شاگرد شاگرد دير سان ڪلاس ۾ آيو ته ماستر کائنس پڇيو ” دير ڇو ڪئي اٿئي؟“ شاگرد؛ ”سائين ٻاهر سخت مينهن پئي وسيو، انڪري دير ٿي وئي“ ماستر؛ ” هي ٻيا شاگرد جو وقت تي اچي ويا آهن، ڇا مينهن تولاءِ ٿي وسيو“ شاگرد؛ سائين، مون واري گهر کان ايندڙ رستو ڪچو آهي انڪري ترڪڻ ٿي پئي هئي، سو هڪ ورانگهه اسڪول ڏانهن ٿي کنيم ته ٻه ورانگهون گهر ڏانهن ٿي ترڪيس“ ماستر؛ هڪ ورانگهه اسڪول ڏانهن ته ٻه ورانگهو گهر ڏانهن! ته پوءِ پهتي ڪيئن؟ شاگرد؛ سائين، مون منهن ڪيو گهر ڏانهن ۽ پٺي ڪيم اسڪول ڏانهن، وڃان پيو گهر ته ترڪان پيو اسڪول ڏانهن، سو ايئن ڪندي پهچي ويس ... ......... استاد، شاگرد کي چيو؛ دير سان ڇو آيو آهين؟ شاگرد؛ سائين، امي ۽ ابو جو جهيڙو ٿي پيو هو استاد؛ وڙهي امي ابو رهيا هئا ته تون دير ڇو ڪئي؟ شاگرد؛ سائين، مون واري جوتي جو هڪ پادر ابو جي هٿ ۾ ته ٻيو امي جي هٿ ۾ هيو ...