽ هو جيئرا رهي اسان جي چاڪري به ڪندا رهن. پر اهڙي حالت ۾ جو ڄڻ ته نه جيئرن ۾ هجن، ۽ نه مئلن ۾.

    (5) ٻين سامراجي يورپي ملڪن جيان انگريزن جي هندستان ۾ هونئن ته عام پاليسي رجعت پرست هئي، پر مسلمانن کان جيئن ته کين خاص خطرو هو ته متان صديون اڳ وانگر هڪ ڀيرو وري جديد علمن ۽ سائنس سان مسلح ٿي، وري سجاڳ، زمانه شناس ۽ با شعور ۽ روشن خيال بنجي مغربي سامراجي غلاميءَ جو طوق ڀڃي وري هندستان ته ڇا، پر دنيا تي نه ڇانئجي وڃن، ان لاءِ انهن بابت انگريز جي پاليسي خاص طرح رجعت پرست، جمهوريت دشمن عوام جي مٿي وڃائڻ جي هئي.

    پاڪستان ۽ سنڌ سان ڇا ٿيو، بلڪه ڇا ڪيو ويو، ان کي ان پس منظر ۾ ڏسڻ کانسواءِ سمجڻ مشڪل ٿيندو.
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم رسول بخش پليجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سنڌ سان ادب جي ميدان ۾ ڪيل تاريخي مَلهه!




    خميس 24 اپريل 2008ع



    ”سورن اسان ساڻ،ننڍي ئي نينهن ڪيو“ ۽ ”سرجي تان سور، ساماڻي تان سک ويا“ جي ڳالهه وانگر، هونئن ته سنڌ صدين جون صديون حجاجن، علائوالدينن، نادر شاهن، مدد خانن جهڙن سوين حملي آورن جي حملن، ڦرن، لٽن، دهشتگردين، ننڌڻڪاڻين، بکن، ڏکن ۽ ڏڪارن ۾ مبتلا، بمبئي ۽ لاهور وارن ون يونٽن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل ۽ سامراجي پٽيلن ۽ لاٺڙين جي سول ۽ فوجي مارشل لائن جي گهاڻن ۾ پيسجندي ۽ پراون کان وڌيڪ نام نهاد پنهنجن جي بزدلين، بي وفائين، ويساهه گهاتين، بي دردين ۽ سفاڪين سبب ٽڙڪندي، ڪڙهندي ۽ پچندي رهي آهي، پر هن وقت سنڌ جي دردمند ۽ دلبر شاعر زاهد شيخ جي دل کي گهائيندڙ اها سٽ شاعري نه پر حقيقت جو اظهار بڻجي چڪي آهي ته”سنڌ بنجي وئي، ڪربلا ڪربلا.“ سنڌي ماڻهن لاءِ مغربي سامراج، ان جي ڇاڙتي ملڪي اسٽئبلشمينٽ ۽ ان جي پاليل قوم دشمن، موقعي پرست، پيٽ پوڄاري، وڏيرڪي سياست طرفان سندن زندگيون حرام ڪرڻ لاءِ طرحين طرحين بندوبست ڪيا ويا آهن. پاڻي بند، اٽو گم، زراعت تباهه، روزگار ختم، ماڻهن جون زندگيون نانگن، بگهڙن ۽ درندن حوالي ڪرڻ لاءِ هڪڙي پاسي سرڪاري ڌاڙيلن ۽ سندن ساٿاري پوليس وارن جا لشڪر، ٻئي پاسي رجعت پرست، مدي خارج، ڪڙم ۽ قوم جي ويري انساني حقن، آئين ۽ قانون جي باغي قبائلي نظام جا خوني قبائلي ڪٽڪ، ٽئين پاسي شهرن ۾ سامراج ۽ سندن ڇاڙتن سياستبازن طرفان ڪوس ڪرڻ ۽ شهر تباهه ڪرڻ جي پروانن سان هٿياربند ۽ ڪنهن به پڇا ڳاڇا ۽ ڪيس ڦڏي، سزا ۽ جزا کان اڳواٽ آجپو مليل فسطائي ٽولا، جيڪي ويهن سالن کان سامراجي آقائن جي اشارن تي سنڌ جي شهرن کي يرغمال بنايو ويٺا آهن. چوٿين پاسي تعليمي ادارا سامراجي ايجنٽ ”ڪامريڊ“ قاتلن جي لوڙهن ۾ تبديل ٿي پيا آهن، جن ۾ شاگرد ڄڻ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ نه پر سر تريءَ تي رکي، پاڻ ڪهائڻ لاءِ تيار ٿي گهران اچن ٿا. پنجين پاسي بقول اڄ جي انقلابي عوامي شاعر آفتاب ڪلوئيءَ جي”قيد ۾ قانون آهي، آ عدالت ڪاٺ ۾.“ انهن سڀني نقصانن، تباهين ۽ عذابن جو ٿورو گهڻو ذڪر ڪچهرين ۽ اخباري ڪالمن ۾ ٿئي پيو، پر سنڌي قوم جي زندگي ۽ موت سان واسطو رکندڙ هڪڙي اهم ترين هٿرادو پيدا ڪيل کوٽ ۽ ڏڪار جو ذڪر ٿئي ئي نٿو بلڪه سنڌي ماڻهن کي اهو احساس ئي ڪونهي ته سامراج جي سيکاريل پاڙهيل اسٽيبلشمينٽ طرفان سوين چالاڪين ۽ بدمعاشين وسيلي سنڌ جي باشعور، سگهاري عوامي انقلابي ادب، شاعري ۽ فن کي جيڪي سنڌي قوم جي ٻانهن جو ٻل ۽ دل جي قوت هئا، تن کي موت جي ننڊ سمهاري، ان جي جنازي کي رلائي، دربدر ڪري، ادبي چونڊ ملاکڙن جا سانگ رچائي، سنڌ سان ڪيڏي تاريخي ملهه ڪئي وئي آهي ۽ ان جي قومي جدوجهد کي ڪيڏو نه ڪاپاري ڌڪ هنيو ۽ ناقابل تلافي نقصان پهچايو ويو آهي.

    اڄوڪي ڪچهريءَ سان ان ماجرا بابت پڙهندڙن کي گهربل احوال ڏيڻ جي شروعات ڪجي ٿي. ڊڪٽيٽر ضياءَ جي دور ۾ جتي عوام جا ٻيا ڳاٽي ڀڳا نقصان ٿيا، تعليمي ادارن کي غنڊا، شهرن کي دهشتگرد ۽ ٻهراڙين کي ڪرپٽ پوليس عملدار، وڏيرا، ڌاڙيل ۽ قبائلي قاتل بڇيا ويا، اتي عوام کي پنهنجي انقلابي، عوامي، وطن دوست ادب، شاعري ۽ ٻئي فن جي زبردست ڏڍ، مدد ۽ رهبريءَ کان محروم ڪرڻ لاءِ سرڪاري درٻارن ۾ عوامي اديبن ۽ شاعرن کي خريد ڪرڻ لاءِ نيلام گهر قائم ڪري، وڏا وڏا واڪ ڏيڻ شروع ڪيا ويا. ڏسندي ڏسندي وڏا وڏا ادبي درخت اوچتو ٺڪاءُ ڏيئي وڃي پٽن تي پيا. ٽاڪوڙو پئجي ويو. ڪئين ماڻهو پنهنجي ادب، فن ۽ زندگيءَ جي اعليٰ ترين آدرشن کي ٿڏي وڃي نيلام گهرن ۾ پهتا ۽ جڏهن اتان موٽيا ته ڄڻ اهي اڳيان ماڻهو ئي نه رهيا، ڪن ڪيڏانهن منهن ڪيو، ڪن ڪيڏانهن. بقول استاد بخاريءَ جي:

    ڪشمڪش ۾ چوٽ تي چوٽون لڳيون

    بزدليءَ خود پاڻ سان سوچيون ٺڳيون

    ڪي مسيتن ڪي عقيدن ۾ لڪا

    ڪي مڪاني ٿي فقيرن ۾ لڪا

    ڪي ڊڪي وارن جي وڪڙن ۾ لڪا

    ڪي رڙي، سهڻن جي ٽهڪن ۾ لڪا

    ڪي شڪي ٿيندي شرابن ۾ لڪا

    ساڀيا ٿيا خوار، خوابن ۾ لڪا

    جي ٿڪا سي راڳ، رقصن ۾ لڪا

    ڀاڪرن جي ڀيڙ، بوسن ۾ لڪا

    ڪي ته آفيمي، ڪلامن ۾ لڪا

    کوڙ تجريدي فسانن ۾ لڪا

    انقلابي ڪشمڪش کان منهن مٽي

    ڪلچري بزمن بهانن ۾ لڪا

    ڪن سري پنهنجي تريءَ تي آ رکي

    توب سامهون ته به چيائون حق وڌي

    زندگي

    او زندگي!

    ...

    ڪي ڏينهن هيا، جو نينهن هيا ۽ ڪنهن جي سونهن ورونهن هئي

    نه رهي، نه رهي، نه رهي او الا، گذري به وئي، گذري به وئي.

    (اياز)

    جڏهن پنجاهه جي ڏهاڪي جي وچ ڌاري سنڌي وڏيرن سول ۽ آمريت جي اڳيان نچي ٽپي، انعام اڪرام وٺي، صوبيدارن جون بدليون ڪرائي، زمينن جا جعلي کاتا بدلائي، ون يونٽ مڙهايو، سنڌ جا لکين ايڪڙ بهترين زمين، بي زمين سنڌي هارين کي ڏيڻ بدران فاشسٽ سولين، نان سولين ۽ ٻين قبضا گروپن کي ڏيارائي ڇڏي، سنڌ جي نالي تي بندش وجهرائي ڇڏي، ٻيو ته ٺهيو ٽپال جي ائڊريس ۾ ”حيدرآباد سنڌ“ لکڻ ڏوهه ٺهرائي ڇڏيو، تڏهن ان وقت جي باشعور، خوددار ۽ باڪمال اديبن ۽ شاعرن وطن جي ويري ۽ ڌارين جي ٽاپرو وڏيرا شاهيءَ سان سمورا ناتا ٽوڙي، پنهنجي قوم ۽ وطن جي حقن، آزادين ۽ وسيلن جي بچاءَ ۽ اڳرائي ڪندڙ قوتن سان مهاڏو اٽڪائڻ جو جهنڊو بلند ڪيو. اسان جي انقلابي، عوامي ۽ وطن دوست اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ دانشورن پنهنجي سمجهه، جذبي، ڏات جي لاٽن سان سنڌي عوام جي دلين کي گرمايو، کين ڏڍ ڏنو، کين ويساهه بخشيو، کين هر ڏاڍ سان اکيون اٽڪائڻ لاءِ للڪاريو. کين پڪ ڏياري ته پنهنجي ٻچن، پنهنجي ڪڙم، پنهنجي وطن، پنهنجي قوم، پنهنجي ٻوليءَ سان وفاداريءَ جو هڪڙو پل به قومي غدارن جي سموري زندگيءَ کان وڌيڪ املهه ۽ قيمتي آهي. هنن شاگردن ۽ استادن، هارين، مزدورن کي علم ۽ ادب دوستن کي عورتن، ٻارن ۽ پير مردن کي ڌونڌاڙي سجاڳ ۽ پيرن تي کڙو ڪيو ۽ هنن ڀونگين، ڳوٺڙن، واهڻن، شهرن، ميدانن، جهنگلن، ٿرن، برن ۾ سمجهه، سرت، خودداريءَ جا ڏيئا ٻاريا ۽ ڏسندي ڏسندي اتر کان لاڙ تائين، ڪراچيءَ کان ڪارونجهر تائين سنڌ سڄي سجاڳ، باهمت، متحد ۽ متحرڪ ٿي وئي. اسان جا ننڍا وڏا اديب، شاعر، فنڪار ۽ دانشور پنهنجيءَ قوم جا سچا ۽ سڄاڻ ويڄ بڻجي ويا ۽ سندس زخمي بدن، دل ۽ روح کي آهستي آهستي نوبنو بنائي وڌائون.



    جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل! هي ڏينهن به گهاري وينداسين،

    ڇو پير پساري ويٺو آن، اٿ ڏونگر ڏاري وينداسين.

    آ مرڻو، هر ڪنهن ماڻهوءَ کي، پر هينئن نه مرنداسين ساٿي!

    ڪا آگ لڳائي وينداسين، ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين.

    ....

    باغي آهيان، باغي آهيان، تنهنجو آءٌ سماج،

    تو سان وڙهندي رهندي، منهنجي هر هڪ رت ڦڙي.

    ...

    اي اياز آدمي ٿو مري هونئن ڀي،

    ڪو نه ڪنهن کان ڊنا، سچ ڳاتو سچن!

    ...

    اي ”اياز“ اوچتو سنڌ ڀڙڪي پئي،

    آگ پيئي ٻري، آگ پيئي سڏي!

    ...

    گونگا ماڻهو، ٻوڙا ماڻهو، ماڻهو ٻوٿ ٻڌل،

    للڪارون، للڪارون ٿي ويا، لڏي ويا ايوان.

    ...

    بي موت مئا، تولاءِ ڪٺا، انسان هزارين مان نه رڳو!

    هن دنيا ۾ اي ديس! هيا، نادان هزارين مان نه رڳو!

    (شيخ اياز)



    هنن شعرن ۾ زندگيءَ جو نئون پيغام هو، جنهن روايت پرست ادبي ٽولن کي ادب جي ميدان مان ٽپڙ گول ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ڇو ته هي نئون لهجو ۽ نئين روايت هئي، جنهن پراڻين، مدي خارج ۽ درٻاري شاعرن جي روايتن کي واريءَ جي ڪوٽن وانگر ڪيرائي وڌو هو. ان دور جي شاعرن جا کڻي لفظ ۽ سٽون ڌار ڌار هيون، پر مکيه موضوع هڪڙو ئي هو، انقلاب، وطن دوستي، قوم دوستي ۽ عوام دوستي. هنن پنهنجن ماڻهن کي سک جي ڀاڙي ساٿ کي ڇڏي، ڏک جي وطن دوست ڏاهپ جي سٿ جو ساٿ ڏيڻ لاءِ آماده ڪيو هو؛

    هي هيڏا وڏا ڪوٽ، ڊهي ئي پوندا،

    محلن جا مٿيان چوٽ، ڊهي ئي پوندا.

    ڪنهن وقت به ڌرتيءَ جو ڪو ڌوڏو کاڌو،

    گهوڙن تي چڙهيل گهوٽ، ڊهي ئي پوندا.

    ...

    جي جهنگ ڪندو تنگ ته ساڙي اچبو،

    هوندو جي بيابان ته لتاڙي اچبو،

    او منزل مقصود، هي وعدو آهي،

    آيو جي اڳيان اڀ ته به ڦاڙي اچبو.

    ...

    ٺلها سکڻا ٺڳ، ڏينهون ڏينهن گشا نوان،

    ماڻهن سامهون ماتمي، محلي اندر مڳ،

    ساڳيا ديرا، دڳ، کوٽا نعريٰ کوکلا.

    هيءَ اها شاعري هئي، جنهن اميد جا نوان سج اڀاريا ۽ ماڻهن کي سيکاريو ته زماني جي اکين ۾ اکيون وجهي ڪيئن جيئجي. هن ئي شاعريءَ سجاڳيءَ جو سڏ ڏنو ۽ ڀٽائيءَ کان پوءِ سمهي پيل سنڌ کي صدين جي ننڊ مان ڇرڪ ڀري جاڳڻ تي مجبور ڪيو.

    (استاد بخاري)

    هر روز صبح و شام، سئو سئو مٿس سلام

    وڌندي رهي مدام-سنڌڙي نه ٿئي غلام

    بدلي ۾ بند ۾، جي پياسين ته ڇا ٿيو

    سنڌڙي رهي اسين نه رهياسين ته ڇا ٿيو.

    جيڪو وجهي نظر، پنهنجو کسي نگر

    تنهن لاءِ ٿي قهر، ان جي وٺون خبر

    ان راهه تي رفيق مئاسين ته ڇا ٿيو

    سنڌڙي رهي، اسين نه رهياسين ته ڇا ٿيو

    (عبدالڪريم گدائي)

    سنڌڙيءَ جي سدائين رهڻ جي تمنا ئي هئي ۽ ان سان هر معاملي ۾ ٿيندڙ زيادتين جو جهنجهوڙيندڙ احساس ئي هو، جنهن ان دور جي شاعرن کي پنهنجي هاريءَ، مزدور ۽ پورهيت سان ڳنڍي رکيو ۽ پنهنجي قلم کي ڪٽ لڳڻ نه ڏني، بلڪ اهڙي ڪڌي ڪم ۾ ملوث پرمتڙين ۽ ٽڪن تي اڪن ڇڪن ٿي، پنهنجي وطن ۽ قوم سان غداري ڪندڙن کي بي نقاب ئي نه ڪيو، پر سندن گهيرو به تنگ ڪيو. ان ڪري ئي قلمي قبيلي جي ڪنهن به شخص درٻارن جي حاضريءَ کي پنهنجي لاءِ شرم ۽ غيرت جو معاملو پئي سمجهيو، پر هاڻ وري اهو ڪڌو ڪاروبار شروع ٿي ويو آهي. بقول ابراهيم منشيءَ جي؛

    قلم جيڏا گرم هئا، وري اوڏا نرم ٿي ويا

    قلم اگهه ۾ وڪامي ويا، قلم تي ڪئين ڪرم ٿي ويا.

    جڏهن تاريخ منهن کولي، پنهنجي ٻوليءَ ۾ ايئن ٻولي

    ته ڪهڙا قاضي قاضن دور هن ۾ بي شرم ٿي ويا.

    قلم ڪي قوم جا قاتل ٿي، سينو سنڌ ويا ساڙي

    قلم منشي ڪي سيني سنڌ سڙيل جا ملم ٿي ويا.
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم رسول بخش پليجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    دنيا جو ڪلاسيڪي ادب!




    اڱارو 29 اپريل 2008ع



    ڪائنات، انساني سماج ۽ سوچ جو ڪائناتي قانون آهي ته شيون، ماجرائون ۽ لقاءَ ساڳئي وقت هڪ ٻئي کان ڪن ڳالهين ۾ مختلف، بلڪه هڪٻئي جي ابتڙ به هوندا آهن ته ڪن ۾ وري سڀ هڪٻئي سان لاڳاپيل، هڪٻئي تي دارو مدار رکندڙ ۽ هڪٻئي جي اندر سمايل هوندا آهن. مثلاً هڪڙي پاسي ڳوٺ، راڄ، قبيلا، قومون، شهر، ملڪ ۽ کنڊ ته ٻئي پاسي زندگيءَ جا مختلف شعبا ۽ ميدان جهڙوڪ گهرداري، راڄداري، گذر سفر، سياست، علم، ادب، فلسفو ۽ سائنس هڪٻئي کان ڌار ڌر به هوندا آهن ته هڪٻئي سان گڏيل، هڪٻئي تي دارومدار به رکندا آهن ته هڪٻئي ۾ سمايل به هوندا آهن. جن ملڪن ۽ سماجن ۾ علم، ادب، سوچ ويچار پوئتي پيل هوندو آهي، انهن جي گذر سفر، سياست ۽ سماجي ترقيءَ جا حال به اهڙا ئي هوندا آهن. وري ان جي ابتڙ به هوندو آهي. گذر سفر تنگ، سياست جڏي، سماجي ترقي ٻڙيءَ برابر هوندي ته سندن علم، ادب ۽ سائنس ۽ فلسفي جو نالو به وٺڻ جهڙو ڪو نه هوندو. مثال طور جن ملڪن ۾ علم، ادب، تاريخ، فلسفو وغيره اڳتي وڌيل آهي، اتي سماجي ۽ سياسي اڳواڻ عام طرح ڇڙواڳ ۽ دوکيباز نٿا ٿين. هنن کي خبر آهي ته سندن ملڪ جي علم، ادب، فن ۽ سائنس سندن ماڻهن کي پنهنجي سماجي ۽ سياسي اڳواڻن مان هڪڙي خاص معيار جي هلت چلت، روش ۽ ڪارڪردگيءَ جي توقع رکڻ سيکاري آهي. ان کان گهٽ معيار جي هلت چلت وغيره جو برداشت نه ڪندا. هنن جي تاريخ جي ڄاڻ کين هر ڳالهه جو رڪارڊ ميسر ڪري ڏنو آهن، جنهن جي ڪري سندن سماجي ۽ سياسي اڳواڻ آسانيءَ سان اڄ هڪڙي ڳالهه، سڀاڻي ٻي ڳالهه ۽ ڪوڙ بدوڙ ڪري، ڦڙتيون گهڙتيون هڻي ۽ دهمان ٻڌي، ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي، پنهنجي جند آسانيءَ سان ڇڏائي نه سگهندا ۽ گڙ ٻڙ ڪرڻ جي حالت ۾ کين سخت خواري ۽ ذلت نصيب ٿيندي. ان ڊپ کان هو ماڻهن سان ڪافي سڌا هلن ٿا، پر جتي نه مضبوط علمي ادبي ۽ نه اخلاقي ۽ سياسي روايتون ۽ رڪارڊ آهن، اتي جي سياست بازيءَ جي حالت اها ٿئي ٿي جو:

    وري رهبر بنيا باطل،

    اهي ئي قوم جا قاتل،

    سدا غم ڪڙم کان غافل،

    نئين نعري ۾ ٿي شامل،

    نئون ليبل، اها بوتل،

    اها بگري، اهو ڍارو،

    خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو. (ابراهيم منشي)

    ***

    ٽڪي جا ماڻهو ٽڪي وڪاڻا، گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گڏي وڪاڻا،

    هِتي وڪاڻا، هُتي وڪاڻا، پکا پڙيءَ ۾ هڻي وڪاڻا،

    لڄن جي لوئي، وڪائون ويهي، اٿي ڏسو هي اَٿَوَ اهي ئي،

    صبح وڪاڻا، سنجهي وڪاڻا، ڳڻي وڪاڻا، پٺي وڪاڻا! (آفتاب ڪلوئي)

    ***

    هو جي ٿلها موٽا آهن،

    قوم وطن جي غدارن جا

    پوٽا ۽ پڙ پوٽا آهن...

    پيتل کاڌل، ٻاريل ساريل

    سگريٽن جا ٽوٽا آهن...

    بوبڪ واري ڀنگ ڀلاري،

    تنهن جا گهاٽا گهوٽا آهن...

    کوٽن نوٽن سڪن وانگر

    دل جا سچ پچ کوٽا آهن...

    اڄ يا سڀاڻي گم ٿي ويندا

    پاڻي جا ڄڻ ڦوٽا آهن...(محمد خان مجيدي)

    ***

    شال نه ڪنهن شاعر جي ٿئي،

    دنيا ۾ درباري دل!

    ***

    ڪيڏن سهڻن قوم جي رهبر ماڻهن جا،

    عيد جي ٻڪرن وانگي ذهن وڪامن ٿا!

    ***

    ان جي پنهنجي ٻولي ڪهڙي،

    جو ماڻهو سرڪاري آهي!

    ***

    هو پنهنجي بيوفا چهري تي شرمسار نه ٿيو،

    لڳي ٿو شهر ۾ هن کي ڪا آرسي نه ملي!

    (زاهد شيخ)

    سنڌ جي علم، ادب، فن، سائنس ۽ فلسفي جي ترقيءَ يا پسماندگيءَ جو سنڌ جي ذهني، سياسي، اقتصادي ترقيءَ تي اثر پئي ٿو. نه رڳو ايترو، پر خود سنڌ جي علم، ادب، فن ۽ سائنس ۽ زندگيءَ جي فلسفي تي به دنيا جي ٻين ملڪن جي علم، ادب، فن، سائنس جي ترقيءَ جا اثر پوندا رهيا آهن ۽ پئجن پيا. دنيا جي ادب انساني سماج جي تهذيب ۽ ترقيءَ ۾ هڪڙو عالمي تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. ادب جو دائرو رڳو بيتن، گيتن، غزلن، قصن، ڪهاڻين، داستانن ۽ ناولن تائين محدود ڪونهي. ادب جا ڪئين قسم آهن، جنهن ۾ (1) سورهيائي جا داستان (2) عشقيه داستان (3) ناول (4) مختصر ڪهاڻيون (5) نقل (6) عوامي گيت (7) ناٽڪ (8) مضمون (9) ادبي تاريخ (10) تنقيد (11) مذهبي ادب (12) فيلسوفي ادب (13) سياسي ادب (14) فلسفيانه ۽ ادبي مڪالمه (15) سفرناما (16) ادبي خط (17) فصاحتي ادب (18) ڊائريون (19) حياتين جا احوال (20) آتم ڪهاڻيون (21) ٻارن جو ادب (22) قديم لوڪ ادب/ڳيچ وغيره شامل آهن.

    قديم زماني کان وٺي وڌندڙ ويجهندڙ وڏن ادبن ۾ يوناني، چيني، سنسڪرت ۽ لاطيني ادب سڀ کان مشهور ۽ اهم ادبن منجهان ليکيا وڃن ٿا ۽ انهن کي عالمي ادب جي پيڙهه جا پٿر سمجهيو وڃي ٿو. اڄ جي ادب کي سمجهڻ لاءِ انهن ادبن جي اهم ترين ڪارنامن ۽ حاصلاتن کي سمجهڻ بنا انساني تاريخ ۾ عالمي ادب جي بنيادي اهميت کي سمجهڻ ممڪن ئي ڪونهي. ان ڪري باشعور، وطن دوست ۽ عوام دوست سنڌي ماڻهن لاءِ انهن ادبن بابت ٿوري گهڻي واقفيت رکڻ لازمي آهي.

    اڄ کان اٽڪل 34 صديون اڳ چيني ۽ سنسڪرت ڪلاسيڪي يا اعليٰ ادب جو دور جاري هو. ان دور ۾ سنسڪرت جي اعليٰ مذهبي شاعري جو جڳ مشهور شاهڪار رگ ويد لکيو ويو ۽ چيني زبان ۾ فيلسوفي ادب تخليق ڪيو ويو. اڄ کان 26 صديون اڳ يوناني ٻوليءَ ۾ دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڪلاسيڪي شاعر ”هومر“ پنهنجا لافاني منظوم داستان ”اوڊيسي“ ۽ ”اليڊ“ لکيا. ان کان 2 صديون اڳ يونانيءَ ۾ قانون جا ڪوڊ لکجڻ ۽ زباني شاعري ڪرڻ جو رواج شروع ٿي ويو هو. مختلف وڏن ادبن جا سونهري دور مختلف زمانن ۾ ٿي گذريا آهن، جهڙوڪ اٺين صدي ق.م يوناني ادب هومر جي ”اوڊيسي“ ۽ ”اليڊ“ وارو سونهري دور ليکجي ٿو. 84 قبل مسيح کانپوءِ واري اڌ صدي لاطيني ادب جو سونهري دور ليکي وڃي ٿي. سنسڪرت ادب جو سونهري دور پهرين صدي عيسوي کان ڇهين صدي عيسوي تائين جو دور ليکيو وڃي ٿو. 618ع کان 907ع جي دور کان چيني ادب جو سونهري دور (تهانگ گهراڻي جو دور) ليکيو وڃي ٿو. دنيا جي مختلف ڪلاسيڪي وڏن ادبن جون ڪي ڳالهيون نراليون ليکيون وڃن ٿيون. مثلاً:

    (1) يوناني ۽ سنسڪرت ادب ۾ اعليٰ ادب لاءِ ضروري هو ته ان جا موضوع يوناني ۽ سنسڪرت جي ڏندڪٿائن منجهان هجن. چين ۾ ڪا به ڏند ڪٿا ڪا نه هئي. لاطيني ادب لاءِ اهڙو ڪو به شرط ڪو نه هو.

    (2) چيني ادب ۾ تمام وڏا ڪلاسيڪي ادبي مجموعا تيار ڪيا ويا، جن ۾ تاريخ، پراڻن گيتن، سندن ڌنن، ڪهاڻين جا مجموعا شامل هئا.

    (3) ڪيترن وڏن ادبن وڏا تاريخ نويس پيدا ڪيا. جهڙوڪ يوناني ادب هيرو ڊوٽس (484 ق م– 424 ق م)، زينوفن (430 ق م– 354 ق م)، ٿيوسينڊائيڊس (460 ق م– 400 ق م)، پاليني (23 عيسوي -79 عيسوي)، ايرين (96ع-180ع) ۽ پليو ٽارڪ (46ع – 120ع) پيدا ڪيا. لاطيني ٻوليءَ ۾ يوي، ڪئٽو، جوليس سيزر (سپهه سالار)، ٽئسپٽس، پلاٽينس جهڙا تاريخ نويس پيدا ڪيا.

    (4) سنسڪرت ۾ ڪا به قابلِ ذڪر تاريخ ڪا نه لکي وئي.

    (5) چيني ٻوليءَ ۾ جنگي فن تي، سنسڪرت ۾ انتظام هلائڻ تي ۽ يونانيءَ ۾ آئين تي جڳ مشهور شاهڪار لکيا ويا.

    (6) سڀني ٻولين ۾ قانون تي ڪتاب لکيا ويا.

    (7) يوناني ۽ لاطيني ادبن ۾ تقرير جي ادب تي زبردست زور ڏنو ويو ۽ تقرير جي فن جا وڏا يگانا ماهر ۽ ڪي قابل ترين تقريرون لکي ڏيندڙ پيدا ٿيا.

    (8) سنسڪرت ۽ يوناني ٻولين يوري پائيڊس ۽ ڪاليداس جهڙا وڏا ڊراما نويس پيدا ڪيا.

    (9) يونان ۽ روم ۾ فوجي سپهه سالار لاءِ شرط اهو هو ته اهو ماڻهو هڪڙو تمام وڏو تقرير ڪندڙ ۽ قانون ۽ وڪالت جو ناليرو ماهر به هجي.

    (10) نامور خط لکندڙن ۾ رومي اديب ۽ اڳواڻ سيسرو، ڪنٽولس، هوريس، پليني، آتم ڪهاڻي ۾ هوريس ۽ اووڊ نالو ڪڍيو. لاطيني ادبي نقادن هوريس، سيسرو، ڪئٽلن جا نالا، يوناني ۾ ارسطو ۽ چيني ٻوليءَ ۾ ليوسي، يوئان منگ تائو جا نالا مشهور آهن.

    (11) سنسڪرت ۾ جڳ مشهور آکاڻين جا مجموعا پنج تنتر، هتو بادشاهه، برهت ڪٿا، سرت ساگر، ڪادمبري تيار ڪيا ويا. سنسڪرت گرامر جي ماهر پاننيءَ جو نالو عالمي شهرت ٿو رکي.

    (12) چيني ٻوليءَ وڏا مترجم پيدا ڪيا، جن ۾ يين فو، لنشو وڌيڪ مشهور آهن.

    (13) چيني ڊراما نويس ڪوهان، هانگ چنگ، وانگ شي فو، ماجي يوئان وڏو نالو ڪڍيو.

    (14) يوناني مزاحيه ڊراما نويسن اير سٽو فينس ۽ مناندر ۽ المياتي ڊراما نويس اسپاڪلس، سوفو ڪلس، يوري پائنڊس جا ڊراما عالمي ادب جا شاهڪار ليکجن ٿا.

    ڊرامن جي عالمي ميدان ۾ سنسڪرت جا ڪاليداس، ڀاسا، بس راڪا، وساڪا دتا، سيا ملاڪا، پاوا بوٽي پنهنجو مخصوص ۽ نرالو مقام رکن ٿا.

    قديم دور جي عظيم ترين شاعرن ۾ سنسڪرت جي والميڪي، ڪاليداس، اشو گهوش، بانا، داندن، ماگها، ڀاوا ڀوتي، ڀاروي، هرشا، هالا، بلهانا، ڀرتري هري، امارو، جئه ديو، يوناني ٻولي جي هومر آرڪي لوڪس، الڪس، سئفو، هيشا، اناڪرين، سمونائيڊس، زينو فنس، سولون، پندار، لاطيني جي ورجل، هوريس، اووڊ، جوويفل، ٽئيسٽس ۽ چيني ٻوليءَ جي تالو چين، لي پو، توفر جا نالا مشهور آهن. منظوم داستانن ۾ يوناني ۽ سنسڪرت ۽ مهاڀارت، رامائڻ، اوڊيسي ۽ اليڊ پنهنجا مٽ پاڻ آهن. مها ڀارت دنيا جو وڏي ۾ وڏو نظم آهي جنهن ۾ هڪ لک بند آهن ۽ اهو يوناني وڏي ۾ وڏين نظمن اليڊو ۽ اوڊيسي ٻنهي کان ستوڻو وڏو آهي.

    يونان ۾ افلاطون، ارسطو، پلاٽينس ۽ چين ۾ ڪنفيوشس، لائوزو عظيم فلسفي طور مشهور ٿيا. چيني ادب ۾ مها ڀارت، رامائڻ يا او ڊي سي ۽ الپس جهڙا ڏندڪٿائي داستان نه آهن. ان جي جاءِ تي تمام اعليٰ قسم جو جنگي ادب موجود آهي. سن زوء جو جنگي شاهڪار ”جنگ جو فن“ سڄي دنيا ۾ بي مثال آهي. منگول دور ۾ چيني ڊراما هندستاني ۽ يوناني ڊرامن کان متاثر ٿيا، جن ۾ منگول حڪومت لاءِ سخت نفرت ظاهر ڪيل آهي. تاريخ جي ميدان ۾ چيني ٻوليءَ ۾ 240 قبلِ مسيح ۾ ”بهار ۽ سرءَ جا داستان“ لکيا ويا. 85 قبلِ مسيح چين جي عظيم تاريخ نويس سوماچين پنهنجي ”تاريخي رڪارڊ“ نالي تصنيف ۾ اڳوڻن 2000 ورهين جي نامور شخصيتن جون ڪهاڻيون لکيون، جن جي لکڻ ۾ کيس 18 سال لڳا هئا. 300-200ع لوچي پهريون شاعر ۽ نقاد هو، جنهن تقليد کان انڪار ڪيو. 500-400ع ۾ ”دنيا جي ڪهاڻين جو نئون احوال“ ليويي چنگ لکيو ۽ 600-500ع ليوشي ”ادبي ذهن“ نالي تنقيد جو ڪتاب لکيو، جيڪو ان موضوع تي پهريون ڪتاب هو.

    ايندڙ ڪچهريءَ ۾ اسين عربي ۽ فارسي ادب جي اهم دورن جو سرسري جائزو وٺنداسين ۽ اڳتي هلي سنڌي ادب جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ۽ سنڌ جي جديد دور جي انقلابي وطن دوست ادب ۽ شاعريءَ جو جائزو وٺنداسين.
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم رسول بخش پليجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    اکين ۾ برف ڄمي وڃڻ کان بچڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟




    خميس 12 مارچ 2009ع



    علي قاضي صاحب زماني شناس، صحافي ۽ ڪاروباري ماڻهو آهي ۽ گهڻي زماني کان ڪاروبار ڪرڻ سان گڏ ڪالم لکندو اچي. ڪجهه وقت کان کيس ووڪل ڪلاس جو خفت لڳل آهي ۽ ان بابت ڪئين ڪالم لکي چڪو آهي.باوجود ان ڳالهه جي ته سنڌ جي سياسي ڪلاس اڃا سندس ان تجويز کي گهربل موٽ ڪا نه ڏني آهي، تڏهن به هو پنهنجي ڳالهه پويان لڳو پيو آهي، چي، ”ڀيا کيا کرتا هي؟ چي، ”ڀيا لگا پڙا هي.“ آئون دوستن کي چوندو آهيان ته ڀئي جو خيال برو ناهي، پر ان ۾ اڃا گهڻو ئي مال مصالحو پوڻ جي ضرورت آهي. سندس تازو 2009-3-5 تي ڪاوش ۾ لکيل تجزياتي ڪالم پڙهي مون کي لڳو ته اڄڪلهه هو (1) چالو ملڪي سياست تي سنجيدگيءَ سان غور پيو ڪري. (2) ان بابت پنهنجا رايا (Findings) اثرائتي، عام فهم، دلچسپ ۽ چٽي نموني سان ظاهر ڪري رهيو آهي. (3) پاڪستان جي سياسي مسئلن کي گهڻن ٻاهرين ۽ اندرين پاسن کان ڏسڻ ۽ سمجهڻ لڳو آهي.(4) جيڪڏهن وطن ۽ قوم جي پيڙائن بابت فڪرمنديءَ وچان مطالعي، مشاهدي، ذهني جدوجهد جو اهڙو ۽ ان کي ڏسندي اهڙا ٻيا سفر جاري رهيا ته پوءِ عجب ناهي ته اسين ماڻهو جيڪي رات ڏينهن عوام دشمن ۽ قوم دشمن منافق ۽ مڪريل ڪوڙين پروپيگنڊائن جا چريا ڌاتورا پيو، اکيون ڳاڙهيون ڪريو، مت وڃايو، ڪڏهن خوشي وچان هنبوشيون پيا هڻون، ڪڏهن مايوسيءَ وچان پنهنجا نصيب پيا پٽيون، تن کي شايد ڪا صحيح مت اچي وڃي، جنهن ڌٻڻ ۾ گذريل ڪيئن زمانن کان غرق ٿي پيا آهيون، تنهن مان مٿا مونا هڻي ٻاهرنڪري اچڻ جو ڪو طريقو ڳولي ڪڍي سگهون.

    سنڌ جي اصلوڪي سياسي ثقافت مطابق حڪومت وڏن ماڻهن ۽ ڀوتارن جو ڪم ۽ ڪاروبار آهي. اهي ئي ان جا راز ۽ گر ڄاڻن ٿا. ”رموز سلطنت خويش خسروان داند“ (بادشاهن کي ئي بادشاهيءَ جي رازن جي خبر هوندي آهي). پاڻ کي رڳو اهو خيال رکڻو آهي ته پاڻ جن جن ڀوتارن جا ماڻهو آهيون، اهي پاڻ مان راضي هجن ۽ سندن هڪل تي حاضر ٿي وڃون. سندن دشمن کي پنهنجو دشمن ۽ سندن دوست کي پنهنجو دوست سمجهون. باقي پنهنجا ڀوتار ڪهڙا ڪم صحيح پيا ڪن، ڪهڙا غلط تنهن جي پاڻ کي ڪهڙي خبر؟ پر جيڪڏهن دشمنن ۾ ڪا ڳالهه گهٽ وڌ هجي به ته به پنهنجو ڪهڙو ڪم پاڻ کان وڏن جي ڪمن ۾ٽنگ اڙائڻ جو؟ زماني شناس داناءَ چئي ڪو نه ويا آهن ته، ”خطائي بزرگاه گرفتن خطا است“؟ (وڏن ماڻهن جون غلطيون ڪڍڻ گناهه جو ڪم آهي)؟

    اڄڪلهه اٿندي ويهندي، صبح شام، اردو، انگريزي ۽ سنڌي اخبارن ۽ ٽي وين تي جمهوريت جا داستان پيا بيان ٿين ۽ سياسي تجزين جي ڌم لڳي پيئي آهي، البته اسان سنڌي تجزيه نگار اڪثر ڪري ظاهر آهي ته پنهنجي وڏن جي اصول مطابق پنهنجن پنهنجن ڀوتارن ۽ ڀوتار ٽولن جو ئي خير گهرندا آهيون ۽ انهن جا ئي ڳڻ ڳائيندا آهيون ۽ ٻين عيسن موسن جي باري ۾ گهٽ نه ڪندا آهيون. اسان جي ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ وچولي کائيندڙ پيئندڙ موقعي پرست ۽ زماني ساز طبقي ۾ Political cynicism (ڪو به سياسي دين ايمان نه رکڻ ۽ ڪن به اعليٰ آدرشن لاءِ جوش ۽ جذبي وارو احترام ۽ وفاداري نه رکڻ) هڪڙو مقبولِ عام ۽ قابل فخر فيشن بنجي چڪو آهي. ان فيشن تي نه هلندڙ ماڻهوءَ کي سياسي ڄٽ، خيالن ۽ خوابن ۾ غرق، نظرين جو قيدي ۽ نڪمو ماڻهو سمجهيو ويندو آهي. بلڪه نظرياتي هجڻ هڪڙي سياسي گار کان گهٽ ڳالهه نٿي سمجهي وڃي.

    مون جڏهن علي قاضيءَ جي آرٽيڪل جا هي جملا پڙهيا: ”اگر رڳو I Love you ۽ I Miss you چوندڙن کي محبتي ماڻهو چئبو آهي ته پوءِ خلقِ خدا سان، ڌرتي سان ۽ پنهنجي معاشري سان محبت ڪندڙن کي ڪهڙو نانءُ ڏجي؟.... ڇا دنيا جي انهن انيڪ ماڻهن، جن پنهنجي حياتي پنهنجي ڌرتي جي محبت ۾ وڃائي ڇڏي، کي صرف نظرياتي ماڻهو قرار ڏئي، انهن جي لازوال محبت کان اکيون بند ڪري وٺون.“ تڏهن مون کي ايئن لڳو ته وطن ۽ عوام مٿان ڇانيل ابن الوقتيءَ جي اونداهي افق تي عوام دوستيءَ ۽ ڌرتيءَ سان محبت جي احساس جو الائي ڪٿان اوچتو اچي هڪڙو چمڪاٽ ٿي ويو آهي. تاريخ جو هڪڙو تمام وڏو الميو اهو پئي رهيو آهي، جو ”جنين ڪاڻ مياس، سي ڪانڌي ڪو نه ٿيام“ (شاهه) جي ڳالهه وانگر جيڪي اونهي ۽ سڀ طرفي سوچ ۽ ڊگهي نظر رکندڙ پاڻ ارپيندڙ ماڻهو پنهنجون زندگيون پنهنجي قوم، وطن ۽ انسانيت جي ڇوٽڪاري ۽ سربلنديءَ لاءِ وقف ڪري، تن من ۽ ڌن سان ان عظيم مقصد جي حاصلات لاءِ ميدان ۾ جاکوڙيندا رهندا آهن، تن کي ڄڻ ته پنهنجي مقدر ۾ ئي اهو لکيل نظر ايندو آهي ته سڄي ڄمار اهو ڏکوئيندڙ نظارو ڏسندا، يعني ته سندن زماني، قوم ۽ عوام وٽ اهي اکيون ئي ڪونهن، جن سان هو ڏسي سگهن ته ڪير سندن لاءِ ڪيڏي پيار ۽ پاٻوهه ۽ پاڻ ارپڻ جي جذبي سان زندگي ۽ موت جي جاکوڙن ۾ جنبيا پيا آهن. ان عالمي تاريخي ماجرا کي خيال ۾ رکي هو چوي ٿو: ”ڪنهن محبت ڪندڙ کي سڀني کان وڌيڪ پيڙا ٿئي تڏهن ٿي، جڏهن سندس محبت جي جذبي کي ڏسندڙ جي اکين ۾ برف ڄمي وڃي، پوءِ اهو ڏسندڙ ڪو هڪ شخص هجي يا سماج هجي“. پاڪستان جي تازي اندرين صورتحال جي ڇنڊڇاڻ ڪندي هو ان نتيجي تي پهتو آهي ته شريف برادران جي نااهلي واري فيصلي کانپوءِ حالتون بنيادي طور بدلجي ويون آهن: ”ملڪ جي سياسي سيٽ اپ ۾ هڪ سال کان هلندڙ اسٽيٽسڪو 25 فيبروري (شريف برادران جي نااهلي واري فيصلي اچڻ واري ڏينهن) تي ٽٽي چڪو آهي“.

    سندس چوڻ آهي ته سنڌي ماڻهن کي تماشبين بنجي رڳو وات ڦاڙي ويهي اهو تماشو نه ڏسڻ گهرجي ته فلاڻو ٿو کٽي يا فلاڻو، پر ڏسڻ اهو گهرجي ته ان تماشي منجهان سنڌ ڪيترو کٽيو، ڪيترو وڃايو، ڇو ته ملڪي صورتحال ۾ جيڪي به تبديليون اينديون، انهن جو سٺو يا برو اثر سنڌ جي عوام تي اوس پوڻو آهي. هو لکي ٿو: ”تجزيو صرف اهو ڪرڻ ڪافي نه هوندو ته زرداري صاحب ۽ ميان صاحب مان ڪير ڪامياب ٿيندو ۽ ڪير نه، بلڪه اهو به ڏسڻ جي ضرورت آهي ته ان ٽڪراءَ جو جيڪو به انجام ٿيو، ان ۾ اسان يعني سنڌ ۽ سنڌ واسين کي ڇا حاصل ٿيندو، يا ڇا وڃائينداسين؟“ ٻي نهايت اهم ۽ وڏي سمجهه واري ڳالهه جيڪا اسان جي ننڍڙن دماغن ۽ ننڍڙيون دليون رکندڙ ۽ ڪرسيءَ جي نشي ۾ ٻڏل ماڻهن کي مشڪل سان سمجهه ۾ اچي سگهي، سا هو اها ٻڌائي ٿو ته هن قسم جي گهرو ويڙهه ۾ نقصان ڪمزور ڌر کي ته ٿيندو ئي ٿيندو، پر صاف بچي ڏاڍي ڌر به ڪانه ويندي، بلڪه وڌيڪ نقصان ٿيندو ئي ان کي. هو لکي ٿو ته: ”هاڻي وفاقي سيٽ اپ جيڪو طاقت ۽ بت جي حوالي سان وڏو هجي ٿو، اهو جڏهن بار بار مختلف شين سان ٽڪراءَ ۾ ايندو ته اهو ٿوري طاقت ۽ ننڍي سائيز جي شين کي ته ٽوڙي وجهندو پر هر ٽڪراءَ سان پاڻ کي به هاڃو رسائيندو. بلڪل جيئن ٽائيٽينڪ جهاز ننڍي چٽان سان ٽڪرايو هو ته اها چٽان ته ڀڄي ڀور ڀور ٿي وئي هئي، پر ٽائيٽينڪ جهاز ۾ به سوراخ ٿي ويو ۽ پوءِ پاڻي ڀرجڻ سبب جهاز ٻڏي ويو.“ ڪائناتي ۽ سماجي سائنس اسان کي سيکاري ٿي ته انساني سماج ۽ سندس سوچ سميت ڪائنات جي ڪا به شيءِ، ڳالهه يا ماجرا سدائين ساڳي ۽ هڪ هنڌ بيٺل ڪانهي، هر شيءِ، هر ڳالهه ۽ ماجرا تي ويچار ڪرڻ مهل سمجهڻو اهو آهي ته اها ابتڙ اترن جي ڪشمڪش ۾ ورتل آهي ۽ لاڳيتي تبديل پئي ٿئي. علي قاضي خبردار ٿو ڪري ته نه پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جون ۽ نه اسان جي بالادست عالمي قوتن جون همدرديون، پاليسيون ۽ اوليتون هڪ هنڌ ڄمي بيٺل آهن، هر ٻئي شيءِ ۽ لقاءَ وانگر اهي به سدائين تبديليءَ جي حالت ۾ رهن ٿا. ائين نه ٿئي جو اسان وارا يار پرڏيهي آسرن ۾ خلقون چيڀاٽيندا رهجي وڃن ۽ هوڏانهن آقائن کي اوچتا ڪي ٻيا پور پئجي وڃن ۽ هو سامونڊي اوچتو سڙهه سنوان ڪري ”آمريڪي قومي مفاد“ جا ٻيڙا هاڪاريندي ٻين ڌرين يا ولايتن کان وڃي نڪرن:

    چنيسر سين جاڳ متان ڪا منڌ ڪري،

    جئن مون پوءِ پروڙيو، هي نه ماڻي ماڳ،

    ڏمريو ڏهاڳ، سدا ڏئي سهاڳئين. (شاهه)

    هو لکي ٿو: ”ڇا آصف زرداري صاحب بمقابله شريف برادران ۾ پرڏيهي قوتن جي زرداري صاحب کي اوتري ئي حمايت حاصل آهي، جيتري صدر مشرف کي ڳچ عرصو محترمه بينظير ۽ نواز شريف جي ڀيٽ ۾ آمريڪا ۽ لنڊن جي هئي؟ اگر ان ڳالهه جو جواب ها ۾ به مڃي وٺون ته پوءِ به ملين ڊالرز جو سوال اهو آهي ته اسان جي اسٽيبلشمينٽ به ڇا ايتري ئي اينٽي شريف برادران آهي، جيتري مشرف دور ۾ هئي؟...محترمه شهيد ۽ پرويز مشرف جي گڏيل سيٽ اپ پويان لنڊن پلان جوڙيندڙن جي منطق دهشتگرديءَ خلاف پاڪستاني فوج ۽ پاڪستاني پاپولر سياست ڪندڙن جو اتحاد جوڙڻ هو، پر اڄ جڏهن لنڊن ۽ واشنگٽن ۾ ويٺل ڏاها سوات ۾ اي اين پي جهڙي سيڪيولر ۽ پاپولر پارٽيءَ جو طالبان سان ٺاهه ٿيندي ڏٺو هوندو ته ڇا سندن ذهن ۾ لنڊن پلان تي سواليه نشان نه اڀريوهوندو؟...پ پ ۽ نواز ليگ جو جهيڙو ڏسي به اهي گورا سوچيندا هوندا ته ”هي ڀائي لوڪ ته پنهنجي جهيڙي ۾ پئجي ويا آهن، اسان جي جهيڙي (دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه) جو ڇا ٿيو؟....اگر اڄ پرڏيهي قوتون وفاقي سيٽ اپ جي حق ۾ هجن، تڏهن به هو ڊگهي ۽ مسلسل هلندڙ سياسي ڇڪتاڻ سان دير سوير بيزار ٿيندا ۽ گڏوگڏ کين اهو به خيال اچي سگهي ٿو ته اگر ڪجهه سيٽ اپ غير مقبول ٿيندو وڃي ته کين ان سان چنبڙي رهڻ ۾ گهڻين رڪعتن جو ثواب ملندو؟...“

    اڄڪلهه آمريڪا بهادر جي سپر پاوريءَ جي حالت به ڪجهه نازڪ ۽ ٽانڪائين ٿي ويئي آهي. هن جي حالت ذري گهٽ هندستان ۾ سترهين صدي جي پڇاڙيءَ ڌاري اورنگزيب جي پڇاڙيءَ واري دور جي مغل سلطنت جي ۽ ٻي جنگِ عظيم کانپوءِ انگريز بهادر جي سپر پاوريءَ جهڙي ٿي ويئي آهي. 1945ع ۾ جڏهن هندستاني ليڊرن انگريزن کي ٻي جنگ عظيم جو فاتح اعظم سمجهي سندن اڳيان آزاديءَ لاءِ ٻاڏايو پئي، تڏهن وقت جي وائسراءِ لارڊ ويول 1945ع ۾ انگلينڊ جي سرڪار بهادر کي Operation Break Down لکي موڪلي هئي، جنهن جو مون پنهنجي سنڌي ليکن ۾ ترجمو ڪيو، ”اچو ته ڀڄي جند ڇڏايون.“ آپريشن ۾ هن لکيو ته ”جيسين ڪراچي ۽ ڪلڪتي جا بندر پنهنجي قبضي ۾ آهن، تيسين اچو ته انهن بندرن ذريعي پنهنجا فوجي ۽ سول ماڻهو وطن واپس موڪليون، جيڪڏهن اجائي گهڻي دير ڪبي ته پوءِ متان ڀڄڻ جو اهو موقعو به نه ملي“.

    اسان جا آمريڪي آقا لکين عراقي ڪهي ماري ۽ مارائي هاڻ اتان ڀڄي نڪرڻ جي تيارين ۾ آهن. برطانوي جنرل اقرار ڪري چڪا آهن ته افغانستان ۾ حالت عراق جهڙي بلڪه ان کان به خراب آهي. مغربي طاقتون پنهنجي عراق، افغانستان ۽ پاڪستان ۾ ڪيل گند کي صاف ڪرڻ لاءِ هاڻ هڪڙي طرف چين کي ڦاسائڻ لاءِ واجهه پيا وجن ته ٻئي طرف طالبان سان ٺاهه ڪرڻ جون ڳالهيون پيا ڪن. اڳي غازي ڪرائي تي وٺي انهن کي ڪهائي روس کي نيچو نوايائون، هاڻ وري چيني ڪميونسٽ خريد ڪري انهن جو صدقو ڏيئي افغان جنگ جي باهه مان نڪرڻ گهرن ٿا. آمريڪا بهادر اعلان ڪري چڪو آهي ته افغان-پاڪستان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ چين کي وچ ۾ لهڻ گهرجي، ان لاءِ ساڻس ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي ويئي آهي پر چوندا آهن ته ”وه دن هوا هوئي جب خليل خان فاخته اڙايا کرتي تهي.“ اڄڪلهه اوڀر جا چرٻٽ ماڻهو به ڪجهه عقل سکيا آهن، اڳي هو رڳو مغربي آقائن جي قدم بوسيون ڪري پنهنجي دلين جا درد ٻڌائيندا ۽ مرادون ماڻڻ جون ڪوششون ڪندا هئا. هاڻ هو هڪٻئي کي سور سڻائڻ ۽ گڏيل دردن جا دارون ڳولهڻ به سکن پيا.

    مسئلا رڳو ٻاهريان نه، پر ساڳئي وقت اندريان به آهن، نڪا گهٽتائي گهوٽ ۾، نڪا ڪمي منجهه ڪنوار. ٻئي نهايت نازڪ قسمن جا آهن. هو لکي ٿو: ”جنهن تيزيءَ سان صدر زرداري صاحب ”مڪمل اقتدار“ حاصل ڪرڻ لاءِ وڌي پيو، ان مان صحيح يا غلط پر اهو ڊپ ميڊيا، گيلاني صاحب ۽ اسٽيبلشمينٽ منجهه به پيدا ٿيندو هوندو، ته هاڻي متان ٻيو نمبر سندن اچڻ وارو هجي...ٻيو مسئلو زرداري صاحب آڏو اهو ساڳيو اچي پيو جيڪو پرويز مشرف سان به هو، يعني سڄي مخالفت ۽ حمايت جو محور هڪ شخص ٿي ويو آهي ۽ وچ ۾ ڪو Buffer نه رهيو آهي. هر ڌر کي پڪ آهي ته اگر کيس ڪجهه ملڻو آهي ته هڪ شخص کان ۽ کيس ڪو نقصان رسڻو آهي ته به ان جو ذميوار هڪ ئي شخص هوندو...اقتداري دنيا جي جبل تان پٿر هيٺ ڏانهن ڍرڪڻ شروع ٿي ويو آهي، پوءِ ڏسجي ته ان کي تيزيءَ سان هيٺ اچڻ کان ڪنهن حڪمت عملي تحت روڪي وٺجي ٿو يا نه؟....چئو طرف پيدا ٿيل صورتحال ”سڀ ٺيڪ آهي“ واري نه بلڪه ”گهڻي ٺيڪ ناهي“ واري پئي نظر اچي ۽ اهو چوڻ غلط نه هوندو ته اهي سڀ مسئلا بمقابلا ايوان صدر ٿي ويو آهي...اگر جهيڙيندڙ ڌرين ۾ ڪو Truce (ٺاهه) ٿيو به ته اهو گهڻو ڊگهو عرصو شايد ئي هلي“. هتي ان امڪان تي به ويچار ڪندو هلجي ته نامناسب نه ٿيندو ته ٿي سگهي ٿو ته وقتي حڪمران بهادر هزارين حڪمتون، همتون ۽ حرڪتون ڪم آڻي پنهنجن سمورن مخالفن کي شڪست ڏيئي وجهن ته پوءِ ڇا؟

    دنيا جي داناءَ سياستدانن ۽ سپهه سالارن کي چڱي طرح خبر آهي ته سڀ سوڀون فائدي واريون نه هونديون آهن، انساني تاريخ ۾ ڪي سوڀون ايڏي ڳري قيمت تي حاصل ڪيون پئي ويون آهن، جو اهي مورڳو کٽيندڙ ۽ سوڀاري ڌر جي ڳچيءَ ۾ پئجي وينديون رهيون آهن ۽ اڳتي هلي سندس تباهيءَ جو ڪارڻ ٿينديون رهيون آهن. اهڙي هڪڙي تاريخي سوڀ پوڻيون ٽيويهه صديون اڳ سن 279 قبل مسيح ۾ ايپيروس (Epirus) جي حاڪم پائروس (Pyrrhus) اسڪوليوم (Asculum) جي ميدان تي رومي شهنشاهت خلاف کٽي، پر پنهنجا ماڻهو ايترا مارايائين جو ان کانپوءِ سندس ۽ سندس حڪومت جو نالو نشان به ڪو نه رهيو، ان ڪري ڀوڪپائيءَ واري فضول ۽ ڳچيءَ ۾ پوندڙ سوڀ کي سڏبو آهي پائرس واري (تباهي آڻيندڙ) فتح.

    غور ڪري ڏسبو ته پاڪستان جي سمورن ناليوارن سياتبازن ۽ جرنيلن جون ذري گهٽ سڀ سوڀون ان (Pyrrhic victory) قسم جا شاهڪار ثابت ٿيون آهن. بهرحال اسان سنڌ جي ننڌڻڪن ماڻهن لاءِ اصل مسئلو ڦري گهري اهو ٿو اچي بيهي ته سڀاڻي جيڪي به ٿئي. پر اسان جو ڇا ٿيندو؟ علي قاضي لکي ٿو: ”هلندڙ مهيني ڪجهه ٿئي ٿو، يا هلندڙ سال، ايندڙ سال جيڪو به ٿيندو، سو ٿيندو، پر ان مهل سنڌ ڪٿي بيٺل هوندي؟ اگر تبديلي غير آئيني نوعيت جي آئي ته اسان سان ڪهڙي جٺ ٿيندي. پر جي مڊ-ٽرم چونڊون ٿيون ته سنڌ ڪٿي بيهندي؟ مون کي ايندڙ وقت ۾ سنڌ سياسي طور تي بنهه Isolated (اڪيلي) نظر اچي ٿي ۽ سمجهه ۾ نه پيو اچي ته سنڌ جي واهر ڪير ڪندو؟...ايندڙ دور ۾ شايد ئي ڪا پارٽي چئني صوبن ۾ پنهنجي نمائندگي ٺاهي سگهي، سو پنجاب ۾ نواز ليگ، سرحد ۽ بلوچستان ۾ اتان جون قومپرست جماعتون اتي جي حقن جي نمائندگي ڪنديون پر سنڌ جي نمائندگي ڇا ايم ڪيو ايم ۽ ضلعي اتحاد ذريعي چونڊيل ڀوتار ڪندا؟...سنڌ سان محبت ڪندڙن کي پنهنجي اکين ۾ برف ڄمڻ نه ڏيڻ کپي ۽ پنهنجي دل جي هيٽر سان ان محبت جي جذبي کي گرمائڻ کپي، جيئن سنڌ جي بهتريءَ جو خواب ڏسندڙ اکين جي پاڻي سان گڏ اهو خواب به هڪ ڄمي ويل خواب بڻجي نه رهجي وڃي.“

    اڄ ڦرلٽ، عوام دشمني، مڪر، منافقي ۽ ڪوڙي پروپيگنڊا، غداريءَ ۽ بي حسيءَ جي ڪري سنڌ جي حالت ان ڪمزور ننڍڙي ٻيڙيءَ جهڙي آهي، جيڪا اڃا ٿورڙي ڪجهه تري ته پئي، پر ڪا خبر ڪانهي ته آخر سندس ڇا ٿيندو؟ ان باري ۾ اونهي علمي، سائنسي ۽ عملي سوچ ويچار، تجزيو رٿابندي ۽ تدارڪ ڪرڻ اسان مان هر سچي سڄاڻ سنڌيءَ جو اولين فرض آهي.
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم رسول بخش پليجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    هاڻ ڇو نه اصل تاريخي رڪارڊ کولي ڏسون؟




    خميس 16 اپريل 2009ع



    وڏا چئي ويا آهن ته، ”تڪڙي ڪتي، انڌا گلر ڄڻي“ چي ”حجام! اڇا يا ڪارا؟“ چيائين ”ابا اجهو ٿا پٽ تي ڪرن، پوءِ پاڻ ڏسج.“ سو پاڻ وارن ڀوتارن جا اڇا ڪارا آهستي آهستي پڌرا پيا ٿين. ٻيا ته ٺهيو پر سندن پنهنجا گهر جا ماڻهو به کانئن ڇٽا ٿيو بيٺا آهن ۽ منجهانئن ويڪون پيا ڪڍن. سموري عمر ناٽڪ ڪيائون، قوم، وطن ۽ مسڪين ماروئڙن سان دوکا ۽ فريب ڪيائون ۽ سندن دشمنن جي هٿن جاباز ٿي ڪرسيون ماڻيائون ۽ گهر ڦوڪي ڏياري ڪيائون ”سياڻو ڪانءُ ٻه ٽنگو ڦاسي“ هڪڙي پاسي پنهنجي اٻوجهه ۽ ويساهه ولوڙيل سنڌي عوام جو جهڳو جهڻ ڪري ڇڏيو اٿن. بک، بيروزگاري، ڪرپشن، اٺ ئي پهر اغوائون، رهزنيون، قبائلي قتلام، سوين هزارين خون ٻوڙيندڙ جرڳن ذريعي قانون ۽ آئين خلاف کليون کلايون بغاوتن جون سرپرستيون ته ٻئي پاسي پاڪستان جي سرزمين غير آئيني طرح لکين مسڪين عوام جون زندگيون جهنم بنائيندڙ خود ساخته مذهبي ٺيڪيدارن جي حوالي ڪرڻ، پاڪستان جي قانون ۽ آئين جا ترا ڪڍڻ، ٽئين پاسي صبح شام ڊرون حملا ڪرائڻ، مٿان ”امداد“ جا نوان تباهه ڪندڙ شرط، پاڙيسري ملڪن جي آڻ مڃڻ جا مطالبا، اتحادين جون بغاوتون، مطلب ته ”ڍينگو ڍيري ۽ ٽپڙ ٽيشن تي.“ ”ڀينگ ٿي ويئي آهي دلبر، ٻيو مڙئي خير آهي“ وارو ڪم ٿي ويل ٿو ڏسجي. اهو سڀ ڄڻ اک ڇنڀ ۾ ائين ڇو ٿي ويو آهي؟ ڪنهن مغربي داناءَ چيو آهي ته آمريڪي حڪومتون به اهڙا ئي بي وقوفيءَ جا ڪم ڪنديون آهن، جهڙا ٻيون حڪومتون ڪن ٿيون، پر اهي تباهيءَ کان بچي ان ڪري وڃن ٿيون جو حڪومت تي تنقيد جي آزاديءَ جي ڪري اهي ٻين کان گهڻو اڳ پنهنجون غلطيون معلوم ۽ درست ڪري وٺن ٿيون.

    پاڪستان ۾ حڪمران ٽولن جو سمورو ڪاروبار جڳاڙ، پروپيگنڊا، ڪوڙي تاريخ، ڪوڙن داستانن ۽ ڏند ڪٿائن تي هلي ٿو. ظلم آهي ته جتي ماڻهو اڃا پنج سئو سال پراڻي سامراجي، قبائلي، جاگيرداري واري جسماني توڙي روحاني دهشتگرديءَ واري ڌٻڻ ۾ غرق هجن، اتي چونڊون ڍونگ کان سواءِ ٻيو ڇا ٿيون ٿي سگهن؟ عوام هر ڳالهه ۾ آهي حڪمرانن طرفان ٻڌايل قصن ڪهاڻين جي رحم ڪرم تي. ابا ڇا پيا ڪريو؟ چي ”اسلام لاءِ جهاد پيا ڪرايون!“ حالانڪه اصل حقيقت اها هئي ته افغانستان ۾ مجاهدين جيڪو ”جهاد“ پئي ڪيو، ان جي حڪمت عمليءَ جي اصل آڳ واڳ اسامه بن لادن ۽ ملا عمر بدران دنيا جي ڪٽر کان ڪٽر تعبصي انتهاپسند عيسائي ۽ يهودي اڳواڻن، بدنامِ زمانه جنرل شيرون (صابره ۽ شطيله جي فلسطيني ڪيمپن جو قتل عام ڪرڻ واري ۽ آمريڪي سينيٽر چارلي ولسن جي هٿن ۾ هئي. انهن ئي ان جي حڪمت عملي ۽ هٿيار پنوهار مهيا پئي ڪيا. خود مردِ مومن مردِ حق جنرل ضياءُ الحق جي آڳ واڳ هڪڙي انتهائي مخصوص تربيت يافته ڪٽر عيسائي سي آءِ اي ايجنٽس جي هٿ ۾ هئي، جنهن جو پيشو مسلمان ليڊرن ۽ شيخن کي عاليشان دعوتن ۽ خوبصورت نازيننن ذريعي ريجهائي آمريڪا جي هٿ جو کيڏڻو بڻائڻو هو. مٿي ذڪر ڪيل عيسائي ۽ يهودي قاتلن ۽ جلادن جو جوڙيوال جنرل صاحب اهو راڪاس هو، جنهن اردن ۾ بي گهر ۽ تباهه حال فلسطينن تي ٽئنڪون چاڙهي انهن جي رت جا ريلا وهائڻ جو نيڪ ڪم ڪرڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو. جنهن جي انعام طور آمريڪا کيس پاڪستان جو چيف آرمي چيف بڻرايو. انهن حقيقتن کان پاڪستاني عوام ته ڇا سڄاڻ ماڻهو به بي خبر آهن. پاڪستان جا سڄاڻ ماڻهو ڄاڻڻ چاهيندا ته اها معزز خاتون ڪير هئي ۽ سندس ڪارنامن ۽ مٿي ڄاڻايل ٻين حقيقتن جو رڪارڊ ڪٿان هٿ اچي سگهندو؟ جواب آهي ته ان خاتون جو نالو هو جون هيسنگ (Joan Hessing) ان جي رڪارڊ لاءِ پڙهو جارج ڪرائيل (George Crile) جو ڪتاب ”چارلي ولسن جي جنگ“ (Chalrie Wilson’s war) ڇو ته اها جنگ اصل ۾ مسلمانن جي نه پر ڪٽر ۽ انتهاپسند يهودين ۽ عيسائين جي هئي، ٻيو ڏسو محمود مامداني (Mahmood Mamdani) جو ڪتاب ”“سٺو مسلمان خراب مسلمان“ (Good Muslim, Bad Muslim) صفحو (275 ۽ ٻيا) (هيٺ ڏنل سوالن بابت رڪارڊ بلڪل موجود ۽ هڪيو تڪيو حاضر آهي، پربهتر ائين ٿيندو ته سڄاڻ ماڻهو پاڻ تڪليف وٺي انهن جا جواب ڳولي هٿ ڪن ۽ پوءِ جي کين ڪنهن مدد گهرجي ٿي ته اها ملي ويندي.) پاڪستاني تاريخ بابت ٻيون اهڙيون سوين بنيادي ۽ اهم حقيقتون جيڪي سڀني کي معلوم هئڻ گهرجن. ڇا هن جمهوري دور ۾ به انهن حقيقتن تي غور ڪري انهن جو صحيح مطلب عوام اڳيان پيش ڪري سگهجي ٿو ته جيئن هو سمجهي سگهن ته حڪمران کين ڪهڙي طرف ڪاهيندا پيا وڃن؟ ڇوٽڪاري ڏانهن يا ڪنهن اڃا به وڏي اوڙاهه ڏانهن؟ مثال طور:

    (1) پاڪستان جي هاڻوڪي رياست 1940ع واري بنيادي آئيني ٺاهه جي سراسر برخلاف آهي.

    (2) پاڪستان جي 1973ع واري آئين سميت ڪو به آئين جائز اختيار مطلب جائز طريقي سان نه ٺاهيو ويو.

    (3) پاڪستان پنهنجن 60 سالن جي عمر ۾ ڪڏهن به ڪو وفاقي، آئيني ۽ جمهوري راڄ رهيو آهي، نه اڳ نه اڄ.

    (4) مطلب ته آزادي، خودمختياري، آئيني بالادستي، وفاق ۽ جمهوريت جون سموريون ڳالهيون ڏندڪٿائون آهن.

    (5) پاڪستان جي حاڪمن طرفان سامراج جي غلاميءَ خلاف بغاوت ۽ جدوجهد جا داستان ۽ ڏندڪٿائون بنيادي طور انتهائي وڌاءَ ۽ غلط بياني تي ٻڌل آهن. ان حالت ۾ هي جيڪي پڪائيءَ سان عوام کي برغلائين پيا ته هن ملڪ ۾ جمهوريت آهي، ماڻهن کي هيءَ حقيقت معلوم ڪرڻ جي آزادي آهي، فلاڻا قومي هيرا هئا، فلاڻا بدمعاش هئا، تن کي گهرجي ته پاڪستان جي تاريخ بابت تحقيقات ڪري ڄاڻ ۽ معلومات جي ڏي وٺ ۽ بحث مباحثو ڪرڻ لاءِ ماحول سازگار بنائن ته جيئن ڪوڙن، ڏندڪٿائن، سورهيائي، قربانيءَ ۽ عوام دوستي، جمهوريت نوازي ۽ سامراج خلاف بغاوت وغيره وغيره جي اصل حقيقت عوام کي معلوم ٿي سگهي.

    ٻين سان گڏ هيٺين ڳالهين بابت تحقيقات ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري اصل حقيقتون عوام تائين پهچائجن ته جيئن انهن جي روشنيءَ ۾ پاڪستان جي سياست ۽ حڪمراني بابت هيستائين ٿيل گمراهين ۾ درستي ٿي سگهي ۽ ملڪ بچائي سگهجي.

    1. ائين آهي ڇا ته هي جيڪو موجوده 1971ع کانپوءِ وارو پاڪستان آهي، جنهن ۾ پنجاب سان سنڌ، بلوچستان، سرحد کي گڏي هڪ رياست ٺاهي وئي آهي، تنهن جي تجويز 80 سال اڳ 1930ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي سالياني اجلاس جي صدارت ڪندي علامه اقبال پيش ڪئي هئي ۽ هندستان جي مسلمانن اها قبول نه ڪئي هئي، ڇاڪاڻ ته سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جا ماڻهو اهڙي رياست ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار نه هئا، جنهن ۾ پنجاب جي ايتري زبردست بالادستي هجي، جو سڀني تي جيئن وڻيس تيئن حڪم هلائي سگهي ۽ انهن جي حقن ۽ وسيلن سان جيڪو وڻيس سو حشر ڪري؟

    2. ائين آهي ڇا ته 1940ع ۾ جيڪو بنگال ۽ آسام کي هيترن هزارن ميلن پري هوندي به اولهه پاڪستان جي ملڪن سان ڳنڍيو ويو، ان جو سبب اهو هيو ته ننڍن صوبن وارن چيو هو ته اڪثريت ڀلي بنگالين جي هجي، جن مان ننڍن صوبن کي ڪو به خوف خطرو ڪو نه هو.؟

    3. ائين آهي ڇا ته 1940ع وارو بنيادي ٺهراءُ جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ٺهيو، تنهن ۾ ڪنهن به هڪڙي گڏيل مسلمان ملڪ ٺاهڻ جو ذڪر ئي ڪو نه هو، نه وري اهو چيل هو ته ان ملڪ جو نالو پاڪستان هوندو يا ان ۾ شريعت جو قانون رائج ڪيو ويندو يا وري ان ۾ فيڊريشن يا ڪانفڊريشن هوندي؟

    4. ائين آهي ڇا ته ان ۾ اهو طئي ڪيو ويو هو ته بنگال، آسام، سنڌ، پنجاب، سرحد، بلوچستان آزاد ۽ خودمختيار هوندا؟

    5. ائين آهي ڇا ته آل انڊيا مسلم ليگ جي بحال ڪيل ان بنيادي ٺهراءَ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ طرفان ڪنهن به قسم جي جائز نموني ۽ باقائدي اهڙي ڪا به ترميم ڪا نه ڪئي ويئي هئي، جنهن ۾ مٿي بيان ڪيل اصولن کي ختم ڪيو ويو هجي؟

    6. ائين آهي ڇا ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ مٿين سمورن اصولن جي خلاف ورزي ڪري عملي طرح سنڌ تي ٻاهرين ماڻهن قبضو ڪري ورتو؟

    7. ائين آهي ڇا ته سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين جيڪا ملڪ جي رائج قانونن Transfer of Property Act ۽ Registration act مطابق سنڌي مسلمانن جي ملڪيت هئي، تنهن کي انتظامي طور ڪنهن مخصوص ٽولي جي حوالي ڪيو ويو ۽ ان زمين تي ٻيو ته ٺهيو پر سنڌي هارين جا جيڪي بنيادي حق هئا، اهي به ختم ڪري کين بي گهر ۽ دربدر ڪري ڇڏيو.

    8. ائين آهي ڇا ته قبضي خور مافيه اچڻ شرط ان جي سڀ کان قيمتي تاريخي قومي ملڪيت، ان جي تخت گاهه ۽ ان جي دل ڪراچيءَ تي ناجائز قبضو ڪري سنڌين کي اتان تڙي ڪڍي ڇڏيو ۽ اڃا تائين سنڌي اتان تڙيل آهن.

    9. ائين آهي ڇا ته سنڌ اند سنڌين جي انتظامي مشينري ان مخصوص ٽولي جي ڊڪٽيٽرشپ کي نيست و نابود ڪري اتي up, cp ۽ پنجاب مان امپورٽ ڪري آندل تعصبي آفيسر ٽولي کي سنڌ جي مٿان ٿاڦيو ويو، جن سڄي سنڌ ڦري ورتي.

    10. ائين آهي يا نه ته ٻاهران آيلن جي ڊڪٽيٽرشپ سنڌ جي صوبائي حڪومتن کي هڪٻئي پٺيان ناجائز طرح Dismiss ڪري سنڌ کي up, cp ۽ پنجاب جي بالادستي هيٺ آڻي ڇڏيو؟

    11. ائين آهي ڇا ته ان ساڳي ٽولي پهرين ڏينهن کان وٺي بنگال ۽ سنڌ کي پنهنجي اک ۾ رکيو. بنگال جي سڀ کان قابل اڳواڻ سهروردي کي آئين ساز اسيمبليءَ مان خارج ڪري ڇڏيو، بلڪه کيس ڏيهه نيڪالي ڏيئي بنگال اچڻ کان به روڪي ڇڏيو؟

    12. ائين برابر آهي ڇا ته جڏهن اسڪندر مرزا نالي ماتر آئين ٽوڙي ايوب خان سان گڏجي ڊڪٽيٽرشپ قائم ڪئي، تڏهن ڪيترن ٻين سياستدانن به سندس حمايت ڪئي، ۽ هڪڙي سنڌي سياستدان ته ائين به لکت ۾ اعلان ڪيو ته ”اسڪندر مرزا محمد علي جناح کان به وڏو پاڪستان جو محسن آهي.“ جيڪڏهن ائين آهي ته ان سياستدان جو نالو ڪنهن کي معلوم آهي؟

    13. ڇا جڏهن ايوب جي ڊڪٽيٽرشپ قائم ٿي، تڏهن هن جي وزيرن مان هڪڙي اعلان ڪيو ته، ”ايوب واري مارشل لا هڪڙي فخر جوڳو انقلاب آهي، پاڪستان ۾ ڪا به اهڙي قانون ساز اسيمبلي نه هجي، جيڪا صدر ايوب مٿان حڪم هلاني.“ ڇا هن وڌيڪ اهو به چيو هو ته ”بنگال کان وٺي پنجاب تائين سڄو ملڪ هڪڙو one unit هئڻ کپي ۽ سڀ پاور مرڪز ۽ ايوب خان جي هٿ ۾ هئڻ گهرجن ۽ ڪا به صوبائي اسيمبلي نه هئڻ گهرجي. سڄي ملڪ ۾ پارٽي هڪڙي هئڻ گهرجي، جنهن جا ضلعي جا صدر ڊي سي هجن ۽ سيڪريٽري SP هجن، ٻين پارٽين جي ڪا به ضرورت ڪانهي. ڇا اهڙو ڪو سياستدان هو ڇا؟ جي ها ته ان جو نالو ڇا هو؟

    14. ائين برابر آهي ڇا ته one unit مڙهڻ کانپوءِ سنڌ جو نالو وٺڻ قانوني ڏوهه بنجي چڪو هو ۽ ايوب جي زماني ۾ سنڌي ٻولي جي پڙهائي تي ٽن درجن کانپوءِ بندش وڌي وئي هئي. اڳتي هلي غلام محمد بئراج ٺهيو ته سنڌ جا 25 لک ايڪڙ زمين بنگالين، قبائلين ۽ ٻين ٻاهران کان آيل ماڻهن کي ڏئي ڇڏيا، ۽ پاڪستان جا ڇهه درياءَ جنهن ۾ سنڌ اڌو اڌ ڀائيوار هو، تن کي ٻاهران ئي ٻاهران سنڌي انجنيئرن ۽ پاڻي جي ماهرن جي شرڪت کانسواءِ پنجاب ۽ هندستان سان ٺاهه ڪري سنڌ کي عملن انهن سمورن دريائن مان لا دعويٰ ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ مغربي پاڪستان جي نالي تي کنيل قرض فقط هڪڙي صوبي پنجاب تي خرچ ڪري ان جو وڏو حصو سنڌ کان چٽي طور ڀرايو ويو. ڇا اهڙو ڪو سنڌي سياستدان وزارت ۾ شامل هو، جيڪو مٿين سنڌ دشمن قهري قدمن جو خاموش توڙي علي الاعلان حامي، پر چارڪ ۽ مبلغ هو ۽ ان جي مخالفت ڪرڻ وارن کي پاڪستان جو غدار ٺهرائيندو هو. جيڪڏهن ڪو اهڙو صاحب هو ته ان جي نالي جي ڪا اڄ ڏينهن تائين خبر پئجي سگهي آهي؟

    15. ائين آهي ڇا ته 1965ع واري جنگ ۾ هي جو پاڪستان وارن کي زور و شور سان ٻڌايو پئي ويو ته پاڪستان شاندار فتح حاصل ڪئي هئي. پر ڪنهن غدار حاڪم دل جي ڪمزوري ۽ بزدلي سبب منصوبو سٽي ۽ سازش ڪري پاڪستان جي ان فتح کي شڪست ۾ تبديل ڪيو.اها ڳالهه هن ملڪ جي تاريخ جي وڏن ڪوڙن مان هڪ آهي.در حقيقت فتح جا ڍنڍورچي ئي تمام گهڻي حد تائين ان شڪست لاءِ بنيادي طور ذميوار هئا، جيتوڻيڪ ٻيا به ساڻن گڏ هئا.

    16. ڇا ائين سچ آهي ته ڪنهن بدنام ڊڪٽيٽر واقعي سامراج سان سندس پاڪستان سان بي وفائي جي ڪري، عملي طرح بغاوت ڪئي کيس پاڪستان وارن اڏن مان ٽپڙ کڻايا. سندس دشمنن سان ٺاهه ڪري انهن سان اتحاد ڪيو ۽ آمريڪي سامراج ان جي جواب ۾ سندس خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا هلائي کيس بدنام ڪري ڪڍائي ڇڏيو. ان آمريڪي مهم جا ٻه مکيه اڳواڻ هئا. هڪڙو جنرل هو ۽ هڪڙو سويلين هو، ڇا اها ڳالهه صحيح آهي؟ جي ها ته انهن ٻنهي سامراجي مهم جي اڳواڻن جا نالا معلوم ڪري سگهجن ٿا؟

    17. پاڪستان ۾ اهڙي ڪا مشهور ۽ معروف جمهوري پارٽي ٿي گذري آهي، جنهن پنهنجي پارٽي جو سيڪريٽري جنرل اهڙي جنرل کي مقرر ڪيو هجي، جنهن کي بنگال ۽ بلوچستان جي عوام طرفان ڪاسائي Butcher of Bengal and Balochistan لقب مليل هجي

    18 ڇا ائين صحيح آهي ته 4 آڪٽوبر 1988ع جي اخبارن جي رپورٽ مطابق 86 سنڌي لاشن جي تصديق ڪئي، جن مان 52 لاش ٻورين ۾ ڀري اندرئين سنڌ موڪليا ويا؟ ڇا ملير ۾ مهراڻ ڊسپينسري ڀرسان سومرن جي ڪٽنبن جا اٺ لاش پيل هئا، جن کي کڻڻ لاءِ جڏهن ماڻهو پهتا ته انهن تي گوليون وسايون ويون ۽ ڀڄايو ويو؟ ڇا 3 آڪٽوبر 1988ع جي حلال پاڪستان جي رپورٽ مطابق ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ 11 سنڌي عورتن جا اگهاڙا لاش پهتا هئا؟

    19. ڇا 16 نومبر 1988ع جي حلال پاڪستان جي رپورٽ مطابق هڪڙي سنڌي سياسي هستي سومر جي ڏينهن صبح جو انهن وٽ پهتي. ڇا ان سنڌي سياستدان هستي انهن نقطن سميت چارٽر تي ويچار لاءِ گڏيل ڪميٽي قائم ڪرڻ لاءِ اعلان ڪندي چيو هو ته ”انهن ماڻهن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.“ ڇا انهن ليڊرن مان ڪنهن جي نالي جي ڪنهن کي خبر آهي؟ جي ها ته اهي ڪير هئا؟

    اهڙا سوين ٻيا بنيادي ۽ اهم سوال آهن، جيڪي پيش ۽ حل ٿيڻ گهرجن. ڇا هن جمهوري سڏجندڙ دور ۾ انهن سوالن تي غور ڪري انهن جو صحيح جواب عوام اڳيان پيش ڪرڻ ممڪن آهي؟ ان سوال جو جواب نه رڳو جمهوري سڏائيندڙ حڪومت ۽ سندس قصيدا پڙهندڙن کي، پر سڄي سول سوسائٽي کي ڏيڻو پوندو.
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم رسول بخش پليجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سوات جي لڏپلاڻ کي سنڌ ڇو ڀوڳي؟




    آچر 31 مئي 2009ع



    جن کي اڄوڪي دور جي دنيا جهان جي بنيادي سياسي حقيقتن جي چڱي موچاري خبر آهي، سي ڄاڻن ٿا ته ٽئين دنيا جي اڪثر ملڪن جي آزادي ۽ خودمختياري فقط نالي ماتر آهي. دنيا جي ملڪن ۽ ماڻهن جي اصل حاڪم ۽ مالڪ آمريڪي-يورپي شهنشاهت آهي. اها انهن ملڪن مان ڳولي ڳولي اهڙا ماڻهو هٿ ڪري تاتي نپائي انهن ملڪن جي ماڻهن تي نالي ماتر حاڪم بنائي ٿاڦيندي آهي، جيئن اهي ملڪن کي ڦرڻ، لٽڻ ۽ سدائين سندن گولو ٻانهون بنائي رکڻ جي ڊيوٽي ڏين ۽ ان جي عيوض مٿين آقائن جي زور تي پنهنجي ماڻهن کي جانورن وانگر وهائي سندن جيئري کلون لاهي عيش عشرتون ڪن. ٽئين دنيا جا حاڪم ٽولا جيڪي قبائلي سردارن، زميندارن، دلال سرمايه طبقن جا ماڻهو آهن، سي به عالمي سامراج طرفان فراڊي چونڊن ذريعي جعلي جمهوريت جا چوغا پهرائي ائين ئي ٿاڦيا ويندا رهيا آهن ۽ ائين ئي پاڻ کي جائز حاڪم ۽ چونڊيل نمائندا چوائي ڪروڙين ماڻهن کي ڍورن وانگر وهائيندا رهيا آهن. سامراج جا ٿاڦيل سمورا غير فوجي ٽولا پاڻ کي اڪثر عوام جا چونڊيل نمائندا ۽ جمهوري حڪمران سڏائيندا رهيا آهن. 18 صديءَ جي ڪنهن انگريز مفڪر جي چواڻي ٽين دنيا جي قبائلي/جاگيردار/زميندار طبقن جي محڪوم لتاڙيل سماجن ۾ نام نهاد چونڊون ڪرائڻ اتي جي سامراجي ڇاڙتن، عوام آزار حڪومتن کي جمهوري حڪومتن هجڻ جا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ ڄڻ ته رجعت پرستيءَ جي بدصورت چهري تي جمهوري پالش ڪري سندس اصل بدصورتي لڪائي ڇڏڻ جي برابر آهي.

    حقيقي چونڊون ۽ چونڊيل نمائندا:

    سوال آهي ته چونڊن جي اصل اهميت ۽ معنيٰ ڇا آهي؟ حقيقي چونڊيل نمائندا سڏرائڻ جا حقدار ڪير آهن؟ انهن جا حق، فرض ۽ ذميواريون ڪهڙيون آهن؟ جمهوري دنيا ۾ چونڊن جي معنيٰ آهي ملڪ جا اهڙا آزاد شهري جن کي پنهنجي ذاتي، قومي ۽ ملڪي نفعي نقصان جي مامرن جي خبر هجي، جن کي خبر هجي ته اهي مامرا ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو حل ڪري سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن اهي چونڊجي آيا ته حل ڪندا ۽ جن کي اها آزادي حاصل هجي ته جن ماڻهن کي هو اهڙين ڳالهين لاءِ ڪم جو ماڻهو سمجهن تن کي چونڊين ۽ کانئن گهربل ڪم وٺن ۽ جيڪڏهن هو گهربل ڪم ڪرڻ ۾ نااهل ثابت ٿئي ته کيس لاهي ڦٽو ڪري ڇڏين.

    صحيح چونڊيندڙ (ووٽر) ۽ چونڊجندڙ ڪهڙا هجڻ گهرجن؟

    چونڊيل نمائندو چونڊڻ لاءِ سڀ کان پهرين اهڙو ماڻهو (ووٽر) گهربل آهي. جيڪو پنهنجي ذاتي، قومي ۽ ملڪي مامرن جي چڱي موچاري خبر رکندڙ هجي. جنهن کي عام طرح اها خبر هجي ته ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو انهن مامرن جي حل ڪرڻ جا ڄاڻو آهن ۽ جيڪڏهن اهي چونڊيا ويا ته اهي اهڙا قابل ۽ اعتبار جوڳا آهن جو ضرور به ضرور اهي مامرا حل ڪري ڏيندا ۽ ڦري ڪو نه ويندا، يا ماٺ ڪري ڀڄي وڃي پنهنجي پيٽ جي پوڄا ۾ ڪو نه لڳندا. جيڪو ڪنهن به ڏاڍي ماڻهو جي زور بار هيٺ نه هجي ۽ جنهن به ماڻهو لاءِ پوري پوري پڪ هجي ته هي ماڻهو نمائندو چونڊجڻ جي لائق آهي، ان کي شاهه شاهوڪاريءَ ووٽ ڏيئي چونڊي سگهي ۽ جنهن کي لائق نه سمجهي يا جنهن کي اٽلو نقصانڪار سمجهي، تنهن کي هرگز هرگز ووٽ نه ڏئي ۽ صاف صاف روڪڙو جواب ڏئي سگهي. جيڪو ڪجهه ڏسي ته سندس چونڊيل نمائندو ڦري ويو آهي، تڏهن ان خلاف ذاتي طرح توڙي ٻين سان گڏ اهڙو زبردست پرامن جمهوري احتجاج ڪري جو غدار ۽ لوٽي چونڊيل جو جيئڻ وهه ڪري ڇڏي ۽ هو ڇا به ڪري ۽ ڪهڙا به ڪوڙا سوڙا بهانا ڏئي، تڏهن به هي کيس هرگز هرگز بخش نه ڪري.

    عوام جا نمائندا چونڊجڻ جا لائق ڪهڙا ماڻهو ٿي سگهن ٿا؟ سندن حق، فرض ۽ جوابداريون ڪهڙيون آهن؟ اهي اهڙا ماڻهو هئڻ گهرجن، جن کي ٻي مخلوق جي ڀيٽ ۾ دنيا جهان جي تمام گهڻي خبر هجي، جن جا ذاتي ۽ طبقاتي مفاد ساڳيا عوام وارا هجن ۽ انهن جي مخالف ۽ ابتڙ هرگز نه هجن، جيڪي اهڙي ڪنهن به ڌر يا پارٽيءَ سان سلهاڙيل نه هجن، جيڪا عام ماڻهن جي دشمن هجي ۽/يا سندن دشمنن جي ٻانهي گولي يا حڪم جي بندي نه هجي، جيڪي ڪنهن پارٽيءَ ۾ صرف ۽ صرف ان لاءِ شامل ٿين ۽ ڪا ڪرسي صرف ۽ صرف ان لاءِ ئي وٺن ته جن غريب ماڻهن پنهنجي نمائندگي لاءِ کين چونڊيو آهي، تن جي حقن، آزادين ۽ وسيلن جي بهتر حفاظت ٿي سگهي ۽ هنن جون زندگيون وڌيڪ سکيون، آجيون ۽ خوشين سان مالامال ٿي سگهن. جيڪڏهن ۽ جڏهن به هو اهو محسوس ڪن ته سندن ڪرسي يا سندن پنهنجي پارٽيءَ جي ميمبرشپ کين پنهنجو نمائندو چونڊيندڙ عوام ۽ سندن قوم ۽ وطن جي مفادن لاءِ نقصانڪار بڻجي ويون آهن ته ان ڪرسيءَ کي لت هڻي يا خود ان عوام مخالف پارٽيءَ کي الوداع چئي موٽي اچي پنهنجي عوام سان گڏجن ۽ انهن جي مدد سان ماحول ۾ اهڙي تبديلي آڻين، جو ڪنهن به چونڊيل ميمبر يا پارٽيءَ کي عوام سان غداري ڪرڻ جي جرئت ئي نه ٿئي.

    اڳين تاريخي دورن ۾ سنڌي ماڻهن ڇا سٺو؟

    سومرن ۽ سمن جي دور ۾ ڪن حاڪمن جون اهڙيون تعريفون ٿيل آهن، جو خبر ئي نٿي پوي ته ان دور ۾ حاڪمن هٿان عوام جو ڪهڙو حشر پئي ٿيو، البته ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دور ۾ سنڌي عوام کي جيڪي اذيتون مليون، تن جو ڪجهه نه ڪجهه احوال تاريخن ۾ موجود آهي. ڪلهوڙن ۽ مير صاحبن جي دورن ۾ سنڌ جي هندو مسلمان رعيت تي ڪيل مهربانين جو ۽ سنڌ جي ترقيءَ لاءِ سندن ڪوششن جو به ڪجهه نه ڪجهه رڪارڊ انگريز مورخن جي مهرباني جي ڪري موجود آهي. چوندا آهن ته ”درس پلي، ڍڪي ڀلي“ ان مامري تي جيترو گهٽ ڳالهائجي اوترو بهتر.

    دلفريب نعرا ۽ من موهيندڙ آسرا:

    مغربي هندستان ۾ آزاد ۽ خودمختيار سنڌ ۽ ٻيون قومي رياستون ٺاهي ڏيڻ جي 1940ع واري قرارداد جي بنياد تي 1947ع ۾ جيڪو دور شروع ٿيو، اهو خوبصورت ۽ دلفريب نعرن ۽ من موهيندڙ آسرن ۽ اميدن جي پوش هيٺ عملي طور ارغونن، ترخانن ۽ مغلن وارين چڙهاين جو ورجاءُ ثابت ٿيو. سنڌ کي لکن جون لوڌيون وڪوڙي ويون، سنڌ جي اڌ ڀائيواري وارا ڇهه درياهه پنجاب جي حوالي ٿي ويا. لکين ايڪڙ زمينون، گهر، آباديون، شهرن جا شهر ۽ سنڌ جو تخت گاهه ڪراچي هندستان کان آيل ڌارين ڪٽڪن هٿان کسجي ويا. سنڌ يو پي، سي پي وارن ڀائرن جي ڪالوني بڻجي ويئي. ستن سالن جي عرصي اندر ٻيو قهري وار ٿيو، پنجاب وارو ون يونٽ مڙهيو ويو ۽ ڌارين، فوجي آفيسرن، ڪامورن ۽ رانديگرن ۾ ورهايل لکين لک ايڪڙ سنڌ جي زمين سنڌ پنجاب ۽ يو پي، سي پيءَ جي مهربان ڀائرن حوالي ٿي ويئي. سنڌ جونالو وٺڻ قومي ڏوهه-ٽن درجن کان مٿي سنڌي پڙهڻ يا پڙهائڻ ڏوهه، سنڌ جي براجن جي 25 لک ايڪڙ زمين سڄي پاڪستان جي ماڻهن، ڪامورن، فوجي آفيسرن ۽ رانديگرن ۾ انعامن طور ورهاجي وئي. پوءِ بنگالين جا ڪوس ڪري انهن جي اڪثريت کي ختم ڪري، انهن کي ڀڄائي انهن بدران پنجاب-يو پي، سي پي وارن جي نئين اڪثريت جي بالادستيءَ کي دائمي بنايو ويو. اڳتي هلي ڪراچيءَ ۾ وحشانيت ۽ بربريت سان ڊرل مشينن ۽ ڪاتن سان ڳڀا ڳڀا ڪري لاش گٽرن ۾ اڇلايا ويا، ٻورين ۾ بند ڪري مائٽن ڏانهن روانا ڪيا، يا جيئري ساڙيا پئي ويا آهن، 12 مئي وانگر ڪراچي ۾ ٻڌي اگهه تي قتلام ڪيا ويندا رهيا، جنهن ۾ سنڌي قوم جي هزارين سالن جي ميڙي چونڊي، گذر سفر جا وسيلا، حڪمرانيءَ جا اختيار ۽ وقار ڀينگ ڪيا ويا.

    چيو وڃي ٿو ته ايندڙن جي رجسٽريشن ٿيندي، هي ڪجهه وقت هتي سنڌ ۾ رهي پوءِ واپس پنهنجي وطن هليا ويندا. هيستائين 60 سالن ۾ جيڪي جيڪي ڌاريا هندستان، پنجاب، افغانستان، بنگال ۽ برما مان آيا آهن، تن مان گهڻا رجسٽر ڪيل واپس ويا آهن؟ سرڪار چواڻي ته سنڌ ۾ 15 لک غير ملڪي رڳو ڪراچي ۾ موجود آهن، جن مان ڪيترائي دهشتگردي ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ به شامل آهن. ڇا سرڪار انهن دهشتگردن کي پڪڙي سنڌ کان ٻاهر ڪڍيو آهي، يا انهن کي ڪيمپن ۾ آڻي رکيو ويو آهي، جو هاڻي ٻين ايندڙ ڌارين کي ٻاهرڪڍڻ جون ڪهاڻيون پيا ٻڌائين!؟ آمريڪا ۽ پاڪستان جي ڳجهن ادارن جو ڪم ئي آهي سنڌ کي ڌارين جي ٻوڏ ۾ ٻوڙي لوڙهي سمنڊ ۾ غرق ڪري ڇڏڻ. اهو عمل 60 سالن کان جاري آهي. اڄ اتر، ڪاڇو، لاڙ، سرو ڌاڙن، اغوائن قبائلي قتلام، پوليس ۽ دهشتگردن جي رهزنين جي جهنم ۾ سڙي ٻري رهيو آهي. حڪمران رڳو اعلان ڪرڻ ۾ پورا آهن. روم سڙي پيو، سنڌ جا نيرو مرليون پيا وڄائين.

    ڊالرن جون برساتون ۽ ٻوڏون!

    سڀ کان اول اهو ٻڌائڻ گهرجي ته انهن طالبانن، جن سواتين کي دربدر ڪيو آهي، انهن (طالبانن) کي ڄڻيو نپايو ۽ پاليو تاتيو ڪنهن ۽ ڇو؟ انهن کي اسان جي حاڪمن ۽ آمريڪين توڙي سندس ڇاڙتي اسرائيل ۽ ٻين افغانستان ۾ آيل سماجي انقلاب کي ميسارڻ ۽ حقيقت ۾ روس کي ختم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو. ٽريننگون ڏنيون، خطرناڪ هٿيار سپلاءِ ڪيا، اسان جي فوجي ۽ غير فوجي حاڪمن، اربين ڊالرن جا ڪرايا ورتا، پاڻ کي سڄو سون ڪري ڇڏيائون. هيئنر به مٿانئن ڊالرن جا مينهن پيا وسن. ايندڙ ڪٽڪن جي کاڌي پيتي، سار سنڀال جي نالي ۾ ڊالرن جون ڄڻ ٻوڏون اچڻيون آهن. ان جو ڪو نتيجو ملڻ کپي ته انهن کي ملڻ کپي، جن تي اهي مينهن وٺا آهن ۽ وسن پيا. اسان سنڌي ڦريل ماريل وطن ۾ بي وطن ٿيل ۽ پنهنجن جي غداري ۽ ڌارين جي تباهه ڪيل سنڌين ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟

    ڌارين جي ٻوڏ اڳيان بند ٻڌڻ جو قانون ڪونهي؟

    سرڪار بهادر چوي ٿي ته سواتي ڏتڙيلن کي سنڌ اچڻ کان روڪڻ جو ڪو به قانون ڪونهي، تنهن ڪري ڀلي اچن، سدا اچن ۽ سدائين هتي سنڌين جي ڇاتين تي مڱ ڏرين. ”ماما جي گهر مزمان، منهنجي دل کي لوڏو ئي ڪونهي“. دراصل سنڌ جا قبائلي ۽ جاگيردار حڪمران ٽولا تاريخ جي هر دور ۾ سنڌي قوم جا ازلي ۽ ابدي دشمن پئي رهيا آهن. هنن کي جڏهن به سنڌين کي هڪڙو ڏنگ هڻڻ لاءِ چيو ويو آهي ته هنن وڏي خوشيءَ سان ڏهه ڏنگ هڻي پنهنجي غيرن سان وفاداريءَ کي چار چنڊ لڳايا آهن.

    چونڊيل سنڌي سورمن جا چونڊ ڪارناما!

    1927ع ۾ جڏهن سائمن ڪميشن اڳيان سنڌ جي ڳچيءَ مان بمبئي جي غلامي جو ڳٽ ڪڍڻ جو سوال پيش ٿيو، تڏهن سنڌ جي ڪيس جي مخالفت ڪندڙن جا سردار سنڌي وڏيرا نه هئا ته ٻيا ڪير هئا؟ هر عوام دشمن ڊڪٽيٽر کي ووٽ سنڌي وڏيرن نه ڏنا ڇا؟ جمهوريت مخالفن جو هر قدم سنڌي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ نالي ماتر ۽ جعلي مخالفت وارو هو ۽ اڄ به ائين پيو ٿئي ۽ جيسين هي قبائلي، جاگيردار، وڏيرڪي لڏي جو ٽوڙهو سنڌ جي ڳچيءَ ۾ پيل هوندو، تيستائين سنڌي عوام پيو سهم سهندو، ڪٽبو ماربو، پينوئن ۽ جوڳين وانگر پنهنجي وطن ۾ غيرن اڳيان در در ٻاڏائيندو ۽ رحم جي خيرات پنندو رهندو.

    قانون ۽ آئين سان اوچتي عاشقي!

    سنڌ سرڪار بهادر سنڌ تي بدنصيب سواتي ڪٽڪ ڪڙڪائڻ لاءِ اوچتوئي اوچتو پاڪستاني قانون ۽ آئين تي عاشق ٿي پيئي آهي ۽ اٿندي ويهندي رڳو قانون، قانون ۽ آئين، آئين پئي ڪري. چي ”سواتي ڪٽڪن کان سنڌ جي ماڻهن کي بچائڻ جي قانون ۽ آئين ۾ اجازت ئي ڪانهي. اسين ڇا ڪريون؟“

    آئين جو آرٽيڪل 15 پڙهو!

    اڳئين زماني جي سنڌي درسي ڪتابن ۾ ڪي سبق دلچسپ هوندا هئا. انهن ۾ هڪڙي سبق ۾ ٻڌايل هوندو هو ته هر شيءِ کي غور سان ڏسڻ گهرجي. جڏهن اسان مان ڪو ٻار چڱي طرح ڏسڻ وائسڻ بنا ڪنهن شيءِ بابت ڪو ڌڪو هڻندو هو ته ٻيا کيس ان سبق جو نمبر ۽ عنوان ٻڌائي ٽوڪيندا هئا ته اکيون کولي چڱي طرح ڏسڻ بنا ڳالهه ڇو ٿو ڪرين؟ پر چئبو رڳو ايترو هو: ”سبق چوڏهون، اکيون کولي هلو“ ٻڌڻ وارو سمجهي ويندو هو ته ڪهڙي ٽوڪ پيئي ٿئي. سو هاڻوڪي سرڪار کي به چوڻ کپي ”آئين جو آرٽيڪل پندرهون اکيون کولي پڙهو“. 1973ع واري پاڪستاني آئين جو آرٽيڪل 15 چوي ٿو ته، پاڪسان جي هر شهريءَ کي پاڪستان ۾ ترسڻ، داخل ٿيڻ ۽ سڄي پاڪستان ۾ آزاديءَ سان گهمڻ ۽ پاڪستان جي ڪنهن به هنڌ رهڻ ۽آباد ٿيڻ جو حق هوندو، هن شرط سان ته: پاڪستان جي عوام جي ڀلائي خاطر مٿين حقن تي قانون موجب ڪي به مناسب پابنديون لڳائي سگهجن ٿيون. اهو اهم ترين قانوني شرط پڙهڻ، پروڙڻ ڀوتارن وساري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اهو شرط نه هجي ها ته هر پاڪستاني شهريءَ کي آئين جي ان فقري 15 موجب ڄڻ ته اهو قانوني پروانو مليل هجي ها ته پاڪستان جي جنهن به شهر، ڳوٺ، روڊ، رستي، گهر، گهاٽ، غسل خاني ۾ ڌوڪي پئي ۽ اتي ان فقري مطابق ترسي، اتي گهر گهاٽ ٺاهي ۽ آباد ٿي وڃي! سرڪاري آفيسن، عدالتن، ججن جي چيمبرن، ٿاڻن، اسپتالن، بئنڪن، تعليمي ادارن، حويلين، ڇوڪرين جي هاسٽلن ۾ ائين چئي ڪاهي پئي ها ته آئين جي آرٽيڪل 15 فقري موجب هتي ترسڻ، رهڻ ۽ آباد ٿيڻ لاءِ آيو آهيان. تنهن کانسواءِ ڇا ڪو به هڪڙو ماڻهو جتي وڻيس اتي وڃي رهي، ان جو مطلب اهو ٿيو ڇا ته لکين ماڻهو گڏجي ڪنهن ڳوٺ يا علائقي تي وڃي ڪڙڪن ۽ سندس سڀ ٽپڙ کائي چٽ ڪري ڇڏين، کيس اڪثريت مان بدلائي اقليت ۾ ڪري ڇڏين. ڇا ان جي به آئين ۽ قانون اجازت ڏئي ٿو؟ ڀوتارن جي ”جي حضور“ قانوندانن کي ڪجهه”قانوني دماغ“ مان به وٺڻ گهرجي.
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم رسول بخش پليجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    آمريڪا دنيا سان ڇا ٿو ڪرڻ چاهي؟




    سومر 5 اپريل 2010ع



    خيرن سان آمريڪي سامراجي دادلي عراقي وزيراعظم نوري المالڪي لاءِ به ڏهاڳ جو ڏينهن اچي ويو!

    خبر رسان ايجنسي (اي ايف پي) جو اطلاع آهي ته 28 مارچ يعني آچر ڏينهن تي عالمي پريس اڳيان دانهون ڪندي پنهنجي قوم جي هن قاتل ۽ وطن دشمن خونخوار ڊڪٽيٽر چيو آهي ته مون سان چونڊن ۾ زبردست دوکو ٿيو آهي، اقوام متحده وٽ فرياد ڪري ڪري ٿڪو آهيان ڪا ڳالهه نٿا ٻڌن.

    ڪا به ڌانڌلي ڪا نه ٿي آهي!

    هوڏانهن ساڳي خبر رسان ايجنسيءَ 30 مارچ تي واشنگٽن کان اطلاع ڏنو آهي ته آمريڪا جي عراق واري سفير هڪ ڀيرو وري چيو آهي ته عراق ۾ 7 مارچ تي ٿيل عام چونڊون بلڪل صحيح ۽ درست هيون ۽ انهن ۾ ڪا به ڌانڌلي نه ٿي آهي. هن چيو ته مالڪيءَ خاطري ڏياري آهي ته هو قانون جي دائري اندر رهندو. هن وڌيڪ چيو ته عراق جا ماڻهو به چاهين ٿا ته سمورا عراقي سياستدان قانون جي دائري ۾ ئي رهن.

    سڌري وڃ!

    سفارتي ٻوليءَ ۾ ڏنل هن ظاهري طور عام رواجي بيان ۾ آمريڪا طرفان جناب مالڪي صاحب کي جيڪو پيغام ڏنل آهي، تنهن جو سولي سنڌيءَ ۾ جيڪو مطلب ٿئي ٿو سو هي آهي ته، ”سڌري وڃ! چونڊن ۾ ڌانڌليءَ بابت ڦشري بند ڪر! نه ته تون پاڻ سمجهين ٿو...!“

    وڏيري هياس، چنيسر جي راڄ ۾

    دهلين، دمامين، نقرين ٿي پلپل پڇياس

    ڍولي ڍيلياس، ٿيس ڏهاڳڻ ڏيهه ۾ (شاهه)

    وزير اعظم مالڪي صاحب پريس وارن کي اهو ڪو نه ٻڌايو ته آمريڪي سامراج جي ”بليجان!“ ”بليجان!“ ۽ هشيءَ تي مست ٿي، مڳيءَ ۾ اچي هن پنهنجي اباڻي وطن عراق جي مظلوم عوام سان سالن جا سال ڪهڙيون ڪربلائون ڪيون ۽ ڪرايون، ڪهڙيءَ بيدرديءَ سان سندن ٻچا ڪهايا، گهر ۽ خاندان برباد ڪيا، رت جون نديون وهايون، سندن قومي وجود جون پاڙون پٽيون ۽ کين ڇورو ڇنو ۽ يتيم ٻارن جو هجوم بنائي کين ڏينهن رات رت رئاڙيو.

    ياد رهي ته عراق اهو ئي ملڪ آهي، جيڪو دنيا جي سڀ کان اوائلي تهذيب ۽ تمدن جو مالڪ ملڪ هو، جيڪو سميري اسيريائي، بابلي تهذيبن جو گهر هو، جنهن دنيا کي ان وقت سڀ کان اڻلڀ تهذيبي فن يعني لکڻ جي فن جو تحفو ڏنو، جنهن ان کي همورابي قانون جي صورت ۾ پهريان قانون ڏنا، جنهن اڳتي هلي مغرب جي سڀ کان وڏي ثقافتي حاصلات يعني يوناني فلسفي ۽ سائنس کي (جڏهن اهي مغرب مان عيسائي مذهبي جنونين هٿان تڙجي نڪتا هئا) تن کي پنهنجي هاڪاري جڳ مشهور شهر بغداد، خليفي منصور عباسي جي اڏايل بغداد ۽ هارون الرشيد ۽ الف ليليٰ جي ڪهاڻين واري بغداد ۾ دارالحڪومت ٺهرائي، ان ۾ انهن جا عربي ترجما ڪرائي محفوظ رکيو ۽ دنيا ۾ پکيڙيو ۽ مسلمانن ان علم، فلسفي ۽ سائنس سان پاڻ کي به هٿياربند ڪيو ۽ ان کي چار چنڊ لڳائي واپس ان دور جي نسبتن پوئتي پيل يورپي ملڪن کي تحفي طور ڏنو، ان بغداد مٿان جڏهن 1258ع ۾ هلاڪو جي وحشي منگول ڪَٽڪن قهري قيامت ڪڙڪائي هئي، تڏهن فارسي جي شاعر آسمان ڏانهن منهن ڪري ٻاڪاريو هو:

    آسمارا حق بود گر خود ببارد بر زمين

    بر زوالِ ملڪ مستعصم امير المومنين

    (آسمان تي فرض آهي ته امير المومنين مستعصم جي ملڪ جي برباديءَ تي پاڻيءَ جي برسات بدران رت جي ڳوڙهن جي برسات وسائي!)

    منگول قيامت:

    ان بغداد تي ان منگول قيامت جي زماني کان ساڍا ست سئو سال پوءِ 21 صديءَ جي شروعات ۾ آمريڪي وحشي ڪَٽڪن پنهنجي سر توڙي پنهنجن نوري المالڪي جهڙن قوم جي قاتلن هٿان سالن جا سال، روزانو اٺ ئي پهر جيڪا تباهي ۽ بربادي آندي، انهن ان عراق جي ڪروڙين انسانن جو رت نپوڙي انساني تاريخ جي وحشانيت ۽ بربريت ۽ درندگيءَ جي تاريخ جا شايد سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.

    شايد عراقي وزير اعظم صاحب کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ڪا نه ويٺي آهي ته سامراج کي کانئس جيڪو ڪم وٺڻو هو، سو وٺي ڇڏيائين، هاڻي کيس هن پارن ڪرائي جي قاتلن جي وڌيڪ گهرج ڪانهي ۽ نه وري سندس سڄڻن کيس سمجهايو ته هاڻ مٿو پٽڻ، دانهون ڪرڻ ۽ ٻاڪارڻ مان ڪجهه به ڪو نه ورندو.

    چئي چنيسر ڄام سين، ليلا! لکاءِ مَ تون

    ايءُ ڪانڌ ڪنهن جو نه ٿئي، نڪا مون نه تون

    روئنديون ڏٺيون مون، ان در مٿي دادليون. (شاهه)

    رڳو اگهاڙي وحشي قوت ڪافي ناهي:

    دنيا جي ننڍڙن، وڏن ۽ توڙي فيل مست عوام دشمنن ۽ انسانيت جي ويري قوتن کي ڄڻ ته روز ازل کان وٺي اها خبر آهي ته دنيا جي ڪروڙين اربين مظلوم ماڻهن کي هميشه لاءِ بيوس ۽ غلام رکي کين ڦرڻ لٽڻ لاءِ سکڻي اگهاڙي وحشي قوت، ڏاڍ ۽ دهشت ڪافي ناهن، کين خبر آهي ته جيستائين ماڻهن کي طرح طرح جي روز بدلجندڙ نت نين غلط فهمين، گمراهين، خوشفهمين، تعصبن، ساڙن ۽ دشمنين ۾ مبتلا نه رکبو، تيستائين کين پنهنجو هميشه لاءِ ٻڌو ٻانهو ڪري رکي ڪو نه سگهبو.

    عراق جي عوام جي اڪثريت شيعن جي آهي، پر گهڻي وقت کان مٿن حڪومت سني حاڪم ڪندا رهيا آهن. آمريڪي حملي آورن ۽ قبضا گيرن عراق تي حملو ۽ قبضو ڪرڻ شرط شيعن سکَرَن کي چيو ته هڪدم اٿي کڙا ٿيو ۽ مها شيعا بنجي سنين کان صدين جا حساب ڪتاب وٺو ۽ وير پاڙيو، نوري المالڪي جهڙا هڪدم هٿراڌا مها شيعا بنجي اٿي کڙا ٿيا ۽ سڀ حساب چڪتو ڪرڻ لڳا، مڙس ڪپڙن ۾ نه پيا ماپن.

    پر هاڻ آمريڪا کي شيعن جي غلبي جي وڌيڪ ضرورت ڪانهي، ڇو ته هو هاڻ نٿا چاهين ته سامراج مخالف ايران جي شيعن حڪمرانن جي طاقت ۾ واڌارو ٿئي، هاڻ هو ايران تي حملا ڪرڻ جا سانباها پيا ڪن، تنهن ڪري هاڻ کين شيعو عراق نه پر سني عراق گهرجي، ان ڪري هو ڄڻ رات وچ ۾ سني اسلام جا حمايتي ۽ علمبردار بنجي ويا آهن، هو اسرائيل سان گڏ سني مسلمان حڪومتن کي به ايران مٿان ڪڙڪائڻ گهرن ٿا.

    ان ڪري نوري المالڪي جهڙن کي ڪڍي عياد علوي جهڙن هٿراڌن نرم ۽ وچٿرن ۾ هوا ڀري کين عراق جو مالڪ بنائي آمريڪا جي ايجنٽ مسلمان حڪومتن سان ملائي، اسرائيل کي ٿڌو ۽ معقول بنائڻ جا ڊراما ڪرائي ايران کي تباهه برباد ڪرائڻ جو بندوبست ڪرڻ چاهين ٿا.

    پهريان مينهن، پويان مينهن:

    وارا ڄمارا آهن، چوندا آهن ته ڪن کي پهريان مينهن ڍئين، ڪن کي پويان، اڄ جيڪو آفريڪا کنڊ سڄي دنيا ۾ وڌيڪ اونداهو ۽ برن حالن ۾ آهي، اهو ڪنهن زماني ۾ دنيا جو پهريون نمبر کنڊ هو. انسان، انسان انهيءَ کنڊ ۾ بنيو، اتان ئي ٻين علائقن ۽ کنڊن ۾ پکڙيو، پوءِ وارو آيو ايشيا کنڊ جو، جتي دنيا جون پهريون تهذيبون (مصري، عراقي، موهن جو دڙو، چيني وغيره) پهريان مذهب پهريون شهنشاهتون (ايراني، مصري وغيره) قائم ٿيون، پوءِ وارو آيو يورپ ۽ آمريڪا جي کنڊ جو، اڄڪلهه آمريڪا وارن جي اڃا به بلي بلي آهي، البته وچ ۾ دور آيو عربن ۽ ٻين مسلمانن جو، جن اموي، عباسي، مغل، ترڪ وغيره وغيره سلطنتون برپا ڪيون. وڏي ڳالهه ته يوناني روشن خيالي ۽ سائنس جو ٻيو جنم يورپ ۾ نه پر بغداد ۽ ايران وغيره ۾ آيو، جتان اسپين ۽ يورپ ۾ پکڙيو، آخري زبردست پر نهايت قدامت پرست ۽ مطلق العنان مسلم شهنشاهيت عثماني ترڪيءَ جي هئي، جيڪا صدين جون صديون اوڀر يورپ ۽ وچ مشرق تي ڇانيل هئي، آخر سڄي يورپ جي حڪومتن هم صلاح ٿي، گڏجي هڪڙي طرف پاڻ سڌي طرح فوجي حملن ذريعي ته ٻئي طرف ترڪن جي زيردست عربن جون ڪوڙيون همدرد بنجي انهن کي بدنام برطانوي دهشتگرد لارنس آف عربيا جي اڳواڻي هيٺ ڀڙڪائي، کائنس ترڪن خلاف بغاوتون ڪرائي، ترڪي سلطنتن کي وڪوڙي ڇڏيو. لارنس جي فرمانبردارن انعام ۾ سامراج پرست بادشاهتون حاصل ڪيون، تان جو پهرين جنگ عظيم ۾ ترڪي کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ويو. مصطفيٰ ڪمال وارن ان جو مس مس ڪو ٽڪر بچائي ورتو. هن وقت وري ائٽلانٽڪ سمنڊ کان وٺي پئسفڪ تائين نالي ماتر آزاد مسلمان ملڪ آهن، پر انهن تي سامراج هڪڙي پاسي جاهل ۽ جنوني ٻئي پاسي غدار ۽ وطن فروش سامراج جي چمچن قبائليت ۽ جاگيرداريءَ جو قبضو ڪرائي ڇڏيو آهي، ٽئين پاسي انهن سڀني جي پٺ ۾ ”مظلوم اعظم“ اسرائيل جو خنجر کپائي ڇڏيو ويو آهي، جيڪو سڀني جي ڪنڌ تي چڙهي ويٺو آهي.

    اسرائيل جي ڪل آبادي 75 لک آهي، جنهن ۾ 26 سيڪڙو (14 لک) اسرائيلي عرب آهن، باقي 61 لک اسرائيلي آهن، انهن مان به 20 سيڪڙو اسرائيلي، اسرائيلي شهريت ته وٺي چڪا آهن، پر ان ۾ رهن ڪو نه ٿا، سندن تعداد اٽڪل 20 سيڪڙو آهي. (Max-Hastings ڊيلي ٽائيمس، 29 مارچ 2010). مطلب ڳالهه جو ته اسرائيل ۾ اسرائيلي ڇڪي تاڻي اڌ ڪروڙ کن ٿيندا، جن آمريڪا ۽ يورپي سامراج جي هشيءَ تي سڄي دنيا مٿي تي کڻي ڇڏي آهي.

    اسرائيل عراق ۽ شام جا ائٽمي ري ايڪٽر تباهه ڪري ڇڏيا:

    1981ع ۾ اسرائيل عراق جو ڪو سيرڪَ وارو ائٽمي ري ايڪٽر تباهه ڪري ڇڏيو ۽ 2007ع ۾ شام جو ائٽمي ري ايڪٽر تباهه ڪري ڇڏيو. (ڊيوڊ اي سنگر روزانه نيشن 29 مارچ 2010)

    ”آمريڪا هر سال اسرائيل کي ٽي بلين ڊالر موڪلي ٿو ۽ ٻيءَ طرف جون مددون ڏي ٿو. اسرائيل آمريڪي مدد جي ڪري اقتصادي، ٽيڪنالاجيڪل ۽ فوجي راڪاس بنجي پيو آهي. آمريڪا جي ”نسدق“ NASDAQ ايڪسچيج تي سڀ کان وڌيڪ ڪمپنيون اسرائيل جون داخل آهن ۽ اهي جپان، ڪوريا، هندستان ۽ چين کان تعداد ۾ وڌيڪ آهن. اسرائيل دنيا جي پنجون نمبر طاقتور فوجي قوت آهي، اسرائيل کي آمريڪا جون سڀ کان جديد هٿيارن جون ٽيڪنالاجيون مليل آهن، جنهن ڪري اهو دنيا جو هڪڙو جبرو هٿيارن جو واپاري بنجي پيو آهي.

    گذريل 5 سالن ۾ اسرائيل جي في ماڻهوءَ جي آمدني يورپ جي گهڻن ملڪن جي ماڻهن جي آمدني کان وڌيڪ آهي. (ڊيلي ٽائيمس 25 مارچ 2010 ص: A8).

    اخبار ڊان (ص 12) 29 مارچ 2010ع تي لکيو ته؛ ”اسرائيل جي هڪڙي سينيئر وزير آچر جي ڏينهن چيو ته، حماس سان ويڙهه ۾ اسان جا ٻه اسرائيلي سپاهي مارجي ويا آهن، حماس کي اسرائيل ختم ڪري ڇڏيندو، هن چيو ته اسان ان بابت ڪو ٽائيم ٽيبل نٿا ڏئي سگهون“. ياد رهي تازي غزه تي ڪيل اسرائيلي حملي ۾ 13 اسرائيلي سپاهي ۽ 1400 بي هٿيار فلسطيني مرد عورتون ۽ ٻار قتل ڪيا ويا، غزه ۾ پاڙن جا پاڙا ڊاهي ميدان ڪيا ويا، هزارين فلسطيني بي گهر بنايا ويا. هڪ پاسي اسرائيل جون فلسطين خلاف وحشي درندن واريون ڪارروايون ڪن زمانن کان هلندڙ آهن ته ٻئي پاسي مسلمان ملڪن جي سامراج پرست حڪومتن جون مجرمانه خاموشيون، نه رڳو انڊونيشيا، پاڪستان، بنگلاديش ۽ ملائيشيا چپ آهن، پر سعودي عرب، مصر، اردن، گلف جون رياستون وغيره وغيره ائٽلانٽڪ سمنڊ کان وٺي پئسفڪ سمنڊ تائين پکڙيل مسلمان حڪومتن زبانون سبيل آهن.

    فقط ترڪي جيڪا هنن کان اڳ ۾ آمريڪا جي ٻانهن ٻڌي غلام هئي ۽ مسلمانيءَ جي نالي مان بيزار هئي، ايتري قدر جو ترڪي جي وزيراعظم جي زال مٿي تي پوتيءَ جو پلاند رکندي هئي ته به ترڪيءَ جي فوج، سندس عدالتون ۽ سندس پريس سيڪيولر غيرت ۾ اچي زمين آسمان هڪ ڪري ڏينديون هيون، تنهنجي وزيراعظم طيب اردگان پهريون دفعو اسرائيلي وزيراعظم کي فلسطين مٿان وحشي ظلم ڪرڻ تي زبردست ڇنڊ ڪڍي، تازو ان چيو آهي ته ڇا مڊل ايسٽ جي ملڪن ۾ ڪو اهڙو آهي، جيڪو ايٽمي هٿيارن پنوهارن جو مالڪ هجي؟ (يعني اسرائيل) ته پوءِ ايران ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو ان تي وٺ وٺان لڳي وئي آهي، ان کي تباهه ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن؟

    ڊيلي ٽائيمس 30 مارچ 2010 ص 9 تي لکيو آهي ته، ”آمريڪا جي ڪانگريس (جيڪا اسرائيل ۽ يهودي ارب پتين جي ڄڻ ته روز ازل کان ٻڌي ٻانهي آهي، ان ترڪيءَ کي ان گستاخيءَ جي سزا ڏيڻ لاءِ هڪڙو ٺاهه پاس ڪري ترڪيءَ تي الزام هنيو آهي ته هن پهرين جنگ عظيم ۾ ارمينيا جيڪا سندس سلطنت جي حدن ۾ داخل هئي، تنهن ۾ ارمينيائي ماڻهن جي نسل ڪشي ڪئي هئي! ان جي کيس هينئر ئي سزا ملڻ گهرجي“. مطلب ته ”مئا پر پٽجن پيا هيل! دنيا جي هيترن سارن مسلمان ملڪن جي سامراج جي ڇاڙتن اڳڙي جي گڏن نام نهاد حاڪمن مان ڪنهن ۾ به جرئت ڪا نه ٿي ڏسجي جو کڻي آمريڪي ڪانگريس کان پڇي ته، ”اوهان جي مغربي حڪومتن روس جي پورهيتن جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ سازش ڪري، ٻي جنگ عظيم جو آڙاهه ٻارائي سڄي دنيا جا جيڪي ڪروڙين انسان مارائي، ساڙائي، رک ڪرائي ڇڏيا ۽ هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ ۾ هڪڙي رات ۾ لکين جپاني مرد عورتون ۽ ابهم ٻار ائٽمي جهنم جي حوالي ڪري ڇڏيا، تن جي آمريڪا ۽ يورپ کي ڪيتري ۽ ڪهڙي سزا ملڻ گهرجي ۽ ان لاءِ اوهان آمريڪي ڪانگريس وارا انصاف جا ابا ڪڏهن ۽ ڪهڙي ڪارروائي ڪري رهيا آهيو؟“.

    ٻئي طرف روس جيڪو اڳي ايران تي سخت پابنديون مڙهڻ جو مخالف هو، تنهن کي به آمريڪا ڦيرائي ويو آهي ۽ هو ايران خلاف پابنديون لڳائڻ جي حد تائين کڙو ٿي ويو آهي. هاڻي وڏين ويٽو پاور جي مالڪ طاقتن مان اڪيلو چين وڃي بچيو آهي، جيڪو اڃا تائين ته چوي پيو ته پابندين واري سياست غلط آهي، سڀ معاملا ڳالهين ذريعي حل ٿيڻ کپن.

    تازو عرب ليگ جي ميٽنگ ٿي آهي، جنهن ۾ اسرائيل خلاف ۽ فلسطين ۽ ايران جي فائدي ۾ موقف انتهائي ڍلو ڍلو ۽ ڪنهن نه ڪم جو اختيار ڪيو ويو آهي. فلسطين جي حماس ان جي سختيءَ سان مذمت ڪئي آهي. آمريڪا جي حد درجي جي ڪوشش اها آهي ته فلسطين بابت مڙيئي ڪو ٺڙڪ ٺڳيءَ وارو نالي ماتر ٺاهه ڪرائي، دنيا کي ٻڌائجي ته فلسطين جو مسئلو حل ٿي ويو. هاڻي عربن ۽ مسلمان دنيا کي اسرائيل مان نه پر ايران مان خطرو آهي! تنهن ڪري سڀ ان تي ڪڙڪي پئو! اڪثر عرب ۽ ٻيا مسلم دنيا جا حاڪم سڳورا آمريڪا جي هر فرمان لاءِ باادب با ملاحظه تيار ٿيا ويٺا آهن، هوڏانهن هن جي حڪم ڏيڻ جي دير آهي ته هيڏانهن هي ”ايران مان خطرو!“ ”ايران مان خطرو!“ جي واويلا مچائي ايران کي ورائي ويندا ۽ اهو جيڪو اڪيلو مسلمان ملڪ آهي، جيڪو پنهنجي قومي خودمختياري ۽ قومي حقن جي حفاظت لاءِ سامراج اڳيان سر تريءَ تي رکي ميدان ۾ ويٺو آهي. تنهنجي موجوده ثابت قدم، خودمختيار ۽ سرفروش حڪومت کي ڊاهي اتي پاڻ جهڙو ڀاڙ جو تنبو ٽولو حاڪم بنارائي ويهارائي، آمريڪا وٽ سرخرو ٿي شاباسون انعام ڪرام حاصل ڪرڻ ۾ جنبي ويندا.
     
  14. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم رسول بخش پليجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    عالمي طاقت جو توازن مظلومن جي حق ۾ ٿي رهيو آهي؟




    اڱارو 13 اپريل 2010ع



    جڏهن يورپ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي واڌاري ڪري سرمايه ڪاري جو نظام اسرڻ لڳو، تڏهن ان کي پير جهلڻ کان اڳ هر ملڪ ۾ ڪيتريون نه شڪستون ۽ تباهيون درپيش آيون. رڳو فرانس ۽ انگلينڊ جي ملڪن جو سرمائي واري منزل ڏانهن ڪيڏو اجهاڳ ٿي پيو. سڀني ٿي چيو ته بابا جاگيرداري/بادشاهي نظام قدرتي نظام آهي، اهو ڊهڻو ئي ڪونهي. فرانس جي فرينچ انقلاب ۽ پوءِ سڄي يورپ جي بادشاهين هٿان تباهي ڏسي مارڪس ۽ اينجلس چيو ته يورپ ۾ جيڪڏهن هڪڙي ملڪ اندر سوشلسٽ انقلاب آيو ته فرانس جهڙي تباهيءَ ۽ بربادي وارو حال ٿيندس، گهٽ ۾ گهٽ ٽن ملڪن فرانس، انگلينڊ ۽ جرمنيءَ ۾ گڏ انقلاب ايندو، تڏهن مس ڪا بچڻ جي اميد ته ٿيندس.

    جڏهن 1917ع ۾ يورپ جي سڀ کان پوئتي پيل اڪيلي سرمايه دار ملڪ روس ۾ انقلاب آندو ويو ته ڪنهن کي خاطري هئي ته اهو هڪڙو مهينو به جٽاءُ ڪندو، پر اهو پوري مني صدي قائم رهيو ۽ سڄي دنيا کي اهڙو بدلائي ڇڏيائين جو ان داستان کي لکڻ لاءِ ڪتاب گهرجن. 1917ع ۾ جڏهن اهو انقلاب برپا ٿيو، ڏهن سندس ويري آمريڪي يورپي سرمايه دار نظام 5-6 سئو سالن جي عمر کي رسي پاڙون پاتال تائين هڻيو سڄي جهان مٿان قابض ٿيو ويٺو هو. نئين ڪمسن ۽ ڪچڙي سوشلسٽ انقلاب جون پاڙون پٽڻ لاءِ هنن گهاگهه سياستبازن ڇا ڇا نه ڪيو؟ چرچل چيو هو ته، سندس انقلاب کي ڌڪار جو ڦاهو ڏيئي ماريو، ڇا ڇا نه ڪيائون. 1990ع ۾ جڏهن هزارين سازشون، تباهيون ۽ برباديون ڪتب آڻي روسي انقلاب جو تختو اونڌو ڪيائون ته مڙس ڪپڙن ۾ ئي نه پيا ماپن. سندن ٻولڙي اقتصادي فوڪويان فتويٰ ڏني ته هاڻي دنيا ۾ ڪو به سماجي انقلاب اچي ئي نٿو سگهي، سرمايه داري قيامت تائين قائم رهڻي آهي. اها ئي انسان ذات جو مقدر آهي. آمريڪا فيصلو ڪيو ته هاڻ روس جي ڪري جيڪي چين، هندستان ۽ ٻيا سڄي دنيا جا ملڪ مغربي سامراج کان پاڻ ڇڏائي ويا آهن، تن کي وري ماري مڃائي مغرب جي پيرن جي خاڪ بنايو. ڇا جو بين الاقوامي قانون، ڇا جي اقوام متحده، ڇا جي برابري، ڇا جا انساني، قومي ۽ ملڪي حق؟ بس جيسين دنيا وري فتح نه ڪئي اٿئون، تيسين سک جو ساهه نه کڻنداسون. ان ۾ ڀلي سئو سال لڳي وڃن ته به پرواهه ڪانهي. ”آمريڪا جي فوج جي هڪڙي گروهه ۽ سندن هم خيالن ماٺ مٺيءَ ۾ ”ڊگهي جنگ“ جو نظريو پيش ڪيو، جيڪا 50 کان 80 سال هلندي.“ ان نظريي جي هڪڙي علمبردار چيو آهي. عراق، افغانستان ۽ پاڪستان جون لڙايون وڏي جنگ جي دوران ننڍڙيون لڙايون آهن، ان وچ ۾ 80 سالن اندر 20 دفعا صدر چونڊجي چڪا هوندا، جن ۾ اهي ووٽر به ووٽ ڪندا، جيڪي اڃا ڄاوا ئي ڪو نه هوندا. ڊگهي جنگ جو فقرو پهريون ڀيرو 2004ع ۾ آمريڪي مرڪزي ڪمان جي سربراهه جنرل جان پي ابي زيڊ ڪتب آندو ۽ آمريڪي جوائنٽ چيف آف اسٽاف جي رٽائر ٿيندڙ سربراهه رچرڊ بي ميئرس ان کي دهرايو. 2006ع واري صدارتي پيغام ۾ صدر جارج بش چيو ته، ”اسان جو نسل دشمنن جي خلاف ڊگهي جنگ وڙهي رهيو آهي.“ (Tom Hayden ڊيلي ٽائيمس 29 مارچ 2010ع).

    ڪنهن سياسي ڏاهي چيو آهي ته آمريڪي حڪومت اهڙيون ئي سنگين غلطيون ڪري ٿي، جهڙيون ٻيا ملڪ ڪن ٿا، پر آمريڪا انهن غلطين کي جيترو جلد درست ڪري سگهي ٿي، اوترو ٻيا ملڪ نٿا ڪن. ڇو ته آمريڪا جا ماڻهو پنهنجي حڪمران طبقي تي تنقيد ڪرڻ جا ۽ حڪمران طبقا اها تنقيد ٻڌڻ، ان تي ويچارڻ ۽ ان جي روشنيءَ ۾ پنهنجي پاليسي ۾ گهربل درستيون ڪرڻ جي لياقت ۽ پهچ رکن ٿا. مغربي سرمايه دار دنيا ۾ پنهنجي پتيءَ جون خوبيون ۽ خرابيون آهن. اها نه ڪي رڳو دانائن ۽ ملائڪن جي دنيا آهن ۽ نه وري رڳو ضدي شيطانن جي دنيا آهي. آمريڪي سماج ڪيترين ئي ڳالهين ۾ دنيا ۾ نيڪي ۽ انسانيت جي مفادن جي خدمت ڪندو رهيو آهي، ان ڪري ان جو سڀ طرفو مطالعو ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان ۾ غلاميءَ جا علمبردار به رهيا آهن ۽ ان جا دلير ۽ بي باڪ مخالف به رهيا آهن. ان ۾ ابراهام لنڪن جهڙا سياستدان ۽ والٽ وٽمئن جهڙا انقلابي عوام دوست شاعر به رهيا آهن. جيڪڏهن آمريڪي سياست تي بيرحم ۽ سفاڪ اسرائيل ۽ ارب پتي يهودي ڇانيل آهن ته ان ۾ خود اسرائيل اندر حق جي ڳالهه ڪرڻ ۽ ان لاءِ سزائون براشت ڪرڻ لاءِ به موجود آهن ۽ انهن جو آواز آهستي آهستي رجعت پرستن ۽ انسانيت دشمنن جي آواز تي حاوي ٿيندو وڃي. آمريڪا جي پروپيگنڊا مشينري تي رجعت پرست ۽ سرمايه دار ڇانيل آهن، پر ٻيا آواز به اٿندا رهن ٿا. اڄڪلهه انٽرنيٽ جي رواج کانپوءِ عوامي پاسو تيزيءَ سان زور ٿي رهيو آهي. آمريڪا جو حڪمران ٽولو ۽ خاص ڪري فوجي ٽولو هينئر رڳو سوويت يونين کي ڏنل شڪست جي مڳيءَ ۾ مست رهجي ڪو نه ويو آهي ۽ رڳو انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿيو ڪو نه بيٺو آهي، پر ڏسجي پيو ته سوچڻ به شروع ڪيو اٿس. هو ڏسي پيو ته آمريڪا کي عراق ۽ افغانستان ۾ ڪوريا کان وڏي شڪست ملي چڪي آهي. سندس فوجون جيڪڏهن پاڪستان جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل رهيون ته سندن حشر ڪهڙو ٿيندو، سو معلوم ڪرڻ ڏکيو ڪونهي. جپان، ترڪي، ٿائلينڊ ۽ ٻيا اتحادي پويان پير پيا ڪن. جيتريون لڙايون آمريڪا لڙي سگهي ٿو، اوترين لاءِ وٽس خرچ پکو ڪونهي. سندس حال مغل شهنشاهه اورنگزيب جهڙو ٿي ويو آهي. بهادر فوج ته آهي، پر پريان واسطو مرهٽن ۽ سکن سان آهي، جن کي ڏهه دفعا شڪست ٿي ڏجي ته به جان ڪو نه ٿا ڇڏين، هوڏانهن وري خزاني ۾ دم ڪونهي. ڊيوڊ ايڪسلراڊ David Axel rod اسرائيل کي ياد ڏياريو ته آمريڪا جي سلامتيءَ واسطي لازمي آهي ته اسرائيل ۽ فلسطين جي ويڙهه ختم ڪئي وڃي. هن چيو ته منهنجو ايمان آهي ته ان جهيڙي کي ختم ڪرڻ نه رڳو اسرائيل ۽ فلسطين جي عوام جي سلامتيءَ لاءِ لازمي آهي، پر اهو خود اسان آمريڪين جي سلامتيءَ لاءِ به ضروري آهي.

    ٻئي طرف آمريڪا اقتصادي گهوٽالي ۾ ڦاٿل آهي. غربت وڌي رهي آهي، بيروزگاري، قرض ۽ رياستن توڙي فيڊريشن جون کوٽون وڃن روز وڌنديون. ڪن رياستن ۾ پبلڪ اسڪول بند پيا ٿين، اسپتالون گهٽايون پيون وڃن، يونيورسٽيون فيون وڌائن پيون وڃن. انهن رياستن ۾ سرڪاري بلڊگون وڪرو پيون ٿين. ڪجهه ڏينهن اڳي آمريڪا جي وائيس پريزيڊنٽ Joe bidden اسرائيلي وزير اعظم نيتان ياهو کي چيو ته، توهان جيڪي فلسطين ۾ ڪريو پيا، سا ڳالهه اسان جي عراق، افغانستان ۽ پاڪستان ۾ وڙهندڙ سپاهين جون زندگيون خطري ۾ پئي وجهي. هڪڙي رٽائرڊ آمريڪي سفارتڪار چيو لڳي ٿو ته راند جا قاعدا ۽ قانون تبديل پيا ٿين. هوڏانهن ايران، حماس ۽ لبنان وارا مجاهد لوهه لڳا بيٺا آهن. صدر عباس تان اسرائيل اڳڙي لاهي ڇڏي آهي ته ان اسان کي چيو ته حماس کي تباهه ڪري وٺو. عرب ليگ باوجود ڪمزوريءَ جي ڪجهه خنڪي پئي ڏيکاري. لڳي ٿو ته علائقائي طاقت جو توازن مظلومن لاءِ بهتر پيو ٿئي. آمريڪا جا ماڻهو پنهنجي قسمتن جو فيصلو اسرائيلين ۽ يهودي ارب پتين جي هٿ ۾ ڏسي ڏسي بيزار ٿي پيا آهن. وڏي ڳالهه ته خود اسرائيل جا سمجهدار ماڻهو سمجهي ويا آهن ته حالتن ۾ وڏو ڦيرو پيو اچي.
     
  15. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم رسول بخش پليجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سنڌو دريا مان پاڻي کڻت جي ڊگهي تاريخ جي ننڍڙي جهلڪ!




    آچر 2 مئي 2010ع



    دنيا جون اڪثر تهذيبون درياهن جون پيداوار آهن، سنڌي قوم جي جياپي ۽ ان جي تهذيب جي وجود جو دارومدار تاريخي طور سنڌو درياهه ۽ ان جي سٿ جي پنجن ڀرتي ڪندڙ ندين جهلم، چناب، راوي، بياس ۽ ستلج جي پاڻيءَ تي پئي رهيو آهي. سنڌوءَ جون مٿيون ڀرتي ڪندڙ پنج نديون پنجاب مان لنگهي پنجند وٽ اچي سنڌوءَ سان ملي وينديون رهيون آهن ۽ پوءِ سڀني جو گڏيل پاڻي اچي سنڌ ۾ داخل ٿي، سنڌ کي سيراب ڪري، ڪيٽي بندر وٽ وڃي سمنڊ ۾ داخل ٿيندو رهيو آهي. اهڙيءَ ريت پنجاب ۽ سنڌ ٻئي سنڌو ۽ ان جي سٿ جي مٿين پنجن ندين جي پاڻيءَ ۾ تاريخي طور ڀائيوار آهن. پنجاب منڍ وارو ڀائيوار آهي ۽ سنڌ پوڇڙ وارو ڀائيوار، دنيا ۾ جيئن ٻين شين، زمينن، ملڪيتن، ڌنڌن ۽ ڪاروبارن جي ڀائيواريءَ جا قومي، ملڪي ۽ بين الاقوامي قاعدا ۽ قانون آهن، تيئن درياهن جي پاڻيءَ جي ڀائيوارن جا به قاعدا ۽ قانون آهن.

    منڍ ۽ پوڇڙ وارا ڀائيوار:

    انهن قانونن موجب جيڪڏهن ڪنهن درياهه جي پاڻيءَ ۾ هڪ کان وڌيڪ علائقا، صوبا يا ملڪ حصيدار هجن ته جن علائقن، صوبن يا ملڪن مان اهو درياهه وهي ٿو، اهو جنهن علائقي، صوبي يا ملڪ مان پهرين لنگهي ان کي منڍ وارو حصيدار (Upper Riparian) سڏبو آهي. سنڌ جهڙي پوڇڙ واري ڀائيوار علائقي، صوبي يا ملڪ کي هيٺيون ڀائيوار (Lower Riparian) سڏبو آهي.

    درياهن جي پاڻي جو قانون ڇا ٿو چوي؟

    هندستاني ۽ پاڪستاني، اسلامي توڙي بين الاقوامي قانون موجب (پنجاب جهڙن) منڍ وارن ڀائيوارن کي ڪو به حق ناهي ته هو (سنڌ جهڙن) پوڇڙ وارن ڀائيوارن جي اجازت بنا ۽ سندن مرضيءَ جي خلاف ڀائيواريءَ وارن درياهن مان ڀائيوار دستور موجب جيترو پاڻي کڻندا هجن، تنهن کان وڌيڪ پنهنجي مرضي موجب جڏهن وڻين تڏهن ۽ جيترو وڻين اوترو پاڻي کڻي پنهنجي ڪتب آڻين. جيڪڌهن ڪا منڍ واري ڌر ائين ڪندي ته پوءِ اها اسلامي توڙي بين الاقوامي قانون موجب ڏوهاري ۽ سزا جي لائق ٿيندي. جيڪڏهن ڪا به ملڪي عدالت، سرڪاري حاڪم يا ٻيو اختياريءَ وارو (مثلن صدر، وزير اعظم، وزير اعليٰ، واپڊا، ارسا) پوڇڙ واري ڌر جي پرپٺ يا ان جي حق ۽ مرضيءَ خلاف اهڙو ڪو بي قاعدي فيصلو ڪندا ته اهو فيصلو به ملڪي، اسلامي ۽ بين الاقوامي قانون موجب سراسر غلط، رد ۽ باطل ٿيندو ۽ ان جو ڪو به قانوني وجود يا اثر نه هوندو.

    بدقسمتيءَ سان اسان جي پاڙيسري صوبي پنجاب جا اختياريءَ وارا سنڌوندي ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ درياهه جي پاڻيءَ ۾ اسان جو جيڪو حصو ٿئي ٿو، سو تمام گهڻي عرصي کان اسان کي نه پيا ڏين ۽ شاهه شاهوڪاري ڦٻائيندا رهن ٿا. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ان سلسلي ۾ ملڪي ۽ بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزيءَ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ويا آهن، ڪا به اٽڪل، حرفت، ۽ ڪا به زبردستي جي ڪارروائي اهڙي ناهي، جيڪا سنڌ جي ٻين حقن سان گڏ پاڻي جي حقن کي هڙپ ڪرڻ لاءِ استعمال نه ڪئي ويئي هجي.

    اصل شڪايت ڪنهن کان؟

    اسان کي اصل ۽ بنيادي شڪايت پنجاب جي عوام کان نه، پر پنجاب جي حاڪم طبقي کان آهي. اسين سڄي دنيا جي مظلوم انسانن، قومن ۽ طبقن جي ٻڌيءَ، دوستيءَ ۽ گڏيل جدوجهد ۾ ايمان رکون ٿا. اسان جي قوم مظلوم آهي، پر اسين پنهنجي پنجابي مظلوم عوام توڙي دنيا جي ڪنهن به مظلوم عوام جي حقن، وسيلن ۽ جائز مفادن کي ڪنهن به قسم جو ڪو به ڇيهو پهچائڻ جو تصور به نٿا ڪري سگهون. جيتري قدر سنڌي ۽ پنجابي عوام جو تعلق آهي ته اسين ٻه ڀائر ٽيون ليکو جي اصول ۽ جذبي سان پنهنجو نقطهءِ نظر پيش ڪريون ٿا. بلڪه کين دانهن ڏيڻ چاهيون ٿا ته داتا گنج بخش، بابا فريد، بابا نانڪ، شاهه حسين، وارث شاهه، علامه اقبال ۽ فيض احمد فيض ۽ پنجاب جي سرزمين جي ٻين حقيقي ترقي پسند ۽ انسان دوست هستين جي ملڪ جي حڪمران طبقن سنڌي عوام جي پاڻي تي ڏيڍ سئو سالن کان مسلسل ڌاڙا هڻي ان کي ويران ڪري ڇڏيو آهي، پر اڃا به بس نٿا ڪن ۽ روز سنڌ کي سڪائڻ لاءِ هر ٻئي چوٿين مهيني ڪي نه ڪي ڌاڙيل ۽ رهزن پروجيڪٽ ٺاهي اسان کي جيئري ماري ڇڏڻ پويان پيا آهن. نتيجي طور اسين مرڻ ڪنڌيءَ تي پهچي ويا آهيون.

    جي سي لوڙائو ٿيا جنين ڀر رهن

    ته مارو منجهه ٿرن، رهي رهندا ڪيترو؟ (شاهه)

    اسان جا پيارا پاڙيسري:

    هونئن ته اسان جي پيارن پاڙيسري حاڪم طبقن جون پنهنجي آس پاس جي اڀرن ڀائرن تي مهربانيون اٽڪل 200 سال اڳ کان جاري آهن، جڏهن رنجيت سنگهه جي حڪومت واري پنجاب ۽ انگريز سرڪار جي حڪمرانن جي وچ ۾ 1807ع ۾ امرتسر واري اتحاد جو عهدنامو ٿيو هو ۽ ٻنهي حڪومتن گڏجي سنڌ، بلوچستان، سرحد ۽ افغانستان کي غلام بنائڻ جي گڏيل آپريشن شروع ڪري ڇڏي، پر هي درياهن جي پاڻيءَ تي ڌاڙا هندستان جي 1857ع واري جنگ آزادي خلاف پنجاب جي حڪمران طبقن جيڪا انگريز سامراجين جي فيصلا ڪن مدد ڪئي هئي، تنهن کانپوءِ هڪدم شروع ٿي ويا آهن. روزانه ڊان جي 2 نومبر 2003ع واري اشاعت جي صفحي 10 تي عمران عليءَ جي مضمون ”پنجاب سامراج جي هٿ هيٺ 1947-1885“ تي تبصرو ڪندي ڪرامت علي ڪي غوريءَ لکيو آهي:

    ”(انگريز) سامراجين ۽ شهنشاهت اڏيندڙن پنجاب کي استعمال ڪرڻ واسطي بلڪل الڳ اسڪيم تيار ڪئي. پنجاب بنگال وانگر زرخيز ۽ پاڻيءَ جي وسيلن سان مالامال ڪو نه هو، بنگال ۾ مسلمان زميندارن جون وڏيون زمينداريون ٽڪرا ٽڪرا ڪري ننڍن کاتيدارن کي ورهائي ڏنيون ويون. پنجاب ۾ هنن هڪڙي نئين حڪمت عمليءَ هيٺ هڪڙو هٿرادو جاگيردار مسلمان طبقو ٺاهيو ۽ انهن کي انعام طور وڏا واهه کوٽرائي ٻارهوئي آباد ٿيڻ جوڳا وڏا زمين جا علائقا ورهائي ڏنا. هندستاني سپاهين جي سامراج خلاف بغاوت جا زخم اڃا تازا هئا، سامراجين ان بغاوت کي انهن نون مسلمان زميندارن جي مدد سان چيڀاٽيو هو. تنهن ڪري هنن کين واهن تي آباد ٿيندڙ زمينون انعام طور ڏئي کين پنهنجو ڄڻ زرخريد بنائي ڇڏيو“.

    مٿي ذڪر ڪيل هندستاني، پاڪستاني، اسلامي ۽ بين الاقوامي قانون موجب جيئن ته پنجاب سنڌو سٿ وارين ندين جي پاڻين جو مٿيون حصيدار (Upper Riparian) هو ۽ آهي، تنهن ڪري کيس ڪو به حق نه هو ۽ نه آهي ته سامراج جي مهربانيءَ واري ان صورتحال جو ناجائز فائدو وٺي، انهيءَ سنڌ-پنجاب جي گڏپ وارن درياهن جي پاڻيءَ مان سنڌ جي اجازت بنا مٿان ئي مٿان واهه کوٽائي سنڌ جي پتيءَ جو پاڻي کڻي ڦٻائي وڃي.

    پوءِ سلسلو شروع ٿي ويو!

    اهو سلسلو 1859 ۾ 1857ع واري جنگ کان فقط ٻه سال پوءِ شروع ڪيو ويو. ان سال پنجاب سرڪار وارا سنڌ-پنجاب گڏپ واري راوي درياهه مان سينٽرل باري دو-آب ڪئنال کوٽائي اهو سمورو ڀائيواري وارو پاڻي اڪيلي سر کڻي ويا ۽ اڄ ڏيڍ صدي گذرڻ بعد به کڻن پيا. اهو سلسلو مختلف صورتن ۽ بهانن هيٺ اڄ تائين هلندو اچي. مثلن 1885ع کان 1901ع جي وچ وارن سالن ۾ سڌنائي، لوئر چناب ۽ لوئر جهلم ڪئنال، 1908ع ۾پهاڙپور ڪئنال، 1914ع ۾ اپر سوات ڪئنال، 1915ع ۾ ٽرپل ڪئنال پروجيڪٽ جي نالي ۾ جهلم ڪئنال، اپر دو-آب ڪئنال، لوئر باري دو-آب ڪئنال کوٽائي ڀائيواريءَ جو پاڻي اڪيلي سر کڻي ويا ۽ اڄ ڏينهن تائين پيا کڻن، تان جو 1919ع ۾ ستلج نديءَ تي يڪن 11 ڪئنالن ۽ 4 هيڊ ورڪس ٺاهڻ جو پروجيڪٽ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيائون.

    آقائن تان سر صدقو ڪندڙ سرويچ:

    انگريز حاڪم جيتوڻيڪ آقائن تان سر صدقو ڪندڙ پنجاب جي سرويچن مان بيحد راضي هئا. 1901ع ۾ هند سرڪار انڊيا اريگيشن ڪميشن ٺاهي، جنهن پنجاب کي هدايت ڪئي ته سنڌو ۽ ان کي ڀرتي ڪندڙ ندين جي ڪنهن به نديءَ مان پاڻي کڻڻ لاءِ پهرين سنڌ کان اجازت ورتي ويندي. 1919ع ۾ پنجاب سرڪار وري پنهنجي ڪارروائي شروع ڪئي ۽ هڪ ڌڪ سان 11 واهه ۽ 4 هيڊ ورڪ ٺاهڻ لاءِ ستلج واديءَ جي پروجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن تي هند سرڪار بمبئي جي انجنيئر مسٽر ڪاٽن جي اڳواڻيءَ هيٺ هڪڙي تحقيقاتي ڪميٽي مقرر ڪئي. ان وچ ۾ پنجاب سرڪار وري ٿل پروجيڪٽ پيش ڪيو. سندن چوڻ هو ته کين سکر بيراج جي رٿائن تي اعتراض هو، ان دور جي هندستان جي وائسراءِ لارڊ چيلمسفورڊ ٿل جي رٿا رد ڪري ڇڏي.

    فقط هڪڙو ڍڪ پاڻيءَ جو کپي!

    نومبر 1924ع ۾ پنجاب سرڪار رٿ پيش ڪئي ته ٿل پروجيڪٽ مان فقط 750 ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ جي موڪل ڏيو. اسين فقط تجربو ڪرڻ چاهيون ٿا! اڃا اهو معاملو اڌ ۾ ئي هو ته پنجاب سرڪار وري چيو ته اسين ٿل پروجيڪٽ جي وڏي رٿا ٺاهڻ چاهيون ٿا. نيٺ 1935ع ۾ سرڪار يوپيءَ جي چيف انجنيئر مسٽر اينڊرسن جي اڳواڻي هيٺ ان تڪرار کي نبيرڻ لاءِ هڪڙي اٺن ڄڻن جي ڪميٽي مقرر ڪئي، جنهن کي اينڊرسن ڪميٽي چئجي ٿو. کين چٽي ۽ واضح هدايت ڪئي وئي ته پنجاب کي سنڌو نديءَ ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ ندين مان وڌيڪ پاڻي کڻڻ جي اجازت ڏيڻ جي اهڙي ڪا به سفارش نه ڪئي وڃي، جنهن مان ٻئي ڀائيوار (سنڌ) کي نقصان رسي يا سندس نه رڳو موجوده پاڻيءَ جي سپلاءِ کي نقصان رسي، پر سندس آئنده جي پاڻيءَ جي حقن کي به ڪو نقصان رسڻ جو انديشو هجي.

    ”سنڌ کي ڇيهو متان رسايو!“

    اينڊرسن ڪميٽيءَ کي جيڪي هدايتون مليل هيون (Terms of Reference) تن ۾ چيل هو ته ڇا اهڙو امڪان آهي ته پاڻيءَ جي اهڙي سپلاءِ هٿ اچي، جنهن مان سنڌو درياهه ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ ندين جي پاڻيءَ تي جن ڌرين جو حق آهي، تن جي حقن کي ڪو ڇيهو نه پهچي، بلڪه خود انهن جي آئندي جي پاڻيءَ جي سپلاءِ تي به ڪو نقصانڪار اثر نه پوي؟ ائنڊرسن ڪميٽيءَ واري معاملي مان ڪو خاص کڙ تيل نڪتو ئي ڪو نه هو ته هڪدم اعلان ڪري ڇڏيائون ته اسين باکڙا ڊيم ٿا ٺاهيون! چوندا آهن ته ”ملي جي ڊوڙ مسيت تائين“! سنڌ 7 جون 1941ع تي هندستان جي گورنر جنرل وٽ فرياد داخل ڪيو، جنهن 11 سيپٽمبر 1941ع تي ڪلڪتي هاءِ ڪورٽ جي جج مسٽر بي ايم رائو جي اڳواڻي هيٺ هڪڙي تحقيقاتي ڪميشن مقرر ڪئي. گورنمينٽ آف انڊيا جي هدايت هيٺ سنڌ ۽ پنجاب جي چيف انجنيئرن جي وچ ۾ معاملي جي نبيري لاءِ ڳالهيون شروع ڪيون ويون. انهن ڳالهين جو سربراهه هو بمبئي پريزيڊنسي جي اريگيشن ۽ پوني جي هائڊرو ڊنلاڪ ريسرچ اداري جو ڊائريڪٽر سر ڪلاڊ اينگلس.

    ڪامياب ڳالهيون!

    نيٺ ڳالهيون ڪامياب ٿيون ۽ 28 سيپٽمبر 1945ع تي سنڌ-پنجاب ڊرافٽ ايگريمينٽ تي اتفاق راءِ ٿي ويو ۽ ٻنهي صوبن جي چيف انجنيئرن ان تي صحيحون ڪيون. ان ٺاهه مطابق پنجاب کي غازي پور وٽ جتي سنڌوءَ سميت سڀني درياهن جو پاڻي اچي گڏ ٿي ٿيو، اتان هڪ حصي جيترو پاڻي کڻڻو هو ۽ سنڌ کي ٽن حصن جيترو. ٺاهه جي فقري نمبر 8 ۾ اهو طئي ٿيل هو ته آئنده سنڌ سرڪار جي اجازت کانسواءِ پنجاب سنڌو يا ڪنهن ٻي سندس ڀرتي ڪندڙ نديءَ تي ڪو به ڊيم ٺاهي نه سگهندو. ان ٺاهه ۾ پورن تفصيلن سان ڄاڻايل هو ته درياهن جي سموري پاڻيءَ مان هر ڌر جي واهن کي ڪيترو پاڻي ملندو ۽ کوٽ کي ڪهڙي حساب سان برداشت ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن پاڻي بچت ٿي پوي ته اهو ڪيئن ورهايو ويندو.

    پنجاب جي اڳوڻي چيف انجنيئر ۽ اريگيشن سيڪريٽري پير محمد ابراهيم 1948ع ۾ لکيل پنهنجي ڪتاب ”مغربي پاڪستان ۾ پاڻيءَ جا حق“ جي صفحي 66 تي لکيو، ”سنڌ-پنجاب ٺاهه وڏي غور ۽ ويچار کانپوءِ ڪيو ويو هو. ان ٺاهه ۾ سنڌو سٿ جي ندين جي پاڻيءَ جي ورڇ هن کان وڌيڪ انصاف ڀري ٿي سگهي ئي نٿي.“ هن ٺاهه جي گهڻين ڌرين تمام گهڻي تعريف ڪئي. پر جڏهن پنجاب حڪمرانن کي پڪ ٿي ته سال ٻن ۾ پاڪستان ٺهڻ وارو آهي ۽ امڪان ان ڳالهه جو آهي ته عملن سڄو پاڪستان پنجاب حڪمران طبقي جي بالادستي هيٺ هوندو، تڏهن هڪڙي ڏينهن اوچتو ئي اوچتو پنجاب بهانا بنائي ان جڳ مشهور ٺاهه تي عمل ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. انهن تمام معصوميت سان اها ڳالهه اهڙي نموني ڪئي ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي ڪونهي. چئي، ”پنجاب ۽ سنڌ جي چيف انجنيئرن ڳالهيون شروع ڪيون، 1945ع ۾ هڪڙو ڊرافٽ تيار ڪيائون...جيڪو قبول نه ٿي سگهيو.“ (انڊس واٽر ڪميٽي جنوري 1971ع پنجاب جو بريف، صفحو 54). اهڙيءَ ريت سنڌ جي پتيءَ جي درياهن جي پاڻيءَ کڻت جي سلسلي جو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ واري 86 سالن جو ڊگهو دور پورو ٿيو ۽ ان کان تمام گهڻو وڌيڪ ڦرلٽ جو اهو ٻيو دور شروع ٿيو، جيڪو اڄ تائين جاري آهي. صاف نظر اچي ٿو ته جيڪڏهن اهو دور جاري رهيو ۽ اسان جا افعال ۽ اسان جي ڀوتارشاهيءَ جا حال اهي ئي رهيا ته جيڪي هنر آهن، سنڌ کي رڻ پٽ بنائڻ کان مشڪل سان بچائي سگهجي. 45ع کان پوءِ واري دور ۾ ڇا ڇا ٿيندو رهيو آهي، ان جي تاريخ ايندڙ مضمون ۾ پڙهندا.
     
  16. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم رسول بخش پليجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سنڌ جي خلاف جڙندڙ منصوبن جو عالمي تاريخي پسمنظر




    جمع 7 مئي 2010ع



    ڪائنات، انساني سماج ۽ انساني سوچ جي سائنس اسان کي ٻين گهڻين ڳالهين سان گڏ اهو به سيکاري ٿي ته ڪائنات اندر جيڪي بظاهر ڪروڙين اربين ڇڙوڇڙ ۽ اڻ لاڳاپيل شين، لقائن جا منتشر مجموعا نظر اچن ٿا، سي دراصل هڪڙي پاسي هڪٻئي سان ابتڙن ۾ ورتل ته ٻئي طرف پاڻ ۾ ڳنڍيل ۽ هڪٻئي تي دارومدار رکندڙ، هڪٻئي کي متاثر ڪندڙ ۽ هڪٻئي کان متاثر ٿيندڙ نظامن جا مجموعا آهن. سموري انساني اوسر جي تاريخ به ائين آهي. مثلاً هيٺين ڪن تمام وڏن ڇڙوڙ تاريخي ڳالهين ۽ واقعن جو پاڻ ۾ ڪو به واسطو نظر نه ايندو، پر جيئن نظر ايندو تيئن ناهي، انهن جو پاڻ ۾ سڌو يا اڻسڌو ويجهو يا پرانهون واسطو، دارومدار ۽ اثر آهي. روسي انقلاب کي ختم ڪرڻ لاءِ سازشون ٿينديون رهيون. پندرهين کان ويهين صديءَ جي شروعات تائين سڄي دنيا تي مغربي سامراجين جو تسلط هو، جنهن ۾ انگريزي شهنشاهت جي دور جي وڏي ۾ وڏي شهنشاهيت هئي، جنهن تان ڄڻ سج لٿو ئي نٿي. هندستان سميت دنيا جا ڪيترائي ملڪ ان جي تابع هئا. آمريڪا، فرانس، جرمني ۽ روس ٻيون وڏيون طاقتون هيون. 1914ع کان 1919ع تائين يورپ ۾ مهاڀاري لڙائي لڳي. ان لڙائيءَ هلندي روس ۾ سوشلسٽ انقلاب آيو، جنهن آمريڪي ۽ يورپي عالمي سرمايه دار سامراج جي عالمي وجود جي بنيادن ۾ زلزلو آڻي ڇڏيو. سامراجي دشمنن ان انقلاب کي ختم ڪرڻ لاءِ طرحين طرحين قسمن جون زبردست ڪوششون ڪيون، اهي ناڪام ٿيون. جڏهن اها مهاڀاري جنگ ختم ٿي تڏهن ويڙهو ڌر جو اڳواڻ انگلينڊ هو، تنهن ڌر کٽيو ۽ جرمن اڳواڻيءَ واري ڌر هارايو. کٽيندڙ ڌر جرمنيءَ تي اهڙا موتمار شرط ۽ ڏنڊ وڌا، جن جو اڳ مثال ملڻ مشڪل هو. پر ويهن سالن اندر ئي جرمني وري جنگ لاءِ تيار ٿي ويو. پر اها جنگ جرمن بادشاهن ۽ جرنيلن بدران هڪڙي نام نهاد مزدور لٻاڙي ليڊر پاران شروع ڪرائي ويئي، جنهن بظاهر سڄي يورپ ۾ ڪنبڻي وجهي ڇڏي. جرمنيءَ جا تاريخي دشمن برطانيه ۽ فرانس سندس ڄڻ پيرن جي خاڪ ٿي ويا ۽ هن جيڪي کين ڪرڻ لاءِ چيو، سو هڪدم مڃيائون. حقيقت ۾ اها انگلينڊ، فرانس ۽ آمريڪا جي روس کي تباهه ڪرائڻ لاءِ سٽيل هڪڙي زبردست ڳجهي عالمي سازش هئي، جنهن ۾ جرمني به شريڪ هئي. هن اعلان ڪيو ته هو روس تي قبضو ڪرڻ ۽ دنيا جي يهودين کي ختم ڪرڻ گهري ٿو. هن يورپ جي ڪيترن ملڪن تي حملا ۽ قبضا ڪيا ۽ آخر ۾ روس تي حملو ڪيائين، جنهن کيس شڪست ڏني ۽ وري جرمني ۽ سندس ساٿاري اٽلي ۽ جپان وغيره هارائي ويا ۽ روس، انگلينڊ، فرانس ۽ آمريڪا وارا في الحال وري به کٽي ويا. پر ان جي عظيم جنگ کانپوءِ انگلينڊ ۽ فرانس جون شهنشاهتون ۽ ٻيون يورپي شهنشاهتون ختم ٿي ويون ۽ سندن سڄي دنيا جي غلام بنايل علائقن مان هندستان، پاڪستان، الجزائر، موراڪو، انڊونيشيا ۽ ٻيا گهڻا ملڪ وجود ۾ آيا. هڪڙي طرف سڄي سرمائيدار دنيا جو اڳواڻ انگلينڊ جي جاءِ تي آمريڪا ٿي ويو ۽ ٻئي طرف سوويت يونين سپر پاور بنجي ويو. ”ادو مئو، ادي ڄائي، اسين اوتري جا اوترا“.

    ڪيترا ملڪ پاڪستان وانگر آزاد ته ٿيا، پر اهي سٺ سالن گذرڻ بعد به حياتي ۽ موت جي ڪشمڪش مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري نه سگهيا آهن. اها ئي قبائليت، اها ئي جاگيرداري، اها ئي بک، اها ئي ڦرلٽ، اها ئي جهالت، اها ئي بدنظمي، اها ئي ڏنڊا شاهي ۽ نرم گرم انگريزي راڄ بدران فوجي ڊڪٽيٽرشپ...جيڪا به وک آهي، سا اڳي کان پوئتي وڃي ٿي، اڳتي نٿي وڌي. ايشيا، آفريڪا ۽ يورپ جي کنڊن ۾ گهڻا مسلمان ملڪ آهن، پر اهي ذري گهٽ سڀ خراب حالن ۾ آهن. انگلينڊ انهن جي خراب حالن جو ناجائز فائدو وٺي ڪيترن مسلمانن کي ڪرائي جو سپاهي ڪري هڪٻئي خلاف استعمال ڪندو رهيو. تازو آمريڪا کين افغانستان ۾ روس خلاف استعمال ڪري منجهائن ڪم ڪڍي وري کين سڄي دنيا ۾ دهشتگرد طور سندن شڪار ڪرائي رهيو آهي، ۽ مسلمان دنيا کي موت جي منهن ۾ وجهيو ويٺو آهي.

    دنيا بدلجي پئي!

    دنيا مان سوويت يونين ختم ٿي ويو آهي، پر مزدور، هاري ۽ سوشلسٽ جدوجهد ختم ڪا نه ٿي آهي. هوڏانهن دنيا ۾ سرمائيداري آهستي آهستي ڪمزور ٿي رهي آهي ۽ چين ۽ ٻيا سوشلسٽ، ايشيائي، آفريقي ۽ لاطيني ملڪ ڏاڪي به ڏاڪي زور وٺندا وڃن. هوائن جو رخ اولهه (آمريڪا ۽ يورپي ملڪن) بدران اوڀر (ايشيا، آفريقا، لاطيني آمريڪا) جي فائدي ڏانهن محسوس ٿي رهيو آهي.

    ٻين لاءِ کنيل کڏن ۾ ڪرندڙ سامراج:

    مٿيون سڀ ڳالهيون ۽ واقعا رڳو قدرتي طرح يا رڳو اتفاق سان يا پنهنجي ليکي پاڻهي ڪو نه ٿيا آهن، انهن ۾ واسطيدار ڌرين جون ظاهري توڙي ڳجهيون ڪامياب توڙي ناڪام رٿابنديون، محنتون، ڪوششون، حرفت بازيون ۽ سازشون به شامل آهن. مثلاً انگلينڊ، فرانس، جرمني ۽ آمريڪا جيڪا روس خلاف زبردست عالمي سازش ڪئي، اها کين ئي ڳچيءَ ۾ پئجي ويئي. دنيا جي جن ماڻهن پنهنجي اها ذميواري ڪري ليکي هوندي ته هو انسان ذات جي عالمي، تاريخي، سياسي، سماجي ۽ اقتصادي ارتقا ۽ سفر جي باري ۾ هر ممڪن حد تائين سربستي ۽ ڳوڙهي جاچ ڪري پوريءَ طرح باخبر رهن ۽ ان ڄاڻ کي روشني بنائي دنيا جي پورهيت ۽ مظلوم قومن ۽ عوام جي ڇوٽڪاري جي ويڙهه جي سفر کي وڌ ۾ وڌ سڻائو ۽ ڪامياب بنائين، تن کي مٿين ڳالهين، واقعن سان لاڳاپو رکندڙ هيٺين عالمي تاريخي ڳالهين ۽ واقعن بابت ڪجهه نه ڪجهه خبر ضرور پئجي سگهي هوندي ۽ هو اهو معلوم ڪري سگهيا هوندا ته انهن سمورن ڇڙوڇڙ ۽ ظاهري اڻ لاڳاپيل ۽ غير واسطيدار ڳالهين ۽ واقعن جا پاڻ ۾ ڪئي سڌا ۽ اڻ سڌا واسطا هئا ۽ آهن.

    روس کي جرمني هٿان تباهه ڪرائڻ جي ناڪام سازش:

    پهرين جنگ عظيم جي خاتمي کانپوءِ جڏهن روس ۾ سوويت انقلاب ڪامياب ٿيو ۽ سرمائيدار ملڪ خاص ڪري انگلينڊ ۽ فرانس هر ممڪن ڪوشش باوجود سوويت سوشلسٽ انقلاب کي نيست ۽ نابود نه ڪري سگهيا، تڏهن هنن اها رٿ رٿي ته هاڻ جرمنيءَ کي روس خلاف استعمال ڪجي ۽ ٻيو نه ته ٻنهي کي پاڻ ۾ ويڙهائي چٽ ڪجي. ان ڪري انهن پاڻ ۾ ڳجهي رٿ رٿي جنگ بعد صلح جي عهدنامي ۾ سعيو ڪري جرمنيءَ خلاف غير معمولي طور اهڙا سخت شرط وڌا، جو جيڪڏهن پوءِ انهن شرطن کي نرم ڪجي ۽ جرمنيءَ کي ٻيون به خاص رعايتون ڏجن ته هو روسي انقلاب کي ختم ڪرڻ لاءِ دل جان سان سندن ٻانهن ٻڌو ٻانهو ٿي ڊيوٽي ڏي. خاص ڪري تڏهن جڏهن جرمن سرمائيدارن کي به روسي انقلاب کان ڪو گهٽ خطرو ڪو نه هو ۽ کين ان خلاف ڪا ٿورڙي ڪاوڙ ڪا نه هئي. انگلينڊ، فرانس، جرمني، آمريڪا وغيره سرمائيدار ملڪن جي حڪومتن ۽ ڪارپوريشنس جرمن فوج کي روس تي حملي لاءِ دل جان سان تيار ڪيو ۽ هنن جيڪي گهريو، سو کين ڏنائون. پر هڪڙي طرف سموريون واسطيدار سياسي حالتون سندن قبضي ۾ نه رهيون ته ٻئي طرف روس به تيزيءَ سان ڳالهه سمجهي جوابي سفارتي ۽ فوجي ڪارروايون ۽ تياريون تيز ڪيون. تان جو هن حملو ڪندڙ جرمن فوج کي شڪست ڏئي خود برلن تي اچي قبضو ڪيو. ٻي جنگ عظيم ايڏي ڊيگهه، تباهي ۽ بربادي ڪئي جو نه رڳو روس ۽ جرمني، پر برطانيه ۽ فرانس وغيره به سمورو رت ست وڃائي ويهي رهيا ۽ منجهن پنهنجين شهنشاهتن کي قبضي ۾ رکڻ جي به پهچ نه رهي. جيڪڏهن ڪنهن ڌر کي ان تباهيءَ مان فائدو ٿيو ته اها فقط آمريڪا هئي.

    ”لالا! مال خلاص!“:

    هندستان جي وائسراءِ لارڊ ويول برطانوي سرڪار کي جنگ عظيم جي خاتمي کانپوءِ 1945ع ۾ لکي موڪليو ته هاڻ هندستان تي تسلط جاري رکڻ ناممڪن آهي، وڌيڪ رهبو ته خواري ٿيندي، ان ڪري ان کي هڪدم خالي ڪجي. في الحال هندو صوبا خالي ڪجن ۽ پوءِ مسلمان صوبن کي ڏسجي...۽ پوءِ ماٺ مٺيءَ ۾ طئي ٿيو ته، پنجاب ۽ يوپيءَ جي ليڊرشپ (سڪندر حيات خان، لياقت علي خان وغيره وغيره) ۽ انگريزن جا ويجها ڪامورا (سر ظفر الله خان، ايوب خان، اسڪندر مرزا، چوڌري محمد علي وغيره وغيره) سڀ انگريزن جي اشارن تي پئي هليا. سڀني ڌرين جي وچ ۾ ماٺ مٺيءَ ۾ طئي اهو ٿيو ته مسلمان علائقن کي نالي ماتر آزادي ڏيئي، جناح ۽ سندس روشن خياليءَ واري حڪمت عمليءَ مان جند ڇڏائي ملڪ لياقت علي ۽ پنجاب ۽ يو پيءَ جي انگريزن جي وفادار سياستبازن ۽ ڪامورن معرفت آمريڪا ۽ ان جي ننڍي ڀائيوار انگلينڊ جي حوالي ڪري بلوچستان، سرحد ۽ خاص ڪري سنڌ کي سامراج جي ماتحت، پنجاب، يو پي، سي پي بهار وارن جي جاگير بنائي قبائلي سردارن، خانن ۽ ڀوتارن کي ڪمدار بنائي سنڌ جا سمورا وسيلا سنڌين کان اسلام، پاڪستان ۽ آزادي جي نالي ۾ کسي ملڪ ميدان ڪري موجون ڪجن.

    سنڌ مخالفن جا خواب پورا ٿيا:

    ائين ئي ڪيو ويو، فيبروري 1948ع ۾ لياقت عليءَ محمد علي جناح کان عملي طرح مسلم ليگ کسي ورتي. سنڌ تي ڪنٽرول جي رٿ دهلي توڙي لاهور وارا اڳي ئي سٽي آيا هئا. ورهاڱي وقت فساد ڪرايا ويا، ۽ اهڙيءَ طرح انهن جو سنڌ جي حوالي سان خواب پورو ٿيو. ياد رهي ته علامه اقبال 1930ع ۾ الهه آباد ۾ مسلم ليگ جي اجلاس جي صدارت ڪندي جيڪو مطالبو ڪيو هو ته انگريز هندستان مان وڃن نه وڃن سندن مرضي، پر سنڌ، بلوچستان، سرحد پنجاب ۾ ضم ڪيا وڃن. (Should be merged with Punjab) اهو به هيڏي ساري مخالفت هوندي نيٺ پورو ٿيو. ملڪ جي آزاديءَ جي آڙ ۾ سنڌ تي باقائدي گهڻ طرفو حملو ڪري وڏين ويڙهن کانپوءِ ان کي مفتوح علائقو بنايو ويو. سنڌ کان سندس تازو حاصل ڪيل صوبائي خودمختياري هڪدم کسي ويئي، يوپي، سي پي ۽ لاهور جا کڙپيل آفيسر سنڌ کي وڻ ويڙهيءَ وانگر ويڙهي ويا. ڪراچي سنڌين کان کسي ورتي ويئي، سنڌي هندن جي گهرن ۾ گهڙي کين ماري ڪٽي ڊوڙائي ڪڍيو ويو. زوري لڏايل سنڌي هندن جي ملڪيتن جا وارث يو پي، سي پي وارا ٿي ويٺا، محمد علي جناح کي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ قبر ڀيڙو ڪيو ويو. ان ماحول ۾ لياقت علي خان وزير اعظم جي حيثيت ۾ آرام سان سنڌ خلاف سنڌ جي تاريخ جو اهو وڏي ۾ وڏو موتمار فيصلو ڪري ورتو، جو ڏينهن ڏٺي جو سمورن ملڪي، اسلامي ۽ بين الاقوامي قانونن کي ٺڪرائي هن سنڌ جي جياپي جا سهارا سنڌو ندي ۽ ان جي سٿ جون نديون ماٺ مٺيءَ ۾ منڍ واري سخت مخالف پنجاب سرڪار جي حوالي ڪري ڇڏيون. پوءِ سنڌ جي اجازت بنا، ان جي مفادن جي سراسر خلاف هڪٻئي پٺيان تيزيءَ سان هيٺيان ۽ ٻيا لاڳاپيل غير قانوني، غير آئيني ۽ غير انساني قدم کنيا ويا.

    (1) هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏپ وارن درياهن جي پاڻيءَ جي ورهاست لاءِ بنايل ڪميٽيءَ ۾ تاريخي بي قائدگي ۽ لاقانونيت ڪري سنڌ جو ڪو به نمائندو شامل ڪو نه ڪيو ويو. فقط مغربي پنجاب جا ٽي نمائندا، (1) مغربي پنجاب جو سردار شوڪت حيات خان (2) چيف انجنيئر ۽ سيڪريٽري اريگيشن عبدالحميد ۽ (3) چيف سيڪريٽري حافظ عبدالمجيد مقرر ڪيا ويا، جن جلد وڃي هندستاني پنجاب جي نمائندن سان گڏجي سنڌ خلاف هڪڙي تمام ڊگهي عرصي واري گهڻ پاسائين بين الاقوامي سطح جي تمام وڏي گوناگون منصوبا بندي تيار ڪئي، جنهن تي عمل ڪندي سنڌ جو جهڳو اهڙو جهڻ ڪري ڇڏيو ويو آهي، جو اها اڄ ٽيهٺ سال گذرڻ بعد به پنهنجا پير جهلي نه سگهي آهي، بلڪه روز بروز وڃي قومي تباهيءَ ۽ برباديءَ جي موتمار کاهيءَ ڏانهن ڌڪبي. ڪا خبر ناهي ته اها ڪنهن وقت وري به پنهنجا پير جهلي ويندي يا مورڳو مڪمل طرح اڃ، بک ۽ ڏڪار جو شڪار ٿي دنيا جي تختي تان ائين ختم ٿي ويندي، جو ڄڻ ته اها دنيا ۾ پيدا ٿي ئي ڪا نه هئي.

    اسٽي آرڊر متان وٺو!

    سڀ درياهه هندستان ۽ ڪشمير جي علائقن مان نڪري پنجاب مان ٿيندا سنڌ پهچن ٿا، ان لاءِ ضروري هو ته جيسين هندستان ۽ پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي ورهاست بابت مڪمل تسلي بخش فيصلو ٿي وڃي، تيستائين هندستان ان پوزيشن ۾ نه هجي، جو پاڪستان تي ناجائز دٻاءُ وجهڻ لاءِ ڪنهن درياهه جي هيڊ ورڪ وٽ پاڪستان ايندڙ پاڻي روڪي ڇڏي. ان ڪري بندوبست ڪيل هو ته هندستان پاڪستان طرفان صلاح سان مقرر ڪيل واسطيدار اختياريءَ يعني آربٽرل ڪميٽيءَ کان پاڪستان طرفان اڳواٽ درخواست ڏيئي اسٽي آرڊر وٺي ڇڏجي ته جيسين آخر ٺاهه نه ٿي وڃي، تيستائين هندستان پاڪستان جو پاڻي بند نه ڪري. ان ٽربيونل جو صدر هندستان جو چيف جسٽس سر پئٽرڪ اسپينس Sir Patrik Spence هو.

    جلنڌر واري عالمي منصوبا بندي:

    جلنڌر واري گڏجاڻي ۾ ٻنهي پنجابن جي حڪومتن طرفان پنهنجي مظلوم حريف ۽ مخالف سنڌ خلاف تمام ڊگهي، تمام گهڻن ڏاڪن واري، تمام اونهي ۽ تمام بي رحميءَ واري منصوبا بندي اها ڪئي ويئي ته: (1) اعلان ڪجي ته ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي، سڀ ڀائر آهيون، پنهنجا پاڻ ۾ آهيون، ڪنهن پاڻيءَ جي بندش يا ٻي گڙ ٻڙ جو ڪو به ۽ ڪنهن به قسم جو خطرو ڪونهي. ان ڪري پاڪستان آربٽرل ٽربيونل کان ڪو به اسٽي آرڊر نه وٺي. جيڪا درخواست پيل آهي، سا پاڪستان جو اٽارني جنرل واپس وٺي ڇڏي. جيڪڏهن ڪو ٻيو يا خود ٽربيونل جو سربراهه چوي ته ”هي ٽربيونل جي مدت تمام ٿورڙي آهي، ٿورن ڏينهن اندر ختم ٿي ويندي پوءِ اسٽي آرڊر ملي نه سگهندو ۽ جيڪڏهن رڪاوٽ پئي ته ان جو ڪو به علاج ڪو نه ٿي سگهندو، تنهن ڪري بهتر آهي ته پاڪستان اسٽي آرڊر وٺي ڇڏي ته آخري ٺاهه تائين هندستان پاڪستان ويندڙ پاڻي نه روڪي ته سڀني لاءِ سٺو ٿيندو.“ ته اها آڇ به هرگز نه قبولي وڃي ۽ اسٽي آرڊر لاءِ ڪيل درخواست پاڪستان واپس وٺي ڇڏي. (2) پوءِ جيئن ئي پهرين مارچ 1948ع تي ٽربيونل جو مدو پورو ٿئي، تيئن هندستان پاڪستان ڏانهن ويندڙ پاڻي هڪدم بند ڪري ڇڏي. پوءِ پاڪستان وٺي هاءِ گهوڙا شروع ڪري ته اسين سادا ۽ ويساهه وسوڙيل مسلمان ماڻهو، اسان سان هندستان انجام ڪيو هو ته پاڻي بند ڪو نه ڪنداسون، توهان اعتبار ڪريو، اسان سندن واعدي تي اعتبار ڪري اسٽي آرڊر ڪو نه ورتو ته اسان سان هندستان ظلم ڪري ڇڏيو. پاڻي هڪدم نه کليو ته اسين تباهه ۽ برباد ٿي وينداسون. هندستان مڳيءَ ۽ معتبريءَ جو پوز هڻي چپ ڪري ويهي ۽ پاڪستان هاءِ گهوڙا سان آسمان مٿي تي کڻندو رهي. پوءِ ”بي وس ۽ محتاج“ پاڪستاني وفد ”مجبور ٿي“ ”لاچار“ وڃي مغرور هندستان جيڪي چوي سو مڃي پاڻي ڪجهه وقت لاءِ چالو ڪرائي اچي ۽ هندستان جي چوڻ تي ٽي درياهه لکي هندستان کي ڏيئي اچي ته انهن درياهن جو پاڻي هندستان جي ملڪيت آهي، اسان جو ناهي، اسين جيترا پئسا (Signor money) هندستان چئي ٿو اهي ڏيئي اهو پاڻي في الحال زر خريد وٺون. پوءِ ٻنهي ملڪن ۾ هلن ڳالهيون، جنهن ۾ هندستاني پنجاب کي ٽي درياهه ملن ۽ ٻيا ٽي ملن مغربي پنجاب کي ۽ سنڌ جي پتيءَ جو نالو نشان مٽائي ڇڏجي. ان جي پتيءَ جو پاڻي پنجابي برادر سرڪاريون پاڻ ۾ ورهائي موجون ماڻين.

    ان سازش تي هوبهو عمل ٿيو!

    پاڪستان جي مرڪزي سرڪار ۽ هتان جي پنجاب يڪمشت ٿي ان تي عمل ڪيو. درياهن جي پاڻيءَ جي مالڪي ۽ ڀائيواري جي سلسلي ۾ سنڌ جو نالو نشان به نه رهيو. گويا پاڪستان ٺاهيو ئي ان لاءِ ويو هو ته هندستاني ۽ پنجابي مسلمان ڀائر جيڪي اڳ ان تي قابض ٿي سندس وسيلا ڦٻائي نه ٿي سگهيا، سي آزادي ۽ مذهب جا نعرا هڻي سنڌي قوم جو پاڻي، زمينون، سندس سمنڊ، شهر، ٻنيون، ڌنڌا، واپار، تعليم کسي سندس مالڪ بنجي ويهي رهن.

    پاڪستان جي اٽارني جنرل اسٽي آرڊر وٺڻ کان انڪار ڪيو!

    جڏهن هندستان ۽ پاڪستان جا اٽارني جنرل مٿين سازش مطابق يڪراءِ ٿي آربٽرل ٽربيونل جي سربراهه وٽ ويا ته اسان جو پاڻ ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي، اسان کي اسٽي آرڊر ڪو نه کپي. تڏهن هن مٿن زور ڀريو ته ائين نه ڪريو، پاڻيءَ جي وهڪري جاري رکڻ لاءِ ڪو آرڊر ڪرايو، پر هنن نه مڃيو. (سر اسپينس جي لنڊن ۾ ايسٽ انڊيا ايسوسيئيشن اڳيان 23 فيبروري 1955ع تي ڪيل تقرير، حوالو چوڌري محمد علي جو ڪتاب The Emergence of Pakistan ص 38).

    اپريل 1948ع تي جيئن ئي آربٽرل ٽربيونل جو مدو پورو ٿيو، تيئن ئي هندستان پاڪستان جي (مٿين سٽيل منصوبي مطابق)...باري دو آب ڪئنال سسٽم، ديبالپور ڪئنال سسٽم ۽ بهاولپور اسٽيٽ ڊسٽريبيوٽري جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو. ”اوڀر پنجاب وار اچوڻ لڳا پاڪستان جو پاڻي ڪونهي، پئسا ڏي ته پاڻي کوليون...پيئڻ جو پاڻي ڪونهي، لکين ماڻهن جا فصل تباهه ٿي ويا، ڍور ڍڳا بکن ۾ مري ويا آهن، پاڻيءَ جو ڏڪار پئجي ويو آهي...مئي 1948ع جي شروعات ۾ غلام محمد وزير خزانه جي قيادت ۾ وفد دهلي ويو، ٻيا ميمبر هئا، مغربي پنجاب جا وزير سردار شوڪت علي خان ۽ ممتاز دولتانه...غلام محمد لارڊ مائونٽ بيٽن کي منٿون ڪيون ۽....پوءِ غلام محمد جي اڳيان هڪڙو بيان رکيو ويو، جنهن تي مجبورن کيس ۽ ٻن وزيرن کي 4 مئي 1948ع تي صحيح ڪرڻي پئي، ٻئي طرف نهروءَ وارن صحيح ڪئي...“ (حوالو چوڌري محمد علي جو ساڳيو ڪتاب ص 38-32)

    سنڌي انجنيئر دٻاءَ ۾ نه آيا:

    ان کانپوءِ سٽيل سازش موجب عالمي بئنڪ جي اڳواڻي هيٺ هند-پاڪ ڳالهيون ڪرايون ويون، ان ۾ ڪن سنڌي انجنيئرن (صالح محمد قريشي ۽ ٻيا) کي به شريڪ ڪرڻو پئجي ويو. مٿن پنجاب جي انجنيئرن طرفان هر طرح جو دٻاءُ وڌو ويو، پر هو نه مڙيا ۽ سنڌ جي ڪنهن به حق تان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار نه ٿيا، ان ڪري ٻين مقصدن سان گڏ پاڻيءَ جي حوالي سان به پنهنجي پر ۾ سنڌ جو قانوني وجود ختم ڪرڻ لاءِ 1954ع ۾ سرڪاري دهشتگرديءَ ذريعي ون يونٽ مڙهيو ويو ۽ ان جي آڙ ۾ درياهن جي پاڻيءَ بابت بين الاقوامي ڳالهين ۾ سنڌ کي لادعويٰ بنائي نويڪلائيءَ ۾ سندس پرپٺ، پاڻيءَ تي وڌيڪ ڌاڙن جو بندوبست ڪيو ويو.
     
  17. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم رسول بخش پليجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    پاڻي کوٽ جا ڀوائتا منظر پسندڙ سنڌ!




    ڇنڇر 26 جون 2010ع



    سنڌ لاءِ هن وقت قيامت جي گهڙي ويجهي پوندي وڃي، تباهيءَ جو سج نيزي پاند اچي بيٺو آهي. ڪنهن هڪڙي مصيبت، آفت يا تباهيءَ جو خطرو هجي، جنهن کي ٽارڻ جو ڪو بلو ڪجي، هڪڙو ويري يا دشمن هجي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ سندرو ٻڌجي، هتي ته ڳالهه لطيف واري سَسئيءَ جي ويرين کان به چڙهيل آهي.

    ”اٺ ويري، اوٺار ويري، ويري ٿيڙم ڏير،

    چوٿون ويري واءُ ٿيو، جنهن لَٽيا پنهونءَ پير،

    ڇهون ويري ڇپر ٿيو، جنهن سنوان ڪيا نه سير،

    واهيريءَ جي وير، ڇلون ڪريان ڇپرين (شاهه)

    آسمان کي ڇهندڙ مهانگائي، اٿاهه اڃ، بک ۽ بيروزگاري ۽ ان جي ڪري آنڊن ڄاون ٻچن جا وڪرا، خودڪشيون، ديده دليري واري رشوت خوريءَ جي گرم بازاري، ڏينهن ۽ رات جي اٺن ئي پهرن ۾ هر پل ڦرون، ڌاڙا، اغوا، قبائلي قتلِ عام، نياڻين جا ڪوس، ابهم ٻارڙين سان اجتماعي زنائون روزمرهه جو معمول بڻجي ويو آهي. پنهنجي ۽ پنهنجن ٻارن ٻچن ۽ عزيزن جي جانين ۽ عزتن ۽ آزادين مٿان خوف جي راڪاسن جو راڄ آهي. بي رحم ۽ سفاڪ دورن جا ڀوائتا منظر ڄڻ اکين اڳيان بيٺا ڏسجن. جمهوريت، انتظام، قانون جي حڪومت، تعليم، انصاف، امن و امان مذاق ۽ ڍونگ بنجي ويا آهن. سنڌي ماڻهن جي تاريخي، قانوني، آئيني ۽ انساني ملڪيتن، حقن، آزادين، اختيارين ۽ هزارين بي دردين سان ختم ڪيل جانين جي حساب ڪتاب ۽ جزا ۽ سزا جي انصاف کي مفاهمت جو راڪاس ڳهي ويو آهي. سنڌ جو تخت گاهه دهشتگردن جي نشاني تي آهي، جن جي هڪڙي دلپسند تفريح ۽ راند ”ٽارگيٽ ڪلنگ“ آهي. پنهنجي بي شمار پراڻين توڙي نين ڪارگذارين، ڪار وهنوارن ۽ دوستين دشمنين جي حسابن ڪتابن جي فڪرن ۾ مبتلا جمهوري حڪمرانن کي پنهنجا پلاند آجا رکڻ جي پل پل جي انيڪ خسارن کان ايتري فرصت ڪٿي، جو هو کين ووٽ ڏيندڙ ۽ چونڊيندڙ الهه لوڪ ۽ ويساهه وسوڙيل سنڌي مخلوق جي گهڙيءَ گهڙيءَ جي گهاوَن سان چڪنا چور موت جهڙي زندگيءَ جي ڦٽن تي ڪو مرهم رکڻ جو سوچي سگهن. هونئن کين هن پاسي گهڻو ڌيان ڏيڻ جي ڪا اهڙي گهڻي ضرورت نظر نٿي اچي، ته هو پنهنجي ذاتي ۽ حڪمرانيءَ جي اٿاهه مصروفيتن ۽ مجبورين هوندي پنهنجو قيمتي وقت سنڌي ماڻهن جي اڻکٽ ۽ ڄڻ ته قدرتي طرح ۽ لاعلاج مسئلن کي منهن ڏيڻ تي سيڙائي سگهن. سندن حساب ڪتاب موجب سنڌي ماڻهو جيڪي روزِ ازل جا محروم ۽ مجبور آهن ۽ ڪڏهن سک جو ڏينهن سنبرن ئي ڪو نه، تن لاءِ موجوده جمهوري حڪمرانن جا دلاسي جا ٻه اکر ئي وڏي ڳالهه آهن، ڇو ته سندن جسم جو وار وار جمهوري حڪمرانن جي قرب ۽ محبت ڀريل ٻولن، سهڻن واعدن، من موهيندڙ اقرارن ۽ خاص ڪري جمهوريت لاءِ سر قربان ڪندڙ شهيدن جي قربانين جي احسانن ۾ گرفتار آهي. هو ۽ سندن ايندڙ نسل کڻي سوين جنم جيئرا رهن، ته به حاڪمن جي انهن احسانن جو قرض لاهي ئي نٿا سگهن، ان ڪري جمهوري حڪمران کڻي، سئو ڀيرا کين سندن ٻچن ٻارن جي جانين، ملڪيتن، بلڪه زندگين کي تين وال ڪري ڇڏين يا گهاڻن ۾ وجهي پيڙهائي ڇڏين ته به خير آهي. سنڌ، سنڌي ماڻهو ۽ سندن جهڻ ٻچو سندن احسانن جون زرخريد ملڪيتون آهن، جن کي هو جيڏانهن به ڪن ۽ جيئن به ڪن، کين سئو ڀيرا اختيار آهي. جيڪڏهن سنڌي قوم کي چهٽيل انهن سمورن بيشمار موزي مرضن مان ڪو هڪڙو سڀ کان خطرناڪ ۽ اک ڇنڀ ۾ ڪم لاهڻ جهڙو آهي ته اهو آهي پاڻي. خاص ڪري پيئڻ جي پاڻيءَ جي ڏڪار جو موتمار مرض.

    سنڌ هن وقت پاڻي جي جنهن ڪربلا ۽ قيامت هيٺ آيل آهي، تنهن جو قصو ڪو هڪ اڌ سال يا ٻن ٽن سالن جي سوڪهڙي ۽ سختيءَ جو ڪونهي، جو ماڻهو ڀانئين ته دنيا ۾ اهي لاها چاڙها ته سدائين آهن، الله ڪندو ته ڏکيو سکيو ڏڪار سڪار جو وقت نيٺ گذاري ڪنڌيءَ ڀيڙا ٿينداسين. هيءَ ڪا جهڙي تهڙي ڳالهه ڪانهي، اهو ذري گهٽ ڪنهن خون جي ڪيس ۾ مليل موت جي سزا جهڙو يا ڪنهن موذي مرض ۾ لوڙي لوڙي اچي مرض الموت جي ڪنهن ڪنڌي تي پهچڻ جي برابر آهي. جهڙيون حالتون آهن، تن مان جند ڇٽڻ جي ذري گهٽ خير ڪا به اميد نٿي ڏسجي. جن ماڻهن کي سرزمين تي پاڻيءَ جي سپلاءِ جي صورتحال جي اکين ڏٺي خبر آهي، تن کي معلوم آهي ته جيڪڏهن فوري ۽ اثرائتا اپاءَ نه ورتا ويا ته سنڌ جي لاڙ توڙي ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ مال ۽ ماڻهن جي موت جا حقيقي امڪان نظر اچي رهيا آهن. ڪجهه هفتن کان سنڌ اندر پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪلورن بابت مختلف علائقن جي متاثر ماڻهن کان جيڪي احوال ملن پيا تن جا ڪجهه تفصيل هن ريت آهن.

    ٺٽي ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ:

    ٺٽي سان تعلق رکندڙ بلاول ٻڌائي ٿو ته، ”اسان جي شهرن ٺٽي، مڪلي، ور، ميرپورساڪرو، ڳاڙهو، ٻهارا، جنگشاهي ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي به موجود ڪونهي. کارو ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر جي ماڻهن کي ايترو مٺو پاڻي نٿو ملي، جو جنازن کي غسل ڏيئي سگهن. کارو ڇاڻ تعلقي کي آباد ڪندڙ ناليون ماڇڪي نالي، انڊو دارسي ۾ ڇهه ڇهه مهينا پاڻي ڪونهي. ٻن شاخ، جنهن تي ٻگهاڻ ۽ ڪيٽي بندر شهرن جون واٽر سپلائي لائينون آهن، گذريل 4 مهينن کان بند آهي. گهار گهگهي، راڄ واهه، ڊوهڙو ناڪاڻي، ناهيڪي، پالڪي ماڙي، ڄام واهه، ڄام برانچ، خاناڻي، کيراڻي، لڌ کانٽي، نصير واهه، کارڙو، وهڙو جاگي، نانگو واهه، لڌيا، ڪرم پور، اوٺارڪي، شورڪي نالين ۾ پاڻي موجود ناهي. ٺٽي، ساڪري، گهوڙا ٻاريءَ جا بااثر زميندار نالين مان ڪٽ ڏيئي پنهنجا فش فارم ڀرائي ننڍن آبادگارن کي پاڻيءَ جي ڍڪ لاءِ تڙپائي رهيا آهن.“

    بدين ۾ پاڻيءَ جي کوٽ:

    لطيف بلوچ ٻڌايو ته، ”پاڻيءَ تي ڌاڙي ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٺٽو ۽ بدين ضلعا ٿيا آهن. جتي جا 200 ايڪڙ جا زميندار به ڪاٺيون وڪڻي پيٽ گذر ڪرڻ تي مجبور آهن. ٻئي طرف سمنڊ کي ويجهي زمين تيزيءَ سان کاري پاڻيءَ جو کاڄ بڻجندي پئي وڃي.“ تازو رپورٽ ٿيو آهي ته سيراڻيءَ جي پاسي ميت کي تڙ ڏيارڻ لاءِ به ڳوٺاڻن چندو ڪري بدين مان پاڻي گهرائي لاش کي غسل ڏياريو. ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته پاڻيءَ جي آسري جن ماڻهن هن مهانگائيءَ جي دور ۾ قرض کڻي ڪڻڪ ۽ ٻيا فصل پوکيا، تن سان ڪهڙو حشر ٿيو هوندو. اڳي پوڇڙ وارن جون دانهون هونديون هيون. هاڻي منڍ وارا به روئن پيا. ڪوٽڙي بيراج جي کاٻي پاسي نڪرندڙ ٽيئي واهه ڦليلي، پڃاري ۽ اڪرم واهه حيدرآباد جي شهر وچان وهي نڪرن ٿا. ٿوري تڪليف ڪري وڃي ڏسو ته توهان کي انهن واهن ۾ درياهه جي پاڻيءَ بدران حيدرآباد جي گٽرن جو کارو پاڻي وهندي نظر ايندو ۽ بدبوءِ توهان کي ساهه کڻڻ نه ڏيندي.

    حيدرآباد تعلقي ۾ پاڻيءَ جي کوٽ:

    حيدآباد تعلقي ۾ گهوٽاڻا شاخ، شاخ ماتي مائينر، بلوري شاخ، هوسڙي شاخ ۽ ٻين شاخن جي پوڇڙين ۾ پاڻي ناهي. اتان جي هڪ مقامي رهواسي اياز خاصخيلي پاران مليل معلومات موجب ”انهن شاخن جي پوڇڙيءَ ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري ماڻهن پنهنجون زمينون سرن جي بٺن لاءِ پٺاڻن کي ڏيئي ڇڏيون آهن. پٺاڻن جي ڪري علائقي ۾ منشيات جو ڪاروبار وڌي ويو آهي، نوجوانن ۾ نشي جو رجحان وڌي رهيو آهي. هن علائقي ۾ سال ٻن کان ٽنڊو حيدر کان ڳوٺ بهاول زنئور تائين شيخ ڀرڪيو روڊ جي ٻنهي پاسن کان غير آباد زمينون اسٽيٽ ايجنسين وارن زمين مالڪن کان ڀڳڙن مٺ تي خريد ڪري پلاٽن جون اسڪيمون هلائي رهيا آهن. انهن پلاٽن جي قيمت 300 کان 400 رپيا في اسڪوائر فوٽ آهي. اهي پلاٽ حيدرآباد شهر جا سنڌي نه ڳالهائيندڙ سيٺ، واپاري ۽ پٺاڻ وڏي پئماني تي خريد ڪري رهيا آهن. اهڙيءَ ريت هن علائقي جا ننڍا آبادگار پنهنجون زمينون پاڻي نه هجڻ ڪري وڪڻي بي زمين ٿي رهيا آهن.“ انهن شاخن جي منڍ ۾ ٿورو گهڻو پاڻي وارابنديءَ تحت اچي ٿو. وڏا زميندار، جن جي واٽر ڪورسن جا منهن ڀڳل آهن، انهن تي لفٽ مشينون رکيل آهن. اهي سڀ پاڻي کڻي وٺن ٿيون. ننڍن آبادگارن ڏانهن پاڻيءَ جو ڦڙو به نٿو وڃي، انهن جون زمينون غير آباد آهن. جنهن ڪري وڏا زميندار غير آباد زمينون خريد ڪري رهيا آهن. آهستي آهستي ننڍو آباگار ختم ٿيندو پيو وڃي، وڏن زميندارن جون زمينون وڌنديون پيون وڃن. ٽنڊو حيدر، بهاول زنئور، موري منگر، ٽنڊو عالم مري وارن علائقن ۾ زمين جو پاڻي کارو هجڻ ڪري ماڻهو شاخن جو پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال ڪندا هئا. هنن علائقن جا ماڻهو پيئڻ لاءِ پاڻي ٽئنڪرن وارن کان 40 کان 50 رپيا في ڏول وٺڻ تي مجبور آهن. هن علائقي ۾ غريب ماڻهو ڪاٺيون وٺي گذارو ڪن ٿا. ڪاٺيون ختم ٿيڻ کانپوءِ اهي ماڻهو انهن جا لاهه ڪڍي وڪڻڻ لڳا آهن. پٻڻ شريف جي 4 ڪلوميٽرن جي هم چورس زمين جو مٺو پاڻي هجڻ ڪري ننڍن آبادگارن پنهنجين ٻنين ۾ ٽيوب ويل لڳرايا آهن. ٽيوب ويلن جي مسلسل هلڻ ڪري ڳوٺ جا هينڊ پمپ پاڻي ڇڏي ويا آهن. انهن جو پاڻي خراب ٿي ويو آهي. ان سان آئنده پيئڻ جي پاڻيءَ جو بحران وڌي ويندو.

    لاڙ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ:

    ڪوٽڙي بيراج مان چار واهه نڪرن ٿا. ڪوٽڙي بگهاڙ فيڊر جو پاڻي 12 مهينا وهائڻ جو فيصلو ٿيل آهي، ان ڪري جو هن واهه جي پاڻي کي ڪينجهر ڍنڍ ذريعي ڪراچي جي آبادي کي پيئڻ جو پاڻي ڏنو وڃي ٿو. 15 ڊسمبر کانپوءِ ڪوٽڙي تائين سنڌو درياءَ ۾ پاڻي نه اچڻ سبب 15 ڏينهن وقفي سان پاڻي ويندو رهيو آهي، ان ڪري ڪينجهر ڍنڍ ۾ ذخيرو ٿيل پاڻي اٽڪل 12 فٽ کان وڌيڪ هيٺ لاٿ ڏني آهي. سبب ڪراچيءَ کي پاڻي مسلسل ڏيڻو پوي ٿو، ان ڪري ٺٽو سب ڊويزن ۽ ساڪرو سب ڊويزن جون آباد زمينون پاڻي نه ملڻ ڪري سوڪهڙي جو شڪار ٿيون آهن. ٻئي طرف تر جا بااثر زميندار ڇتي چنڊ ويجهو kb فيڊر جي ريگيولٽر وٽان غير قانوني طور زوري زبردستي ڪٽ هڻي درياءَ جي ڪچي جي علائقي ۾ 500 ڪيوسڪ کان مٿي پاڻي وهائي درياءَ جي ڪچي جون زمينون آباد ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه kb فيڊر تي تمام گهڻيون بي قاعدي لفٽ مشينون رکيل آهن، جن سان به گهڻو پاڻي کنيو وڃي پيو. گهوڙا ٻاري ۽ ميرپور ساڪرو جا ننڍا آبادگار سخت مشڪلات جو شڪار آهن. ڪوٽڙي بئراج وٽان اوڀر طرف ڦليلي واهه نڪري ٿو، جنهن جي گهرج اٽڪل 2400 ڪيوسڪ آهي، جنهن مان پڃاري واهه، گوني واهه ۽ اڪرم واهه (لائين چينل) آهن، ۽ گوني واهه ۾ تمام ٿورو پاڻي ڇڏيو ويو، جيڪو وڏا بااثر زميندار هڙپ ڪن ٿا. انهن جا فصل ڪجهه نه ڪجهه ٿيا آهن ۽ ڏسڻ جهڙا آهن، پر پڃاري واهه، جنهن جي گنجائش 14 هزار ڪيوسڪ ٿيندي، ان ۾ 15 ڊسمبر کان اڄ تائين هڪڙو ڦڙو پاڻي نه ڇڏيو ويو آهي. هن سب ڊويزن ۾ آبادگار شگر مل، شاهمراد شگر مل، ديوان شگر مل ۽ لاڙ شگر مل، جن جي سالياني ڪمند جي پيڙهائي اٽڪل 6 ڪروڙ مڻ کان به مٿي آهي، انهن کي هن سال هڪ ڪروڙ 50 لک مڻ کان مٿي ڪمند نه مليو، جنهن جو سبب پاڻي جو نه هئڻ آهي. ياد رهي ته پڃاري واهه حيدرآباد شهر جي وچ مان وهي ٿو، ان ڪري حيدرآباد شهر جا سمورا گٽر پڃاري ۾ کوليا ويا آهن، اهو گٽر جو پاڻي پڃاري تي رهندڙ انسان، جانور، پکي پکڻ ۽ ٻيا ساهه وارا جيت پين ٿا. ان ڪري هزارين انسان، جانور، پکي پکڻ هر سال موت جو شڪار ٿين ٿا.

    گل حسن ٻڌائي ٿو ته، ”ڪوٽڙي کان هيٺ درياهه ۾ پاڻي نه وڃڻ ڪري سنڌ سرڪار اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻين ادارن طرفان ڏنل انگن اکرن موجب 16 لک ايڪڙ آباد زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. هاڻي اتي ڪو به فصل پوکي ڪو نه پيو سگهجي. درياهه اندر جر جو پاڻي تار تائين کارو ٿي ويو آهي. چوهڙ جمالي، سجاول، ٻيلو، دڙو ۽ بٺورو تائين نلڪن جو پاڻي کارو ٿي ويو آهي. سجاول سب ڊويزن ۾ ڪاري سائي عام آهي، هر گهر جا تقريبن چار کان 7 ڀاتي انهيءَ مرض ۾ ورتل آهن. سنڌ هيلٿ ڊپارٽمينٽ طرفان انگ اکر ٻڌائين ٿا ته ڪاري سائي جو مرض 70 سيڪڙو تائين آهي.“ پڃاري واهه مان ڪل 14 ننڍا وڏا واهه ۽ شاخون نڪرن ٿيون. قادر ڏنو شاهه ريگيوليٽر وٽان 6 شاخون نڪرن ٿيون، وري دڙو ڀرسان دڙو بيراج، محمود واهه، شيخا واهه ۽ گنج بحر نڪرن ٿا. هوڏانهن ڇريٽاڻي وٽان شاخون نڪرن ٿيون. هي فقط پڃاري واهه جون شاخون آهن. گوني واهه مان تقريبن 15 کان 16 ننڍيون وڏيون شاخون نڪرن ٿيون، جن ۾ به هن چيٽ جي موسم ۾ پاڻي اڻ لڀ آهي. هڪ اندازي موجب 5 ايڪڙن کان 50 ايڪڙن تائين جا ننڍا وڏا آبادگار شهري سيٺين جي وياج هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

    ميرپورخاص ۾ پاڻيءَ جي کوٽ:

    ميرپورخاص جي جمڙائو واهه ۾ ڊسمبر ۽ جنوريءَ کان گهربل پاڻي موجود ناهي. جمڙائو ڪئنال جي ايسٽ جمڙائو ۽ ويسٽ جمڙائو ٻنهي جي پوڇڙيءَ تائين پاڻي موجود ناهي. منڍ ۾ به پاڻي موجود ناهي. بيٺل ڪڻڪ جو فصل سڪي ويو آهي. انبن، ڪيلن ۽ ٻيرن جا باغ سڪي ويا آهن، آبادگارن ۽ هارين جا ڪروڙين رپيا ٻڏي ويا آهن. آبادگارن ۽ هارين جو ڀاڻ، کيڙي ۽ زرعي دوائن جو خرچ ٻڏي ويو آهي. ميرپورخاص کان جهڏي تائين پيئڻ جو پاڻي به موجود ناهي، جنهن ۾ وچ جا شهر ٽنڊو جان محمد، ڪوٽ غلام محمد، ڏهون ميل موري، لانڍي، ميرواهه، ڊگهڙي ۾ پيئڻ جو پاڻي به موجود ناهي. غلام مصطفيٰ ٻڌائي ٿو ته، ”انهن علائقن ۾ جر جو پاڻي به خراب آهي، مال متاع، پکي پکڻ توڙي انسان وڏي پيماني تي بيمار ٿي رهيا آهن، مال ۾ مينهن، ڍڳين، ٻڪرين ۽ رڍن ۾کارو ۽ زهريلو پاڻي پيئڻ سبب موت لامارا ڏيئي رهيو آهي، اسان ميرپورخاص کان عمرڪوٽ تائين ۽ ميرپورخاص کان نئون ڪوٽ تائين روڊ جي ٻنهي پاسن کان ڏسنداسين ته اسان کي مئل جانورن جا ڪيترائي هڏاوان پڃرا پکڙيل نظر ايندا. انسانن ۾ زهريلي پاڻيءَ جي ڪري هيپاٽائيٽس سي ۽ بي الٽيون، پيچش، ٽائيفائيڊ جون بيماريون عام آهن، ڳوٺن توڙي شهرن ۾ ڪيترائي ماڻهو بي موت مري رهيا آهن.“ ٻين شهرن جي ڇا صورتحال آهي؟ ايندڙ مضمون ۾ اها بيان ڪئي ويندي.
     
  18. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم رسول بخش پليجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    اڃ جي گهيري ۾ آيل سنڌ کي پاڻي ڪير ڏياريندو؟




    سومر 28 جون 2010ع



    پاڻيءَ جي کوٽ مسلسل وڌندي وڌندي هڪ وبا جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي. ڇنڇر واري ڏينهن شايع ٿيل مضمون ۾ مون سنڌ اندر پاڻيءَ جي خطرناڪ کوٽ جو جيڪو منظر پيش ڪيو هو، ان ۾ پاڻ ميرپور خاص تائين پهتا هئاسين. اڄ وري اسان سنڌ جي ڪجهه ٻين ضلعن جي صورتحال بيان ڪنداسين.

    ٿرپارڪر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ:

    ٿرپارڪر کي آباد ڪندڙ اڪيلي رڻ شاخ جا آبادگار ارباب غلام رحيم کي ياد ڪن ٿا، جنهن جي دور ۾ هن شاخ تي ڪڏهن به وارابندي نه ٿي، جنهن ۾ هن وقت مهينن کانپوءِ ڪڏهن ڪڏهن پاڻي اچي ٿو. هزارين مڻ ٿيندڙ ڪڻڪ جي جاءِ تي هاڻ هڪڙو مڻ به مشڪل سان لهي ٿو. ڏيپلو، ڪلوئي، مٺي، اسلام ڪوٽ سميت سوين ڳوٺن کي پاڻي مهيا ڪندڙ تلاءَ پاڻيءَ جي لاءِ سڪن پيا. اهڙيءَ ريت لکين ماڻهو پيئڻ جي پاڻيءَ کان به محروم آهن ۽ جر جو زهريلو کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. رستي ۾ ڀرپاسن کان بيٺل ديوين جا وڻ به وڍجي چڪا آهن، جيڪي ماڻهن جي گذر جو آخري ذريعو هئا. ان پاسي جو هڪ شخص ٻڌائي ٿو ته، ”هاڻي ماڻهن وٽ وڪڻڻ لاءِ ڪجهه به ناهي بچيو، رڳو مانيءَ جي عيوض به ڪير مزدوري نٿو ڪرائي. ماڻهن جي وڏي اڪثريت نفسياتي بيمارين جو شڪار ٿي چڪي آهي، اسڪول ويران آهن، ماڻهو مفت جي ملندڙ مانيءَ لاءِ پنهنجا ٻار مدرسن ڏانهن پڙهڻ لاءِ موڪلين ٿا. مانيءَ عيوض عزت نيلام ٿي رهي آهي.“ مٽياري ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ:

    مٽياري ضلعي ۾ پاڻيءَ جي صورتحال اها آهي ته ڏهه دريءَ وٽ پاڻي جي کوٽ سبب ڏهه دريءَ مان نڪرندڙ نصير واهه، حيدرآباد بيراج، اڏيرو لعل شاخ، دينار شاخ ۾ پاڻيءَ جي سخت کوٽ آهي. ٽه دريءَ کان نڪرندڙ مٽياري شاخ، ڄام شاخ ۽ حيدرآباد بئراج مان نڪرندڙ راهو جي شاخ، هٽڙي شاخ، هوسڙي شاخ ۾ پاڻي نه هئڻ ڪري مٽياريءَ ۾ انبن، ليمن، ٻيرين، ڪيلن جا باغ، وغيره سڪي تباهه ٿي ويا آهن. رضوان موجب، مٽيارين ۾ باغن جي تباهيءَ جي ڪري اربين رپين جو نقصان ٿيو آهي. مٽياريءَ ۾ بصر جي تباهيءَ ڪري آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي. مٽياري، هالا، ڀٽ شاهه، سعيد آباد شهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي به ناهي، ڇو ته مٽياري ضلعي جي جر جو پاڻي کارو آهي.

    سانگهڙ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ:

    سانگهڙ ضلعي ۾ قاضي شاخ، دم واهه، بوڀر شاخ، سونهري شاخ، دل شاخ، ٽنڊو آدم برانچ، مشائخ، کپر واهه جي پڇڙي ۾ پاڻي نٿو اچي ۽ اهي لڳاتار سڪل رهن ٿيون. سدا واهه ڊسمبر کان وٺي شاهپور چاڪر کان اڳتي نٿو وهي. بابو ڇن شاخ ته 1990ع کان وٺي وهي اچڻ کان جواب ڏيو بيٺي آهي. پاڻيءَ لاءِ جهميل شاخ وارن جون جدوجهدون سدائين هلندڙ آهن. بابوڇن تي ڏيڍ سئو ايڪڙ زمين کان مٿي جا رند زميندار ڀت ڀوت تي يا ميلي ملاکڙي تي سگريٽن جي گهور ڪري تمام تنگيءَ وارو گذران ڪن ٿا. اڍائي سئو ايڪڙ جا مالڪ ذات جا لاکا آهن، جيڪي مقصودي ۾ مانڊڻي ڪڍيو ويٺا آهن ۽ سندن گذر سفر صرف ان مان پنجاهه، سئو رپيا ڏهاڙي ڪمائڻ تي آهي. پنجاهه ايڪڙ جو مالڪ سدا واهه جهڙي وڏي شاخ تي به زمين غير آباد هجڻ ۽ پاڻي نه ملڻ ڪري هڪ مينهن جو کير کپائي گذر سفر ڪرڻ تي مجبور آهي ۽ سندس ڇوڪرا مئٽرڪ پاس به نه ڪري سگهيا آهن، جيڪي هاڻ مزدوري پيا ڪن. بابو ڇن شاخ ته 15 سالن کان ڇٽي ڇهه ماهي مڙيئي ڪو ترو پسائي ٿي، نه ته ٻارهوئي سڪل رهندي آهي. جيڪڏهن وهي اچي ته ماڻهو وڻن ۽ آئٽن ۾ پاڻي کولي ڇڏيندا آهن، پر فصل نه پوکين، ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر آهي ته شاخ وري وهي ڪا نه ايندي، اسان مري جهري جيڪڏهن فصل ڪاهيون ۽ خرچ ڪريون ته سڄو زيان ٿي ويندو. هڪ دفعي هڪ ڳوٺ ۾ ويندي مون کي نواڻ محسوس ٿي، گڏ هلندڙ دوست کان ان سانت ۽ چپ چپات جو سبب پڇيم ته هن وراڻيو، ”هن علائقي ۾ سالن کان وٺي پاڻي ناهي آيو ۽ سڪل وڻن ۾ ڪو پکي پکڻ به ناهي، ڇاڪاڻ ته پکي به ڀرپاسي ۾ پاڻيءَ دٻو هوندو، تڏهن وڻن ۾ ويهندا. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ کي ماحول عجيب ۽ اوپرو ٿو لڳي.“ اڳي ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ گهرن مان مال جون ڳوهرون نڪرنديون هيون ۽ ٻڪرين جا ڌڻ هوندا هئا، هاڻي اتي ڍڳي، مينهن ۽ ڏاند ته پري رهيا، چانهه جي کير لاءِ ٻڪري به ڪنهن ڪنهن وٽ آهي. رڳو پاڻي نه هجڻ ۽ گاهه نه ٿيڻ ڪري ائين ٿيو آهي. ”هڪ ٻه ماڻهو جيڪي گهڻو ڪري گهر مان نڪرندا ئي نه هئا، ڀر وارن ڳوٺن ڏانهن اچڻ وڃڻ لڳا، پڇڻ تي خبر پئي ته هو آني بهاني مڙئي مهمان ٿي ماني کائڻ ويندا آهن. اسان وٽ ڪيترن ئي زميندارن پنهنجون زمينون وڪڻي ڇڏيون آهن ۽ ٻيا وڪڻن پيا، انهن ۾ هڪ اڍائي سئو ايڪڙن جو زميندار به آهي، جنهن وٽ هاڻي صرف اٺ-ڏهه ايڪڙ ٻني وڃي بچي هوندي.“ دائود ٻڌائي پيو.

    پڃاري، ڦليلي چئنل (اڪرم واهه) ۽ ٻين واهن ۾ درياءَ جو پاڻي نه ڇڏڻ ڪري حيدرآباد جي گٽرن ۽ پنجاب ۽ بلوچستان جو زهريلو پاڻي شهدادڪوٽ ۽ وارهه کان سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ سيوهڻ وٽان اهو زهريلو پاڻي واهن ۾ ڇڏيو وڃي ٿو. حيدرآباد جي گٽرن جو ۽ پنجاب ۽ بلوچستان مان ڇڏيل زهريلو ۽ کارو پاڻي پيئڻ ڪري عام ماڻهو گيسٽرو جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. بدين ۽ ٺٽي جي پڇڙي وارن علائقن ۾ نه رڳو پيئڻ جي پاڻيءَ جو بحران آهي، پر ماڻهو مري وڃڻ جي صورت ۾ غسل ڏيڻ لاءِ به پاڻي اڻلڀ آهي. پاڻي جي شديد بحران ۽ کوٽ جي ڪري ماڻهو پنهنجن علائقن مان لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن. هڪ طرف سنڌو درياءُ سڪي ويو آهي ته ٻئي طرف جيڪو به ٿورو پاڻي اچي ٿو، اهو وري سنڌ جي وڏيرن ۽ جاگيردارن کي رشوت طور ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ جو ڪامورو برابر جو شريڪ آهي ۽ وڏيرن، جاگيردارن، سردارن ۽ وڏيرن کي پاڻي وڪرو ڪريو ڇڏي. سنڌ جي وڏيرن، جاگيردارن ۽ سردارن کي پاڻي ملي پيو، ان ڪري اهو سنڌي عوام سان غداري ڪري پاڻي جي مسئلي تي آواز اٿارڻ لاءِ تيار ناهي.

    عمرڪوٽ ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ:

    ضلعي عمرڪوٽ ۾ 1996ع کان پاڻي جي کوٽ جي ڪري هر طرف تباهي آهي. نبي سر ڪئنال، ٿر واهه، نور واهه، مٺڙائو جمڙائو جون پڇڙيون تباهه آهن، هزارين ڳوٺ ويران ٿي ويا. هزارين ڍور مري ويا، نبي سر ايريگيشن سب ڊويزن جي پنجن شاخن، ڪنري شاخ، راهمور شاخ، ٻانڊي شاخ، ٻسٽان شاخ، سونٺي شاخ، لولان شاخ ۾ گذريل ڇهن مهينن کان پاڻي ناهي. پيئڻ جي پاڻي لاءِ ماڻهو پريشان آهن. ننڍن شهرن ڪنري، نبي سر روڊ، نبي سر ٽالهي ۾ پيئڻ لاءِ به پاڻي ناهي. پاڻي نه هجڻ ڪري ڪڻڪن جا فصل سڪي ويا آهن. جيڪي مرچ، ڦٽين جا فصل ٿيڻا هئا، اهي وقت سر نه ٿي سگهندا. ڳوٺن جون عورتون دلا مٿي تي کڻي 16 ڪلوميٽر پنڌ ڪري پيئڻ جو پاڻي ڀرينديون آهن. نبي سر روڊ تعلقه ڪنري جو هڪ ڳوٺ راهمون نالي آهي، جنهن ۾ پاڻي 1967ع کان ناهي. جيڪو ڳوٺ واپار جو مرڪز هو، اهو هاڻي واريءَ جي دڙن ۾ تبديل ٿيل آهي. ضلعي عمرڪوٽ ۾ لکين ايڪڙ آباد زمينون بنجر ٿي ويون آهن. سامارو ۽ عمرڪوٽ روڊ تي تقريبن 13 ڳوٺ مالهين جا هئا، جيڪي ويران ٿي ويا آهن. جيڪو ڪجهه پاڻي جيڪڏهن اچي ٿو ته حڪمران پارٽي جا وڏيرا آبپاشي جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري پاڻي کڻيو وڃن ۽ اهي آبادگار ۽ هاري جيڪي سياسي اثر رسوخ نٿا رکن ۽ رشوت نٿا ڏئي سگهن، اهي پاڻي جي کوٽ ڪري 1996ع کان ڪاٺيون وڪڻيو گذر سفر ڪن ٿا. عمرڪوٽ شهر جي ڀر ۾ چاچڙ برادريءَ جا آبادگار جن جون سوين ايڪڙ زمينون هيون، اهي هاڻي تغاريون کڻيو گذر سفر ڪن پيا. ڪنري جي مرچ منڊي جيڪا ايشيا کنڊ جي وڏي ۾ وڏي مرچ منڊي هئي، اها هن وقت ويران آهي. پاڻي جي کوٽ جي ڪري ضلعي عمرڪوٽ ۾ بدامني ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي. منشيات فروشي عروج تي آهي، بدامني جي ڪري چوريون، کاٽ، ڌاڙا، موٽر سائيڪل جي ڦر عام آهي. هر رات ضلعي عمرڪوٽ ۾ سراسري طور 30 موٽر سائيڪلون ڦرجن ٿيون. ڍورن جي چوري ته عام رواجي ڏوهه آهي.

    هن وقت سڄي سنڌ خاص ڪري بئراجن ۽ شاخن جي پوڇڙين ۾ رڻ پٽ ۽ ريگستان جو ڏيک ڏيئي رهي آهي. ڪوٽڙيءَ کان هيٺ سالن کان درياهه وسيلي پاڻي سمنڊ ۾ نه وڃڻ ڪري سمنڊ جي ويجهن ضلعن ٺٽي، بدين، ٿرپارڪر جي لکين ايڪڙ زمين سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي ويئي آهي، سوين ڳوٺ ۽ ٻنيون سامونڊي پاڻي وسيلي کاريون ٿي ويون آهن. اڌ ضلعي ميرپور ۽ عمرڪوٽ جو جر ڪارو ٿي ويو آهي. مڇي ۽ جهينگي جو ڪاروبار ڪندڙ هزارين خاندان بک کان بدحال ٿي ٻين علائقن ڏانهن لڏي ويا آهن. آبي جيوت ۽ سامونڊي ٻيلن جي جڳهه تي رڻ بڻجي ويا آهن. ٻئي پاسي واهن ۽ شاخن ۾ گذريل ٽن مهينن کان هيٺين آبادگارن تائين پيئڻ لاءِ به پاڻي نه پهتو آهي. جن زميندارن جون ٻه ٻه سئو ايڪڙ زمينون پوڇڙين ۾ آهن، سي پاڻي نه ملڻ ڪري ڪاٺ وڍي گذر سفر ڪرڻ تي مجبور آهن. زميندارن معاشي مجبورين ڪري پنهنجا لکين رپين جا باغ وڍرائي ڇڏيا آهن، ڪيترن ئي پورهيت خاندانن کي ڪيئي ويلا لنگهڻ ڪاٽڻو ٿو پوي ۽ اهي 300 بدران 50 رپيا وٺي مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهن. ماڻهن کي شادي مرادي ۽ مرڻي پرڻي جي رسمن ۾ استعمال ٿيندڙ پاڻيءَ لاءِ ميلن تان نلڪن يا دٻن جو ڪنو پاڻي آڻڻو ٿو پوي. جيڪو مسڪين سنڌي عوام لاءِ مرضن ۽ موت جو سبب بڻيل آهي.

    ٽنڊي محمد خان ۾ پاڻي جي کوٽ جو احوال:

    امان واهه تي ورڙ، منگي، بهراڻي، شيدي، ڪولهي، سيد، کوکر، رند، لاشاري، ملاڻا، دل، سيال، چانڊيا، نظاماڻي ۽ ٻين ڪيترين ئي ذاتين جا ماڻهو رهن ٿا. جن جون امام واهه تي زمينون آهن، پر پاڻي نه هئڻ ڪري زمينون تباهه ۽ برباد ٿي ويون آهن. اسان جي علائقي جا واهه ۽ انهن جا نالا هي آهن ته ڦليلي، ڊوڪيا، شاهه واهه، ربن، جاڙڪي، دوديري، پانڌي واهه، ابڙي، ڪڙيو واهه، ڄام واهه، غلام محمد بيراج، حسن علي واهه، بلڙي شاهه ۽ ٻيون ڪيتريون شاخون آهن، جن ۾ پاڻي بدران واري پئي اڏامي. ماڻهن جو گذر زمين بدران مال تي وڃي بيٺو آهي. پر هاڻي مال به پاڻي نه هئڻ ڪري گاهه ڪٿان چري؟ ان ڪري مال به اڃ ۽ بک جي ڪري مري رهيو آهي. انور رند ٻڌائي ٿو ته، ”پ پ جي حڪومت ۾ هتي ٿيل ڪلورن جو داستان ڊگهو آهي. سڄي علائقي ۾ پوليس جي ٻڌ-ڇوڙ جاري آهي. پ پ وارا ۽ پوليس گڏجي ماڻهن کي ڦرين ٿا. بينظير سپورٽ پروگرام جي نالي سان مائين کي ڪجهه پئسا ملن ٿا، پر ان مان اڌ پ پ جا مقامي جيالا کنيو وڃن. غريب ماڻهن جو ڪو به ڌڻي سائين ڪونهي، ليگلا وري سڀ وڏيرا آهن، جيڪي پاڻ ۾ مليا ويٺا آهن.“

    سنڌ تي هڪ نظر وجهي ڏسو، جانورن جي پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ آهي ۽ ماڻهو زهريلو ۽ شهرن جي گٽرن جو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، وڻ سڪي ختم ٿي ويا آهن. آڪٽوبر ۾ پوکيل ڪمند پاڻي نه ملڻ سبب سڪي ويو آهي. کيڙي، ٻج ۽ ڀاڻ جو خرچ آبادگارن ۽ هارين جي ڳچيءَ ۾ آهي، ڪمائي ته ڇٽي، پر محنت ۽ خرچ به ٻڏي ويو آهي. سنڌ جي آخري ڪوٽڙي بيراج جون شاخون ڊسمبر کان سڪل آهن. جن علائقن کي ٻارهن مهينا پاڻي ملڻ کپندو هو، انهن علائقن ۾ 4 مهينن کان فصلن لاءِ ته ٺهيو، پر پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ آهي. غريب هاري، مزدور، آبادگار ۽ واپاري بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. ڪاٺيون وڪڻي گذر سفر ڪندڙن جو وسيلو به ختم ٿي چڪو آهي. جانور بکن، اڃن ۽ بيمارين وگهي مري رهيا آهن. مارڪيٽن ۾ وڪري جي پوزيشن به ناهي. ٻهراڙين ۾ ته غربت جي انتها ٿي چڪي آهي، نه روزگار آهي، نه اناج ۽ نه زميندارن طرفان کين قرض ٿو ملي. معصوم ٻارڙا، پنڻ يا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. ڪرپشن ۽ محتاجي انساني عزت کي نيلام ڪري رهي آهي، حڪومتي وڏيرن ۽ ڪامورن جو ته ڪاروبار اڳئين مشرف دور ۾ به جاري هو ۽ اهو ساڳيو ڪاروبار هن دور ۾ به تيزيءَ سان هلندڙ آهي. سنڌ دهشتگردن، وڏيرن ۽ جيالن جي حوالي آهي، جن لاءِ عوام جون دانهون آهن ته ڪرپشن عروج تي آهي. ڪو به پڇڻ وارو ناهي. محمد خان ٻڌائي ٿو ته، ”هر يونين ڪائونسل کي ملندڙ 2 لک رپيا قسط مان ماهوار ڏيڍ لک رپيا في يونين ڪائونسل ڪوڙن بلن ذريعي ڪرپشن تحت وڃي رهيا آهن. حساب ڪيو ته تعلقن، ٽائونن ۽ يونين ڪائونسلن مان اربن جي ڪرپشن هر مهيني ٿئي ٿي. ايريگيشن، هاءِ ويز، پوليس، منرل، فوڊ، صحت، تعليم، لوڪل گورنمينٽ جي بجيٽ ڪرپشن تحت دهشتگردن ۽ سرڪاري وڏيرن ۽ جيالن جي ذاتي کاتن ۾ وڃي رهي آهي ۽ ڪوڙن ڪاغذن تحت فائل ٺهي رهيا آهن. عوام جي ٽئڪس جي پئسن مان حڪومتي ڦرلٽ جاري آهي. 5 ڪروڙ عوام پاڻي، تعليم، صحت، روڊن رستن ۽ امن امان جي سهولتن کان محروم آهي ۽ ماڻهو بکن، ڏکن ۽ تڪليفن جي ايذاءَ ۾ ڦاٿل آهن“.

    گذريل ٿورن ڏينهن جي اخباري اطلاع موجب پاڻيءَ جي کوٽ سبب ڪيترن ئي شهرن ۾ ڌرڻا هنيا ويا ۽ مظاهرا ڪيا ويا. جهڙوڪ سانگهڙ، گلاب لغاري، ڪنري، خانپور مهر، جاتي، جهڏو، ڦل، ڀان، عمرڪوٽ، جيڪب آباد، ڄامشورو، بٺورو، ڏيئي، دولتپور، کپرو، سوڀوديرو، گهوٽڪي، بدين لاڙڪاڻو وغيره. وڌيڪ اطلاع هئا ته ڄام نواز علي تعلقي ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن. ٽنڊي آدم ۾ آبپاشي کاتي وارن شاخ بند ڪري هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن، جنهن ڪري ڇڪتاڻ پيدا ٿيل آهي. اتر سنڌ جي اهم ڪئنالن ۽ شاخن ۾ پاڻي نه پهچڻ ڪري سارين جو ٻيجارو پوکجي نه سگهيو آهي. رائيس ڪئنال ۾ پاڻي نه ڇڏڻ تي عملدارن کي توهينِ عدالت جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. نصير آباد، ٺٽي، ڄامشوري، پٿوري، ڳوٺ گلاب خان لغاري ۽ سچل ڳوٺ ۾ پيئڻ جو پاڻي نٿو ملي. ٿر ۾ برساتي پاڻي جا ذخيرا ختم ٿي ويا آهن. ٽئنڪرن جا مالڪ ٺيڪيدارن سان گڏجي پاڻي پئسن تي وڪڻن ٿا ۽ غريب خريد ڪرڻ کان لاچار آهن. ڄامشوري ۾ به ساڳي حالت آهي ۽ سرنديءَ واريون ڌريون پئسن سان پاڻي خريد ڪرڻ لڳيون آهن ۽ غريب عوام سخت پريشانيءَ ۾ ڦاٿل آهي. پٿوري بابت اطلاع آهي ته پٿوري جي شاخن ۾ 6 مهينن کان پاڻي نه پهتو آهي، فصل سڪي ويا آهن، گذر سفر جا وسيلا ختم ٿيڻ لڳا آهن. آبپاشي عملدارن جي نااهلي پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ پاڻي جي وڪري ڪرڻ سبب هزارين ايڪڙ زمين بنجر ۽ ويران بڻجي وئي آهي. دولتپور بابت اطلاع آهن ته شاخن جي منڍ ۾ بااثر زميندار لفٽ مشينون هڻي پاڻي چوري ڪري رهيا آهن. ٽنڊي ڄام جي ڄام شاخ ۾ ڪيترن سالن کان پاڻي نه پهچڻ سبب هزارين ايڪڙ زمين بنجر بنجي وئي آهي. پوڇڙ وارن آبادگارن جو مطالبو آهي ته ڄام شاخ تي رينجرز مقرر ڪئي وڃي.

    سنڌ پاڻيءَ لاءِ ڪيترو پريشان آهي، ان جو رهيل احوال وري ايندڙ تحرير ۾ اورينداسين.
     
  19. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم رسول بخش پليجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    پاڻيءَ تي سنڌ سان ٿيل ناانصافين تي ڪجهه سوال!




    آچر 4 جولاءِ 2010ع



    هن وقت جڏهن ڏيڍ سئو سالن جي مسلسل ۽ منٽ به نه گهٽجندڙ ڀائرن جي ڀلائيءَ سبب پاڻيءَ جي کوٽ سنڌي قوم جو ذري گهٽ ساهه ڪڍي ڇڏيو آهي. برادري ۽ هم وطني توڙي انساني همدردي ۽ ماڻهوءَ جي ماڻهوءَ مٿان موت جي گهڙين ۾ رحم ۽ قياس جي تقاضا آهي ته اقوام متحده، يورپي يونين، اسلامي ملڪن جي ڪانفرنسن ۽ شانگهائي اتحاد سميت سڄي دنيا جون رحمدل قومون، عوام، ملڪ ۽ ادارا سنڌ ۾ پاڻي جي تيزيءَ سان وڌندڙ ڀيانڪ ڏڪار جي تدارڪ لاءِ ميدان ۾ لهن ۽ هڪڙو پل به وڃائڻ کانسواءِ سنڌ مان هٿرادو پاڻي جي کوٽ جو قهري دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ سفارتي، سياسي ۽ ٻيا هر قسم جا اپاءَ وٺڻ شروع ڪن. اسان جي وڏي ڀاءُ جهڙي برادر صوبي، جنهن جي اڳواڻن جي ڏيڍ سئو سالن جي لاڳيتن برادرانه ”مهربانين“ ۽ ”شفقتن“ سبب سنڌ هينئر موت جي منهن ۾ ڦٿڪي ۽ تڙپي رهي آهي، تنهن جو سڀني حسابن سان سڀني کان اڳ پهريون فرض آهي ته اڳتي ڊوڙي اچي ۽ سنڌي قوم جي ساهه ۾ موتمار سوڙهه کي ختم ڪرڻ يا گهٽ ۾ گهٽ گهٽائڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور زور لڳائي. هن قيامت جهڙي قهري گهڙيءَ ۾ اسان جي مربي ۽ شفيق ٻاجهارن پنجاب جي حاڪم ۽ اڳواڻ ڀائرن (حڪمران پيپلز پارٽي توڙي ٻين پارٽين سان لاڳاپيل) اوچتو ئي اوچتو گڏجي سڏجي پنهنجي ميڊيا مافيا سان سر سان ملائي ڪورس ۾ پنجاب ۾ پاڻيءَ جي زبردست کوٽ جي واويلا ۽ ڪالاباغ ڊيم جي فوري تاريخي ۽ اڻ ڌر قومي ضرورت جا ترانا ڳائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ان سان گڏوگڏ چشما-جهلم بجلي گهر اڏڻ، ٿل ڪئنال ۾ پاڻي ڇڏڻ ۽ ٻيا ڪئين قسمين قسمين رينگٽ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، يعني همدرديءَ وچان مدد ملڻ ته مور جي ماڳ، الٽو نڙگهٽ ۾ هٿ پئجي ويا آهن. گذريل 63 سالن ۾ اسان جي حڪمرانن ۽ اڳواڻن پنهنجي عوام دوست جمهوريت نوازي، غريب پروريءَ، وطني حب، دليري ۽ سرفروشيءَ جون هاڪون دنيا جي چئن ڪنڊن ۾ ڦهلائي ڇڏيون آهن، تنهن ڪري انهن جي عقلمندي، دانائي ۽ دور انديشيءَ ۽ تدبر بابت ڪنهن به لب ڪشائيءَ جي گستاخيءَ کان ڪنارو ڪندي، رڳو هيترو چوڻ شايد ڪافي ٿيندو ته:

    پائي ڪان ڪمان ۾ ميان! مار نه مون،

    مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي (شاهه)

    سنڌ ۽ سنڌي قوم کي تباهه ۽ برباد ڪري دنيا جي صفحهءِ هستيءَ تان ميسارڻ جي کيپ کٽڻ مان اسان جا سنڌي توڙي پنجابي پهلوان حاڪم ۽ سورهيه سرواڻ ڇا ٿا حاصل ڪرڻ گهرن؟ ڇا جيئن بنگال کي تباهه ڪرڻ جو ڪيتو سنڌ، بلوچستان ۽ پختونخوا لوڙيو ، تيئن هن ڀيري پنجاب جو به وارو نٿو اچي سگهي؟ سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”رب رسي ته مت کسي، هڻي ڪو نه هٿيار“. ڇا پنجابي ليڊر شپ لوهه جي ٺهيل آهي، جيڪا اوسي پاسي جي برادر قومن ۽ سندن قومي وطنن کي مختلف بهانن سان تباهه ۽ برباد ڪندي رهندي ۽ مٿس ڪو اثر ڪو نه پوندو؟ هر ڳالهه جي هڪڙي حد هوندي آهي، منهن جي پڪائي ۽ جمهوري سرڪاري دهشتگرديءَ جي حد هئڻ گهرجي. ڇا اسان اٻوجهه ۽ اڀرن سنڌي ماڻهن جي وڏي مان ۽ شان وارن سڀرن ۽ سرواڻ پاڙيسرين کي خبر ڪانهي ته:

    1. نديون ۽ ندين جو پاڻي رڳو پاڪستان ۾ ڪونهي، دنيا جي پنجن ئي کنڊن جي سوين ملڪن ۾ آهي؟

    2. جيئن دنيا جي ٻين انساني ملڪيتن، زمينن، ٻيلن، ٻنين، رستن، ڳوٺن ۽ ملڪن جي مالڪي هوندي آهي، سندن مالڪ هوندا آهن ۽ مالڪيءَ جا مڃيل ۽ تسليم ٿيل قائدا ۽ قانون هوندا آهن. جن کي لتاڙڻ ۽ اورانگهڻ سڄي جهان ۾ اصل کان وٺي سنگين ڏوهه ليکيو ويندو آهي، تيئن درياهن جي به مالڪي، ڀائيواري ۽ ورهاست وغيره جا تاريخي، عالمي ۽ آئيني طرح مڃيل ۽ تسليم ٿيل قانون هوندا آهن، جن موجب جڏهن هڪ کان وڌيڪ علائقا يا ملڪ ڪنهن نديءَ ۾ ڀائيوار هوندا آهن، تڏهن منڍ وارن علائقن يا ملڪن وارن کي ڪو حق نه هوندو آهي ته هو پوڇڙ وارن ڀائيوارن جي اجازت کانسواءِ سندن پتيءَ جي دستوري پاڻيءَ ۾ ڪا دست اندازي ڪن يا پنهنجي پتيءَ کان وڌيڪ پاڻي پوڇڙ وارن جي اجازت کانسواءِ کڻي وڃن، بلڪه سالن جا سال ۽ صدين جون صديون کڻندا رهن ۽ کين ڪو چوڻ وارو نه هجي؟ پوءِ ڀلي پوڇڙ وارا نيٺ پنڻ ڀر ٿي وڃن، يا مورڳو مري کپي وڃن؟

    3. ڇا کين خبر ڪا نه هئي ۽ ڪا نه آهي ته گڏيل هندستان ۾ پاڪستان واري موجوده علائقي اولهه هند ۾ جيڪي ڇهه نديون آهن، يعني سنڌو ۽ سندس ڀرتي ڪندڙ يا کيس ڏن ڀريندڙ (Tributary rivers) نديون جهلم، چناب، راوي، ستلج ۽ بياس ۾ تاريخي طرح هزارين سالن کان ٻه مکيه ڀائيوار صوبا/علائقا آهن، يعني پنجاب ۽ سنڌ.

    4. کين اها به خبر ڪونهي ته مٿي ذڪر ڪيل ٻه ڏن ڀرو نديون پنجاب جي علائقي پنجند وٽ اچي سنڌوءَ سان ملي هڪ ٿي وينديون آهن ۽ سڀني جو گڏيل پاڻي اڳتي هلي سنڌ کي سيراب ڪري وڃي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي؟

    5. ڇا کين خبر ناهي ته ان صورتحال ۾ ندين جي بين الاقوامي قانون، اسلامي قانون ۽ اڻ ورهايل هندستان توڙي پاڪستان جي قانون موجب منڍ واري ڀائيوار پنجاب کي ڪو به قانوني اختيار نه هو ۽ نه آهي ته هو سنڌ جي مٿين ندين جي پاڻيءَ مان سنڌ جي اجازت کانسواءِ ڪنهن به روپ ۾ مٿان ئي مٿان پنهنجي دستوري پتيءَ جيتري پاڻيءَ کان وڌيڪ پاڻي کڻي وڃي ۽ ان پاڻيءَ مان سنڌ کي سندس پتيءَ جي پاڻيءَ کان محروم ڪري؟

    6. ڇا ان صورتحال ۾ اسان جا مهربان اسان کي ۽ دنيا کي ٻڌائي سگهندا ته هنن کي ڏيڍ سئو سال اڳي کان وٺي ڪهڙو حق حاصل هو ۽ آهي جو هو سنڌ ۽ پنجاب جي گڏيل درياهن جي پاڻيءَ مان سنڌ جي اجازت بنا ۽ سندس مرضيءَ خلاف سڄي جهان ۾ مڃيل ندين جي قانون جي لتاڙ ڪري گڏپ وارن پاڻين مان واهه ڪڍندا، بند ٻڌندا، درياهن ۾ کاٽ هڻندا رهيا آهن ۽ ڪو ڏينهن نه هو ۽ نه آهي، جڏهن هو سندرا ٻڌيو گڏپ جي درياهن جي پاڻيءَ مان سنڌ جي پتيءَ جي پاڻي تان کاٽ هڻڻ جي ڪا نه ڪا اسڪيم کنيو نه بيٺا هئا يا آهن، جيئن هو هاڻي سندرا ٻڌيو، ڪالاباغ ڊيم، ٿل ڪئنال، چشما-جهلم پاور پلانٽ ۽ ٻيون بي انداز ڳجهيون پڌريون اسڪيمون ٺاهيو سنڌي عوام جي گردن تي سوار ٿيو بيٺا آهن؟

    7. هنن ڪهڙي قانون هيٺ ڪنهن جي اجازت سان 1859ع ۾ گڏپ واري سنڌوءَ جو ڏن ڀريندڙ (Tributary) ندي راويءَ مان دو-آب واهه ڪڍي اهو گڏپ وارو پاڻي پوڇڙ واري ڀائيوار سنڌ جي اجازت کانسواءِ ناجائز طرح پاڻ استعمال ڪيو ۽ سنڌ کي نقصان ڏنو؟

    8. هنن ڪهڙي اختيار هيٺ 1885ع کان 1901ع تائين ساڳيءَ طرح لوئر چناب ۽ لوئر جهلم واهه سنڌ جي اجازت کانسواءِ ڪڍي گڏپ وارو پاڻي ناجائز طرح اڪيلي سر پاڻ ڪتب آندو؟

    9. هو مهرباني ڪري اهو ٻڌائي سگهن ٿا ته هنن جي اختياريءَ وارن ان وقت جي گڏيل هندستان جي حڪومت ۾ 1901ع ۾ قائم ڪيل انڊيا ايريگيشن ڪميشن جي ان حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي ته سنڌو ندي ۽ ان جي ڏن-ڀرو ندين جو پاڻي اڪيلي سر کڻڻ کان اڳ ۾ سنڌ کان اجازت ورتي وڃي؟

    10. هنن ڪهڙي قانون هيٺ 1919ع ۾ سنڌ-پنجاب گڏپ واري ستلج نديءَ مان هڪڙي ڌڪ سان 11 واهه ۽ 4 بيراج ڪڍڻ جو منصوبو ۽ ٿل پروجيڪٽ جو منصوبو پيش ڪري مطالبا ڪيا ته کين سنڌ خلاف اهي ڌاڙا هڻڻ ڏنا وڃن؟

    11. ڇا ائين برابر آهي ته انهن سببن ڪري 1919ع ۾ هند سرڪار سنڌ جي فرياد تي پنجاب جي ناجائز حرڪتن جي جاچ ڪرڻ لاءِ ڪاٽن ڪميٽي ٺاهي پنجاب کان جواب طلب ڪيو ۽ پنجاب جي اختياريءَ وارن کي سنڌ جي پاڻيءَ جي حقن ۾ دست اندازي ڪرڻ کان سختيءَ سان منع ڪئي، پر پنجاب جا اختياريءَ وارا باز نه آيا.

    12. ڇا اهو صحيح آهي ته پنجاب جي اختياريءَ وارن وري به 1924ع ۾ مطالبو ڪيو ته کين گڏپ جي پاڻين مان ٿل منصوبو ٺاهڻ لاءِ ننڍڙي شروعات ڪرڻ ڏني وڃي؟ ڇا اهو صحيح آهي ته پنجاب جا حڪمران هميشه پهريائين ننڍڙا منصوبا پيش ڪري پوءِ انهن جي موڪل ملڻ جي آڌار تي وڏا ڌاڙا هڻندا رهيا آهن؟

    13. پنجاب جي اختياريءَ وارن 1935ع واري گورنمينٽ آف انڊيا ائڪٽ جي قلم 130 ۽ (6) 131 جي انهيءَ قانوني فيصلي جي ڀڃڪڙي ڇو ڪئي، جنهن موجب چيو ويو ته منڍ وارن ڀائيوارن کي ڪو حق ڪونهي ته گڏپ وارين ندين ۾ پوڇڙ وارن ڀائيوارن جي پڇا کانسواءِ گڏپ واري پاڻيءَ جي دستوري ورهاست سان ڪا ڇيڙ ڇاڙ ڪن؟

    14. ڇا ائين برابر آهي ته اڳتي هلي پنجاب جي اختياريءَ وارن سنڌو سٿ جي گڏپ واري پاڻيءَ تي نئون زبردست ڌاڙو هڻڻ لاءِ هڪڙو نئون پهريون ڀيرو ڊيم ٺاهڻ جو منصوبو يعني باکڙا ڊيم منصوبو کڙو ڪيو، جنهن خلاف سنڌ جي حڪومت 7 جون 1941ع تي گورنر جنرل هند جي اڳيان شڪايت ڪئي، جنهن 11 سيپٽمبر 1941ع تي رائو ڪميشن مقرر ڪئي، جنهن ٻنهي ڌرين سان ڳالهيون ڪري مشهور معروف 1945ع جو ٺاهه ڪرايو؟

    15. ڇا ائين برابر آهي ته 13 آڪٽوبر 1945ع تي پنجاب سرڪار اهو ٺاهه قبول ڪيو؟ پر جيئن ته پاڪستان جي ٺهڻ جا هوانا ٿيا ۽ هنن سمجهي ورتو ته سڄو پاڪستان عملي طرح سندن ملڪيت بنجڻ وارو آهي ته هو هڪدم ان ٺاهه تان ڦري ويا؟

    16. ڇا پنجاب جا اختياريءَ وارا ٻڌائي سگهن ٿا ته ڇا اهو صحيح آهي يا نه، ته سنڌ جي پنجاب خلاف پاڻيءَ جي کڻت بابت فرياد جي نبيري لاءِ هند سرڪار ڪلڪتي هاءِ ڪورٽ جي جج سر بي ڊبليو رائو جي اڳواڻيءَ هيٺ جيڪا ڪميشن ٺاهي، تنهن جي رپورٽ ۾ (ڏسو رپورٽ جو صفحو 33 ۽ پئراگراف 49) ڏنل ان فيصلي کي اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن به نه مڃيو آهي ته منڍ واري نديءَ جي ڀائيوار کي ڪو به حق ناهي ته جيترو وڻيس گڏپ واري درياهه مان اوترو پاڻي کڻي پوڇڙ واري درياهه کي رڻ پٽ بڻائي ڇڏي. اهو ناجائز ڪم ندين جي پاڻيءَ بابت بين الاقوامي قانون توڙي گورنمينٽ آف انڊيا 1935ع جي قلم 130 ۽ (6) 131 جي کلي کلائي ڀڃڪڙي ٿيندي، جنهن جي اجازت هرگز نٿي ڏئي سگهجي؟ ڇا ان ڳالهه لاءِ پنجاب اختياريءَ وارا ڪو به ملڪي، اسلامي، بين الاقوامي قانوني يا فلاحي جواز پيش ڪري سگهن ٿا؟

    17. پنجاب جي اختياريءَ وارن کي خبر ناهي ته خود پاڪستان جي وزير اعظم چوڌري محمد علي جهڙي برک پنجابي رهنما به پنهنجي ڪتاب ”پاڪستان جي پيدائش“ (ص 118-117) ۾ جسٽس رائو جي ان اصول کي جائز ۽ بين الاقوامي طرح مڃيل اصول ڪري تسليم ڪيو آهي ته گڏپ وارن درياهن جي منڍ واري ڀائيوار کي ڪو اختيار ناهي ته اهي پوڇڙ واري ڀائيوار جي پتيءَ جي پاڻيءَ سان ڪنهن به قسم جي هٿ چراند ڪن؟

    18. ائين برابر آهي يا نه ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ 1947 ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پاڻيءَ جي ورهاست جو نبيرو ڪرڻ لاءِ جيڪا ڪميٽي ٺاهي ويئي، تنهن ۾پاڪستان جي پنجابي حڪمرانن سازش ڪري فقط پنهنجا ماڻهو کڻايا ۽ سنڌ جو ڪو به نمائندو شامل ٿيڻ نه ڏنو؟

    19. ڇا اسان جا مهربان اسان کي ٻڌائي سگهندا ته اهو ڪهڙي قانون يا اخلاقي اصول مطابق جائز هو ته هو پاڪستان ٺهڻ شرط اوچتو ئي اوچتو سڄي پاڪستان جي درياهن جا اڪيلا وارث ٿي ويهي رهن. جڏهن ته سنڌ هزارين سالن کان هر قانون موجب انهن ۾ اڌ ڀائيوار هو؟

    20. ڇا اسان جا مهربان اسان کي اهو ٻڌائيندا ته ڇا ائين برابر آهي يا نه، ته سنڌ جهڙي پاڪستان جي پاڻين ۾ واسطيدار ۽ اڌ ڀائيوار ڌر کي غير حاضري رکي جيڪي به هڪ طرفا فيصلا هندستان سان ڪيا ويا، سي دنيا جي هر قانوني اصول جي حساب سان بي قاعدي، رد ۽ باطل هئا ۽ آهن ۽ ان لاءِ سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ پابند ٺهرائي نٿو سگهجي؟

    21. ائين برابر آهي يا نه ته اها ڳالهه رڪارڊ تي موجود آهي ته پاڪستان جي پنجابي ڀائرن سنڌ جي پرپٺ ۽ سنڌ جي خلاف هندستان جي شهر جلنڌر ۾ وڃي هندستان سان درياهي پاڻين جي ورهاست بابت ڳجهو ٺاهه ڪري ڇڏيو. (ڏسو پنجاب جي تڏهوڪي وزير سردار شوڪت حيات خان جو ڪتاب ”جنهن پنهنجو روح وڃائي ڇڏيو“ (ص: 203-202)

    22. ڇا اسان جا مهربان پاڪستان جي عوام کي ٻڌائڻ پسند ڪندا ته درياهن جي پاڻيءَ ۾ اڌ ڀائيوار سنڌ جي پرپٺ پنهنجي جوڙيوال هندستاني پنجابين سان پاڪستان جي نمائندن جي حيثيت ۾ اهو جلنڌر وارو ڳجهو ٺاهه هنن ڪهڙي ۽ ڪنهن جي حڪم ۽ اجازت سان ڪيو؟ اهو جازت نامو ۽ حڪم جو اصول ڪهڙي رڪارڊ ۾ رکيل آهي ۽ اهو پاڪستان جي عوام کي يا پارليامينٽ يا ٻئي ڪنهن اداري جي اڳيان ڪڏهن پيش ڪيو ويو؟ جيڪڏهن نه ڪيو ويو ته ڇو؟ پوءِ ان حالت ۾ ان ڳجهي، بي قاعدي ۽ فراڊي ٺاهه جي ماتحت ڪيل پاڻي بابت هند-پاڪ فيصلن جي ڪهڙي قانوني يا اخلاقي حيثيت رهي ٿي؟

    23. رڪارڊ موجود آهي ته هندستان جي طرف کان پاڪستان ڏانهن پاڻيءَ جي سپلاءِ جاري رکڻ لاءِ ضروري هو ته پنهنجي ملڪن جي واسطيدار اختيارين يعني آربيٽرل ٽربيونل کان اسٽي آرڊر وٺجي. ان لاءِ اڳواٽ درخواست به ڏني وئي هئي پر جلنڌر واري ڳجهي ٺاهه کانپوءِ اها درخواست پاڪستان جي نمائندن واپس ورتي. حالانڪه خود ٽربيونل هدايت ڪئي ته احتياط وٺي ڇڏجي، نه ته پاڪستان جو پاڻي بند ٿي ويندو ۽ وڏو مسئلو ٿي پوندو. پر پاڪستاني پنجاب سرڪار جي نمائندن پاڪستاني نمائندن جي حيثيت ۾ ان کان انڪار ڪيو. ڇا پنجاب جا حڪمران ڀائر ٻڌائڻ پسندا ڪندا ته اهو فيصلو ڪنهن جي ڪهڙي حڪم ماتحت ڪيو ويو؟ اهڙو ڪو فيصلو رڪارڊ تي موجود آهي؟ جي نه ته ڇو ڪونهي؟
     
  20. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم رسول بخش پليجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    پاڻي معاملي ۾ سنڌ سان ٿيل ويساهه گهاتين جي تاريخ




    آچر 18 جولاءِ 2010ع



    وفاقي حڪومت، ارسا، پنجاب، واپڊا سڀني گڏجي چشما-جهلم لنڪ ڪئنال کولائي ڇڏيو آهي. گريٽر ٿل ڪئنال خلاف جدوجهد ۾ شامل پ پ جي حڪومتي دور ۾ ئي گريٽر ٿل ڪئنال لاءِ پاڻي کنيو پيو وڃي. هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جو پنجاب تي ڏيڍ سئو سالن کان جيڪو وهنوار آهي، ان جو حساب ڪتاب ڪري سنڌ کي هنگامي بنيادن تي وڌيڪ پاڻي ڏيئي کيس رڻ پٽ بنجڻ کان بچايو وڃي. هن وقت پنجاب جي ليڊرن ڪالاباغ ڊيم ۽ چشمه جهلم لنڪ ڪينال پاور پروجيڪٽ لاءِ پاڻي ڏيڻ، ڪوٽڙيءَ کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ لاءِ واويلا ٻاري ڏني آهي ۽ چون ٿا ته جيڪو سندن چوڻ نه ڪندو، سو يا ڀارتي ايجنٽ آهي ۽ جيڪي اسيمبليون مخالفت ڪن، انهن کي ٽوڙي ڇڏيو. يو پي، سي پيءَ لاءِ، پنجاب جي مسلمان ليڊر شپ لاءِ انگريز سامراج ڪو به ايڏو وڏو مسئلو ڪو نه هو. اهو اٽلو انهن لاءِ هندو اڪثريتي بالادستيءَ خلاف هڪڙو وڏو سهارو ۽ ٻانهن جو ٻل هو. 1807ع وارو امرتسر جو عهدنامو، افغانستان تي گڏيل چڙهائي، جنگين ۾ گڏيل ساٿ، پاڪستان جي جدوجهد ۾ به يو پي، سي پي ۽ پنجاب ليڊر شپ انگريزن جي ڪن تي وات رکيو ويٺا هوندا هئا.

    ”مئي 1959ع ۾ عالمي بئنڪ سان جيڪي ڳالهيون ٻولهيون ٿيون، تن ۾ ibab پاڪستان جون شديد ضرورتون اهي ڄاڻايون ته سنڌو نديءَ مان پاڻي جو ڌاڙو هڻي پنجاب جون نيون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو نديءَ تي زبردستي ٺاهيل تربيلا تي مڙهيل ڌاڙيل واهه وڌ ۾ وڌ طاقتور بنائي استعمال ڪيا وڃن، اڀرندي پنجاب جي ندين ۾ ٻه ڪروڙ ٽيهه لک ايڪڙ فوٽ پاڻي لوڻياٺ گهٽائڻ لاءِ ڏنو وڃي. جن مان 35 لک ايڪڙ فوٽ هڪدم ڏنو وڃي. (ٻئي ڪنهن به پاڪستاني صوبي جي واهن جي نه پر فقط) پنجاب جي واهن جي مرمت وغيره ڪرڻ لاءِ 55 لک ايڪڙ فوٽ پاڻيءَ جو لازمي طرح بندوبست ڪيو وڃي. عالمي بئنڪ پنجاب جي ڪوڙي گهوڙا گهوڙا تي هٿرادي پيدا ڪيل کوٽ جي پورت لاءِ ٻه ڊيم منگلا ۽ روهتاس پنجاب کي ٺاهي ڏيڻ جي آڇ ڪئي. هنن چيو ته هر حال ۾ سنڌوءَ تي ڊيم ۽ واهه ٺاهي ڏيو ته اتان واڌو پاڻي کڻي پنجاب کي ڏيون. سنڌين کي چيو ويو ته پاڻ کي عالمي بئنڪ، انڊيا ۽ ٻين دنيا جي شاهوڪار ملڪن کان وڌ ۾ وڌ پئسا وٺڻا آهن، ان لاءِ اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته اهي پئسا ڪٿي خرچ ٿيندا، ان ڪري جيڪي پروجيڪٽ اهڙا نظر اچن، جن لاءِ پئسا خاطريءَ سان ملندا ته اهي منظور ڪرائي پئسا وٺبا، پر حقيقت ۾ اهي پئسا سڀني صوبن جي ڪم آندا ويندا، سنڌ کي چيو ويو ته تربيلا ڊيم تي اعتراض نه ڪريو، اهو آهي ئي سنڌ لاءِ، ٻيو ڪنهن لاءِ به ناهي. ان مان ڌاڙيل واهن ذريعي پاڻي ڪڍڻ جون جيڪي رٿائون آهن، سي سڀ نالي ماتر ٻاهران پئسا ڪڍڻ لاءِ آهن. تربيلا مان ڪو به پاڻي ڪونه ڪڍبو. اهو سنڌ جو رهندو، اهو ئي سبب آهي ته اپريل 1980ع ۾ انڊس واٽر ڪميشن جي چيئرمين جسٽس انوار الحق چيو ته، ”هندستان سان ڳالهيون ٻوليون ڪندي کڻي ڪهڙيون به رٿائون پيش ڪيون ويون هجن، پر انهن جو ٻين صوبن جي حقن تي ڪو به برو اثر نه پوندو، آئون ائين ٿو سمجهان، هندستان سان ڪارو هنوار ڪندي ماڻهو هندستان کي ڇا به ٻڌائي سگهي ٿو“. (ابرار قاضي ”ڪالاباغ ڊيم“ ص: 73-72)

    حقيقت اها آهي ته اسان کي خاطري ڏني وئي ته رٿائن ۾ کڻي ڇا به لکيل هجي پر اهي سڀ دنيا جي ملڪن کي ٻڌائڻ واريون ڳالهيون آهن، توهان پرواهه نه ڪريو، توهان کي ڪو به نقصان نه ٿيندو. اها مغربي پاڪستان سرڪار جي ڪئبنيٽ جي جيڪا 13.11.1955 تي ميٽنگ ٿي هئي، تنهن ۾ به ورجائي وئي. ان يقين دهانيءَ جي فيصلي جي ڪاپي اسان بار بار گهري آهي، پر ملي نٿي، بهرحال حقيقت اها آهي ته اسان کي سدائين اهو چيو ويو ته تربيلا ڊيم سنڌ لاءِ آهي، ٻيو ڪنهن لاءِ به نه“. (وهاب شيخ ”سنڌ ڪيس“ ص: 17).

    هندستاني پنجاب جي حڪمرانن سان سازش ڪري جيڪا هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي، تنهن ٺڳي ۽ فراڊ لاءِ ذميوار پنجاب هو ۽ آهي. ان کوٽ جو اثر سنڌ تي به پيو. ان لاءِ به پنجاب جا حڪمران طبقا ذميوار هئا ته انهن جو فرض هو ته ان نقصان جي تلافي ڪن. پر خالص پنجاب ibab ڪميٽيءَ نه رڳو سنڌ کي ان کوٽ جو ڪو به وهنوار ڪو نه ڏنو، پر اٽلو اها پنجاب جي کوٽ به سنڌ جي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏيائون، هٿرادو کوٽ جي پورت لاءِ سڄي دنيا کي چيو ويو ته ان کوٽ جي پورت لاءِ جيڪا به مدد ملندي، اها سڄي مغربي پاڪستان جي سمورن صوبن لاءِ هوندي. ان ڪري انڊيا 17 ڪروڙ 50 لک ڊالر، ڪنسور شيم وارن ملڪن 17 ڪروڙ 50 لک ڊالر ڏنا ۽ پڻ 15 ڪروڙ ڊالر قرض به ڏنائون. اپريل 1964ع واري اضافي ايگريمينٽ مطابق پاڪستان کي ساڍا 31 ڪروڙ ڊالر غير ملڪي ايڪسچينج جا به مليا، ان سموري زبردست رقم، جيڪا سموري مغربي پاڪستان جي لاءِ ملي هئي، تنهن جي هڪڙي پائي به نه سنڌ ۾ خرچ ڪئي وئي ۽ نه ڪنهن ٻئي صوبي ۾.

    پنجاب جيڪا پنهنجي پاڻيءَ جي کوٽ ڏيکاري هئي، سا حقيقت ۾ ربيع ۾ 31 لک، 20 هزار ايڪڙ فوٽ هئي ۽ خريف ۾ هڪ ڪروڙ 67 لک ايڪڙ فوٽ هئي، پر پنجاب جي حڪمران ٽولن اها کوٽ 2 ڪروڙ ايڪڙ فوٽ ڪري ڏيکاري ۽ اوترو پاڻي وٺي کائي ويا. جيڪا امداد ملي، سا پاڻ کائي ويا ۽ ان جو هڪڙو رپيو به ڪنهن ٻئي صوبي تي، خاص ڪري پوڇڙ واري ڀائيوار صوبي سنڌ تي خرچ ڪو نه ڪيائون.

    پاڻيءَ جي پنجاب سان سان لاڳاپيل حڪمرانن طرفان هندستان سان سازش ڪري ان جي هٿان پاڪستان جو پاڻي هٿرادو نموني بند ڪرائڻ جو نقصان رڳو اولهه پنجاب کي ڪو نه ٿيو، پر سنڌ کي جيڪو پنجند وٽ سنڌوءَ جي ڀرتي ڪندڙ ندين مان ربيع ۾ 19 لک، 20 هزار ايڪڙ فوٽ ۽ خريف ۾ 2 ڪروڙ 93 لک 60 هزار ايڪڙ فوٽ پاڻي هر سال ملندو هو، اهو به بند ٿي ويو. (37-1936 کان 46-1945 جي عرصي دوران سراسري طرح پنجند وٽان سنڌ کي پنجاب جي، سنڌو نديءَ کي ڀرتي ڪندڙ ندين مان ايترو پاڻي ملندو هو.) اهو حساب سنڌ کي 1948ع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ملڻ کپندو هو ۽ ملڻ کپي، خاص طرح هينئر سنڌ اندر پاڻيءَ جي وڌل هٿرادو ماڻهو مار، خوفناڪ ڏڪار جي حالت ۾. جيڪي به ٻاهران امداد، قرض وغيره جا پئسا مليا هئا، سي فقط پنجاب لاءِ نه هئا، پر سموري مغربي پاڪستان لاءِ هئا.

    هتي هيٺيون ڳالهيون نوٽ ڪرڻ گهرجن:

    . 1971ع ۾ پنجاب جي ٽيوب ويلن ۾ ڪم ايندڙ پاڻي منگلا ۽ تربيلا ڊيمن جي پاڻيءَ جي گڏيل مقدار کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ هو. (عبدالوهاب ”سنڌ ڪيس“ ص: 47).انصاف جي تقاضا آهن ته پاڪستان جي پاڻيءَ جو جڏهن ذڪر ٿئي، تڏهن ان ۾ رڳو وهندڙ پاڻيءَ جو ذڪر نه ٿئي، پر ڊيمن جي پاڻيءَ، زير زمين پاڻيءَ ۽ بارش جي پاڻيءَ جي مقدارن جو ذڪر به شامل ڪجي. دراصل پنجاب جي اختياريءَ وارن جي سازشي ڪاررواين سبب جيڪا پنجاب جي پاڻي ۾ ان وقت هٿرادو کوٽ ٿي، سا ربيع ۾ 31 لکن 20 هزار ايڪڙ فوٽ ۽ خريف ۾ هڪ ڪروڙ 6 لک، 70 هزار ايڪڙ فوٽ هئي. پر پنجاب جي اختياري وارن اهو ڏيکاريو ته کيس 2 ڪروڙ 11 لک ايڪڙ فوٽ جي کوٽ ٿي آهي ۽ ان جو هنن سنڌ، بلوچستان ۽ اوڀر پاڪستان جي کنڌي تي عيوضو ورتو.“ (وهاب شيخ ”سنڌ ڪيس“ ص: 88)

    واهن جي سڌارن جي لاءِ سنڌ کي ڪو به پاڻي نه ڏنو ويو. پر پنجاب اختياريءَ وارن 55 لک ايڪڙ فوٽ فقط پنهنجي واهن لاءِ وٺي ڇڏيو. پنجاب ۾ ٻوڏ جي موسم ۾ چناب ۽ جهلم ندين جو جيڪو ٻوڏ جو پاڻي هيٺ سمنڊ ڏانهن ويو، تنهن کي پنجاب جي اختياريءَ وارن پنهنجي کوٽ جو ڪارڻ ڄاڻائي منگلا ڊيم جن واهن جي کوٽ لاءِ خاص طور ٺاهيو ويو هو، انهن واهن يعني تريمو، پنجند ۽ اسلام واهه جي ڀرتي ڪرڻ جو ذمو، سنڌو نديءَ ۽ ان تي مڙهيل تربيلا ڊيم تي هڻي ڇڏيو. پنجن مان ٽي نديون پنهنجي منهن وڪڻي ڇڏڻ کانپوءِ به پنجاب جي اختياريءَ وارن وٽ چناب ۽ جهلم ندين جو پاڻي هو ۽ منگلا ۽ تربيلا ڊيمن جي پاڻيءَ جي گڏيل مقدار کان به تمام گهڻي مقدار ۾ برسات جو زير زمين پاڻي هو. پر تنهن هوندي به انهن ٻن ٻين ڊيمن جي گهر ڪئي ۽ عالمي بئنڪ کين ٻه ڊيم، (منگلا 47 لک 50 هزار ايڪڙ فوٽ ۽ روهتاس 21 لک ايڪڙ فوٽ جي گنجائش وارا ڊيم) آڇيا. عالمي بئنڪ جو چوڻ هو ته پنجاب جي اختياريءَ وارن طرفان ڄاڻايل کوٽ جي پورت ڪرڻ کانپوءِ به پنجاب کي انهن ڊيمن مان 20 لک ايڪڙ فوٽ واهن جي سڌاري ۽ نئين زمينن جي آباديءَ لاءِ بچي پوندا. (عالمي بئنڪ سان ٿيل ڳالهين جي رپورٽ ص: 17 پئراگراف 13)

    پر پنجاب جي اختياريءَ وارن کي جلنڌر سازش مطابق فقط پنهنجي هٿرادو پيدا ڪيل، کوٽ جي پورت ڪرڻي ڪا نه هئي. پر ان سازشي موقعي جو فائدو وٺي زبردست مال ڪمائڻو هو، يعني پاڪستان کي عالمي بئنڪ ۽ امداد ڏيندڙ ملڪن مان اربين ڊالر امداد جا انبار لڳائي پاڪستان جي سمورن صوبن جي گڏيل پاڻين مٿان ايترا ڌاڙا هڻي پنجاب ۾ ايترا واهه، ڊيم ۽ ٻيا پاڻي ڦٻائڻ جا بندوبست ڪرڻا هئا، جو ايندڙ وقت ۾ ٻيا صوبا ڀڙڀانگ رڻ پٽ ٿي وڃن ته ڀلي ٿي وڃن، پر پنجاب گڏيل پاڻين منجهان کين پاڻيءَ جو ڦڙو به نه ڏي ۽ سڀ درياهه پاڻ ڄڻ پي ڇڏي.

    حڪومت پاڪستان جي ليٽر نمبر سيڪريٽري (انڊيا) 54/8735 تاريخ 6-11-1954 باوجود، جنهن ۾ چيل هو ته جيڪي به واهه ۽ ڊيم ڪاغذي رٿن ۾ ڏيکاريل آهن، سي فقط ڌارين حڪومتن کي ڏيکاري کين پئسا ڏيڻ لاءِ آماده ڪرڻو هو. باقي انهن ڪاغذن ۾ ڏيکاريل اڏاوتن جي ٺهڻ جو سوال ئي پيدا ڪو نه ٿي ٿيو، پر جيئن ئي ڌارين ملڪن سان ڳالهيون ٻولهيون ختم ٿيون ۽ اهي ڳوٺ روانا ٿيا، تيئن هڪدم پنجاب سان لاڳاپيل اختياريءَ وارن ۽ سندن چئيڪار وفاقي حڪومت ۽ ادارن 180 ڊگرين جو پلٽو کائي اعلان ڪيو ته پنجاب سان لاڳاپيل جيڪي به اڏاوتون ڪاغذن ۾ لکي ڏيکاري ڌارين ملڪن کان پئسا ورتل آهن، اهي هر حالت ۾ اڏڻ لازم آهن ۽ هڪڙي اکر جي به ڦير ڦار ٿيڻي ناهي. هتي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته پنجاب سان لاڳاپيل اختياريءَ وارن جو هر دور ۽ هر زماني ۾ پاڻيءَ جي ڦرلٽ لاءِ واردات جو طريقو اهو پئي رهيو آهي ته سدائين اهو چوندا وتن ته پنجاب جون نديون ۽ واهه سدائين تنگيءَ ۾ آهن ۽ سنڌوءَ ۾ سدائين اٿاهه پاڻيءَ جي ٻوڏ آهي ۽ اهو ٻوڏ وارو اجايو پاڻي خوامخواهه وڃيو سمنڊ ۾ زيان پيو ٿئي، ان اجائي زيان ٿيندڙ پاڻيءَ کي پنجاب ۾ سخت کوٽ جي پورت لاءِ ڪتب آڻڻ ضروري آهي. پاڻيءَ جي کوٽ واڌ بابت فرضي داستان ٻڌائڻ سان گڏ پنجاب جي اختياريءَ وارن جو ٻيو دلپسند حربو آهي، منٿون ڪري ڪنهن بظاهر معمولي ڳالهه لاءِ عارضي رعايت وٺي پوءِ جڏهن تڏهن وٺي اعلان ڪندا ته اها عارضي رعايت نه هئي. پر اهو اسان جو بنيادي حق آهي ۽ اهو اسان کي هميشه لاءِ استعمال ڪرڻو آهي ۽ پوءِ آخري هٿيار اهو هلائيندا ته ان شيءِ تي پهريون حق آهي ئي اسان جو ۽ جنهن جي اها اصلي ملڪيت آهي، ان کي ان مان ڪجهه نه ڪجهه فقط ايترو سرندو جيترو اسين کائي پي اوبر ڪري بچائينداسين، سنڌو درياهه تي تربيلا ڊيم مڙهڻ لاءِ چيائون ته اهو ڊيم فقط سنڌ جو آهي ۽ سنڌ جي واهن لاءِ آهي، پوءِ وري چيائون ته ان مان ٻه واهه ٿا ڪڍون ته سنڌو نديءَ ۾ جڏهن ڪو پاڻي اجايو بچي پوي ۽ خوامخواهه وڃي سمنڊ ڀيڙو ٿيڻ جهڙو ٿي وڃي ته پوءِ سنڌ جي اجازت سان اهو اجايو پاڻي خوامخواهه زيان ٿيڻ کان بچائي پنجاب اندر دائمي کوٽ جي پورت لاءِ ڪم آڻي ڇڏجي. تان جو پوزيشن اتي وڃي بيٺي آهي، جو عملي طرح سڄي سنڌو درياهه تي قبضو ڪريو ويٺا آهن.

    جيئن ئي 1973ع ۾ ڌاڙيل واهه چشمه-جهلم لنڪ ڪئنال ٺهي پورو ٿيو، تيئن ئي تاريخ 18-6-1973 تي واپڊا عرض ڪيو ته ٿورڙو واهه کولي ڏيو ته ان کي آزمائي ڏسون ته ان جي حالت ڪهڙي آهي. ان ڏينهن کان وٺي هو تيسين باهه ٻاري بيٺا هئا. جيسين 3 جولاءِ 1973ع تي پيپلز پارٽيءَ جي گورنمينٽ کان ”ٿورڙي دير جي موڪل وٺي“ هيٺين عارضي ٺاهه تحت ان کي کولايائون ۽ پوءِ انهيءَ ئي دور ۾ ان عارضي ٺاهه تان ڦري هميشه لاءِ ان تي قابض ٿي ويا!

    عارضي ٺاهه: ”سال 1972ع ۾ چشمه-جهلم لنڪ کولڻ بابت:

    ”جيستائين پاڪستان جو صدر سنڌو ندي ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ ندين جي پاڻي جي ورڇ بابت آخري فيصلو ڪري جنهن موجب اهوبه فيصلو ٿيندو ته سنڌو ندي مان جيڪي لنڪ ڪئنال ڪڍيا ويا آهن. انهن جي استعمال جا شرط ڪهڙا هوندا، تيستائين سنڌ ۽ پنجاب جي اريگيشن کاتن جي وزيرن جي گڏجاڻي صوبائي ڪو آرڊينيشن جي ڪنٽرول واري وزير عبدالحفيظ پيرزادي صاحب گهرائي جنهن اڄ لاهور شهر ۾ هيٺيون عارضي ٺاهه ڪيو:

    ”پنجاب جو گورنر، مرڪزي خزاني جو وزير، مرڪزي اطلاعات جو وزير ۽ سنڌ جو وزير اعليٰ گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ هئا“. ”جولاءِ جي مهيني ۾ سنڌو سٿ جي ندين ۾ سندن واهن جي ضرورت کان وڌيڪ پاڻي هوندو آهي، دراصل سنڌوندي توڙي ان جي ڀرتي ڪندڙ نديءَ مان پاڻي نڪري سمنڊ ڏانهن ويندو آهي ۽ تنهن جي ڪري ڪا به اهڙي ضرورت ڪانهي ته سنڌو ندي جي ضرورت کان بچيل پاڻي کي چشمه-جهلم لنڪ ڪئنال ذريعي ٻئي پاسي موڪليو وڃي. تنهن هوندي به اهو فيصلو پنجاب سرڪار جي گذارش تي ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد آهي ته ان لنڪ ڪئنال جي پوڇڙ واري پاسي کي سڪڻ نه ڏجي، اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي ته اهو (اڪيلو) هڪڙو وهڪرو سورهن آنا عارضي بنياد تي هوندو ۽ ان جي ڪري ڪو به اهڙو حق پيدا نه ٿيندو ته ڇاڪاڻ جو هڪڙي وهڪري جو موقعو مليو آهي، تنهن ڪري اسان جو اهو حق پيدا ٿيو آهي ته ٻين به اهڙن وهڪرن جي اجازت ملي.

    ”جيڪڏهن سنڌ جو وزيراعليٰ چوي ته سنڌو نديءَ جي پاڻيءَ جووهڪرو گهٽ وڌ ٿي ويو آهي، ته پوءِ واپڊا هڪدم چشمه-جهلم لنڪ ڪئنال بند ڪري ڇڏي“.

    هن ٺاهه ۾ ڪنهن به هٻڪ ۽ مونجهاري کانسواءِ صاف صاف ۽ چٽن ۾ چٽن لفظن ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته:

    1. لنڪ ڪئنالن کي جي استعمال ڪرڻو آهي ته فقط مقرر شرطن ماتحت ڪرڻو آهي.(2) ونديءَ مان پاڻي فقط تڏهن کڻي سگهبو، جڏهن اهو سنڌ جي ضرورتن پورين ڪرڻ کانپوءِ بچيل رهجي ويو هجي.(3) هي ٺاهه فقط ۽ فقط هڪڙو دفعو پاڻي کڻڻ جي اجازت ڏئي ٿو. ان جي هڪڙي دفعي اجازت جي ڪري ٻئي دفعي به اجازت گهرڻ جي سخت منع آهي. (4) اها هڪڙي دفعي جي اجازت به ان شرط سان آهي ته جيڪڏهن سنڌ جو وزيراعليٰ سمجهي ته ان هڪڙي دفعي جي پاڻي کڻڻ جي ڪري سنڌو نديءَ جو وهڪرو ضرورت کان گهٽ وڌ ٿي ويو آهي ته ان حالت ۾ واپڊا کي حڪم ڏنل آهي ته اها هڪڙي دفعي واري پاڻيءَ جي کڻت به هڪدم بند ڪري ڇڏي.

    پر اڃا ان ٺاهه کي ٽي مهينا ئي ڪو نه گذريا ته پنجاب ان ٺاهه تان ڦري ويو ۽ پنجاب جي گورنر غلام مصطفيٰ کر 16 آڪٽوبر 1973ع تي نمبر gas/b/173 جي خط ۾ لکيو”چيو پيو وڃي ته اهو لنڪ ڪئنال (چشمه-جهلم) ان لاءِ ٺاهيو ويو آهي ته بچي پيل پاڻي ڪن خاص حالتن ۾ (سنڌوءَ مان ڪڍي پنجاب طرف) کنيو وڃي، مون کي افسوس سان ٻڌائڻو ٿو پوي ته اها ڳالهه ائين نه آهي، اهو واهه ان لاءِ ٺاهيو ويو آهي ته (پنجاب جي) حويلي واهن ۽ لوئر ستلج واديءَ جي واهن کي گهربل پاڻي پهچائي ۽ هميشه پهچائيندو رهي، تربيلا ڊيم ٺهي راس ٿيڻ کانپوءِ اهو ائين ئي استعمال ڪيو ويندو. ائين برابر آهي ته مون کي خبر آهي ته سنڌ حڪومت جا ان ڳالهه بابت ويچار ٿورا مختلف آهن، مون کي يقين آهي ته اهي اختلاف جلد دور ڪيا ويندا“. اهڙيءَ ريت پنجاب جي اختياريءَ وارا پنهنجي ان پراڻي ڌنڌي کي لڳا رهيا ته جڏهن به ضرورت پوي، تڏهن جيڪي وڻي سي ٺاهه ڪجن ۽ جڏهن مرضي پوي تڏهن انهن کي ڦاڙي ڦٽو ڪري ڇڏجي، ان هوندي به 1985ع تائين هر سال سنڌ حڪومت کان اجازت گهري ويندي هئي ته اهو ڪئنال کولڻ ڏيو. 1985ع ۾ جڏهن سنڌو نديءَ ۾ پاڻي حد کان وڌيڪ گهٽ ٿي ويو، تڏهن پنجاب جو گورنر جنرل غلام جيلاني ۽ صفدر بٽ واپڊا جو چيئرمين پاڻ وڃي چشمه-جهلم ڪئنال کولايائون، ان ڏينهن کان وٺي سنڌ کي پاڻي پهچي نه پهچي پر تونسا-پنجند ۽ چشما-جهلم ڪئنال ڪنارن تار وهندا ۽ سنڌو نديءَ جو پاڻي ڍوئيندا ۽ سنڌ سڪائيندا رهن ٿا. 1991ع ۾ ڄام صادق علي، جنهن تي ڪئين سياسي قتل جا ڪيس هئا، تنهن کي ون يونٽ جي دور جهڙي سياسي دهشتگرديءَ ذريعي سنڌ جي چيف منسٽر طور مڙهي کانئس صحيح وٺي پنجاب کي 1945ع واري ٺاهه موجب جيترو پاڻي ملڻو هو،ان کان 70 لک ايڪڙ فوٽ وڌيڪ پاڻي ڏياريو ويو ۽ سنڌ کي هڪ ايڪڙ فوٽ به وڌيڪ پاڻي ڪو نه ڏياريو ويو. ان صحيح واري ڪاغذ جو نالو رکيو ويو. ”1991ع وارو سنڌ پنجاب پاڻي ٺاهه!“ٽن سالن کانپوءِ وزارتي ڪاغذن ۾ جعلسازي ڪري سنڌ جو حصو اڳي کان به گهٽائي ڇڏيائون ۽ ان کي ڪوٺيائون ”1994ع جو وزارتي اجلاس وارو ٺاهه!“ پاڪستان جي پاڻين مان سنڌ جي پتيءَ جي پاڻيءَ جو وڏو حصو پنجاب وارا ڳڙڪائي ويا آهن. منگلا ڊيم جيڪو هٿرادو کوٽ جي پورت لاءِ ٺهرايو ويو هو، تنهن تي پنجاب جون نيون زمينون پيون آباد ٿين ۽ کوٽ جو پورائو ڌاڙيل واهن ذريعي سنڌو نديءَ مان پيو ٿئي ۽ سنڌ ڪجهه سڪي وئي آهي، ڪجهه سڪڻ تي آهي، دنيا جي تاريخ ۾ هن کان وڌيڪ ڀيانڪ انسان دشمن ڏوهه چنگيز، هلاڪو ۽ هٽلر جي دور ۾ به نه ٿيا. هي ڏوهه فوجداري توڙي ديواني توڙي آئيني آهن. انهن جي تدارڪ ۽ تلافي لاءِ ضروري آهي ته اقوام متحده اسلامي ملڪن جي ڪانفرنس ۽ سارڪ جي سطح تي عدالتي فيصلو ڪرائي سنڌ ۽ سنڌي قوم کي مڪمل تباهيءَ کان بچايو وڃي ۽ ڏوهارين کي عبرتناڪ سزائون ڏٺيون وڃن، جيئن آئنده ڪنهن به فرد يا اداري کي پنهنجي ملڪ جي عوام سان ههڙيون ناانصافيون ڪرڻ جي جرئت نه ٿي سگهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو