دوستو! اسان جي پياري من موهڻي ميمبر، سنڌ سلامت جي ايڊيٽر عبدالوهاب جي تحريرن جو تعداد 3 هزار کان به ٽپي وڃي اڳتي نڪتو آهي، ادا عبدالوهاب، هينئر تائين جي پنهنجي تحريرن ۾هر حساب سان نئين شئي ونڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ادب، ٽيڪنالوجي، حالاتِ حاضره ۽ تازين خبرن ۽ وڊيوز جي حساب سان سندن ڪوششون لاجواب آهن۔۔ اچو ته کيس 3 هزار تحريرن جي پورائي ڪرڻ مبارڪ باد ڏيون ۔۔۔۔
جواب: عبدالوهاب کي مبارڪون۔۔۔ عبدوءَ کي هاڻ ڪيتريون مبارڪون ڏجن، اسان پوڙهن ماڻهن کي سهڪائي وڌو اٿس، ايترا ليک جو اصل پڙهي پڙهي سهڪي پيا آهيون، ماشاء الله نوجوان ماڻهون آهي، ڦڙت ۽ سگهارو ماڻهون آهي، جڏهن وچ ۾ اڱڻ تان غير حاضر رهندو هو ته اسانکي فڪر ٿيو ته همراه کي وڃائي ڇڏيوسون پر وري جو موٽيو ته اصل ڇائنجي ويو آهي ۔۔۔ هاڻ ٽي هزار، چار هزار بس جي اها رفتار رهيس ته اڳلا رڪارڊ به ڊاهي پٽ ڪندو ۽ سنڌ سلامت جي هيروز جي مٿاهين سطح تي نظر ايندو ۔۔۔ بس الله ڪري ته هو سنڌ سلامت سان هميشه سلهاڙيل هجي ۔۔۔ اسانجي دعا آهي ته عبدالوهاب کي رب العالمين ڪوسي واءُ کان بچائي ۔۔۔ آمين
جواب: عبدالوهاب کي مبارڪون۔۔۔ ادا مون طرفان به مبارڪ باد Uploaded with ImageShack.us Uploaded with ImageShack.us
جواب: عبدالوهاب کي مبارڪون۔۔۔ آمين ثم آمين، سائين منهنجا منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي مان هڪ عدنا ۽ حقير هن هيڏي وڏي فورم جو ميمبر(ايڊيٽر) آهيان، ۽ توهان جهڙا استاد ۽ دوست اسان کي هن اطاق ئي مهيا ڪيا آهن۔ سائين توهان جي دُعائن سان هي ملنگڙو اڄ سنڌ سلامت جي هيروز جي ٽاپ لسٽ ۾ آهي، پر مونکي خوشي تڏهن ٿيندي جڏهن توهان، فقير ۽ مست منهنجان ڪو سڀ کان مٿان هوندو۔ ڇو جو جيڪڏهن وڏا اڳيان هوندا ته اسان ننڍا پويان به ڳاٽ اوچو اچو ڪري هلنداسين، ته اسان جا اڳواڻ ڏسو، جيڪو اسان جهڙن حقيرن کي هميشه پاڻ سان گڏ کڻي هلندا آهن۔ مان ٿورائتو آهيان، ادي رشيد جو جنهن هن فورم جي باري ۾ مونکي آگاهه ڪيو ۽ مونکي ٿوري ۽ عرصي ۾ هن فورم جو ايڊيٽر مقرر ڪيو، پوءِتوهان سائين نثار ناز، سائين رحيم بخش ڏاهري علي علي(هن جي جيتري تعريف ڪجي سا گهٽ هوندي)، ڦلپوٽوفقير، زاهد الجلميلي(صوفي فقير) منکي همٿائيندا رهيا ۽ سنڌ سلامت تي پهريون ڀيرو هن حقير 1000 تحريرون مڪمل ڪيون، ۽ سڀني دوستن مونکي ايتري ته موٽ ڏني جو مان هن اڱڻ کان ٻاهر وڃڻ جو سوچڻ ئي ڇڏي ڏنم، وري مست آيو ۽ ڇائنجي ويو ۽ تا قيامت ڇانيل رهندو( مست جنهن جي هر تحرير مست هوندي آهي، انهي کان مان هن وقت به گهڻو ڪجهه سکي رهيو آهيان)۔ پر جڏهن آءُ اسلام آباد آيس ته پنهنجي زندگي جي ڪشمڪش ۾ ايترو ته مصروف ٿي ويس جو هر ڪنهن کي وساري ويٺس، اوهان پرين جا لک احسان جو منهنجي غيرموجودگي ۾ به دوستن مرليون وڄائي ڪري هن فورم تي گهرايو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪجهه وقت آيس پر وري غائب ٿي ويس۔ هڪ دفعي ادو رشيد ته صفا ڪاوڙجي ويو ۽ چيائين ته " ادا تومان اِها اميد ڪانه هئي جو اسان کي اڪيلو ڪري ويندين، ٻيو ته پنهنجي دوستي فورم تائين ته محدود ڪانه هئي، خير پر ٻيلي ڏاهو ٿي ۽واپس موٽي اچ نه ته زندگي ڀر توسان ڪونه ڳالهائيندس" وري مٿان ڦلپوٽي قفير ۽ ٻين دوستن جي ڳالهين اچي ماريو، اسلام آبادي ٿي ويو آهين، هاڻي اسان کي لفٽ ئي ڪانهي، اسلام آباد جو پاڻي پيتو اٿس۔۔ وغيره وغيره جهڙيون ڳالهيون۔ پوءِ ته مان ادي رشيد سان واعدو ڪيو ته چاهي ڇا به ٿي پوي آءُ فورم تي ضرور ايندس ۽ اهڙو ايندس جو توهان ڏسندا ئي رهجي ويندا۔ ادي رشيد چيو ته " اهڙا واعدا ڪري ماڻهو ڦري وڃڻ ۾ دير ناهن ڪندا" مسڪرائيندي چيم" هي ڪنهن عام جونه پر سائين نثار جي عبدو، فقير جي بلوچ ڀاءُ، علي علي جي دادلي جو واعدو آهي ڏس ته ڪيئن ٿو نڀايان۔ پوءِ ادا اُهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن هي فورم ۽ مان اصل ايلفي هڻي ڪري پاڻ سان گڏ چنبڙائي ڇڏيو آهي۔ صبح جو آفيس وڃڻ کان پهريان دوستن سانا ڪچهريون ڪري پوءِ ويندو آهيان، آفيس ڪا واپس اچي ڪري سڌو اچي اوطاق تي ۽ رات جو دير تائين ويٺو هوندو آهيان خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن ادو ننڊ مان اُٿي ڪري چوندو آهي ته " او ادا هاڻي ليپٽاپ کي بند ڪر ٽي ٿي ويا آهن صبح جو آفيس وڃڻو اٿئ۔" مان هائو ڪندو آهيان پر ادو سمجهي ويو آهي ته هي اٿندو ڪانه، ڪا خبر پوندي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ٽڙڪ سوئچ بند ته مون وارو ليپٽاپ به پند" پوءِ جڏهن بستري تي ويندو آهيان ته اهو سوچيندي سوچيندي ننڊ اچي ويندي آهي، الائي فورم تي ڪير ويٺو هوندو الائي ڪنهن جا جواب آيل هوندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وري خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن ادو صبح جو نماز لاءِ اٿاريندو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هي آهي سنڌ سلامت سان منهنجي رشتي ۽ سنگت ساٿ جي پريم ڪهاڻي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: عبدالوهاب کي مبارڪون۔۔۔ مون جي طرفان به مبارڪ باد قبول ڪندا ڀلا ڙي صالو تنهنجا ڀاڳ توهان جي ايڪٽيوٽي پڙهي خوشي ٿئي ان نموني سان فورم کي ٽائيم ڏيندا ڪريو سدائين گڏ