محمد عالم
سينيئر رڪن
پاڪستان ھن وقت تمام ڏکيي وقت مان گذري رھيو آھي۔پاڻي الله جي نعمت آھي پر جي اسان الله کي ناراض ڪنداسين ته اھو پاڻي اسان لاءِ مشڪلات پيدا ڪري ٿو۔پاڻي کي پنھنجي ڪابه طاقت ڪانھي اھو به الله جي حڪم جو محتاج آھي۔انسان کي ڪابه خبر نه ھوندي آھي ته سڀاڻي ڇا ٿيڻو آھي،ان ڪري پنھنجي مالڪ کي وساريو ويٺو آھي ۽ دنيا جي ڪمن ڪارن ۾ مشغول آھي۔
ھن وقت پاڻي پنجاب کي ڪافي نقصان پھچائي سنڌ جي زمين تي پنھنجي موجن سان مست ٿي جيڏاھن وڻيس رخ ڪيو وھندو پيو پنھنجي منزل طرف وڃي۔اڄ عوام مشڪل ۾ آھي، حڪمران پنھنجن موجن ۾ آھن۔جيڪي ڪنھن غريب ڏي نظر ڪري نھارڻ کي عيب ٿا سمجھن سي ھن ڏک جي گھڙي ۾ ڪھڙي مدد ڪندا۔ھي ماڻھون صرف عوام جي اڳيان ڪجھ ڪنڌ کڻڻ لا ھيليڪاپٽر ۾ چڪر ھڻي ٽي وي تي ڪجھ تصويرون ڪڍرا ھليا ٿا وڃن۔مون کي ته عجب ٿو لڳي اڄ سنڌي قوم جا سڄڻ ڪيڏھن ھليا ويا آھن، ھن ڏکي گھڙي ۾ عام ماڻھو جي ڪھڙي پيا مدد ڪن۔افسوس ھن ڳالھ جو به آھي ته ٺلھو سھارو به ڏيڻ لا نه پيا اچن۔
آ عوام کي اپيل ٿو ڪريان ته جيڪي به اوھان کان مدد پڄي سگھي سان پنھنجن ماڻھن جي ڪريو ھي ڏکيو وقت آھي۔انشاءالله خير سان گذري ويندو۔دوستن کي دعا لا به عرض ڪجي ٿو۔ مھرباني