تنوير عباسيءَ جو اصل نالو نور نبي ۽ والد جو نالو گل حسن آهي. سندس جنم 7 ڊسمبر 1934 ۾ ڳوٺ سوڀي ديري ضلعي خيرپور ۾ ٿيو، ميٽرڪ اين-جي- وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان، انٽر سائنس ڊي- جي سنڌ گورنمينٽ ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ ايم- بي-بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد مان 1960ع ۾ پاس ڪيائين.
سندس وفات 25 نومبر 1999 اسلام آباد ۾ ٿي ۽ سنڌ کان دور اتي ئي دفن ڪيو ويو.
تنوير عباسي بنيادي طور تي شاعر آهي ۽ سندس شمار سنڌيءَ جي اوچ ڪوٽيءَ جي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هن وقت تائين سندس شاعريءَ جا ڇھ 6 مجموعا-
رڳون ٿيون رباب (1958)
شعر(1970)
سج تريءَ هيٺيان (1977)
هيءَ ڌرتي (1985)
تنوير چئي (1989) ۽
ساجن، سونهن، سرت (1996) شايع ٿيل آهن.
شاعريءَ کان سواءِ نثر جي مختلف صنفن ۾ پڻ قلم آزمائي ڪئي اٿس،
سندس چونڊ ۽ ترتيب تي ٻڌل-ٻاراڻو ٻول (1973)
جديد سنڌي شاعري (1981)
تحقيق ۽ کوجنا تي ٻڌل- ’شاهه لطيف جي شاعري‘ جلد پهريون (1976)، ’شاهه لطيف جي شاعري‘ جلد ٻيو (1985)،’ شاهه لطيف جي شاعري، جلد ٽيون (جلد پهرئين ۽ ٻئي سان گڏ ڇپيل- 1989
نانڪ يوسف جو ڪلام(1982)
خير محمد هيسباڻي جو ڪلام(1983)
پر ڏيهه جي سفر تي ٻڌل سفر نامو- ڏوري ڏوري ڏيهه (1984)
هڪ ويٽنامي ناول جو ترجمو –’جي ماريا نه موت‘(1973) جي ڇاپي کان پوءِ هيل تائين ٽي وڌيڪ ڇاپا ڇپيل)؛
سچل سرمست يادگار ڪميٽي خيرپور جي ڪتابي سلسلي’سرمست‘ جا 9 جُلد سهيڙيل (1980) کان 1989)؛
۽ مضمونن، خاڪن، يادگيرين، انٽرويو ۽ دبئي جي سفر نامي جو مجموعو’ترورا‘(1988)
کان سواءِ ادب ۽ ڪلچر جي مختلف موضوعن تي سئو کان وڌيڪ مقالا ڇپيل آهن، سندس تحقيقي ڪم، جيڪو هن’ شاهه جي رسالي جي 1275 هجريءَ واري قلمي نسخي‘ تي ڪيو آهي، پڻ ڇپائيءَ لاءِ تيار آهي.
سنڌي گيت جو هڪ سريلو ۽ مٺڙو شاعر آهي، جنهن جي شعر ۾ ميٺاج، رواني ۽ سادگي آهي. کيس شاعرن "Lyrical Poet" سڏيو آهي. کيس سنڌي شاعريءَ جو Words worth سڏيندا آهن، خود ورڊس ورٿ جو شمار انگريزي شاعريءَ ۾ Lyrical Poet جي حيثيت سان ٿئي ٿو. تنوير عباسي نه رڳو ڪلاسيڪل لوڪ گيتن کي نئين معنيٰ ڏني پر گيتن، بيتن ۽ وائين کي نئون موڙ ڏنو. سندس گيت ۾ هندي گيت واري مڌرتا ۽ رواني آهي. شاعريءَ کان سواءِ به گهڻو ڪجهه لکيو اٿن، پر سندس شاعري ۽ شاهه لطيف تي لکيل ڪتاب وڌيڪ مشهور آهن. ڊاڪٽر تنوير جي شاعري زندگيءَ جي ترجمان آهي. گيت جي صنف کي حسين کان حسين بنائڻ لاءِ ڪافي فني تجربا ڪيا اٿن.
هر ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو،
هر ڪا دل هيرن جي کاڻ،
ڄاڻي ڏس ته سهي اڻ ڄاڻ.
حوالا:
1 تنوير چئي 1989
2 سنڌي غزل جي اوسر – اياز قادري 1984
3 سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات – پروين موسي! ميمڻ
http://www.youtube.com/watch?v=Wi7_NDoUwq4