”فراري ڪئمپون“ ۽ بلوچستان جي گهڻ رخي ”جدوجهد“ جمع 6 جنوري 2006ع اها حيرت جوڳي ڳالهه هئي، جو ڪوهلو واقعي کان صرف چار ڏينهن اڳ بلوچستان اسيمبليءَ جي اجلاس دوران وڏي وزير ڄام محمد يوسف صوبي جي مالي بحران جو ذڪر ڪندي چيو هو ته، ”صوبو پگهارن ڏيڻ جي پوزيشن ۾ به نه آهي،“ ۽ جڏهن ان اجلاس کان هڪ ڏينهن پوءِ ناڻي جي صوبائي وزير سيد احسان شاهه هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبي جي شديد مالي بحران واري خبر ٻڌائي هئي. وڏي وزير چيو هو ته، ”اسان جي پارٽيءَ جي صدر برساتن دوران تباهه ٿيل ڳوٺن جي حوالي سان گهر ٺهرائي ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، هينئر تائين اها ڳالهه فقط ڳالهه ئي آهي. ماڻهن مون کان پڇن ٿا ته ڪٿي آهن گهر؟ شايد اهو سمجهيو پيو وڃي ته اسان پئسا ختم ڪري ڇڏيا آهن.“ پر چئن ڏينهن بعد صدر جنرل پرويز مشرف جي بلوچستان جي دوري دوران ڪوهلو ۾ 8 راڪيٽ فائر ٿيڻ واري واقعي جي ٻئي ڏينهن ڄام محمد يوسف هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته، ”موجوده حڪومت صوبي ۾ ترقيءَ لاءِ ميگا پروجيڪٽ شروع ڪيا آهن، پر ترقيءَ جي اهڙي راهه ۾ رڪاوٽ وڌي پئي وڃي.“ هن صدر جنرل پرويز مشرف جي ڪوهلو لاءِ اعلانيل ڏيڍ ارب رپين جي پئڪيج جو ذڪر به ڪيو. تڏهن پريس ڪانفرنس دوران هڪ صحافيءَ کائنس سوال ڪندي چيو ته، ”سائين، هڪ طرف چئو پيا ته صوبو شديد مالي بحران جو شڪار آهي، ٻئي طرف وڏن پئڪيجن ۽ ترقيءَ جون ڳالهيون ڪريو پيا؟“ ڳالهين جو تضاد رڳو ان پريس ڪانفرنس دوران نظر نه آيو، پر گهرو معاملن واري وفاقي وزير آفتاب احمد شيرپائو گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، ”هر ٽئين مهيني ڪوئيٽا ايندس.“ پر ڪوهلو واري واقعي بعد گهرو معاملن وارو وفاقي وزير پنهنجي ڪوئيٽا جي دوري بعد ٽن مهينن بدران هفتي اندر ٻيهر گورنر هائوس پهچي ويو ۽ هن دفعي ڪا به پريس بريفنگ نه ڏنائين. آفتاب احمد شيرپائو ان کان اڳ نواب اڪبر بگٽيءَ پاران آپريشن واري خدشي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو هو ته، ”اهڙي قسم جي ڳالهه نواب اڪبر بگٽيءَ پاران سياسي طريقهءِ واردات آهي.“ پر هينئر ڊيره بگٽي جو ڊي سي او عبدالصمد لاسي پاڻ چوي ٿو ته نواب اڪبر بگٽي پنهنجو گهر ڇڏي ويو آهي. موجوده صورتحال هڪ حوالي سان نواب اڪبر بگٽيءَ جي انهن خدشن کي صحيح ثابت ڪيو آهي، جنهن ۾ هن ڊيره بگٽيءَ ۾ آپريشن جا خدشا پئي ڏيکاريا. پر صورتحال جي ان موڙ تي اچڻ جو سبب صدر جنرل پرويز مشرف جي ڪوهلو واري دوري دوران 8 راڪيٽ فائر ٿيڻ واري واقعي ۽ ان بعد ايف سي جي آءِ جي ميجر جنرل ضمير حسين ڊار ۽ ڊي آءِ جي ايف سي سليم نواز کي هيليڪاپٽر ذريعي واقعي واري جڳهه جو معائنو ڪرڻ لاءِ وڃڻ دوران راڪيٽ فائر ڪري زخمي ڪرڻ ڄاڻايو پيو وڃي، جن کي زخمي حالت ۾ ڪوئيٽا جي سي ايم ايڇ اسپتال ۾ پهچايو ويو. انهيءَ ڏينهن ئي بلوچستان جي گهرو کاتي جي وزير شعيب نوشيرواني، ڄام محمد يوسف جي پريس ڪانفرنس بعد موبائيل فون اٽينڊ ڪندي ڳالهائڻ واري کي چيو هو ته، ”ماڻهو توهان جا ته نه آهن؟“ صحافين پاران سوال ڪرڻ تي شعيب نوشيرواني نٽائيندي چيو هو ته رپورٽ اچي ويندي ته پوءِ ٻڌائينداسين. بلوچستان ۾ وڏي وزير ڄام محمد يوسف کان وٺي عام ماڻهن تائين ڪوهلو ۾ راڪيٽ فائر ٿيڻ وارن واقعن کي معمول جا واقعا سمجهيو پيو وڃي. ”ڪوهلو ۾ ته راڪيٽ فائر ٿيندا رهندا آهن، اتي ته اهو معمول آهي.“ ڄام محمد يوسف هڪ سوال جي جواب ۾ چيو هو. ڪوهلو جي جندران پهاڙن وٽان راڪيٽ فائر ٿيڻ وارا واقعا مقامي اخبارون معمول موجب شايع ڪنديون رهنديون آهن، پر صوبي جي وڏي وزير ڄام محمد يوسف جي قلات واري گهر تي سندس گهر واريءَ ۽ خان آف قلات جي نياڻيءَ جي موجودگيءَ ۾ راڪيٽ فائر ڪري گهر جون ڀتيون ٽوڙڻ کان وٺي خضدار کان ايندي وڏي وزير ڄام محمد يوسف جي قافلي تي حملو ڪري سندس اهلڪار مارڻ واري واقعي تائين ڪيترائي غير معمولي واقعا ٿي چڪا آهن. ”ڇا ماڻهو رڳو هنن وٽ آهن، اسان وٽ ماڻهو نه آهن؟ پر صوبي جي چيف ايگزيڪيوٽو هجڻ جي حيثيت ۾ اسان جا هٿ ٻڌل آهن.“ ڄام محمد يوسف انهن ڏينهن ۾ چيو هو، پر هن ڀيري ڄام محمد يوسف اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته، ”اسان جي ثقافت آهي ته مهمان جي عزت ڪندا آهيون، پر مهمان جي ڪوهلو اچڻ دوران راڪيٽ فائر ٿيڻ وارو واقعو اسان جي ثقافت جو حصو نه آهي.“ انهيءَ ڏينهن ئي ايوان صدر اسلام آباد مان اها خبر جاري ڪئي وئي ته صدر جنرل پرويز مشرف کي ڪوهلو اچڻ جي دعوت ڪوهلو جي ناظم ڏني هئي، جنهن ۾ نواب خير بخش مري جي پٽ ايم پي اي مير بالاچ مريءَ کي پڻ مدعو ڪيو ويو هو، پر هو پاڻ به نه آيو ۽ ناظم کي به ”زبردستيءَ“ روڪيو ويو. ”منهنجي ئي علائقي ۾ اچي مون کي دعوت ڏني ٿي وڃي! هڪ طرف ”ٽن سردارن“ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، ٻئي طرف انهن ”ٽن سردارن“ منجهان هڪ سردار نواب خير بخش مري جي پٽ کي دعوت ڏني ٿي وڃي، جيڪا ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نه ٿي اچي.“ مير بالاچ مري چيو. ڪوهلو ۾ ڪارروائيءَ جي ترديد ته هاڻي حڪومت پاڻ به نه ٿي ڪري پر انهيءَ ڪارروائيءَ پٺيان ”فراري ڪئمپن“ ۽ ”شرپسندن“ خلاف ڪارروائيءَ واري ٿيوري يا موقف اختيار ڪيو ويو آهي. هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي ميمبر ڊاڪٽر مبشر حسن جو چوڻ آهي ته، ”ماڻهن جي حڪومت سان ويڙهه آهي، حڪومت جي سردارن سان ۽ سردارن جي پاڻ ۾ ۽ عوام سان ويڙهه پئي هلي. هاڻي عوام ”نه“ چوڻ جي جرئت ڪري چڪو آهي. سڀ ڌريون پنهنجي پنهنجي طاقت استعمال ڪري رهيون آهن.“ ڪوهلو، ڪاهان ۽ ڊيره بگٽيءَ ۾ ٿيندڙ ڪارروائي جي حمايت ۾ ڳالهائيندڙ ڌريون ”سرداري نظام“ جي خلاف ڪارروائيءَ کي جائز قرار ڏئي رهيون آهن، جنهن ۾ ڊيره بگٽيءَ جي علائقي بيڪڙ سان تعلق رکندڙ قادر مسوري ۽ ڪوهلو سان تعلق رکندڙ محبت خان مري جهڙا ماڻهو شامل آهن، جن ڊيره بگٽي ۽ ڪوهلو ۾ جاري ڪارروائيءَ دوران ڪوئيٽا ڪينٽ ۾ واقع ڪوئيٽا ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪارروائيءَ کي جائز قرار ڏيندي نواب اڪبر بگٽي کي عدالت ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو هو. ”نواب اڪبر بگٽي 12 سالن جي عمر ۾ پهريون خون ڪيو هو، مٿس 152 ڪيس داخل آهن، وٽس نجي جيل آهي، جتي اسان جي 4 6 1 ماڻهن کي قيد ڪيو ويو، هينئر تائين 5 ماڻهو لاپته آهن، اسان جي ماڻهن جون مڇون، ڀرون ۽ وار ڪوڙيا ويا آهن. اسان جو ڏوهه فقط ايترو هو جو اسان علائقي ۾ ترقي چاهيون پيا.“ هنن پريس ڪانفرنس ڪندي نواب اڪبر بگٽيءَ تي الزام مڙهيا هئا. نواب اڪبر بگٽي جي بگٽي قبيلي اندر 1992ع دوران مير حمزا بگٽيءَ جي قتل واري واقعي دوران خوني تڪرار شروع ٿيو، جنهن جو الزام نواب اڪبر بگٽيءَ تي لڳايو ويو، جنهن جي پلاند طور نواب اڪبر بگٽيءَ جي نوجوان پٽ نوابزاده سلال بگٽيءَ کي ماريو ويو. بگٽي قبيلي اندر اهڙي ويڙهه هينئر تائين نواب اڪبر بگٽي ۽ آغا شاهد بگٽيءَ جي پٽن سميت ڪيتريون ئي انساني جانيون ڳڙڪايون آهن. نواب اڪبر بگٽي انهيءَ واقعي کان اڳ بنا ڪنهن باڊي گارڊ جي ڪوئيٽا جي روڊن رستن تي گهمندو هو. هڪ صحافي وڌيڪ چيو ته، ”نواب اڪبر بگٽيءَ جا پنهنجي قبيلي اندر اهڙي جهيڙي، مرين، ڊومڪين ۽ مزارين سان تڪرارن سبب نه رڳو، ڊيره بگٽيءَ جي پهاڙن تي بگٽي قبيلي جا ماڻهو هٿياربند ٿي ويا پر نواب اڪبر بگٽي پاڻ به هٿياربند باڊي گارڊن جي پهري ۾ هلڻ لڳو. جڏهن ته نواب خير بخش مريءَ جي علائقي ڪوهلو، ڪاهان ۾ مرين جا ٽي پاڙا گزني، بجاراڻي ۽ لوهراڻي آباد آهن، جن مان گزني پاڙو نواب خير بخش مري جو پاڙو آهي. مرين ۾ تازو خوني جهيڙا ان وقت شروع ٿيا، جڏهن بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس نواز مري کي قتل ڪيو ويو، جنهن جو الزام نواب خير بخش مري ۽ سندس پٽن تي لڳو. نواب خير بخش مري اهڙي الزام هيٺ 18 مهينا جيل ڪاٽيو. مير محبت خان، جسٽس نواز مري جو ننڍو ڀاءُ آهي. جتي هاڻي نواب خير بخش مري جي گزني پاڙي ۽ مير هزار خان بجاراڻي جي بجاراڻي پاڙي سان جسٽس نواز مريءَ جي ڀاءُ محبت خان مري جو تڪرار هلندڙ آهي. نواب خير بخش مريءَ جو پٽ مير بالاچ مري الزام هڻندي چوي ٿو ته، ”سرڪار مرين کي ختم ڪرڻ لاءِ بجاراڻين جي هڪ هزار ماڻهن کي ليويز ۾ ڀرتي ڪيو.“ بلوچستان جا ماڻهو ٻڌائين ٿا ته ڪوئيٽا کان لورالائي ۽ لورالائي کان ڪوهلو وارو رستو انهن بجاراڻين جو آهي، جڏهن ته سبيءَ کان تلي ۽ تلي کان ڪاهان ۽ ڪوهلو واري رستي تي نواب خير بخش مري جا گزني مري آباد آهن. هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي وفد جي ڪوئيٽا پهچڻ دوران ذريعا ٻڌائين ٿا ته جنهن عبدالرحمان کيتران جي ڪوئيٽا واري گهر تي نواب اڪبر بگٽي ۽ نواب خير بخش مريءَ جي مخالفن پريس ڪانفرنس ڪئي، انهيءَ عبدالرحمان کيتران عاصمه جهانگير سان موبائيل تي ڳالهائيندي کيس انهن علائقن ڏانهن اچڻ لاءِ قائل ڪيو هو، جيڪي نواب خير بخش مري جا مخالف علائقا سڏجن ٿا. پر عاصمه جهانگير انهن علائقن ڏانهن وڃڻ بدران سبي ۽ تلي واري رستي جي چونڊ ڪئي. ”هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان وارن کي رڳو نواب اڪبر بگٽيءَ ۽ نواب خير بخش مريءَ وارا ياد پون ٿا، اسان جي مسئلي تي چون ٿا ته اهو قبائلي مسئلو آهي.“ غلام قادر مسوري بگٽي ۽ محبت خان مري ڪوئيٽا ڪلب ۾ ڳالهائيندي چيو هو. سبيءَ کان تلي ۽ تليءَ کان ڪاهان واري علائقي جي پهاڙن اندر ڪلاڪن تائين سفر ڪرڻ باوجود ڪنهن به سولين جي نه ملڻ کي عاصمه جهانگير ”پش بئڪ پاليسي“ سڏيندي چيو ته ماڻهن جي نه هجڻ وارو واقعو به ته غير معمولي آهي. جتي فرنيٽئر ڪور جي اهلڪارن سان ڳالهائيندي افراسياب خٽڪ، حبيب جالب جو اهو شعر خبر ناهي ته ڇو ٻڌايو ته، وه کهتي هين همين محبت نهين وطن سي سمجها رهين هين محبت وه مشين گنون سي بلوچستان جي انهن مري، بگٽي علائقن سان تعلق رکندڙ ماڻهو انهن ”ٽن سردارن“ جي سرداري نظام جي خاتمي واري موقف سان متفق هئڻ بدران اهو سوچي رهيا آهن ته انهن ٽن سردارن جي اثر کي ختم ڪيو پيو وڃي. جتي نواب اڪبر بگٽي ۽ نواب خيربخش مري جي ڊيره بگٽي ۽ ڪوهلو وارن علائقن کان علاوه عطاءُ الله مينگل جي خضدار واري علائقي ۾ سندس گهر مٿان راڪيٽ فائرنگ وارو واقعو به دليل طور ڏنو پيو وڃي، جنهن ۾ سردار اسد الله مينگل به زخمي ٿيو هو. ”اهو پهريون ڀيرو آهي، جو مينگل سڌو پنهنجي سردار سان ٽڪراءَ ۾ آيا هجن،“ ڪوئيٽا ۾ هڪ سياسي ڪارڪن چوي ٿو. سردار عطاءُ الله مينگل جي علائقي ۾ سردار عطاءُ الله مينگل ۽ وفاقي وزير مير نصير مينگل جي ڌرين ۾ بازار اندر دڪانن جي مالڪيءَ تان هٿيارن جا منهن کليا هئا. ”سردار عطاءُ الله مينگل ۽ نواب خير بخش مري جهڙن سردارن جو اثر گهٽائي سندن جڳهه تي مير نصير مينگل، غلام قادر مسوري بگٽي ۽ محبت خان مري کي اڳتي آندو ويندو“، جهڙا سوال هتي عام بحث هيٺ اچي رهيا آهن. جڏهن ته موجوده بلوچستان واري صورتحال کي سرڪار جي ”شرپسندن“ خلاف ڪارروائي واري موقف جي جواب ۾ اها ٿيوري به عام آهي ته اها سموري ڪارروائي گئس ۽ پئٽرول جهڙي معدنيات حاصل ڪرڻ واري ڪارروائي آهي، جنهن ڪري امن امان جو مسئلو فقط انهن علائقن ۾ آهي، جتي تيل ۽ گئس جا ذخيرا آهن، جيڪي علائقا انهن ٽن سردارن، نواب اڪبر بگٽي، نواب خير بخش مري، سردار عطاءُ الله مينگل جا ڊيره بگٽي، ڪوهلو، ڪاهان، ميمونه، ڀنڀور، خضدار سرونا وارا علائقا آهن، جتي تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا آهن. بلوچستان جا اهي ئي سردار هينئر مڪمل طرح سان ميگا پروجيڪٽس ۽ ترقي وارين ڳالهين سان متفق نه آهن، جتي تليءَ کان ڪوهلو، ڪاهان ۽ ڊيره غازي خان واري رستي ٺاهڻ جي حوالي سان به گزني مرين کي اهي خدشا آهن ته انهيءَ رستي جي تعمير سان سندن علائقن جا وسيلا ختم ٿي ويندا، جنهن ڪري ذوالفقار علي ڀٽي جي دور کان وٺي هينئر تائين عام ماڻهن چواڻي، مري انهيءَ روڊ جي تعمير جي خلاف آهن، پر ڪوهلو جو ناظم انهيءَ ڳالهه جي ترديد ڪري ٿو. چون ٿا ته انهيءَ روڊ لاءِ پئسا نه رڳو موجود آهن، پر مير بالاچ مريءَ جي ڀاءُ گزين مري جي صوبائي وزير هئڻ دوران انهيءَ جو ٺيڪو به آفر ڪيو ويو هو، جنهن روڊ تي هاڻي ايف سي جون چوڪيون قائم ٿي ويون آهن. zguramani@yahoo.com
جواب: محترم ذوالفقار گراماڻي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ اڪبر بگٽي جو ”اثر“ ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت جي ”حڪمت عملي“ خميس 2 فيبروري 2006ع ڊيره بگٽي ضلعي جي هڪ لک 81 هزار آباديءَ ۾ هاڻي ٽن هزار ڪلپر بگٽين جو به اضافو ٿيندو، جيڪي ملتان، ڊيره غازي خان، سکر سميت سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ گذريل 15سالن کان آباد هئا، جن کي هاڻي سرڪاري سرپرستيءَ ۾ سئي ۽ ڊيره بگٽي علائقن ۾ واپس آڻي آباد ڪيو پيو وڃي. پر ان انگ تي به تڪرار موجود آهي. جمهوري وطن پارٽي جا اڳواڻ انهن ڪلپر ۽ مسوري بگٽين جي 3 هزارن واري انگ سان اتفاق نه ٿا ڪن ۽ جيڪڏهن اهو تسليم به ڪري وٺجي ته اهو انگ 3 هزار ڪلپر ۽ مسوري بگٽين تي مشتمل هوندو، جيڪي ڪشمور جي ڊيره موڙ رستي سئي واپس پهچي چڪا آهن، تڏهن به انهن بگٽي بلوچن جي امن امان جو سوال وري به موجود رهي ٿو، جيڪي صدين کان ڊيره بگٽي ۽ سئي ۾ رهندي نواب اڪبر بگٽي کي پنهنجو سردار تسليم ڪن ٿا. ڊيره بگٽي جي ڊي سي او عبدالصمد لاسي چواڻي: ”ڊيره بگٽي ضلعي جا ٻه وڏا شهر ڊيره بگٽي ۽ سئي ئي آهن، جن مان 5 2 هزارن کان وڌيڪ آبادي ڊيره بگٽي ۾ ۽ 30 هزار کان وڌيڪ آبادي سئي ۾ آباد آهي، جتي هندن ۽ سکن جي آبادي ۽ پاڙا به آهن، جيڪي ان علائقي جي امن امان واري مسئلي سبب نه رڳو پنهنجا محلا، گهر روزگار جا ذريعا ڇڏي سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ڏانهن لڏي ويا آهن، پر انساني جانين جو سڀ کان وڌيڪ نقصان به اهڙي آبادي ئي برداشت ڪري چڪي آهي.“ هڪ پاسي جتي ”سردار جي ظلم“ جي ستايل ڪلپر بگٽين کي واپس آڻي آباد ڪيو پيو وڃي، اتي صرف ڊيره بگٽي جي 5 2 هزار کان وڌيڪ آبادي کي نواب اڪبر بگٽي سميت امن امان جي انهيءَ مسئلي هيٺ پنهنجا گهر ڇڏڻا پئجي ويا آهن. نواب اڪبر بگٽي انهيءَ متعلق ڳالهائيندي چيو ته، ”چارلس نيپئر جڏهن سنڌ کي فتح ڪيو، تنهن دور ۾ هن بلوچستان جي ڊيره بگٽي واري علائقي تي چڙهائي ڪري فائرنگ ڪئي هئي، جتي آبادي گهٽ هئڻ ڪري بگٽي بلوچ چارلس نيپئر جو مقابلو ڪري نه سگهيا هئا، 7 7 کان وڌيڪ بلوچن کي گرفتار ڪري خيرپور نيو ويو هو. جنهن کي هيترو عرصو گذري ويو آهي ۽ وري هاڻي اهڙي صورتحال پيدا ٿي آهي، جو بگٽين کي پنهنجا گهر ڇڏڻا پئجي ويا آهن.“ جڏهن ته بگٽين جي ستن شاخن منجهه مسوري بگٽي به هڪ شاخ آهي. نواب اڪبر بگٽي جو تعلق بگٽي قبيلي جي راهيجه شاخ سان آهي، جڏهن ته ڪلپر بگٽين جي ذيلي شاخن منجهان بندلاڻي ڪلپر بگٽين جو راهيجه ڪلپر بگٽين سان تڪرار هلندڙ آهي. جلال خان ڪلپر بگٽي جي قيادت ۾ ملتان ۽ سکر جي علائقن منجهان ڪلپر بگٽين جو قافلو آڻي ٻيهر سئي ۽ بيڪڙ جي علائقي ۾ آباد ڪيو پيو وڃي، ان جلال خان ڪلپر بگٽيءَ جو تعلق ڪلپر بگٽين جي ذيلي شاخ بندلاڻي جي ذيلي شاخ رگهازئي جي گلشيرزئي سان آهي. نواب اڪبر بگٽي جي راهيجه بگٽي ۽ ڪلپر بگٽي جي بندلاڻي بگٽين ۾ تڪرار بلدياتي چونڊن دوران تڏهن شروع ٿيو، جڏهن ڪلپر بگٽين جو مير حمزا بگٽي مارجي ويو، جنهن جو الزام نواب اڪبر بگٽي وارن تي لڳو. جنهن بعد نواب اڪبر بگٽيءَ جو پٽ نوابزاده سلال بگٽي مارجي ويو. ٻنهي ڌرين جي جهيڙي بعد هينئر تائين سون جي تعداد ۾ بگٽي قبيلي جا ماڻهو مارجي ويا آهن. سئي شهر جو هڪ رهواسي ٻڌائي ٿو ته، ”اها ڳالهه چڱي آهي ته 15 سالن کان بي گهر ٿيل ڪلپر بگٽين کي ٻيهر اچي پنهنجي گهرن ۾ آباد ڪيو وڃي، پر انهيءَ جي قيمت باقي بگٽين جي لڏ پلاڻ جي صورت ۾ هجڻ نه گهرجي.“ اهو پڻ چيو پيو وڃي ته انهن ڪلپر ۽ مسوري بگٽين جي هتي اچڻ بعد اتي رهندڙ مقامي بگٽين هتان لڏپلاڻ شروع ڪئي آهي. ”توهان انهن 25 هزارن کان وڌيڪ بگٽين جي رپورٽنگ ڇو نه ٿا ڪريو، جيڪي ڊيره بگٽي ڇڏي ڪشمور، جهٽ پٽ، جيڪب آباد سميت مختلف علائقن ڏانهن لڏي ويا آهن.“ ڊيره بگٽيءَ جو هڪ رهواسي صحافين جي وفد کي صلاح ڏيندي چوي ٿو. هو وڌيڪ چوي ٿو ته، ”اسان جا هزارين بگٽي خاندان هينئر دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن.“ اها ڳالهه پڻ مشاهدي ۾ آئي آهي ته ڪلپر بگٽين کي ڊيره موڙ وٽان سئي سخت سيڪيورٽي ۾، اتي موجود چيڪ پوسٽن کي کولي، بنا ڪنهن پڇا ڳاڇا جي روانو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ان ساڳئي رستي تان لنگهندڙ ڊيره بگٽيءَ جي بگٽين کي پڇا ڳاڇا جي عمل مان گذاريو وڃي ٿو. ان لاءِ جواز رڳو شر پسندن خلاف ڪارروائي وارو ڏنو پيو وڃي. ڊيره بگٽي شهر جا رهواسي چون ٿا ته نواب اڪبر بگٽي ۽ سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ هن کان اڳ به ڇڪتاڻ رهندي آئي آهي، پر هي علائقو اڳ ايترو غير محفوظ نه هو، جيترو هينئر ٿي ويو آهي. هتي ته اها ڳالهه به عام آهي ته حڪومت گئس ڪمپنيءَ مان نواب اڪبر بگٽي جي حامين کي ڌڪي ڌار ڪري ڪلپر بگٽين کي نوڪريون ڏيڻ جي پلاننگ ڪئي آهي، جنهن ڪري ئي نواب اڪبر بگٽي جو علائقي تان ڪنٽرول ختم ٿي سگهندو. اهڙي ٿيوري تي بحث دوران ئي اها ڳالهه به چئي پئي وڃي ته نواب اڪبر بگٽيءَ جو سئي وارو گهر خالي ڪرايو ويو آهي، جيڪو نواب اڪبر بگٽيءَ تائين ماڻهن جي آساني سان پهچڻ جو ذريعو بڻيل هو. هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جو، عاصمه جهانگير جي قيادت ۾ وفد هجي، يا وري مختلف علائقن مان ڊيره بگٽي پهچندڙ صحافين جا وفد هجن يا ڊيره بگٽي کان ڪوئيٽا ۽ ڪراچي ويندڙ نواب اڪبر بگٽي جي خاندان جا ماڻهو هجن، اهي انهيءَ گهر ۾ اچي ترسندا هئا. سئي واري انهيءَ گهر جو، جنهن کي نواب اڪبر بگٽيءَ جا باڊي گارڊ قلعو ۽ قلات ڪري سڏين ٿا، انچارج نبي بخش بگٽي چوي ٿو ته، ”پهريائين نواب اڪبر بگٽي آفيسر ڪلب ۾ رهندو هو، جتي آفيسرن چيو ته نواب اڪبر بگٽي جي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي آفيسرس ڪلب واري ڪمري ۾ اچڻ ڪري معمول جي زندگي متاثر ٿئي ٿي، جنهن بعد گئس ڪمپني جي احاطي اندر بنگلو نمبر ٽيون الاٽ ڪيو ويو. ان تي به گئس ڪمپنيءَ جي مئنيجر اچي چيو ته هتي ڊسٽرب ٿيون ٿا، جنهن ڪري نواب اڪبر بگٽي سئي شهر اندر چار ايڪڙن تي مشتمل پلاٽ خريد ڪري سنڌ مان اوڏ گهرائي تعمير ڪرايو.“ ڊيره بگٽي جو ڊي سي او عبدالصمد لاسي هجي يا ايف سي جو ڪرنل، اهي سڀئي چون ٿا ته سئي وارو اهو بنگلو نواب اڪبر بگٽي جو گهر نه پر گئس ڪمپنيءَ جي ملڪيت آهي. پنهنجي ڊيره بگٽيءَ وارو گهر ڇڏڻ بعد نواب اڪبر بگٽي چوي ٿو ته، ”ڪلپر بگٽين جا الزام هجن يا سئي واري گهر اندر ٽارچر سيل هٿ اچڻ واري دعويٰ هجي، مان چوان ٿو ته ارشاد احمد حقاني، اياز مير ۽ سيد مشاهد حسين تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي تحقيقات ڪرائي وڃي، جيڪو انهن جو فيصلو هوندو، اهو اسان کي قبول هوندو.“ نواب اڪبر بگٽي جي سئي واري گهر کي ڪنٽرول ڪرڻ واري خبر سان گڏ اهو بحث به هاڻي عام شهرين جي ڪچهريءَ جو موضوع بڻجي ويو آهي ته اهڙي عمل ذريعي گئس ڪمپنيءَ سان ٿيل معاهدا پنهنجي پڄاڻي تي پهچي ويندا، جنهن بعد ڪلپر بگٽين کي نواب اڪبر بگٽي جي مقابلي ۾ اڳتي آندو ويندو. بهرحال ڇا به هجي، پر اها ڳالهه جتي فورسز جي فائدي ۾ ويندي. اتي بلوچستان کي گهرو ويڙهه ڏانهن وٺي وڃڻ جو سبب پڻ بڻجي سگهي ٿي. ڪلپر بگٽين کي واپس آڻڻ وارو عمل بگٽين لاءِ انهيءَ ڪري نئون نه آهي، جو بينظير ڀٽو جي دور ۾ به کين واپس آڻي آباد ڪيو ويو هو، جيڪي بعد ۾ وري اتان هليا ويا. هينئر ڪوهلو ۾ مير محبت خان مري ۽ ڊيره بگٽي ۽ سئي ۾ ڪلپر بگٽين کي آڻي آباد ڪيو پيو وڃي، پر انهيءَ سان بلوچستان جو مسئلو حل ٿيڻ بدران ويتر خراب ٿي ويندو. ان ڇڪتاڻ جو بلوچستان جي قومپرست سياست تي پڻ خراب اثر پوندو. هونئن ته حڪومت فراري ڪئمپن جي ڳالهه آپريشن جي جواز طور سامهون آڻيندي رهي آهي پر فورسز جو آپريشن به اهڙا هاڃيڪار اثر شايد ئي نه آڻي سگهي جيڪو نقصان بلوچن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ سبب پيدا ٿي سگهي ٿو. ان جو بلوچستان جي ايڪي ۽ ايڪانامي ٻنهي تي اثر اڻٽر آهي. zguramani@yahoo.com
جواب: محترم ذوالفقار گراماڻي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ چيني انجنيئرن جي قتل پٺيان ڪهڙا هٿ آهن؟ جمع 17 فيبروري 2006ع بلوچستان جي حب شهر ويجهو اٽڪ سيمينٽ فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندڙ چيني انجنيئرن مان ٽي انجنيئر ۽ سندن پاڪستاني ڊرائيور اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويا آهن. فئڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندڙ 14 انجنيئرن مان باقي رهيل 11 انجنيئرن کي حڪومت واپس پنهنجي وطن اماڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. صدر مشرف جي چين جي دوري تي اسهڻ کان چار ڏينهن اڳ چيني انجنيئرن تي ٿيل حملي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٽن انجنيئرن جي مارجي وڃڻ واري واقعي کي تجزيه نگار پنجنجن تبصرن ۾ غير معمولي اهميت ڏيئي رهيا آهن. بلوچستان جي شهر حب کان 35 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ساڪاران جي علائقي ۾ اٽڪ سيمينٽ فئڪٽري ۾ 14 چيني انجنيئر ڪم ڪندا هئا، جن جي سيڪيورٽي لاءِ وڏي تعداد ۾ پرائيويٽ گارڊ مليل آهن. فئڪٽري ۾ صبح کان شام 5 وڳي تائين ڊيوٽي ڪرڻ بعد جڏهن چيني انجنيئر هڪ ڪلوميٽر فيڪٽري کان پري فئڪٽريءَ جي ريسٽ هائوس ۾ واپس ويندا آهن، تڏهن ساڻن سيڪيورٽي گارڊ گڏ هوندا آهن، پر واقعي واري ڏينهن چيني انجنيئر سيڪيورٽي گارڊن کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ بدران پنهنجي پاڪستاني ڊرائيور کي ساڻ وٺي ريسٽ هائوس ڏانهن روانا ٿيا هئا. سيڪيورٽي کان سواءِ چيني انجنيئرن جي، ريسٽ هائوس ڏانهن وڃڻ واري عمل سيڪيورٽي وارن کي به مونجهاري جو شڪار بڻايو آهي،“ ڊي آءِ جي خضدار پرويز ظهور چيو، ”سيڪيورٽي نه هئڻ واري واقعي جي به تحقيقات ڪنداسين.“ بلوچستان جي حب، لسٻيلي واري علائقي جي حوالي سان 2مهينا اڳ بلوچستان جي گورنر اويس عني، وڏي وزير ڄام محمد يوسف ۽ صوبائي ڪابينا سان بلوچستان جي امن امان جي مسئلي تي اهم ميٽنگ ڪئي هئي، بعد ۾ وفاقي وزير آفتاب احمد شيرپائو، خاص طور تي انهن علائقن ۾، جتي چيني ڪم ڪري رهيا آهن، ڪنهن به عام ماڻهو جي هٿيار کڻي هلڻ تي پابندي عائد ڪئي هئي، بارڊر تي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي ۽ ليويز کي پوليس ۾ ضم ڪرڻ جو فيصلو ڪندي آفتاب احمد شيرپائو چيو هو ته اهڙا فيصلا انهيءَ ڪري ڪرڻا پئجي رهيا آهن، ته جيئن ڪو ڏوهاري هتي ڪارروائي ڪري بارڊر ڪراس ڪري نه وڃي. بلوچستان ۾ هن وقت سڀ کان وڌيڪ بحث هيٺ رهندڙ نواب خير بخش مريءَ جي اثر واري علائقي ڪوهلو ۾ صحافين جي وفد کي بريفنگ ڏيندي سيڪيورٽي فورسز جي ذميوار عملدار چيو هو ته، ”چيني انجنيئر، جيڪي هتي ڪم ڪري رهيا آهن، اهي پنڌ توڙي سائيڪلن تي گهمندا رهندا آهن، جنهن ڪري انهن تي حملا ٿي رهيا آهن.“ سيڪيورٽي فورسز جي ان عملدار وڌيڪ چيو ته، ”ان حملي ۾ ٻاهريون نيٽ ورڪ ملوث ٿي سگهي ٿو، جيڪو نٿو چاهي ته بلوچستان ۾ چيني ڪم ڪن. چيني انجنيئرن کي قتل ڪندڙ انهن ٻاهرين هٿن ۾ کيڏي رهيا آهن.“ ٻاهرين هٿ مان توهان جي ڇا مراد آهي؟ واري سوال جي جواب ۾ ان وراڻيو ته، ”اهو سوال مون سان واسطو نه ٿو رکي، اهو پرڏيهي ترجمان کان پڇو.“ گوادر ۾ 2004ع ۾ ٽن چيني انجنيئرن کي فائرنگ ڪري مارڻ واري واقعي جي ذميواري بلوچستان لبريشن آرمي قبول ڪئي هئي. بلوچستان لبريشن آرميءَ جي ترجمان سڏائيندڙ ميرڪ بلوچ ڪوئيٽا جي اخباري آفيسن ۾ فون ڪري هن واقعي جي ذميواري قبول ڪئي آهي. فون ڪندڙ اهو پڻ چيو ته، ”حب ۾ چيني انجنيئرن جي مارجي وڃڻ واري واقعي جي ذميواري قبول ڪريون ٿا ۽ اهو صاف ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته چيني انجنيئر ڪم ڇڏي هليا وڃن، ٻي صورت ۾ سندن خلاف اهڙيون ڪارروايون جاري رهنديون، ڇو ته بلوچستان ۾ گوادر ميگا پروجيڪٽ سميت جيڪي پروجيڪٽ هلي رهيا آهن، انهن ۾ ٻئي ڪنهن به ملڪ جا ماڻهو ڪم نه ٿا ڪن، سواءِ چيني ماڻهن جي. چيني انجنيئر اسان کي ختم ڪرڻ وارا پروجيڪٽ تيار ڪري رهيا آهن.“ بلوچستان ۾ ٿيندڙ ڌماڪن ۽ فائرنگ جي ڪارروائين جي ذميواري قبول ڪندڙ بلوچستان لبريشن آرمي سان جيتوڻيڪ بلوچستان جي حقن جي ڳالهه ڪندڙ پارٽيون وابستگيءَ جي ترديد ڪنديون رهيون آهن، پر ان باوجود بلوچستان اندر ٿيندڙ اهڙن واقعن جي نه رڳو کليل لفظن ۾ مذمت نه ٿي ڪئي وڃي پر سردار عطاءَ ا مينگل جا ڪوئيٽا پريس ڪلب ۾ چيل اهي لفظ ياد آهن ته، ”اهي اسان جو رت آهن، انهن کي سلام آهي، اسان ڪيئن چئون ته اهي اسان مان نه آهن.“ جڏهن ته عام خيال اهو آهي ته اهو سڀ ڪجهه عالمي قوتن جي ڇڪتاڻ جو نتيجو آهي، zguramani@yahoo.com
جواب: محترم ذوالفقار گراماڻي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ ٻوڏ، لکين ماڻهن جي دربدري ۽ رليف جو انتظار! آچر پهرين جولاءِ 2007ع بلوچستان جي سامونڊي طوفان ۽ برساتي وهڪري ۾ ڦاٿل اٺ لک کان وڌيڪ آبادي جا مٽ، مائٽ ۽ عزيز هاڻي ردعمل جهڙي صورتحال ۾ اچي ويا آهن. تربت شهر ۾ ڏهه هزار شهري مڇرجي هڪ جلوس جي صورت ۾ ڊي سي او، ڊي پي او ۽ ضلعي ناظم جي آفيس کي گهيري ۾ آڻين ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس کي ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا گولا ۽ پنجيتاليهن منٽن تائين هوائي فائرنگ ڪرڻي پئي، جنهن ۾ ڊي پي او عمران محمود سميت ست ڄڻا زخمي ٿي پيا. شهرين پنهنجي علائقي جي چونڊيل ميمبر ۽ بلوچستان جي ناڻي جي انهيءَ صوبائي وزير سيد احسان شاهه جي آفيس کي به باهه ڏئي ڇڏي، جنهن گذريل ڏينهن ئي بلوچستان جي سندس چوڻ موجب بهتر بجيٽ پيش ڪئي هئي. بجيٽ دوران مخالف ڌر وارن جو مٿس الزام هو ته هيءَ بجيٽ پنجن ضلعن يعني حڪومتي ميمبرن جي پنهنجي علائقي جي آهي. پنجن سالن تائين انهن ئي پنجن ضلعن ۾ ڪم ڪرايا ويا آهن پر جيڪا صورتحال هينئر برساتي وهڪري ظاهر ڪري ڇڏي آهي، ان کان پوءِ هاڻي ساڳيا مخالف ڌر وارا انهن ئي سرڪاري ميمبرن جي شهرن ۾ ٿيل تباهيءَ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن. تربت جي رليف آفيس ۾ ويٺل هڪ شخص ٻڌايو ته، مان رليف آفيس کان نڪري ايئرپورٽ ويجهو اچي بيٺو آهيان. پنجيتاليهن منٽن تائين فائرنگ ٿي آهي. ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي گولن ڪرڻ سبب اکيون نه ٿيون کلي سگهن. هڪڙي بيهوش ٿيل صحافيءَ کي کڻي پاڻيءَ ۾ اڇليوسين، جنهن تي هو هوش ۾ آيو. تربت جي هڪ شهري ٻڌايو ته ڊي سي او، ناظم، روينيو جي آفيسرن ايف سي ڪئمپ ۾ وڃي پناهه ورتي آهي، جڏهن ته انهن جون آفيسون ڊاهي پٽ ڪيون ويون آهن. ايئرپورٽ کي سيل ڪيو ويو آهي. تربت ويجهو بليده ۾ بيماري ڦهلجي وئي آهي، جنهن بيماريءَ جي شڪار ٿيل ڪجهه مريضن کي اسپتال پهچايو ويو. پر علائقي ۾ ميڊيڪل جي ڪا به ٽيم ناهي پهچي سگهي. ننڍا جانور لڙهي رهيا آهن. ميديڪل سان تعلق رکندڙ هڪ تنظيم چيو آهي ته، جيڪڏهن انهن جانورن کي نه هٽايو ويو ته ڦهلجندڙ بيماري وڏي انساني تباهيءَ جي صورت ۾ سامهون ايندي. يونيسيف وارن تربت پهچي پاڻي ۾ بيماري کان بچاءَ واريون دوائون وجهي ڦاٿل ماڻهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مرد، عورتون ۽ معصوم ٻار گذريل چئن ڏينهن کان بک تي آهن، جيڪي آسمان مان هيليڪاپٽرن تان ڪرندڙ کاڌي خوراڪ جو انتظار ڪري رهيا آهن. تُربت شهر جا شهري ڳالهائڻ وقت انتهائي جذباتي ٿي وڃن ٿا. سيد احسان شاهه جي آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه ڇو پئي ٿئي؟ جي جواب ۾ هڪ شهري ٻڌائي ٿو ته سيد احسان شاهه، زبيده جلال هن شهر سان واسطو رکن ٿا، پر انهن پنهنجي علائقي جو دورو ناهي ڪيو. شهرين چواڻي متاثر ماڻهن جي مدد جي جواب ۾ سيد احسان شاهه چوي ٿو ته، پهريان ميراڻي ڊيم جي پاڻي واري سطح کان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي مدد ڪبي، بعد ۾ 4 6 2 وارن جي. سرڪاري ذريعن وٽان جيڪي نقصان جا انگ اکر ٻڌڻ ۾ اچن پيا، سي پڻ مشڪوڪ آهن، جو انهن کي سرڪاري ذريعا ايئن پوشيده پيا رکن، جيئن زلزلي دوران انگ اکر پوشيده رکيا پئي ويا، نيٺ انهن جو تعداد ايترو ٿي ويو، جو پوءِ سرڪار ڪيترا انگ لڪائي ڪيترا لڪائي ها؟ خضدار جي تعلقي نال مان اٽڪل ڏيڍ سئون ماڻهو لاپتا ٿي چڪا آهن، جن مان 5 1 ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن. جهل مگسي، نصير آباد ۽ جعفر آباد ۾ امدادي ڪم نه هجڻ برابر آهي. تربت، جنهن جي رڳو سرحد ئي ايران سان نٿي ملي، پر بجلي به ايران مان ايندي آهي، جيڪا بجلي به معطل ٿي وئي آهي. واپڊا اختياريون ڪوئيٽا ۾ چون ٿيون ته ميراڻي ڊيم کي ڪو به خطرو ناهي، پر اهي شهري اهڙي ڳالهه تي هاڻي ڪيئن يقين ڪن جيڪي ڪالهه تائين پڻ ساڳيون خاطريون ٻڌندا رهيا، ۽ اهي ڳالهيون ٻڌندي ٻڌندي ٻڏڻ لڳا آهن. ايف سي جو آءِ جي سليم نواز چوي ٿو ته، ماڻهن تائين وارننگ درست طريقي سان پهچي نه سگهي، جڏهن ته جتي وارننگ پهتي، انهن به احتياطي طريقا اختيار نه ڪيا. تربت شهر ۾ هينئر اهي دانهون آهن ته ٻوڏ کان اڳ ميراڻي ڊيم جي متاثرن پنهنجي منتقلي لاءِ احتجاج ڪيا، بک هڙتالون ڪيون، پر انهن جي بک هڙتالي ڪئمپ ڊاهي پٽ ڪيون ويون. هڪ سرڪاري کاتي ۾ نوڪري ڪندڙ همراهه ٻڌائي ٿو ته ڏيڍ ارب رپيا اهڙن متاثرن لاءِ منظور ٿيا، پر اهي هينئر تائين تقسيم ناهن ڪيا ويا. ٻوڏ کان اڳ متاثر ماڻهو تربت ۾ کجين جي متاثر ٿيندڙ فصل جي معاوضي وارو مطابلو ڪري رهيا هئا، جنهن ۾ هڪ زميندار کجيءَ جي قيمت 18 هزار گهري رهيو هو، جنهن تي سرڪاري ذريعا ٽي هزار رپيا ڏيڻ تي راضي ٿيا. ان سلسلي ۾ هڪ متاثر شخص ٻڌايو ته، هاڻي انهن کجين جي معاوضي تي ڪير ٿو سوچي، هتي رڍون، ٻڪريون لڙهي ويون آهن، هزارين شهري ڦاٿل آهن، هاڻي اسان جو مطالبو اهو آهي ته انهن تائين رڳو رليف پهچايو وڃي، انهن جي جان بچائي وڃي. تربت ۾ ڦاٿل ماڻهن کي بچائڻ لاءِ برگيڊيئر ڪامران جي اڳواڻي ۾ 40 اسپيشل سروسز جا ڪمانڊوز هيليڪاپٽرن مان لٿا آهن. پر ڦاٿل علائقي ۾ موجود سينيٽر اسمائيل بليدي ٻڌائي ٿو ته لکن جي آباديءَ کي هي مختصر امداد ڇا ڪري سگهندي، جنهن جي نتيجي ۾ ئي شهري مڇرجي رهيا آهن. بلوچستان اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ رليف جي ڪمن تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي ان کي صوبائي حڪومت جي نا اهلي سڏيو آهي. چيو آهي ته، سامان کڻي ايندڙ جهاز ناڪافي آهن، وڏي پئماني تي آپريشن جي ضرورت آهي. ايف سي آءِ جي پنهنجي بريفنگ ۾ چيو ته، 80 هزار شهري دربدر ٿي چڪا آهن، 70 کان 80 سيڪڙو اهڙا گهر آهن، جيڪي هاڻي رهڻ جي قابل ناهن. ڪشمير ۽ سرحد ۾ آيل زلزلي کان گهٽ صورتحال ناهي، پر اسيسمينٽ ڪرڻ ۾ اڃا وقت لڳندو. هينئر ترجيح ان ڳالهه کي آهي ته جيڪي ماڻهو ڦاٿل آهن، انهن کي بچايو وڃي. بلوچستان ۾ ايڏي وڏي تباهيءَ کانپوءِ وڏي پئماني تي صوبائي حڪومت هينئر تائين نظر نه پئي اچي. بس رڳو بلوچستان حڪومت جي ترجمان رازق بگٽي کي هر شام پنجين وڳي بريفنگ ڏيڻ لاءِ پابند ڪيو ويو آهي. آءِ جي جو ايف سي چوي ٿو ته تربت، هنگول ندي، بولان، جهل مگسي، نصير آباد، جعفر آباد، دالبدين، نوڪنڊي، ماشڪيل ۽ پشين ۾ تباهي ٿي آهي. افغانستان مان ايندڙ هڪ درياهه جيڪو پنج پائي کان ٿيندو پشين ۾ ڪري ٿو، ان نوشڪيءَ کي نقصان پهچايو آهي. ڪوئيٽا جو مشهور اداڪار ايوب کوسو صحافين تي ڪاوڙ جهڙو اظهار ڪندي چوي ٿو ته، ”زلزلي جهڙي ڪوريج ڪري بلوچستان جي ماڻهن جي حالت ڇو نه ٿي ظاهر ڪئي وڃي؟ بلوچستان جو وڏو وزير ڄام محمد يوسف رات جي جاڳڻ بجاءِ ڏيهن جو ڇو نه ٿو جاڳي؟“ گذريل ڪجهه ڏينهن کان بلوچستان جي بلوچ بيلٽ وارا علائقا تربت، گوادر، پسني، اورماڙا، جهل مگسي، گند واهه ٻوڏ کي منهن ڏئي رهيا هئا، پر هاڻي بلوچ بيلٽ سبي، خاران، واشڪ ۽ ماشڪيل جهڙا علائقا به ٻوڏ جي گهيري ۾ آهن. واشڪ جي ضلعي ناظم موجب سيلاب 13 ماڻهن کي ٻوڙي ڇڏيو، پر واشڪ ضلعي جي تعلقي ماشڪيل جي صورتحال ٻڌائيندي صوبائي وزير حبيب الرحمان، محمد حسني پنهنجي شهر واشڪ تي ڳالهائيندي چيو ته 3 1 ڄڻا ته ٻڏي ويا آهن، جنهن مان ٽن جا لاش مليا آهن پر هاڻي هاڻي هڪ وڌيڪ گاڏي ٻوڏ ۾ لڙهي وئي، جنهن ۾ به وڌيڪ فوت ٿي ويا آهن. پر هڪ صحافي رابطي ڪرڻ تي مري وڃڻ وارن جو انگ سورنهن ٻڌايو، جنهن تي مون صوبائي وزير حبيب الرحمان کي چيو ته توهان صوبائي وزير آهيو پنهنجي صوبي جي وڏي وزير ڄام محمد يوسف ۽ رليف ڪمشنر کي صورتحال ڇو نٿا ٻڌايو، جو اهي مري وڃڻ وارن جي انگ جي تصديق نٿا ڪن؟ جنهن جي جواب ۾ صوبائي وزير جو چوڻ هيو ته ڄام محمد يوسف سان هڪ ڪلاڪ اڳ تائين جڏهن ڳالهه ٿي هئي، تڏهن ٻوڏ واشڪ جي ماشڪيل تائين نه پهتي هئي، هينئر اسان پنهنجي سيٽلائيٽ فون ذريعي ئي انگ اکر گڏ ڪري رهيا آهيون. نوشڪيءَ جو ڪرڪيٽ گرائونڊ بلوچستان ۾ وڌيڪ مشهور آهي، جنهن گرائونڊ ۾ هڪ ڊوميسٽڪ ٽورنامينٽ جو فائينل ٿيڻو هو. ڪراچيءَ مان فائينل سپروائيز ڪندڙ امپائير فون ڪري چيو ته، قذافي اسٽيديم وارن چيو آهي ته نوشڪيءَ جي صورتحال خراب آهي. ڪوئيٽا ۾ عرفان بلوچ نالي هڪ نوجوان ٻڌايو پيو ته منهنجو پيءُ نوشڪي ويل هيو، جيڪو اتي برسات ۾ ڦاسي پيو آهي. منهنجو خاندان مستونگ ۾ رهي ٿو، مان ڪوئيٽا کان مستونگ وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. ڪوئيٽا ۾ وائڙن جهڙي صورتحال ۾ ورتل هڪ شخص چوي ٿو ته نه گئس، نه بجلي ۽ نه پاڻي، پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڪوئيٽا ۾ گذريل چئن ڏينهن کان بولان ۾ گئس پائيپ لائين جي لڙهي وڃڻ سبب گئس سپلاءِ معطل آهي. نان پچائيندڙن جي دڪانن تي ماڻهن جي پيهه آهي، پر اتي نان ۽ ماني ملڻ مشڪل آهي. گئس سلينڊر وارن پنهنجا ريٽ وڌائي ڇڏيا آهن. ماڻهن جي هڪ ٻئي سان ملڻ دوران پهريون سوال خوش آهين، بجاءِ ماني ملي اٿوَ جهڙو آهي. بجليءَ جي لوڊشيڊنگ بدستور جاري آهي. جيڪڏهن ٻن ڏينهن تائين گئس جي سپلاءِ بحال نه ٿي ٿئي ته بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا سميت قلات، مستونگ، ڪچلاڪ، پشين جهڙا شهر به سخت متاثر ٿيندا. قلات جي کڍ ڪوچه ۾ پاڻي ڀرجي وڃڻ سبب هڪ شخص لڙهي ويو، جتي مستونگ جا گهر پاڻي هيٺ اچي ويا. بولان ضلعي جي ڀاڳ تعلقي جا ڳوٺ ٻٻر سرڪار، ڪورا ڇلگري، دشتي، ڊاڪٽر حئي بلوچ جا ڳوٺ ڇلگري، هانڀي، ماڇي، تعلقي کٽڻ جا ڳوٺ رستم، باغائي، گجر، ڪلنگ، دلدار، خاوندون، تعلقي ميرپور جي بغن، راهوجا، شريف راهوجا، ڳوٺ بانڀڙي ۾ بولان نديءَ ۽ درياءَ ناڙيءَ جو پاڻي داخل ٿي ويو آهي، جنهن ڀاڳ جي پُل کي هڪ ڪلو ميٽر تائين پري وڃي ڪيرايو آهي. ڀاڳ کان جلال خان روڊ تباهه ٿيڻ ڪري ڀاڳ جا شهري شهر تائين محدود ٿي ويا آهن. شهري بڌائين ٿا ته ڀاڳ ۾ کٿوري ڊيم ٽُٽي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ جلال خان ڳوٺ ۾ سيلاب آيو. نور محمد ڄاموٽ نالي هڪ شهري چوي ٿو ته رات جو ساڍي ٻارهين وڳي کانپوءِ اهڙو سيلاب اسان جي گهرن ۾ داخل ٿيو جو صبح جو سڄو شهر ٻڏل هيو. بولان جي شهر مچ جي مولا بخش نالي همراهه فون ڪري دانهيندي چوي ٿو ته، گذريل ٻن ڏينهن کان شهر جي ڪوهسار پل ٽٽل آهي، اسان جي گهر سامهون واري ڪوئلي جي کاڻ ڪري پئي آهي، جنهن ۾ کوٽائي جو سامان ۽ ٽي ٽرڪون دٻجي ويون آهن. بلوچستان جا هوائي رستا، زميني رستا، آر سي ڊي، ڪوسٽل هاءِ وي جون پليون تباهه آهن. آءِ جي جو ايف سي چوي ٿو ته اسيسمينٽ ۾ وقت لڳندو. هينئر 8 لک ماڻهن جي دربدريءَ کان علاوه سندن گهرن ۽ صحت واري سوال اهم آهن، جن ۾ جيڪڏهن وقت لڳي ويو ته تمام گهڻو نقصان ٿي چڪو هوندو. zguramani@yahoo.com
جواب: محترم ذوالفقار گراماڻي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ پاڻي ڙي پاڻي! اڱارو 3 جولاءِ 2007ع اهو مشهور آهي ته بلوچستان ۾ هميشه پاڻي گم ٿي ويندو آهي رات جو ڪيڏي به برسات پوي صبح جو پاڻيءَ کي ريگستان پنهنجي اڃ پوري ڪرڻ لاءِ پورو ڪري ڇڏيندا آهن، جنهن ڪري هڪ ريلوي اسٽيشن واري شهر جو نالو ئي آب گم رکيل آهي. ان لاءِ هڪ ڏندڪٿائي قصي موجب پاڻي ان شهر تائين پهچي غائب ٿي ويو، جنهن تي ”آب گم“ يعني پاڻيءَ جي گم ٿي وڃڻ جون دانهون ٿيڻ لڳيون، پر هاڻي انهيءَ آب گم واري علائقي سميت بلوچستان جي علائقن ۾ پاڻي جي گم ٿيڻ نه، پر ظاهر ٿيڻ يعني ”پاڻي ڙي پاڻي“ جهڙيون دانهون ٿي رهيون آهن. پاڻي ايترو آهي، جو هاڻي ريگستان پنهنجي اڃ پوري ڪرڻ کانپوءِ اوڳاڇي رهيا آهن. ڳوٺن جا ڳوٺ ۽ شهرن جا شهر پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن، جنهن ۾ هاڻي ريسڪيو آپريشن واريون ٻيڙيون ايتريون ترندي نظر نه ٿيون اچن، جيترا انساني جسم لاشن جي صورت ۾ ترندي نظر اچي رهيا آهن. جهل مگسيءَ جي علائقي ۾ 16 اهڙا ترندڙ لاش شهرين ڪڍي ورتا آهن، جن مان ستن ڄڻن جي سڃاڻپ جان محمد لاشاري، لعل خاتون، نعيم، شاهين، بيگم شاهين، نواز علي ۽ حامد طور تي ٿي چڪي آهي. جن ڳوٺن ۾ برسات ۽ ٻوڏ ڪجهه گهرن کي باقي ڇڏيو آهي، انهن جون ڪمزور ٿي ويل ڇتيون هاڻي انساني جانين کي مٽيءَ جي ڍير ۾ دٻائي موت جي منهن ۾ اڇلي رهيون آهن. هرنائيءَ جي هڪ ئي خاندان جي مٽيءَ جي ڍير هيٺان دٻجي فوت ٿيڻ کانپوءِ مچ ويجهو بولان ڪانٽو واري علائقي ۾ برسات بعد ڇت آدم خان سمالاڻي جي خاندان کي پنهنجي زال ۽ ٻن ٻارن سميت موت جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي. ڪرخ ۾ هڪ ئي خاندان جي 6 ڀاتين کي پاڻي لوڙهي ڇڏيو آهي. آوارن ۾ پاڻي 6 ڀاتين کي لوڙهي موت جي اڃ اجهائي آهي. خاران مان مير مظفر ٻڌايو ته شهر وارن سميت منهنجو گهر به ٻڏي ويو آهي، اسڪول ۾ اچي پنهنجو خاندان رهايو آهي ڪيترائي ٻيا خاندان به اسڪول ۾ ئي آهن. مير مظفر چواڻي ته خاران جي ڳوٺ شيان جي هڪ ٽيوب ويل ۾ 13 لاش مليا آهن، جيڪي ٻن خاندانن جا آهن. انهن ۾ هڪڙو خاندان لعل خان جو آهي، جيڪو پاڻ ته ٻڏي ويو، پر سندس پُٽ رحيم خان، سندس ڌي جان گل، سندس هڪ ڀيڻ، سندس ڏهن ۽ سورنهن سالن جا پٽ ٻُڏي فوت ٿيا آهن، جيڪي واسڪ کان خاران پنهنجي ٻڪرين ۽ رڍن سميت اچي رهيا هئا. جڏهن ته ٻيو خاندان محمد حسين جو آهي، جنهن جي زال صابره ۽ زر ملڪ فوت ٿي چڪيون آهن. خاران جي ڳوٺ نوتاليءَ ۾ فرنگ نالي همراهه جي ڌيءَ ماهبلو ٻڏي فوت ٿي وئي آهي. ٻوڏ کانپوءِ هينئر تائين خاران ۾ 5 2 لاش ملي چڪا آهن، جن کي شهرين چواڻي دفنايو ويو آهي. ضلعي جا ڳوٺ توپيان، بي بي آزاد، گر، شيروزي، ٽونڊائي، سلام بيگ، توتازئي، ڪلي زيان، گواش، درج، جنگل، تاگزئي، ساراوان، هر مرڪ، نوريز قلات، گورگان، گوز گزي، جوڌو قلات، ميرين قلات، تغاب، غرق، راسڪو، خلگ، قادر آباد، ڪلي سبي، مشيان پاڻي هيٺ آهن. هزارين رهواسي کاڌي خوراڪ جي انتظار ۾ آهن. ڦاٿل شهر جو هڪ رهواسي ٻڌائي ٿو ته، ايف سي جو هڪ آفيسر هتي پهتو، جنهن چيو ته خاران جي متاثر ٿيڻ جي خبر تربت کان دير سان پئي. واسڪ جي ڳوٺ سوريگزو ۾ اڍائي سئو ماڻهو لاپته آهن، اهو علائقو درياءَ بدو جي پيٽ ۾ اچي ٿو. هڪ شخص ٻڌائي ٿو ته، 300 ماڻهن کن دڙي تي ڇڏي آيو هيس، اتي اڍائي سئو ماڻهو هاڻي لاپته آهن. ڳوٺ عبدالرحيم ۾ 0 5 ماڻهو لاپته آهن. هر ماگي، هريناوڙ، طوغي، سيد خان، باجڪ، فيضو وال، ڪرانگ، ڊيل شير، ڌياني، نظر شاهه، شاهه ڪيڙي، زرد، جهالاوار، سيد شهداد، سورو، شمس الدين ۽ ڪابل ڳوٺ جا شهري پاڻي هيٺ آهن. انهن ڳوٺن جو واشڪ ۽ خاران ضلعي سان رابطو ڪٽيل آهي، جڏهن ته خاران ۽ واشڪ جو زميني رستو ڪٽيل آهي. گذريل پنجن ڏينهن کان انهن ڳوٺن جا شهري ڦاٿل آهن، جن جون بازارون به ناهن رهيون، جن علائقن تائين زميني رستي به کاڌ خوراڪ جو سامان پهچي نه پيو سگهي. خاران ۾ کاڌي پيتي جي صورتحال ڇا هوندي؟ ڪوئيٽا ۾ ئي گئس بند هجڻ ڪري 800 واري ڪڻڪ جي ٻوري 12 سئو ۽ ٽماٽا هڪ سئو رپيا في ڪلو کان چڙهي هليا آهن. چانهه ۽ ماني سميت کاڌو خوراڪ مهانگو ٿي وڃڻ تي شهري واپارين ۽ دڪاندارن خلاف دانهين ٿا ته مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ به دڪاندار ڪمائيءَ جا رستا ڳولي رهيا آهن. ماشڪيل جي رود ڳوٺ ۾ پاڻي پنجن ڄڻن کي ٻوڙي ڇڏيو آهي. گڙانگ جا شهري ٻڌائين ٿا ته پيءُ پُٽ محمد بخش ۽ حميد ٻڏي ويا آهن. قلات ۾ رهندڙ شخص سنيل جو چوڻ آهي ته اسان جي ايم اين اي عبدالغفور حيدري تعلقي ناظم قلات کي فون ڪئي آهي ته سوراب ۾ تيز برسات پوڻ ڪري 0 0 2 شهرين جا گهر ڪري پيا آهن، شهري پريشان آهن. تربت ۽ جهل مگسيءَ بعد خضدار انتظاميا هن وقت باقي شهرن کان وڌيڪ دٻاءَ جو شڪار بڻيل آهي، جتي رڳو نال جي علائقي ۾ ڏيڍ سئو شهري ٻڏي ويا آهن، جن مان 50 لاش هينئر تائين ڪڍيا ويا، پر سئو کان وڌيڪ انساني جانيون ڪهڙي حال ۾ آهن؟ ان جي ڪا به خبر ناهي. بليده جي علائقي ۾ هڪ ماءُ جون ٽي نياڻيون پاڻيءَ ۾ لڙهي موت جو شڪار ٿي چڪيون آهن. بلوچستان ۾ متاثر علائقن ۾ پهچڻ جي حوالي سان ذڪر نڪرڻ تي هڪ شهري چوي ٿو ته، سفر ڪرڻ خطري کان خالي ناهي. خاران ۾ مير مظفر کي چيم ته، خاران جو ڪهڙو رستو ويجهو پوندو؟ جنهن تي هن وراڻيو ته سمورا پهاڙي رستا ڪوئيٽا کان ڇهن ڪلاڪن جي سفر تي آهن، پر هاڻي چئن ڏينهن تائين به پهچي نٿو سگهجي. ايف سي جون ٽرڪون ڦاٿل آهن. قلات ۾ سنيل فون ڪري چوي ٿو ته ڪوئيٽا ۾ ئي آهيو ته ٻاهر نه نڪرجو، منگوچر کان رستا بند آهن، سوين گاڏيون بيٺل آهن. مستونگ جو رهواسي ٻڌائي ٿو ته لڪپاس روڊ بند آهي. مان پنهنجي ساٿي صحافي عرفان سعيد کي هوائي سفر ذريعي نڪرڻ جي صلاح ڏيان ٿو، جنهن تي هو وراڻي ٿو ته، گذريل ڏينهن وزير اعليٰ سان گڏجي وياسين، موسم خراب هجڻ ڪري واپس آياسين ته ڄام محمد يوسف چيو ته، توهان ڪراچي ذريعي علائقي ۾ وڃي سگهو ٿا. ڪوئيٽا ايئرپورٽ کان ڪراچي ۽ ڪراچيءَ کان تربت وڃڻ جو سوچيوسين ته ڪوئيٽا ايئرپورٽ وارن چيو ته ڪراچيءَ لاءِ ٽڪيٽ ناهي. اسلام آباد وڃو. بعد ۾ اسلام آباد کان ڪراچي وڃو، جنهن بعد ئي تربت وڃي سگهو ٿا. پر ڄام محمد يوسف جو هيليڪاپٽر به تربت ايئرپورٽ تي حادثي کان بچي ويو آهي. اصل ڳالهه انهن علائقن تائين وڃڻ جي آهي، جيڪي متاثر ٿيا آهن. سرڪاري ميمبرن سان هوائي سفر ڪرڻ دوران اصل صورتحال ملي نٿي سگهي. بلوچستان حڪومت جو ترجمان رازق بگٽي بلوچستان جي هڪ مشهور چوڻي ٻڌائي ٿو ته، ”قبرستان ۾ سمهو، پر ندين نالن ۾ نه سمهو.“ اها چوڻي بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ندين نالن جهڙي ڏيک ڏيندڙ ڳوٺن جي بنياد تي بلوچستان جي مروج ٻوليءَ ۾ مشهور آهي، ڇو ته تيز برسات بعد انهن ڳوٺن جا گهر ٻڏي ويندا آهن. پر هيءَ صورتحال ته ان چوڻيءَ جي دائري ۾ ايندڙ نقصان کان سئو سيڪڙو وڌيڪ خراب آهي، جيڪا ندين نالن ۾ پٿرن وارا اهي گهر نه، پر ڳوٺن جا ڳوٺ ٻوڙي رهي آهي. بلوچستان حڪومت ٻوڏ جي ٽن ڏينهن تائين موت جو شڪار ٿيلن جو انگ صرف ٻه ئي ٻڌائيندي رهي. بلوچستان جي اڳوڻي گورنر ۽ ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا عبدالقادر بلوچ پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته رڳو منهنجي شهر خاران ۾ ڇهن ماڻهن جا لاش نڪتا آهن، جن جا نالا به ملي چڪا آهن. مون کي صوبائي حڪومت جا بيان ٻڌي حيرت ٿئي ٿي. بلوچستان جي وڏي وزير ڄام محمد يوسف کي نقصان جا انگ اکر قوم آڏو پيش ڪرڻ گهرجن. بلوچستان جي گهرو کاتي جي صوبائي وزير شعيب نوشيرواني پنهنجي علائقي جي صورتحال ڏسي چيو آهي ته سڄي بلوچستان جي بجيٽ به لڳائجي، تڏهن به نقصان کي پورو ڪري نٿو سگهجي. بلوچستان حڪومت جيتوڻيڪ ٻوڏ ۾ لڙهي ويل ماڻهن جي انگن اکرن کي هاڻي 14 کان وڌائي 100 تائين پهچايو آهي، پر گذريل ٽن ڏينهن کان آيل پريس بريفنگ جي رفتار ۾ تيزي دوران عوام کي وڏي نقصان جي انگن اکرن لاءِ تيار رهڻ لاءِ سائيڪو ٿراپي ڪرڻ جهڙا بيان ان صورت ۾ سامهون اچي رهيا آهن ته تباهي ڪشمير ۽ سرحد ۾ آيل زلزلي کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ناهي. بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ امدادي ڪم جي رفتار ڪيتري آهي؟ وارو سوال ته پنهنجي جڳهه تي، پر بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۾ بريفنگ جي رفتار ۾ تيزي اچي وئي آهي. آءِ جي ايف سي ميجر جنرل سليم نواز، بلوچستان حڪومت جي ترجمان رازق بگٽي، هوم سيڪريٽري طارق ايوب هڪ کان وڌيڪ پريس بريفنگ ڏنيون آهن ته ساڳئي وقت ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد، مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ چوڌري شجاعت حسين ۽ مشاهد حسين، اڳوڻي گورنر عبدالقادر بلوچ، بلوچستان اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ڪچڪول علي، بي اين پي جي حبيب جالب سميت مختلف اڳواڻن ۽ انتظامي آفيسرن سيلاب جي حوالي سان پريس ڪانفرنسون ته ڪيون آهن، پر امدادي ڪمن ۾ تيزي ڪيتري آهي؟ واري سوال جو جواب اڃا پهرين ڏينهن واري پوزيشن ۾ آهي. گذريل چئن پنجن ڏينهن واري تباهيءَ جي صورتحال جي سڌاري ۾ ڪا وڏي تبديلي ڏسڻ ۾ ناهي آئي. هينئر تائين گئس ڪمپني بولان ۾ پاڻي ۾ لڙهي ويل پائيپ لائين جي مرمت ڪري ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي 8 ضلعن جي گئس بحال ڪري ناهي سگهي. تربت، پسني ۽ گوادر سميت مختلف شهرن جي بجلي پنج ڏينهن گذري وڃڻ باوجود بند آهي، جڏهن ته بولان ۾ پوندڙ تيز برسات لينڊ سلائيڊنگ ڪري ريلوي ٽرئڪ کي بند ڪري ڇڏيو آهي. شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته ستن ڪلاڪن جي محنت کانپوءِ به ڪولپور وارو ريلوي ذريعي بلوچستان جو رابطو ملڪ کان ڪٽيل آهي. جيڪڏهن رستو ملي رهيو آهي ته اهو رڳو وهندڙ ٻوڏ کي، جيڪا بنا ڪنهن حد بندي جي شهرن جا شهر، ڳوٺن جا ڳوٺ ۽ خاندانن جا خاندان لوڙهي رهي آهي. بلوچستان ۾ آيل ٻوڏ جي چئن ڏينهن کانپوءِ وزير اعظم شوڪت عزيز، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام محمد يوسف، چيف سيڪريٽري ڪي بي رند، آءِ جي ايف سي مئجر جنرل سليم نواز، وفاقي وزير زبيده جلال، ناڻي جو صوبائي وزير سيد احسان شاهه تربت پهچي ويا آهن. بلوچستان جو گورنر اويس غني جهل مگسي ۽ گهرو کاتي جو صوبائي وزير شعيب نوشيرواني پنهنجي شهر خاران ۾ پهچي چڪا آهن. جڏهن ته هوائي سفر جي سهولت کان وانجهيل عوامي نمائنده ڪوئيٽا کان نڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهن. مچ ويجهو صوبائي وزير عبدالغفور لهڙي جي گاڏي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن ۾ هو ڀاءُ سميت زخمي حالت ۾ آهي، جنهن جو گارڊ موت جو شڪار ٿي چڪو آهي. بلوچستان ۾ ٿيندڙ پريس بريفنگ ۾ جيتوڻيڪ نقصان ڪشمير ۽ سرحد ۾ آيل زلزلي جهڙو ٿي سگهي ٿو، جهڙيون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، پر اهڙي ڳالهه هاڻي انهيءَ سوال کي جنم ڏنو آهي ته ايڏي وڏي پئماني تي آپريشن ڇو نٿو ڪيو وڃي. بلوچستان جي اڳوڻي گورنر عبدالقادر پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته، سڄو آپريشن پاڪ فوج حوالي ڪيو وڃي، انهيءَ ڪري جو ڪو آرگنائيزڊ ادارو ئي اهڙي وڏي پيماني جي ڪارروائي ڪري سگهي ٿو. عبدالقادر بلوچ سڄي ملڪ جي ماڻهن کي امداد جي اپيل ڪندي چيو ته، اسان کي حڪومت جي نيت تي شڪ ناهي، پر هيءَ صورتحال حڪومت جي وس کان چڙهيل آهي، تنهن ڪري سڄو آپريشن پاڪ فوج حوالي ڪيو وڃي. ساڳئي وقت پنجاب جو عوام به پنهنجي بلوچي ڀائرن جي مدد لاءِ هتي پهچي. چوڌري شجاعت حسين ۽ مشاهد حسين هتي پهچندي ئي چيو آهي ته پنجاب مان امدادي ٽرڪون بلوچستان پهچي رهيون آهن، اسان پاڻ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هتي پهتا آهيون. مسلم ليگ (ق) جو هر ضلعي اڳواڻ ريسڪيو آپريشن ۾ مصروف آهي، پر سڄي قوم کي اپيل ڪريون ٿا ته زلزلي جهڙو جذبو ڏيکاري. چوڌري شجاعت حسين ۽ سيد مشاهد حسين مسلم ليگ (ق) جي هر ضلعي اڳواڻ جي متحرڪ هجڻ جون ڳالهيون ته ڪيون آهن، پر بلوچستان ۾ ضلعي حڪومتن ۽ صوبائي حڪومتن ۾ پهرين ڏينهن کان جاري تڪرار واري صورتحال اڃا برقرار آهي. تربت جو ضلعي ناظم عبدالرئوف رند مسلم ليگ (ق) جو آهي، جنهن امدادي ڪم نه ٿيڻ خلاف استعيفيٰ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙي اعلان جي ترديد بلوچستان حڪومت جو ترجمان رازق بگٽي انهن لفظن سان ڪري ٿو ته وزير اعظم شوڪت عزيز جي تربت واري دوري دوران هو اتي موجود هيو، گوادر جي ضلعي نائب ناظم غفار هوتي امدادي ڪمن جي نه ٿيڻ ڪري پاڻ کي باهه ڏيڻ جي ڌمڪي ڏني، ڇاڪاڻ جو ان وقت گوادر ايئرپورٽ تي بيٺل ٻه هيليڪاپٽر گورنر ۽ وڏي وزير جي پروٽوڪول لاءِ امدادي ڪمن کي اڌ ۾ ڇڏي هليا ويا. پهرين ڏينهن کان مختلف اين جي اوز امدادي ڪمن کان غائب هجڻ ۽ روايتي طور تي فائيو اسٽار هوٽل کان ٻاهر نه نڪرڻ جهڙن سوالن کي منهن ڏئي رهيون آهن. پر انهن جي دائري ۾ سرڪاري سطح تي ڪم جي اجازت ملڻ وارو مرحلو بحث هيٺ آهي. هڪ سرڪاري آفيسر جو چوڻ هيو ته اسان ڪنهن کي به امدادي ڪمن کان ناهي روڪيو، پر انهن کي ڪوآرڊينيشن ڪري ڪم ڪرڻ کپي. ان مان اهو به اندازو لڳائي سگجي ٿو ته هيڏي وڏي تباهيءَ کانپوءِ هينئر امدادي ڪمن جي حوالي سان ڪوآرڊينيشن به ٿي نه سگهيو آهي. جنهن ڪري امدادي ڪم ڪندڙ ڌريون به خاموش ويٺل آهن. بلوچستان جو هوم سيڪريٽري طارق ايوب چوي ٿو ته، ڊاڪٽرن جون ڏهه ٽيمون اماڻيون پيون وڃن. هاڻي سرڪاري سطح تي به بين الاقوامي ادارن کي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. zguramani@yahoo.com
جواب: محترم ذوالفقار گراماڻي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ مخالفت جون سموريون توپون رڳو پيپلز پارٽيءَ ڏانهن ئي ڇو؟ ڇنڇر 12 جولاءِ 2008ع ملڪ جي سياسي ماحول ۾ مايوسيءَ واري ڪيفيت آهي. چونڊن کي ڇهه مهينا به نه گذريا آهن، جو ايندڙ چونڊون ڪڏهن ٿينديون؟ جهڙا موضوع بحث هيٺ آهن. سياستدانن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام هجڻ جا سرٽيفڪيٽ ملي رهيا آهن. سياسي مستقبل ڪنهن جو آهي؟ واري سوال کي به سياسي ميدان تي لاٿو ويو آهي. ائين محسوس ٿي رهيو آهي، ڄڻ ته جمهوريت جي چئن ڏينهن واري چاندنيءَ کان پوءِ آمريت جو انڌيرو ٻيهر ڇائنجي رهيو آهي. سٺي آمريت کان لولي لنگڙي جمهوريت چڱيءَ واري خواهش کان پوءِ هاڻي لولي لنگڙي جمهوريت کان بيزاري جا منظر ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن. اچانڪ ائين محسوس ڪرايو پيو وڃي ڄڻ ته جمهوريت ناڪام ٿي وئي آهي. جمهوريت اسان جي ملڪ ۾ ٽوئنٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ مئچ بڻجي وئي آهي، جنهن ڪري ئي پنجن سالن لاءِ ووٽ ڏيڻ يا مينڊيٽ ملڻ باوجود جمهوريت جي 100 ڏينهن واري هني مون گذرڻ کان پوءِ ڇا ٿيو، ڇا ٿيو؟ جهڙي گوڙ ”گو مشرف گو“ جهڙن نعرن کي ماٺو ڪري ڇڏيو آهي. موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکڻ سان سڪي جو هڪ پاسو اهو ٿو ٻڌائي ته 18 آڪٽوبر کان پوءِ صدر پرويز مشرف جي مواخذي سان گڏ وزير اعظم يوسف رضا گيلاني کي ججن جي آزادي سميت سندن بحاليءَ جو حڪم ڏئي ڇڏڻ کپندو هيو ته ساڳئي وقت امن امان ۽ مهانگائي جي جن کي واپس بوتل ۾ بند ڪري عوام کي انقلابي رليف ڏيڻ کپندو هيو پر ائين نه ٿيو، جنهن لاءِ حڪومت مري معاهدي، آئيني پئڪيج ۽ حڪومت کي سئو ڏينهن جي مهلت ڏيڻ جهڙا وقت گذاريو فارمولا استعمال هيٺ آندا، جنهن سان حڪومت ججن کي بحال ڪرائڻ واري واعدي کي مري معاهدي هيٺ پورو نه ڪيو. ملڪ ۾ مهانگائي جي وڌندڙ طوفان کي روڪڻ بجاءِ ان ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. ريڪنسيليئيشن واري ٿيوري سان شروع ڪيل اتحادي سفر واري حڪومت مان نواز ليگ وفاقي ڪابينه مان الڳ ٿي وئي، جڏهن ته ڪجهه نه ٿي سگهڻ واري احساس جي سڪي جو ٻيو رخ ڪجهه هيئن ٿو نظر اچي ته ملڪ جي مشهور سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي مستقل نظربنديءَ کانپوءِ منظر تي آندو ويو. سردار اختر مئنگل، نواب اڪبر بگٽيءَ جي پوٽي شهزين بگٽيءَ کان وٺي ڊاڪٽر صفدر سرڪيءَ تائين ڪيترن سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪري سندن سياسي ۽ جمهوري زندگي بحال ڪئي وئي، جنهن جي بنياد تي ڊاڪٽر صفدر سرڪي واپس آمريڪا ته بي اين پي اڳواڻ ثناءُ الله بلوچ واپس پاڪستان پهتو. ملڪ جي هٽايل ججن جي نظربندي ختم ڪري کين ستن مهينن جون پگهارون جاري ڪيون ويون، ملڪ ۾ آپگهاتي ڌماڪن ۾ گهٽتائي ٿي، وڪيلن جي نڪرندڙ لانگ مارچ ۾ ڳوڙها آڻيندڙ گئس بجاءِ برياني ۽ سبيل ورهائي وئي. ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جهڙا اڳوڻا وڏا وزير ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿي پيا. گذريل حڪومت ۾ ڀت سان لڳايل سنڌ جي ايماندار پوليس آفيسرن کي واپس منظر تي آندو ويو. سنڌ جون جاگيرون ڪري ورهائي ڏنل ضلعن واري حڪومتي روش کي تبديل ڪيو ويو. جنهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوامي سجاڳيءَ لاءِ پيپلز پارٽي جو بنياد رکيو هيو، تنهن اڳواڻ جو اولاد شهيد ٿيڻ کان پوءِ انهن شهيدن جا معصوم ٻار اڄ ڪلهه نگاهن جو مرڪز بڻيل آهن. سنڌ جي عوام آڏو بلاول ڀٽو زرداري، سسئي ڀٽو ۽ فاطمه ڀٽو آهن، ۽ سنڌ جي عوام آڏو ”حقيقي سياسي وارث ڪير آهي؟“ جهڙا سوال رکيا ويا آهن. ڀٽو خاندان سان محبت ڪندڙ ماڻهن کي ڪنهن هڪ تي نشان هڻڻ واري امتحان مان گذاريو پيو وڃي. ان سڄي صورتحال دوران نجي ٽي وي چئنلز کي ڏنل شهيد ڀٽي جي نياڻي صنم ڀٽو جو اهو بيان ڪيڏو نه وڌيڪ عوامي امنگن جي ويجهو آهي، جنهن ۾ هن اينڪر کي جواب ۾ چيو هو ته مون کي پنهنجي ڀيڻ ۽ پنهنجن ڀائرن جا ٻار پيارا آهن. هيئنر ڪجهه ڏينهن کان اهو خيال به مارڪيٽ ۾ بحث جو موضوع بڻيل آهي ته هي آخري ڀيرو آهي، جو سنڌ جي عوام پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڏنو آهي. هاڻي جيڪڏهن سنڌ جي عوام کي ڪجهه ڊليور نه ڪيو ويو ته پوءِ سنڌ جو عوام ٻيهر يعني ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ ڪونه ڏيندو. جيڪڏهن محترمه جي شهادت کان پوءِ عوام پيپلز پارٽيءَ کي هي آخري ڀيرو ووٽ ڏنو به آهي ته ڇا اهو فقط ٽن مهينن لاءِ آهي؟ جيڪڏهن بنگلاديش جو عوام شيخ مجيب الرحمان کي اگرتلا ڪيس مان آزاد ڪرائي ٿو وٺي، پنجاب سان تعلق رکندڙ اڳواڻ نوازشريف ۽ شهباز شريف جيل مان جده پهچي سگهن ٿا ته پوءِ پاڻ کي فقط اهو سوچڻ نه کپي ته هي آخري ڀيرو ووٽ ڏنا ويا آهن، پر ان کان اڳتي اهو به سوچڻ کپي ته اسان سنڌي پنهنجن اڳواڻن کي بچائي سگهڻ ۾ ناڪام ڇو ٿيا آهيون؟ بقول ڪرنل رفيع جي ته ضياءَ به کيس اچي چوندو هيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي وساري ڇڏ ڇو ته ان کي پنهنجا ئي وساري چڪا آهن. هن وقت يورپ کان وٺي ننڍي کنڊ جي دانشورن ۽ ملڪ جي ڪالم نگارن تائين ”پارٽي قيادت موروثي بنياد تي ڇو؟“ جهڙو سوال موضوع بڻيل آهي. هندستان جي سونيا گانڌيءَ ۽ راهول گانڌيءَ جي سربراهيءَ ۾ هلندڙ ڪانگريس کان وٺي ڪيوبا ۾ فيڊل ڪاسترو جي ڀاءَ رائول ڪاسترو تائين نظر ڊوڙائيندئو ته لقاءُ ساڳيو نظر ايندو. آنگ سانگ سوچيءَ کان وٺي حسينه واجد تائين جهڙيون ايشيا جون اڳواڻ به انهيءَ وراثت جو حصو آهن، پر پوءِ به هتي اهڙو سوال بار بار اٿاري پيپلز پارٽيءَ کي ڪڙي امتحان مان گذاري منتشر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پيپلز پارٽيءَ کي ڪيترائي ڀيرا سنڌ جي ڪارڊ کي استعمال ڪرڻ جهڙا الزام برداشت ڪرڻا پيا آهن. محترمه بينظير ڀٽو دبئي واپسيءَ کان وٺي ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس تائين جيئي سنڌ سان تعلق رکندڙ اسير اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر سرڪيءَ جي آزاديءَ جو مطالبو ڪندي رهي. نه رڳو ايترو پر بلوچستان ۾ پيپلز پارٽيءَ ڊاڪٽر صفدر سرڪيءَ جي آزادي لاءِ جيل وارڊ تائين جا دورا ڪري کيس محفوظ طريقي سان جيڪب آباد پهچايو. پر ڊاڪٽر صفدر سرڪي سن ۾ سائين جي ايم سيد جي مزار تي ته حاضري ڀري، پر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مزار تي هڪ سنڌي هئڻ جي حيثيت ۾ حاضري نه ڀري. ڊاڪٽر صفدر سرڪي جيل ڪاٽي جڏهن ٻاهر نڪتو تڏهن سنڌ جي قومپرست پارٽين کي متحد ٿيڻ جو سڏ ڏنو پر سوال اهو آهي ته ڇا هي وقت سنڌين جي هڪ ٿي سوچڻ جو آهي يا قومپرستن جي هڪ ٿي سوچڻ جو؟ مون کي صفدر سرڪيءَ واري پارٽيءَ جي هڪ دوست چيو ته، اهو نظريي جو مسئلو هيو، جنهن ڪري ڊاڪٽر صفدر سرڪي ڳڙهي خدابخش وڃي نه سگهيو. مون کيس چيو ته پوءِ محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي پارٽي جي ڪنهن ڪارڪن کان وڌيڪ اوهان جي نظريي سان تعلق رکندڙ صفدر سرڪيءَ جي آزاديءَ لاءِ آواز ڇو اٿاريو؟ ڇا اهو محترمه بينظير جي پارٽيءَ جي نظريي جي خلاف نه هيو؟ ڊاڪٽر صفدر سرڪيءَ جي آزادي سان گڏ بلوچستان نيشنل پارٽي جي سردار اختر مينگل کي به آزاد ڪيو ويو، جنهن جي والد سردار عطاءُ الله مئنگل جي نعپ واري حڪومت شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ختم ڪئي وئي هئي. سندس وڏي ڀاءُ سردار اسد مينگل جو موت شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ بلوچن تي ٿيل آپريشن دوران ٿيو هو، پر سندس پارٽي محترمه شهيد جي نه رڳو تڏي تي پهتي، پر سردار اختر مينگل پنهنجن سمورن جلسن ۾ پيپلز پارٽيءَ کي بلوچستان جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ نيتن درست ڪوٺيندي هڪ جمهوري ۽ قربانيون ڏيندڙ پارٽي سڏيو آهي. ان سوال تي به سوچيندا هلو ته سرحد ۾ اسفنديار وليءَ جي هڪ پارٽي، بلوچستان جي پختون بيلٽ جي هڪ قومپرست پختونخواهه ملي عوامي پارٽي، بلوچ بيلٽ ۾ چار جماعتي بلوچ اتحاد، ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ هاڻي پنجاب نواز شريف کي پنهنجو ليڊر تسليم ڪري ورتو آهي پر اسان جي سنڌ ۾ قومپرست پارٽين منجهان تنقيد جو سلسلو ائين شروع ٿي ويو آهي، جيئن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان پوءِ محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت دوران شروع ٿيو هيو. اوهان ان دور کي ياد ڪيو جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو شيخ اياز کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر بڻايو تڏهن شيخ اياز کان سماجي بائيڪاٽ ڪيا ويا، پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ضياءَ هٿان ڦاهي چڙهڻ واري واقعي کان پوءِ به ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ عوام متحد ٿي حصو ورتو. جڏهن ته اڪثر قومپرست پارٽيون جمهوريت جي انهيءَ بحاليءَ واري تحريڪ ۾ به شامل نه ٿيون. هندستان جي اڳواڻ ايل ڪي آڏواڻي پنهنجي ڪتاب ”ماءِ ڪنٽري، ماءِ لائيف“ ۾ محترمه جي شهادت کان پوءِ لکيو آهي ته محترمه بينظير ڀٽو مون کي هميشه سنڌي ۾ ڳالهائيندي چوندي هئي ته منهنجي سنڌي اوهان کان بهتر ناهي. هڪ دفعي چيائين ته مان ملڪ کان ٻاهر آهيان، اوهان منهنجي ملڪ وڃو پيا، مان اوهان سان اتي ملي ڪونه سگهنديس پر منهنجي وڏن جي قبرن تي ضرور وڃجو. ايل ڪي آڏواڻي ڪجهه ڏينهن اڳ شهيد محترمه بينظير ڀٽو تي لکيل هڪ ڪتاب ”شهزاديءَ جو موت“ واري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ وارن کان معافي رڳو انهيءَ ڪري ورتي آهي، جو ان ۾ محترمه جي خلاف ڪجهه مواد هيو. جنهن تي آڏواڻي چيو ته، جيڪڏهن مون کي خبر هجي ها ته هن ڪتاب ۾ محترمه جي خلاف هڪ سٽ لکيل هوندي ته مان اهڙي ڪتاب جي مهورت واري تقريب ۾ شريڪ ئي نه ٿيان ها. پر اسان وٽ قومپرستن جي توپن جا منهن ان پيپلز پارٽي ڏانهن ئي آهن. zguramani@yahoo.com
جواب: محترم ذوالفقار گراماڻي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ بلوچستان جي صورتحال ۽ پيپلز پارٽي حڪومت ڇنڇر 20 سيپٽمبر 2008ع بلوچستان جو مسئلو ڪٿي پهتو آهي؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جيڪو هاڻي سياسي ۽ صحافتي حلقن ۾ بحث جو موضوع بڻيل آهي، پر اهڙي سوال جي جواب وارا ٿيندڙ سمورا بحث مشرف حڪومت جي خاتمي کانپوءِ پيپلز پارٽي جي موجوده حڪومت جي قدمن سان سلهاڙيل آهن. پيپلز پارٽي، جنهن جي شهيد چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو بلوچستان جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششن جي شروعات پهريائين ڪري چڪي هئي، جنهن ۾ سندس بالاچ مريءَ جي واقعي تي نواب خير بخش مريءَ سان ڪراچيءَ ۾ ملاقات ڪرڻ کان وٺي نواب اڪبر بگٽي جي شهادت جي تعزيت ڪرڻ لاءِ سندس ڪوئيٽا واري گهر پهچڻ شامل آهي. پ پ پ جي جيڪا پاليسي هئي، ان ۾ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير سردار اختر مينگل جي آزاديءَ سان گڏ، غائب ڪيل سياسي ڪارڪنن جي آزاديءَ تائين سمورا مطالبا شامل هئا. ايتري قدر جو جڏهن محترمه بينظير ڀٽو دبئي ۾ هئي، تڏهن نواب خيربخش مريءَ جي پٽ گزين مري جي دبئي ۾ گرفتاريءَ جي مذمت ڪئي هئي. هن وقت به پيپلز پارٽي بلوچستان ۾ سمورين پارٽين سان رابطن ۾ آهي، ته جيئن بلوچستان مسئلي جي حل لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي. محترمه جيڪڏهن حياتي هجي ها، ته بلوچستان جي صورتحال ۾ بهتريءَ لاءِ گهڻي اڳڀرائي ٿي چڪي هجي ها، پر هن ملڪ جي تاريخ جي وڏي حادثي، جنهن محترمه بينظير ڀٽو جي زندگي کسي ورتي، تنهن بلوچستان جي معاملي کي به ڪنهن حد تائين مونجهاري جو شڪار بڻايو. پيپلز پارٽي ايڏي وڏي حادثي کانپوءِ جڏهن چونڊن ۾ حصو ورتو، جنهن جي نتيجي ۾ ئي بلوچستان ۾ پهريون ڀيرو سندن حڪومت قائم ٿي، ته ساڳئي وقت قومپرستن جي بائيڪاٽ جي نتيجي ۾ پارلياماني سياست جون واڳون به پيپلز پارٽي جي هٿن ۾ اچي ويون. پ پ پ جي ميمبرن کان جڏهن قومپرستن جي بائيڪاٽ سبب پيدا ٿيل سياسي خال بابت سوال ڪيو وڃي ٿو، ته جواب ۾ اهي چون ٿا ته، اسان به قومپرست آهيون. گذريل ڏينهن جي ئي ڳالهه آهي، جڏهن بلوچستان جي گورنر نواب ذوالفقار مگسي اهڙي ئي سوال تي پڇيو هو ته قومپرستي جي معني ڇا آهي؟ معنيٰ بلوچستان جي ڳالهه ڪرڻ، ته اسان به قومپرست آهيون، اسان به پنهنجي قوم جي ڳالهه ڪريون ٿا. جيتوڻيڪ محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي قومپرستن جي بائيڪاٽ کي غلط نه سڏيو هو. موجودهه صورتحال ۾ ان بائيڪاٽ جي نتيجي ۾ قومپرست پارٽين جو دٻاءُ پيپلز پارٽي کي وڌيڪ برداشت ڪرڻو پئي پيو، جنهن ۾ جڏهن بلوچستان جي مسئلي جي حل لاءِ شهيد بينظير ڀٽو مصالحتي ڪاميٽيءَ جو اعلان ڪيو ويو، تڏهن پيپلز پارٽي جي اڳواڻ بابر اعواڻ کي سيمينارن کان اڳتي اڳواڻن سان ملاقاتن جهڙي ڪاميابي ملي نه سگهي هئي. ان حوالي سان جميل اڪبر بگٽيءَ جو چوڻ هو ته پهريائين اعتماد سازيءَ لاءِ حڪومت قدم کڻي، جنهن ۾ غائب ڪيل سياسي ڪارڪنن کي منظر تي آڻڻ سان گڏ گرفتار اڳواڻن جي آزادي ۽ ڊيره بگٽي ۽ ڪوهلو جي بي گهر ٿيل ماڻهن جي ٻيهر آباديءَ جهڙا مطالبا به شامل هئا. پيپلز پارٽي جيتوڻيڪ سردار اختر مينگل، ڊاڪٽر صفدر سرڪي، شاهزين بگٽي کي ته آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي پر اهڙي ڪاميابيءَ کانپوءِ اعتماد سازيءَ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ کان اڳ پيپلز پارٽي پاڻ مونجهاري جو شڪار نظر آئي. اها چاهڻ جي باوجود ڪجهه رڪاوٽن سبب گهڻو ڪجهه نه ڪري سگهي آهي، جنهن جي پ پ پ حڪومت مان اميد ڪئي پئي ويئي. ان حوالي سان بلوچستان جي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي چٽائي ڪندي اهو چيو ته، بلوچستان ۾ هڪ ئي وقت ٻه حڪومتون قائم ٿيل آهن، جنهن مان سندس اشارو فرنٽيئر ڪور ڏانهن هو، جنهن کي بلوچستان جي سرحدن جي سيڪيورٽي سان گڏ قومي تنصيبات جون ذميواريون سونپيل آهن. بلوچستان جي گورنر نواب ذوالفقار علي مگسي جي استعيفا جي سبب کي به ان تناظر ۾ ڏٺو پيو وڃي. هڪ ئي وقت بلوچستان جي گورنر ۽ وڏي وزير جي اهڙن بيانن ۽ استعيفا بلوچستان جي مسئلي کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ڇڏيو، ۽ سوال اٿڻ لڳا ته آخر اختيار ڪنهن وٽ آهن؟ سينيئر صحافين جي وفد جي اسلام آباد کان واپسيءَ تي هڪ صحافي چيو هو ته مان بلوچستان ۾ صدارتي راڄ ڏسي رهيو آهيان پر اهڙي صدارتي راڄ کان اڳ اهو معاملو مشرف جي استعيفا سان گڏ ٽري ويو، آصف علي زرداريءَ جي صدارتي چونڊ کان پوءِ پيپلز پارٽي پنهنجا مطالبا مڃرائڻ شروع ڪيا آهن، جنهن ۾ سڀ کان پهريائين بلوچستان ۾ رحمان ملڪ پهچي اعلان ڪيو هو ته سيڪيورٽي فورس سرحدن جي حفاظت ڪندي. ان کان اڳ به پيپلز پارٽي جي صوبائي صدر حاجي لشڪري رئيساڻي بابر اعواڻ سان گڏ چيو هو ته ڪوئيٽا مان چيڪ پوسٽون ختم ڪري ڇڏيون آهن پر سندس اهڙي بيان کانپوءِ به بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال ۾ ڪا بهتري ڏسڻ ۾ نه آئي. ڪوئيٽا جي مرڪزي علائقن ۾ ٽرئفڪ پوليس اهلڪارن کان ويندي سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن مٿان فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو. ريلوي ٽرئڪ ۽ گئس پائيپ لائين کان ويندي بيڪرين ۽ دڪانن تي بمن جا ڌماڪا ٿيندا رهيا. ريلوي جي انجڻن کي نشانو بڻايو ويو. سينيئر صحافي شهزاده ذوالفقار جو چوڻ هو ته نواب ذوالفقار مگسي جي استعيفا جو هڪ سبب بلوچستان ۾ پيش آيل اهي واقعا هئا، جن ۾ بلوچستان يونيورسٽي جي قائم مقام چانسلر جو قتل به شامل هو، جنهن ڪري گورنر توڙي وڏي وزير جي ساک ڏاڍي متاثر ٿي هئي. ان وقت هڪ طرف عوام طرفان سيڪيورٽي فورسز کي هٽائڻ جا مطالبا ٿي رهيا هئا، ته ٻئي طرف ڪاررواين جو سلسلو رڪجڻ ۾ نه پئي آيو. هاڻي جيڪا بهتر اڳڀرائي ٿي آهي، سا اها ته، بلوچستان جي پابندي پيل ويڙهاڪ تنظيم بلوچستان ريپبلڪ آرميءَ جي ترجمان سرباز بلوچ فون ذريعي اعلان ڪيو ته بلوچستان جي ٽنهي ويڙهاڪ تنظيمن بي ايل اي ،بي آر اي،بي ايل ايف جو گڏيل اجلاس ٿيو آهي، جنهن ۾ اڻ اعلانيل مدي تائين ٽيئي تنظيمون جنگ بندي جي اعلان تي متفق ٿيون آهن. اهڙي جنگ بندي تيستائين جاري رهندي، جيستائين بلوچستان ۾ فوجي ڇانوڻين جو ڪم بند ڪيو ويندو گئس ۽ پئٽرول جي ڳولها جو ڪم نه ڪيو ويندو. اهڙي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. اهڙي فيصلي جي تصديق بي ايل اي جي ترجمان سڏائيندڙ ببرڪ بلوچ پاران به ڪئي ويئي. بلوچستان ۾ انهن تنظيمن جي اهڙي اعلان تي جتي شهرين جي چهرن تي سڪون ۽ اطمينان محسوس ٿي رهيو آهي، ته ساڳئي وقت حڪومت به هاڻي اڳتي لاءِ سوچيندي نظر اچي رهي آهي. هڪ سينيئر صحافي اهڙي اعلان جي موٽ ۾ چيو ته، دنيا ۾ مزاحمتي تنظيمن جو فائدو سياسي پارٽيون ئي کڻنديون آهن، اهي ئي معاملن کي ڳالهين جي ميز تي رکنديون آهن. انهن تنظيمن جي ڪري ئي بلوچستان جي مسئلي جو نوٽيس ورتو ويو آهي، نه ته بلوچستان جي اسيمبلين ۾ ايتري نمائندگي ناهي، جو اهي پنهنجو وزن ڳالهين جي ميز تي ثابت ڪري سگهن. ڪوئيٽا ۾ طلال بگٽي سان رحمان ملڪ جي ملاقات کانپوءِ ٽيليفون ذريعي گزين مريءَ سان رابطو ڪيو ويو. طلال بگٽي جو چوڻ هو ته اهو طئه ٿيو آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ مان دبئي ويندس، جتي گزين مريءَ سان ملاقات کانپوءِ گزين مري، براهمداغ بگٽي سان به ڳالهائيندو. ان کان اڳ جو گزين مريءَ سان طلال بگٽي جي دبئي ۾ ملاقات ٿئي، آصف علي زرداريءَ جي گزين مريءَ سان ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بلوچستان جي مسئلي کي حل ڪرڻ واري واعدي جو ورجاءَ ڪيو ويو آهي. صحافي صديق بلوچ جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري ۽ گزين مري پاڻ ۾ دوست آهن، سندن ملاقات دوستي واري دائري ۾ اچي ٿي. جيڪڏهن معاملن کي سلجهائڻو ئي آهي ته نواب خيربخش مري ته هتي ڪراچي ۾ ئي ويٺو آهي، ان سان ملي سگهجي ٿو. صحافتي حلقن جا تجزيا پنهنجي جڳهه تي پر اهڙي ملاقات کانپوءِ پيپلز پارٽي اهو تاثر پئي ڏئي ته بلوچ اڳواڻن سان ڳالهيون هلي رهيون آهن. پر نواب اڪبر بگٽيءَ جي پوٽي برهمداغ بگٽيءَ سان رابطو ئي اصل مسئلو بڻيل آهي. هن وقت تائين سندس پارٽي بلوچستان ريبلپڪ پارٽي مذاڪرات واري لفظ سان سمهت نظر نه ٿي اچي. پيپلز پارٽي جي صدر حاجي لشڪري رئيساڻي جو چوڻ آهي ته براهمداغ بگٽي سان اڻ سڌيءَ طرح رابطي ۾ آهيون. جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي بلوچستان جي مسئلي جي حل لاءِ ڳالهين جي سلسلي کي تيز ڪري ڇڏيو آهي، ته ٻئي پاسي احتجاج به شدت اختيار ڪرڻ لڳا آهن. گذريل ڏينهن بلوچستان اسيمبليءَ جي سامهون عورتن احتجاجي مظاهرو ڪري اسيمبليءَ جي گيٽ تي چوڙيون رکي روانيون ٿي ويون. سندن چوڻ هو ته حڪومتي واعدن باوجود سيڪيورٽي اهلڪارن نيو ڪاهان مري ڪئمپ ۾ آپريشن ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت مارجي وئي آهي. ان رات سيڪيورٽي فورسز دعويٰ ڪئي هئي ته ڳجهي اطلاع تي نيو ڪاهان واري علائقي ۾ هزارگنجي ۾ ڪارروائي کانپوءِ ٽن مبينا دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جتان هڪ هزار ڪلو گرام ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي اهلڪارن اهڙن مبينا دهشتگردن کي به ميڊيا آڏو پيش ڪيو، ته انجمن اتحاد مري نيو ڪاهان جي فوت ٿيل عورت جي جنازي کي به ميڊيا جي اک ۾ محفوظ ڪرايو ويو، جڏهن ته سئي ۾ فردوس بيگم نالي هڪ عورت جون دانهون به پوليس اسٽيشن کان ٿيندي سڄي ملڪ ۾ ٻڌڻ ۾ آيون. فردوس بيگم ان علائقي ۾ پاڻ سان زيادتيءَ جون دانهون ڪيون آهن، جنهن علائقي ۾ 2005 جي فيبروي واري مهيني ۾ ڊاڪٽر شازيه خالد جو ڪيس سامهون آيو هو. اهو علائقو پي پي ايل جي ماتحت هجڻ ڪري سيڪيورٽي فورسز جي ايتري حفاظت ۾ آهي، جو اتي ڪنهن پکيءَ جي پر هڻڻ جو امڪان به ڪونهي. ڊاڪٽر شازيه خالد جو ڪيس ته سڄي جهان ڏٺو پر فردوس بيگم، جنهن جو تعلق ملتان شهر سان آهي، جنهن سئي واري علائقي ۾ بگٽي قبيلي جي ايوب بگٽي نالي همراهه سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس 7 ٻار آهن. پي پي ايل انتظاميا گئس ڪمپنيءَ ۾ ملازم هئڻ ڪري کيس ايف 22 وارو ڪوارٽر الاٽ ڪيو هو. سئي ۾ رهندڙ شهري ٻڌدائين ٿا ته، فردوس بيگم جي گهر جو پاڻي بند آهي، سندس ملاقات به ڪنهن سان ڪرڻ نه پئي ڏني وڃي. سندس مڙس ايوب بگٽي فوت ٿي چڪو آهي. هڪ طرف فردوس بيگم پوليس ۾ اهي دانهون ڪيون آهن ته سندس ڪوارٽر ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ انتظاميا جي ماڻهن داخل ٿي ساڻس اجتماعي زيادتي ڪئي آهي، جنهن جو ڪيس به سئي پوليس ايف آر نمبر 32 2008 داخل ڪري ڇڏيو آهي، ته ٻئي طرف انتظاميا جو موقف اهو ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته فردوس بيگم پنهنجي مڙس جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ڪوارٽر ۾ ئي رهندي هئي. کيس ڪوارٽر خالي ڪرڻ جو نوٽيس ڏنو ويو، جنهن تي هن اهڙو الزام هنيو آهي. هڪ طرف پوليس ايف آر داخل ڪري ڇڏي آهي، ته ٻئي طرف پوليس جون اعليٰ اختياريون اهڙي واقعي جي ترديد ڪري رهيون آهن. فردوس بيگم کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ سئي اسپتال به اماڻيو ويو پر رپورٽ منظر تي ناهي اچي سگهي، نه ئي وري فردوس بيگم کي ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو پر پي پي ايل انتظاميا جي جن ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، اهي ڪراچي منتقل ٿي ويا آهن. فردوس بيگم کي ٻه لک ۽ سندس اولاد کي نوڪريون ڏيڻ جا واعده ٿي رهيا آهن. هاڻي اهو سوال به بحث جو موضوع بڻيل آهي ته اهو ڪٿي ڊاڪٽر شازيه واري ڪيس جو ايڪشن ريپلي ته ناهي؟ راڪيٽن ۽ ڌماڪن جي دانهن ۾ رهندڙ بلوچستان ۾ جنگ بنديءَ جي اعلان کانپوءِ گذريل رات ٽي راڪيٽ فائر ٿيا آهن، جڏهن ته گوادر ۾ گئس پائيپ لائين کي ڌماڪي سان اڏائڻ جا اطلاع تصديق جي انتظار ۾ آهن . بي اين پي بلوچستان ۾ 21 سيپٽمبر کان احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پ پ پ بلوچستان ۾ صورتحال کي سنڀالي بلوچ عوام جي زخمن تي مرهم رکر سگهندي؟ بلوچ عوام جو اعتماد حاصل ڪري سگهندي؟ zguramani@yahoo.com
جواب: محترم ذوالفقار گراماڻي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ بلوچستان زلزلي ۾ تباهه ٿي ويل زيارت ۽ دربدر بلوچ جمع 31 آڪٽوبر 2008ع قائداعظم ريزيڊنسي،صنوبر جي وڻن ۽ سخت ترين سرديءَ ۾ پوندڙ برفباري جي ڪري سياحن ۾ مشهور شهر زيارت جي هن وقت سڃاڻپ زلزلي هيٺ آيل شهر جي بڻجي وئي آهي، زيارت ۾ پهتل ڪنهن به فرد جي نظر جو مرڪز هاڻي پهاڙ يا صنوبر جا وڻ نه پر پهاڙن تي پيل ماڻهن جي وجود تي آهي، جن ماڻهن جي وجود جي ڳولا لاءِ هيليڪاپٽر به هوا ۾ گشت ڪري رهيا آهن، اهڙي سڃاڻپ زيارت جو مقدر تڏهن بڻي،جڏهن گذريل رات 4:33 منٽن ۽ فجر ۾ 5:15 منٽن تي آيل زلزلي جي نتيجي ۾ بڻي، جنهن سبب زيارت جو شهر وام مڪمل طور تي مٽي جو ڍير بڻجي ويو آهي، زيارت جون ٻه يوسيز ڪڇ ۽ ڪواس جنهن جي آبادي 35 هزار ماڻهن تي مشتمل آهي، انهن يوسيز جا ڳوٺ وام، ڪواس، ورچوم، ڪلي ڊبر، ڪلي سرخيزئي، ڪلي سوهي، ڪلي شڙئي ۽ ڪلي ڪان زلزلي جي زد ۾ آيا آهن،جنهن جي نتيجي ۾ سوين انساني جانيون مٽيءَ جي ڍير هيٺان امداد جي انتظار ۾ ساهه کڻي رهيون هيون پر انهن مان اڪثريت جي ساهه جو سڳو ان وقت قائم رهي سگهي ها، جڏهن اهڙي زلزلي جا جهٽڪا رڳو زيارت شهر ۾ آيا هجن ها پر ميڊيا تان ان زلزلي جي خبر صرف ڪوئيٽا جي نالي سان هلائي وئي،جتي صوبي جي گاديءَ واري شهر جا شهري باک ڦٽڻ کان اڳ زلزلي جي جهٽڪي جي نتيجي ۾ دانهون ڪندي روڊن تي نڪري آيا هئا،جنهن ڪري ڪوئيٽا ۾ هر طرف دانهون هيون،ڪجهه ئي دير کانپوءِ پشين شهر جي خانوزئي جي علائقي خوشاب ۾ چئن ماڻهن جي گهر اندر دٻجي فوت ٿيڻ جي خبر پهتي، جڏهن ته ٻئي طرف توبه اچڪزئي ۾ 3 ڄڻن جي مٽيءَ جي ڍير هيٺان دٻجي فوت ٿيڻ جو اطلاع صوبائي حڪومت تائين پهتو، ان کان اڳ ڪوئيٽا جي اسپتال 9 ماڻهن جي زخمي هئڻ جو اڪائونٽ ئي ٻڌائي رهي هئي پر ضلعي ناظم زيارت عبدالولي ڪاڪڙ ميڊيا سان مخاطب ٿيو، جنهن پنهنجي شهر جي تباهيءَ جون دانهون ڪيون، اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ جو سبب اهو هو ته 21 صديءَ ۾ به بلوچستان جا اهي علائقا رابطي واري هر سهولت کان محروم آهن،جنهن سبب تباهه ٿيل ڳوٺن جا شهرن ڏانهن ويل رهواسي پنهنجي ڳوٺن جي تباهي بابت رڙيون ڪري مدد لاءِ پڪاري رهيا هئا،انهن کي پنهنجي ڳوٺن جا رابطا ڪٽيل هئڻ باوجود پنهنجي گهرن جي تباهيءَ جي خبر ڪيئن پئي،اهو ان وقت انهن ڳوٺاڻن کان معلوم ڪرڻ ناممڪن هو،تباهه ٿيل وام شهر ۾ موجود هڪ شخص ٻڌايو پئي ته هو رات هن ڳوٺ ۾ مهمان هو،جڏهن صبح جو پنجين وڳي ننڊ مان اٿي واپس وڃي رهيو هو ته هن ڳوٺ ۾ آيل اهڙي زلزلي کانپوءِ پوئتي ڳوٺ ڏي نهاريو ته ڳوٺ تباهه ٿي چڪو هو.ڪوئيٽا کان زيارت ڏانهن ويندي، جڏهن پهاڙن جو هڪ الڳ سلسلو شروع ٿئي ٿو، اتي چند گهرن تي ٻڌل پاڙو وام شهر جو اچي ٿو، جتي مسجد شهيد،گهر تباهه هئا، جڏهن وام شهر جو ڏيک پري کان نظر آيو، تڏهن سوين گاڏيون ۽ سوين ماڻهو پهاڙي پيچرن تي نظر آيا،هيءُ هو اصل وام شهر جنهن جي مٿان پاڪ فوج ۽ فرنٽيئر ڪور جا هوائي جهاز لينڊنگ ڪرڻ لاءِ چڪر ڪاٽي رهيا هئا، فرنٽيئر ڪور جي برگيڊيئر سڪندر ٻڌايو پئي ته ايف سي 40 خاندانن کي بچائي چڪي آهي، 200 ٽينٽ آندا آهن،جنهن هڪ ٽينٽ ۾ 10 ماڻهو رهي سگهندا، جنهن ڪري ٻه هزار ماڻهن کي هن جڳهه تي محفوظ ڪيو ويندو، برگيڊيئر سڪندر ٻڌايو ته هن پاڻ سان گڏ 21 سئو ڪمبل آندا آهن، سندس ڪئمپ ۾ 115 ماڻهن جي فوت ۽ 250 ماڻهن جي زخمي هئڻ جو اطلاع ملي چڪو هو، جڏهن ته اهلڪار گهرن جو ملبو کوٽائڻ لاءِ علائقي ۾ پکڙيل هئا. وام شهر جي تباهي واري علائقي جو معائنو ڪندڙ هڪ اين جي اوز جي اڳواڻ امجد رشيد ٻڌايو پئي ته سندن هتي آفيسون آهن، انهي ڪري هتي پهتا آهيون ته جيئن نقصان جي اصل صورتحال معلوم ڪري سگهجي، اسان کي شروعاتي انگ 200 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو مليو آهي،جنهن جڳهه تي امجد رشيد اهڙي ڳالهه ٻڌائي رهيو هو ان علائقي ۾ ڪنهن به گهر جي ڇت اڃا نه هٽائي وئي هئي، گهر جي ڪريل ڇتين هيٺان ڇا ڇا هو، ان جي خبر ڪنهن کي به نه هئي، گهر جي هڪ ڇت تي بيٺل شخص اهڙي سوال تي ٻڌايو ته ”مان زردالو ڳوٺ جو آهيان، هتي منهنجي ڀيڻ پرڻيل آهي، زلزلي جو ٻڌي پنهنجي ڀيڻ ڏانهن آيو آهيان، منهنجي ڀيڻ زندهه آهي پر ڀيڻويو مري ويو“،. هڪ طرف گهرن جون ڪريل ڀتيون هٽايون پئي ويون ته ٻئي طرف اتي پهتل ڳوٺاڻا قبرستان ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي لاشن کي دفنائي رهيا هئا، وام شهر جو هي اجتماعي قبرستان هو، جنهن جون قبرون به ماڻهن جي مدد سان نه پر ڪرين جي مدد سان کوٽيون ويون هيون، جنهن هڪ قبر ۾ 9 ڄڻن جا لاش دفنايا پئي ويا، اجتماعي قبرن ۾ لاشن کي دفنائڻ لاءِ ايڌي پاران ذميواري جو انچارج ايڌي جو هڪ رضاڪار هو، جنهن ٻڌايو پئي ته صبح کان لاشن دفنائڻ جو ڪم هلندڙ آهي، اسان جي سڄي ٽيم هتي آيل آهي، ڪواس اسپتال ۾ آرميءَ جي ڪيپٽن ڊاڪٽر احمد يار پنهنجي ٽيم سان گڏ پهچي بيس ڪئمپ قائم ڪئي هئي، جتي ڪواس اسپتال جي مرده خاني ۾ هڪ طرف مردن جا ته ٻئي طرف عورتن جا لاش پيل هئا، ڪيپٽن احمد يار ٻڌايو ته” 50 زخمين کي روڊ جي ذريعي ۽ 10 زخمين کي هيليڪاپٽر ذريعي ڪوئيٽا پهچايو ويو آهي، جيڪي وڌيڪ زخمي آهن، انهن لاءِ هيليڪاپٽر آهي، اسان هوائي گشت ڪري ماڻهن کي ڪڍڻ جي تسلي ڪري ورتي آهي“، هن ئي اسپتال ۾ بلوچستان جو صحت وارو وزير عين الله شمس به ڊاڪٽرن کان زخمين ۽ موت جو شڪار ٿيل ماڻهن جا انگ اکر وٺي رهيو هو، جنهن ڪواس اسپتال جا انتظام سنڀاليندڙ لورالائي کان آيل ڊاڪٽر منير ٻڌايو ته 300 ماڻهو موت جو شڪار ٿي چڪا آهن، هتي ڪواس واري اسپتال ۾ 116 موت جو شڪار ٿيل شهري پهچايا ويا آهن، جن جا لاش وارث کڻائي ويا آهن پر جيڪي زخمي ٻار آهن، انهن کي کير جي ضرورت آهي، هن اسپتال ۾ پاڪ آرمي جي ڊاڪٽرن واري ٽيم کانسواءِ زيارت ضلعي جا 36 ۽ باقي شهرن مان گهرايل 50 ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين جو گڏيل 86 واري انگ وارو عملو ڪم ڪري رهيو هو، ڪواس کان ٻاهر زيارت شهر مڪمل طور تي بند هو، جتي پيئڻ لاءِ رڳو ٽانڪي ۾ پيل پاڻي ئي ملي سگهيو،زيارت جي الحجر اسڪول ۾ پڙهندڙ طارق منگي انتظاميا، رضاڪارن ۽ صحافين آڏو دانهيندو رهيو ته سندس سيڪنڊري اسڪول ۾ سڄي بلوچستان جا 136 ٻار آهن، جيڪي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، انهن جي مدد لاءِ ڪو به ناهي پهتو، طارق منگيءَ جي انهن دانهن کانپوءِ اتي پوليس جو ڊي ايس پي خالي هٿين ان وقت پهتو، جڏهن زيارت جي سرد شام وارو سج پنهنجي روشنيءَ واري مدد پڄاڻيءَ تي پهچائي رهيو هو، اونداهه شروع ٿيڻ کان اڳ بلوچستان جو وڏو وزير نواب اسلم رئيساڻي پنهنجي ڪابينا سان گڏ متاثرين جي صورتحال جو جائزو وٺي چڪو هو، جتي سمورين سياسي تنظيمن،بلوچستان يونيورسٽي جي شاگردن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جون ڪئمپون ۽ قافلا پهتل هئا، جنهن دوران جڏهن زلزلي جو هڪ وڌيڪ جهٽڪو آيو، تڏهن سڄي علائقي ۾ دانهون پئجي ويون، اجتماعي قبرستان ۾ لاشن کي دفنائيندڙ ماڻهو کليل ميدان ڏانهن دانهون ڪندي ڀڳا،سامهون وارا جبل مٽي ۽ دونهين ۾ غائب ٿي ويا، جبلن مان نڪرندڙ دونهون هتان جي رهواسين کي زلزلي جي خبر ڏئي رهيو هو، جنهن جبلن جي وچ کان گذرندڙ ڪوئيٽا ۽ زيارت واري روڊ ۾ ڏار پئجي چڪا هئا، جڏهن ته پهاڙن جا پٿر روڊن تي پيل هئا،هڪ مقامي صحافي موجب 50 هزار ماڻهو رات ڪيئن گذرندي واري اوسيئڙي ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل هئا، جن کي ٽينٽ، ڪمبل ۽ کاڌ خوراڪ جي شديد ضرورت هئي، جن جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ بلوچستان جي گورنر نواب ذوالفقار مگسيءَ جو چوڻ هو ته مان بين الاقوامي ڪميونٽيءَ کي درخواست ڪري نه ٿو سگهان، پنهنجي وفاقي سرڪار کي ئي درخواست ڪندس، جڏهن ته نواب اسلم رئيساڻي بين الاقوامي ڪميونٽي کي ڪوئيٽا پهچي مدد جي اپيل ڪئي. zguramani@yahoo.com
جواب: محترم ذوالفقار گراماڻي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ ريل ڪهاڻي! آچر پهرين فيبروري 2009ع بولان ريل ڪوئيٽا ۾ رهندڙ سنڌ واسين لاءِ گهر جيان رهي آهي جنهن ريل جا ڪمپارٽمينٽ ڪمرن جهڙا ۽ اسٽيشنون اڱڻ جهڙيون هجن ٿيون. ڪوئيٽا جي ريلوي اسٽيشن تي مسافرن جي سهولت ۾ ڪنهن به قسم جو ڪوبه اضافو ناهي ٿيو. جنهن پليٽ فارم تي ٽي وي جهڙي سهولت مسافرن کي ڪجهه وقت اڳ تائين مهيا ٿيل هئي، هاڻي اهڙي ٽي وي واري سهولت به هن ريلوي اسٽيشن تي ناهي رهي. جيڪڏهن ڪنهن شئي جو اضافو ٿيو به آهي ته اها اسڪيننگ واري اها مشين آهي، جنهن مان مسافرن کي ڪليئرنس لاءِ گذرڻو پوي ٿو. ريلوي اسٽيشن تي نه رڳو تحريري طور لکيل هوندو آهي ته اهي ڪنهن به ٻئي مسافر کان ڪا به شئي وٺڻ ۾ احتياط ڪن پر ساڳئي وقت ريلوي پليٽ فارم جي لائوڊ اسپيڪر تي اهڙا پيغام به ٻڌايا ويندا آهن. پر ريل ۾ سفر ڪندڙ مسافرن جي هڪ ٻئي سان واقفيت اڌ ڪلاڪ جي ڪچهريءَ دوران اهڙي ٿي ويندي آهي، جو انهن کي هڪٻئي ۾ شڪ جي گنجائش ئي ناهي رهندي. هڪ ته مسافر موڪلن تي سنڌ وڃڻ ڪري کلندڙ چهري سان گڏ دل جا سخي بڻيل هوندا آهن، ٻيو ته اڪثر مسافرن جي پنهنجي پنهنجي شهر جي ماڻهن سان اوچتو ملاقات يا سڃاڻپ ٿي ويندي آهي. منهنجي سامهون واري سيٽ تي چهري مان پٺاڻ لڳندڙ ڪلين شيو نوجوان پنهنجي ڏاڙهي واري پٺاڻ مائٽ سان پشتو ۾ ڳالهائي رهيو هو. ڪيترين ئي ريلوي اسٽيشنن جي گذري وڃڻ کانپوءِ هن مون سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندي جڏهن پنهنجو تعارف ڪرايو، تڏهن هو لاڙڪاڻي ويجهو منهنجي ڳوٺ ميڻن جي پاسي واري ڳوٺ نئين ٺاري جو رهواسي نڪتو. مون کيس چيو ته مان اوهان کي ڪوئيٽا جو پٺاڻ سمجهي رهيو هيس. جنهن تي هن ٻڌايو ته منهنجي ماءُ پٺاڻ آهي، منهنجو بابا ڪوئيٽا ۾ نوڪري ڪندو هو، جنهن جي شادي به ڪوئيٽا مان ئي ٿي. ائين به اڪثر ٿيندو آهي جو هڪ ٻئي کي نه سڃاڻندڙ مسافر فئمليز سان گڏ هجڻ ڪري ڪنهن اڪيلي مسافر کي ٻئي هنڌ ويهڻ جي گذارش به ڪندا آهن ته جيئن اهي ڪئبن کي ڪپڙو ٻڌي بند ڪري ڇڏين، پر اهڙي گذارش جي قبول ٿيڻ کان اڳ ٻئي اسٽيشن جي پهچڻ کان پهريائين انهن ۾ ايتري پنهنجائپ پيدا ٿي ويندي آهي جو اهي اڳتي جو سفر نه رڳو گڏجي ڪندا آهن پر فئمليز سان گڏجي مانيون به کائيندا آهن، جتي عورتون پاڻ ۾ ڪچهري ۾ مصروف ٿي وينديون آهن ته ٻئي پاسي سندن مرد پنهنجي وقت جي قصن ڪهاڻين کان ويندي سياسي اٿل پٿل جا قصا ڪهاڻيون به سلجهائيندا هلندا آهن. اهڙي ئي ڪمپارٽمينٽ ۾ ويٺل هڪ پٺاڻ عورت پنهنجي سامهون ويٺل سنڌي عورت کي سنڌ وڃڻ واري سوال جي جواب ۾ ٻڌائي رهي هئي ته هي منهنجو مڙس سنڌي آهي، هي جيڪي ٻه ٻار مون سان گڏ آهن اهي منهنجي پهرين شاديءَ مان آهن هي منهنجي پاڙي ۾ رهندو هيو جنهن جي به شادي ٿيل هئي پر کيس ٻار نه هئا منهنجي مڙس جي فوت ٿيڻ کانپوءِ هن مون سان ٻارن جي خواهش جي ڪري شادي ڪئي. پليٽ فارم کان ريل ۾ سوار ٿيڻ کانپوءِ پهريون جهيڙو مسافرن ۾ سيٽ نمبر تي ٿيندو آهي. هڪ ئي سيٽ تي هڪ ئي وقت ٻه نمبر لڳل هوندا آهن هڪڙو نمبر ريلوي اختيارين پاران مستقل مونوگرام جي صورت ۾ هوندو آهي ته ٻيو اڇي چاڪ سان ريلوي اسٽيشن ماسٽر جي حڪم سان لکيو ويندو آهي. مونوگرام جهڙا لکيل نمبر اهو دليل هوندا آهن ته هڪ ڪمپارٽمينٽ جي هڪ ڪئبن 6 مسافرن لاءِ هوندي آهي پر اڇي چاڪ سان اهي 8 ڪري هڪڙي پاسي چئن چئن مسافرن کي ويهاريو ويندو آهي. اهڙن ٻن نمبرن ڪري مسافر هڪ ٻئي سان جهيڙي جي حد تائين هليا ويندا آهن، جن جي عورتن جي حالت رحم جوڳي بڻيل هوندي آهي. ٻنهي مسافرن جي هٿن ۾ ٽڪيٽون هونديون آهن، جيڪي اهي هڪ ٻئي کي ڏيکاريندي سيٽ جي مالڪي جي دعوي ڪندا آهن پر ريلوي اختياريون اڌ ڪلاڪ تائين انهن جي مسئلي حل ڪرڻ لاءِ ناهن پهچي سگهنديون. ريل جي ٽڪيٽ چئڪنگ جو نظام سنڀاليندڙ عملدار ٽڪيٽ چئڪ ڪرڻ وقت پهچي ڪري مسافرن کي مونوگرام وارا نمبر نه، پر اڇي چاڪ وارا نمبر استعمال ڪريو جهڙو حڪم ڏئي مسئلو حل ڪري ويندا آهن. پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙا مسئلا ريلوي جي ٿاڻن تي حل ٿيندا آهن. اهڙن ئي ٻن نمبرن جي ڪري دادو ويندڙ هڪ همراهه جنهن ڪئبن ۾ وڃي ويٺو، ان ۾ اڳواٽ عورتون ويٺل هيون، جنهن ڪري انهن عورتن جي عزيزن ۽ دادو ويندڙ همراهه ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن تي هڪ همراهه جيڪب آباد ۾ پنهنجن مٽن مائٽن کي موبائيل تي فون ڪري چيو ته ماڻهو اسان سان وڙهيا آهن، اسٽيشن تي هٿيار کڻي پهچو. جنهن تي دادو جي مسافرن ۾ بيچيني پيدا ٿي پئي. هلندڙ ريل ۾ پوليس انهيءَ ڪئبن ۾ پهچي مسافرن کي سمجهائيندي چيو ته ”هرڪو پنهنجي پنهنجي گهر ٻچن ڏانهن وڃي رهيو آهي، ڇو ڪير ڪنهن سان حرڪت ڪندو ابا ڏاها ٿيو اخلاق سکو.“ اهڙي مسئلي جو حل ٻئي ڪمپارٽمينٽ ۾ دادو جي دوستن جي ٽولي ۽ ٻئي ڌر جي همراهن جي وچ تي جرڳي جهڙي صورت ۾ ٿيو هو، جنهن جو حل عورتن واري ڪئبن ۾ ويهندڙ شخص جي معافي گهرڻ کان پوءِ ئي ممڪن ٿي سگهيو. ”شڪر ڪريو، سندن مرد واقف نڪري پيو، نه ته وڏو مسئلو ٿي پئي ها.“ دادو جي هڪ همراهه پنهنجن دوستن کي چيو. ان کان پوءِ دادو جا اهي همراهه لاڙڪاڻي تائين تاس جي پتن سان بادشاهن ۽ راڻين کي شڪست ڏيندا رهيا. ڪڏهن ڪڏهن ته مسافرن کي هڪ هفتو اڳ الاٽ ڪيل نمبر مورڳو هوندا ئي ناهن. ”سائين منهنجي فئملي مون سان گڏ آهي، هن ئي گاڏي جي هيءَ ٽڪيٽ آهي، پر اهو سيٽ نمبر ئي هن گاڏي ۾ ڪونهي.“ هڪ مسافر دانهين رهيو هو، جنهن سان ڪيترائي اهڙا متاثرين بي وس بيٺل هئا، جنهن کي ريل جو ٽڪيٽ چئڪر الٽو دڙڪا ڏئي رهيو هو. گذريل عيد واري ڏينهن ته ڪيترن ئي خاندانن ريلوي اسٽيشن ڪوئيٽا تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ڇڏيو هو، جن جو چوڻ هو ته هڪ هفتو اڳ ٽڪيٽ بڪ ڪرائي وڃڻ کان پوءِ به سيٽون نه ٿيون ملن. ڪيترائي مسافر سيٽ ملڻ باوجود ريل جي ٻئين وڳي واري وقت بجاءِ شام تائين نه نڪرڻ ڪري واپس ويگنن تي هليا ويندا آهن ”سائين ميهڙ واري پاسي وڃڻو آهي، هن ريل ۾ انهيءَ ڪري پيو وڃان جو ڏهين وڳي هيءَ ريل لاڙڪاڻي پهچندي جتان ڪوچ ۾ چڙهي ميهڙ وڃي لهندس. جيڪڏهن دير ٿي وئي ته پوءِ پنهنجن ٻارن کي ڪاڏي ڪندس.“ هڪ مسافر مون کي چيو. ريلوي جي هڪ عملدار سان دوستيءَ جي هڪ دعويدار مسافر رازداريءَ واري انداز ۾ ٻڌايو ته ”ريل جي دير ٿيڻ ۾ ٽرانسپورٽرن جو هٿ هوندو آهي. اهو سڀ ڪجهه ڊيل هيٺ ٿيندو آهي ته جيئن مسافر ريل بجاءِ گاڏين ۾ سفر ڪن.“ ڪوئيٽا کان ڪراچيءَ تائين واريون ٽرينون مسافرن لاءِ پليٽ فارم جهڙيون ملاقاتون به مهيا ڪنديون آهن. مسافرن جي اها اڪثريت انهن اسٽيشن تي لهي رات جي ماني، چانهه جي ڪوپ ۽ پاڻي جي بوتلن جي ڀرجڻ واري لائين ۾ ئي انتظار ناهي ڪندي، پر ساڳئي وقت سندن دوست، رشتيدار انهن اسٽيشنن تي پهچي اڳتي ويندڙ مائٽ مسافرن کي مانيءَ وارا ٽفن باڪس به پهچائيندا آهن. مون ڊيرهه الهيار جي نورمحمد ڄاموٽ کان ريل ۾ رومانس جي باري ۾ پڇيو جنهن تي سڀني جي منهن تي مرڪ ائين ڦهلجي وئي ڄڻ ته اهي وڏو ڪو راز اندر ۾ سانڍي ويٺا هجن جنهن جي ذڪر ڇيڙڻ تي سڀ پنهنجا پنهنجا قصا ادبي محفلن ۾ پڙهيون ويندڙ ڪهاڻين جيان ٻڌائي رهيا هئا. ڀاڳ ناڙي جي هڪ سرڪاري ملازم جو قصو ڪجهه هيئن هو ته ان ٽڪيٽ ته ڪوئيٽا کان بختيارآباد تائين جي ورتي هئي پر وڃي فيصل آباد نڪتو. سندس ڪئبن ۾ ويٺل هڪ ڇوڪريءَ سان سندس سلام دعا ٽڪيٽ جون حدون ئي ختم ڪري ڇڏيون هيون جيڪو هاڻي اهڙا فيصل آباد جا پنڌ مستقل ڪندو رهي ٿو، پر ڇوڪريءَ جي مرضيءَ باوجود سندس مائٽ رشتو ناهن ڏئي رهيا. بيل پٽ جي هڪڙي همراهه به پنهنجو قصو ڪجهه اهڙو ئي پئي ٻڌايو جيڪو سندس چواڻي ڇوڪريءَ سان ڳالهين ڳالهين ۾ وڃي لاهور نڪتس. اتي ڪاروبار به شروع ڪيو، پر شادي نه ٿئي سگهي. ٺل جي هڪ رهواسي ريل ۾ رومانس شروع ڪرڻ کانپوءِ ڪوئيٽا جي رهواسڻ سان شادي ڪري ٺل کي ئي مورڳو الوداع چئي ڇڏيو. بيل پٽ جي ريلوي ملازم کي چيم ته توهان به اهڙا ڏينهن ڏٺا؟ ”سائين ٻين جي ڪهڙي ڳالهه ڪريون پاڻ به ڪيترائي ڀيرا خوار ٿيا آهيون.“ توهان اهڙي خواريءَ مان ڪيئن جان ڇڏائي واري سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته ”هڪڙي دفعي ڪجهه ڇوڪريون سفر ڪري رهيون هيون وٽن سرديءَ کان بچاءَ لاءِ ڪو به بندوبست نه هو، اسان کين پنهنجا سئيٽر ڏنا، جن کي ڪراچي وڃڻو هو. اسان بيل پٽ ۾ لهڻ بجاءِ انهن سان گڏ وڃڻ لڳاسين پر بيل پٽ کان اڳتي انهن ڇوڪرين اسان کي گهٽ وڌ ڳالهائي ريل کان هيٺ لاهي ڇڏيو.“ هاڻي ريل انتظاميا کي اهو حڪم ٿيو آهي ته واپسيءَ ۾ سنڌ جي ڪنهن به اسٽيشن تي ڪوٽا واري ڪهاڻي ناهي هلائڻي. ان کان اڳ سنڌ جي هر ريلوي اسٽيشن جو پنهنجو ڪمپارٽمينٽ هوندو هو، پر هاڻي ڪراچيءَ کان ئي ٽڪيٽ ملي سگهندي، ٻي ڪنهن به ريلوي اسٽيشن تي اڳواٽ بڪنگ نه ٿيندي. تنهن ڪري ڪوئيٽا واپسي دوران جيڪڏهن لاڙڪاڻي مان سيٽ ملي ته ٺيڪ نه ته ڪوئيٽا تائين خواري هجي ٿي. جيڪڏهن خوشقسمتيءَ سان ڪنهن فيمليءَ واري کي ٻه ٽڪيٽون ملي به ويون ته هڪ سيٽ پهرين گاڏي ۾ ته ٻئي سيٽ آخري گاڏي ۾ خالي هجڻ ڪري زال ۽ مڙس جهڙا مسافر پريشاني ۾ مبتلا ٿي پوندا آهن. zguramani@yahoo.com
جواب: محترم ذوالفقار گراماڻي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ لانگ مارچ کان اڳ! اربع 11 فيبروري 2009ع ملڪ جي سياسي وايومنڊل ۾ 9 مارچ کان اڳ وڏيون سياسي تبديليون اچڻ جون افواهون گردش ۾ آهن. ”وڪيل برادري جي قافلن ۾ 9 مارچ کانپوءِ ڪوبه لانگ مارچ نه ٿيندو“ جهڙو سلوگن به ورجائجي رهيو آهي.“ صحافي روف ڪلاسرا کي هڪ سينيئر صحافي آن دي ريڪارڊ پنهنجي انٽرويو ۾ چئي ڇڏيو آهي ته آصف زرداري کان مارچ ۾ استعفيٰ ورتي ويندي، جنهن انٽرويو کانپوءِ هڪ مشهور ٽي وي پروگرام ”بولتا پاڪستان“ ۾ مشتاق منهاس خبر جي فالو اپ طور نصرت جاويد کان ”استعفي وٺندو ڪير؟“ جهڙو سوال ڪري ٿو. ان سڄي صورتحال جو گهرائيءَ سان جائزو وٺندڙ ڌرين پيپلز پارٽي خلاف ماحول کي مناسب انهيءَ ڪري سمجهي ورتو آهي، جو پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ آصف علي زرداري پنهنجي واعدي مطابق چوڌري افتخار کي بحال ناهي ڪيو. هينئر تائين 17 هين ترميم جي خاتمي جو پهريون تحفو به عوام کي ناهي ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جو اتحاد ٽٽي چڪو آهي. واعدن جي وفا نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ جيڪو گوڙ ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي، انهيءَ ۾ صدر ۽ وزير اعظم جي اختلافن وارين افواهن، بجلي،گئس جي بحران کان ويندي پنجاب ۾ سلمان تاثير ۽ شهباز شريف جي حڪومت وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ جهڙو مواد به موجود آهي. ان ڪري عوام ۾ اهڙو تاثر جوڙڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت کي ناڪام قرار ڏئي گهر ڀيڙو ڪرڻ کي جائز تصور ڪرايو پيو وڃي. مڊٽرم چونڊون ۽ قومي حڪومت جهڙي ٽرمنالاجي واپس ميدان ۾ متحرڪ آهي. آمريت مردهه باد جا نعره هڻندڙ هاڻي هن حڪومت ۽ آمريت ۾ ڪوبه فرق ناهن ڏسي رهيا. اصغر خان، جنهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ سندس خلاف رهيو تنهن هاڻي چيف جسٽس چوڌري افتخار حوالي حڪومت ڪري چونڊون ڪرائڻ جهڙو خيال به ميدان ۾ انهيءَ ڪري اڇلي ڇڏيو آهي جو سندس چواڻي جيڪڏهن هيءَ حڪومت رهي ته وڏيون مشڪلاتون پئدا ٿي پونديون. جڏهن ته اصغر خان جي برعڪس ٻيو خيال اهو آهي ته جيڪڏهن هيءَ حڪومت نه رهي ته پوءِ وڏي تباهي ايندي. اسٽيبلشمينٽ سان سدائين وفا ڪندڙ ڌريون ٻيهر سنڌ جي ضلعن کي ڪيڪ ڪري ڪاٽينديون، ۽ ضياءَ جي فارمولي مطابق پيپلز پارٽي کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ماڻهن کي برادرين ۾ ورهائي ويڙهائي ڇڏينديون. اهڙي صورتحال کانپوءِ ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فرازانه راجا چيو ته جيڪي جمهوري نظام کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا، اهي آمريت جا حامي آهن، هن نظام جي تڏا ويڙهه ڪندڙن سان گڏ آهن پر عوام اسان کي ووٽ ڪيو آهي، حڪومت پنهنجا پنج سال پورا ڪندي. پيپلز پارٽي فرزانه راجا جي صورت ۾ نئون بيان جاري ڪندي چيو آهي ته جڏهن محترمه بينظير ڀٽو شهيد چيف جسٽس چوڌري افتخار جي بحالي جي ڳالهه ڪئي هئي، تڏهن چيف جسٽس سياسي جلسن کي خطاب نه ڪندو هيو. فرزانه راجا جي اهڙي پريس ڪانفرنس کانپوءِ مون پنهنجي صحافي دوست کي فرزانه راجا جي برعڪس چيو هو ته، محترمه بينظير ڀٽو جڏهن چيف جسٽس جي بحالي جو مطالبو ڪندي لانگ مارچ واري قافلي جي ڪال ڏني هئي، تڏهن اهو قافلو ملڪ ۾ آمريت کان نجات ۽ جمهوريت جي بحاليءَ واري جدوجهد ڏانهن وڌي رهيو هو، جڏهن ته هينئر وارو لانگ مارچ جمهوريت جي تڏا ويڙهه ۽ آمريت جي واپسي واري خدشي سان ڀريل آهي. موجودهه حالتن ۾ ماڻهو چونڊ واري ٻه واٽي تي بيٺل آهي، جنهن ٻه واٽي جي ڪري ئي مسلم ليگ (ن) جو سربراهه لانگ مارچ ۾ عوام کي نڪري اچڻ جو سڏ به ڏئي چڪو آهي ته موجوده حڪومت سان مدو پورو ڪرڻ جا واعده به ورجائي رهيو آهي.سندس چواڻي ته، آصف علي زرداريءَ جو مون کان وڌيڪ خيرخواهه ٻيو ڪوبه نه آهي. عمران خان جي تحريڪ انصاف جهڙين پارٽين ڌرڻي ۽ لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪجهه پارٽيون لانگ مارچ ۽ ڌرڻي جي وچ تي بيٺل آهن. جماعتِ اسلامي جي قاضي حسين احمد مطابق ته اسان باهه جي شعلن ۾ وڪيلن سان گڏ گذرڻ لاءِ تيار آهيون پر اسان جي سامهون ڌرڻي ۽ لانگ مارچ جو مقصد واضح ڪيو وڃي. سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر علي احمد ڪرد جڏهن وڪيلن جي جلسي کي خطاب ڪندي اهو چيو ته ڌرڻو هر صورت ۾ لڳندو ان ۾ ٻي ڪابه راءِ ناهي پر ڌرڻو ڪيترا ڏينهن هجڻ گهرجي اهو فيصلو قيادت تي ڇڏي ڏيو، ان وقت وڪيلن علي احمد ڪرد جي تقرير دوران ”چيف جسٽس ڪي بحالي تڪ ڌرنا هوگا“ جا نعره هڻي قيادت کي فيصلي جي مهلت ڏيڻ کان انڪار ڪندي انهيءَ پنڊال ۾ فيصلو ورتو ته چيف جسٽس جي بحاليءَ تائين ڌرڻو لڳائينداسين. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته وڪيل ڪيترا چارج آهن، جن اڳواڻ جي ڳالهه مڃڻ بدران اڳواڻن کي پنهنجي ڳالهه مڃائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، جڏهن ته وڪيل اڳواڻ گذريل لانگ مارچ کان پوءِ ڌرڻو نه هڻڻ جون وضاحتون هينئر تائين ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري هاڻي وٽن واپسي جي راهه نظر نٿي اچي. جنهن کانپوءِ حالتون ان حد تائين حساس بڻجي ويون آهن، جو سياسي دماغن کي جمهوريت جي تڏا ويڙهه جهڙو خدشو به نظر اچي رهيو آهي. جيتوڻيڪ آصف علي زرداري پنهنجي پارٽي کي چئي ڇڏيو آهي ته وڪيلن جي لانگ مارچ کان نه ڊڄو مون تي ڇڏي ڏيو ڏسو ته مان انهن کي ڪيئن ٿو منهن ڏيا، پر نانگ جو کاڌل نوڙيءَ کان به ڊڄي ٿو وانگي عوام کي اهي ڏينهن ناهن وسريا، جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف نون ستارن جي تحريڪ جي نتيجي ۾ جمهوريت ته وئي ئي وئي، پر باباءِ جمهوريت ذوالفقار علي ڀٽو جهڙو هڪ مقبول عوامي ليڊر کي ڦاهيءَ جي ڦندي تي پهچايو ويو، ۽ ملڪ مٿان 11 سالن تائين ضيائي عذاب نازل رهيو. ان وقت توڙي جو عالمي سطح تي اهو چيو ويندو هو ته جيڪڏهن ڀٽو نه رهيو ته ملڪ به نه رهندو، پر ڀٽي صاحب کي شهيد ڪرڻ کان پوءِ سندس نياڻي جيل ۽ جلاوطيون ڪاٽيندي رهي. هن ملڪ جي عوام کي ”چارون صوبون ڪي زنجير، بينظير بينظير“ جهڙو نعرو ڏيندڙ محترمه جي شهادت تي بئريسٽر اعتزاز احسن گهر اندر نظر بندي دوران محترمه لاءِ روئيندي چيو هو ته، ”هاڻي هي ملڪ وڏي مشڪل ۾ آهي. تڏهن علي احمد ڪرد جي برعڪس آصف زرداري ڪارڪنن جي ڳالهه مڃڻ بدران پنهنجي ڳالهه ڪارڪنن کي مڃرائيندي کين چيو هو ته، پاڪستان کپي. هينئر به مفروضن تي مبني ڪا به ڳالهه نٿا ڪريون پر ڀٽي صاحب جي دور ۾ ان وقت جي سياسي مخالفن پنهنجن ڪتابن ۾ لکيو ته، سياستدان ڳالهين جي ميز تي مسئلا حل ڪري چڪا هئا، پر پوءِ به پروفيسر غفور چواڻي مارشل لا اچي ويو. ڇا ان وقت مارشل لا سياستدانن جي ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جو انتظار پئي ڪيو. ڇا اسلامي نظام جو نعرو هڻندڙ جنرل ضياءَ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائي اقتدار سياستدانن جي حوالي ڪرڻ وارو پنهنجو واعدو پورو ڪيو هو؟ ماڻهن جي ذهنن تي هاڻي به سوال آهن ته جڏهن ايم آر ڊي جي تحريڪ پئي هلي، تڏهن سنڌ جا دادو-جوهي ڇو پئي سڙيا. معنيٰ انهن سياسي مخالفن جي اڪثريت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي جي ڪوٺڙيءَ ۾ اڪيلو ڇڏي واپس پنهنجن ڊرائينگ رومن حوالي ٿي وئي. شهيد ڀٽو جي خلاف حقيقي جمهوريت جو نعرو هڻي نڪرندڙ سياستدان پوءِ 11 سالن تائين مارشل لا جا مزا ماڻيندا رهيا، تنهن ڪري پيپلز پارٽي ۽ ڀٽي خاندان جي 79ع کان وٺي 2007ع تائين چئن اڳواڻن ۽ سوين ڪارڪنن جي لاشن ۽ جلاوطين کانپوءِ مجموعي طور مليل 4 سالن واري موقعي کي ملڪ جي سياسي اڳواڻن جي ناڪامي تصور نه ڪجي ته ٻيو ڇا چئجي؟ جمهوريت جو مقصد آمريت جي ٽيسٽ مئچ وچ ۾ فقط چانهه جو وقفو ته ناهي. دنيا ۾ رڳو آمريڪا جي ٻه دفعا صدر چونڊجڻ واري ٿيوري ئي ته حتمي ڳالهه ناهي، مصر جي جمال ناصر، ڪيوبا جي فيڊل ڪاسترو کان وٺي ملائيشيا جي مهاتير محمد تائين جهڙا اڳواڻ، جن کي سالن جا سال حڪومت ڪرڻ کانپوءِ به عوام کين ڇڏڻ لاءِ تيار نه هيو، تنهن ڪري پ پ سرڪار پاران ڏکيا ٽاسڪ حل ڪرڻ لاءِ سئو ڏينهن مقرر ڪرڻ پنهنجن پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ برابر آهي. هونءَ به هر ڳالهه آمريڪا وانگر ته ٿي نٿي سگهي، جيڪڏهن اتي 100 ڏينهن جو پلان اعلانيو وڃي ٿو ته انهن کي خبر هوندي آهي ته 100 ڏينهن ۾ اهي مسئلا حل ڪري سگهبا. نه ته اهي 100 ڏينهن جو ڪو به پلان پيش نه ڪندا. تبديليءَ جي نعري هيٺ جڏهن آمريڪا ۾ ابراهم لنڪن جي لفظن ۽ مارٽن لوٿر ڪنگ جي خواب ساڀيان ماڻي تڏهن سندس چونڊجڻ کان وٺي سخت سرديءَ واري قسم کڻڻ واري تقريب تائين جا مختلف منظر ۽ محفلون سياستدانن ۽ تجزيه نگارن پنهنجن پنهنجن خيالن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ چونڊڻ شروع ڪيا آهن. مثال طور آمريڪا ۾ سخت معاشي بحران کانپوءِ ملازمن کي فارغ ڪرڻ جو حوالو ڏيندي چيو ويو ته، پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ان جي برعڪس هن ملڪ ۾ 7 هزار کان وڌيڪ ملازمن کي نه رڳو بحال ڪري رهي آهي پر انهن کي رهتون به ادا ڪري رهي آهي. ڇا بارڪ حسين اوباما جي حڪومت کي رڳو انهن مثالن ذريعي ڪائونٽر ڪري سگهجي ٿو؟ ملڪ جي قومي اسيمبلي ۾ سرحد کي پختونخواهه سڏڻ تي مسلم ليگ کي آئين ۾ پختونخواهه نه هجڻ تي اعتراض ٿئي ٿو، جڏهن ته آئين جي پاسداري لاءِ ويڙهه ڪندڙ اعتزاز احسن جهڙيون معتبر شخصيتون پنهنجن سمورين تقريرن ۾ سرحد کي پختونخواهه سڪري سڏين ٿيون. وڪيلن جي تحريڪ جي اڳواڻ علي احمد ڪرد جو خيال آهي ته موجوده پارليامينٽ سندن تحريڪ جي نتيجي ۾ آئي آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جا اڳواڻ چون ٿا ته پيپلز پارٽي عوام کي ووٽن ۾ حصو وٺو ۽ وڪيلن جا اڳواڻ بائيڪاٽ ڪريو جو نعرو کڻي نڪتا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ عوام پيپلز پارٽيءَ جي سڏ کي ورنايو. سنڌ جي شايد ئي ڪا اهڙي عورت هجي، جنهن ”هر صورت ۾ بينظير کي ووٽ ڏينديس“ جهڙو ضد نه ڪيو هجي. چونڊن کان اڳ ايمرجنسي کانپوءِ جيل مان آزاد ٿي آيل علي احمد ڪرد جڏهن ڪوئيٽا جي پريس ڪلب ۾ خطاب ڪندي وڪيلن جي تحريڪ کي سياستدانن کان وڌيڪ پيش ڪري رهيو هو، تڏهن پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي چيو هو ته جڏهن منهنجا ڏند به ڪونه نڪتا هئا تڏهن کان مون پنهنجي والد صاحب کي جيل ۾ ڏٺو هو. ايئن ناهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ پيپلز پارٽيءَ جي اندر سياسي فيصلن تي اختلاف نه هئا. لاهور ۾ مخالف سياسي جلوس تي ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي استعمال تي پيپلز پارٽيءَ جي اعتزاز احسن جهڙن اڳواڻڻ کي به اختلاف هو. ساڳئي وقت هاڻي به ان ڳالهه تي حيرت ٿئي ٿي ته جنهن نئين ديري ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت واري ڏينهن کانپوءِ پارٽيءَ جي ڪو-چيئرمين چونڊڻ جي نتيجي ۾ پنهنجي پهرين پريس ڪانفرنس ۾ آصف علي زرداري مسلم ليگ (ن) کي بائيڪاٽ ختم ڪري چونڊون وڙهڻ جي صلاح ڏيندي (ق) ليگ کي قاتل ليگ سڏيو هو، تنهن محترمه بينظير ڀٽو جي پهرين ورسيءَ تي يعني صرف هڪ سال کانپوءِ آصف علي زرداري نه رڳو مسلم ليگ (ن )کي تنقيد جو نشانو بڻايو، پر انهيءَ ورسيءَ جي تقريب مان اٿي پنجاب جي گورنر سلمان تاثير انهيءَ ق ليگ جي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪيون. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي قيادت کي سڀ احترام جي نگاهه سان ڏسن ٿا. پر جيئن اڄ جاويد هاشمي آصف زرداري جي سياست سمجهڻ لاءِ پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو ذڪر ڪري ٿو، تيئن اوريا فلاچي پنهنجي ڪتاب ”انٽرويو وٿ هسٽري“ واري 201 پئج تي ڀٽي صاحب کان پڇي ٿي ته، اندارا گانڌي توهان جي باري ۾ مون کي چيو هو ته توهان جي شخصيت ۾ توازن ناهي، جو اوهان اڄ هڪڙي ڳالهه ڪريو ٿا سڀاڻي ٻي. ڪنهن به ماڻهوءَ کي اهو پتو ناهي ته توهان جي دماغ ۾ ڇا آهي؟ جواب ۾ ڀٽي صاحب وراڻيو هو ته، ”هائو مان انهيءَ سوال جو جواب ضرور ڏيندس. ان حوالي سان مان فلاسافر جان لاڪ جي چوڻي قبول ڪندو آهيان جنهن چيو هو ته هڪ جڳهه تي بيهي رهڻ ننڍن دماغن جو ڪم هوندو آهي. مان اوهان کي اها ڳالهه هيئن به ٻڌائي سگهان ٿو ته بنيادي مقصد تي سياستدان کي اٽل ٿي بيهڻ گهرجي پوءِ ان لاءِ اڳتي پوئتي وڌڻ گهرجي، اڄ هڪ پاسي سڀاڻي ٻئي پاسي. ڪنهن به ڏاهي کي هڪ ڳالهه ۾ چنبڙيو رهڻ نه گهرجي. جيڪڏهن هو ائين ڪندو ته تباهي ڏانهن وڌندو. سياست به ائين آهي سياستدان کي ڪڏهن هڪ پاسي ته ڪڏهن ٻئي پاسي وڃڻ گهرجي. جيڪڏهن اندرا گانڌي اهو نٿي سمجهي ته ان جو مقصد ته هوءَ پنهنجي پروفيشن جي حسن کان واقف ئي ناهي.“ جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت هئي تڏهن اصغر خان کيس سهالا پل تي ڦاهي لٽڪائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، پر جڏهن محترمه بينظير ڀٽو ايم آر ڊي جي تحريڪ هلائي، تڏهن هن 70 ڪلفٽن تي انهن سياستدانن سان به مفاهمت ڪئي، جيڪي شهيد ڀٽو جا مخالف هئا. محترمه بينظير ڀٽو شهيد پنهنجي آٽوبايوگرافي ”ڊاٽر آف دي ايسٽ“ ۾ لکي ٿي ته مون پنهنجي ساهيڙي کي چيو ته سياست ڪيڏي نه بي رحم شيءِ آهي جو پنهنجن قاتلن سان به گڏ ويهڻو پوي ٿو. اها الڳ ڳالهه آهي ته اهو ان وقت حڪومتي اتحاد نه پر مخالف ڌر جو جمهوريت جي بحالي وارو اتحاد هيو، جنهن ڪري بحث جا پاسا اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ اصولن تان ڦري وڃڻ واري جملي سان شروع ٿي نه سگهيا هئا. جيتوڻيڪ اسان کي آصف علي زرداري جو قاتل ليگ وارو لفظ ته ياد آهي، پر ان کان چند گهڙيون اڳ پارٽيءَ جي چئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي لاشعور جي مدد سان محترمه بينظير ڀٽو جو پئغام پڙهيو هو ته ”جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي“ ائين جيئن اڄ آمريڪا ۾ بارڪ اوباما جي شڪل ۾ ڪارن ورتو آهي. پر جيئن فيض صاحب چيو هو ته، چلي چلو ڪه ابهي وهه منزل نهين آئي. جيئن بلاول جمهوريت کي ئي صحيح انتقام سمجهي ٿو، تيئن هندستان ۾ سونيا گانڌي پنهنجي مڙس راجيو گانڌيءَ جي قتل واري ڪيس ۾ سزا ڀوڳيندڙ عورت جي ڦاسي واري سزا معاف ڪري ڇڏي، ۽ راجيو گانڌي جي ڌيءَ پريانڪا ساڻس ملڻ لاءِ جيل به وئي. ”عاشقي صبر طلب اور تمنا بيزار.“ اوريا نا فلاچيءَ شهيد ڀٽو جي پروفائيل ۾ لکيو هو ته، اقتدار ۽ طاقت محبت جي مقابلي ۾ وڌيڪ صبر جي گهرجائو هجي ٿي. سياست جيڪڏهن فقط واعدن ۽ ڪاميابين تي اڳتي وڌي پنهنجي اسڪول آف ٿاٽ کي بارڪ اوباما جيان نافذ ڪرائي ها ته ونسٽن چرچل عالمي جنگ ۾ فتح حاصل ڪرڻ کانپوءِ چونڊن ۾ شڪست نه ڏسي ها ۽ نه ئي وري فرانس ۾ ڊيگال کي شڪست اچي ها. ڊيگال جنهن نه رڳو فرانس کي عالمي جنگ کانپوءِ سهيڙيو هو پر ساڳئي وقت پهرين عالمي جنگ ۾ وڙهندي ايترو زخمي ٿي ڪري پيو هو، جو سندس ساٿي مري ويل سمجهي اتي ئي ڇڏي هليا ويا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ هو ڪيتري عرصي تائين قيدي ٿي رهيو. ان کي جڏهن عوام چونڊن ۾ شڪست ڏني، تڏهن بقول اڳوڻي آمريڪي صدر نڪسن جي ته ڊيگال 12 سالن تائين ريگستانن ۾ ڀٽڪندو رهيو. هندستان ۾ خاندان سياست جي نظر ڪرڻ کانپوءِ ڪانگريس کي پارٽي بچائڻ لاءِ سونيا گانڌيءَ کي واپس آڻي قيادت حوالي ڪرڻي نه پوي ها، تنهن ڪري موجودهه جمهوريت يا آمريت واري ٻه واٽي تي عوام کي جذباتي ٿيڻ بدران پنهنجن اڳواڻن کي معاملا پاڻ ۾ ويهي حل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪرڻ گهرجي. zguramani@yahoo.com
جواب: محترم ذوالفقار گراماڻي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ مرڪز جو منظرنامو! ڇنڇر 8 آگسٽ 2009ع چون ٿا ته اسلام آباد ۾ جيڪا ڳالهه نڪرندي آهي اها آخر ۾ هڻي وڃي هنڌ ڪندي آهي. اها ڳالهه پهريائين سينئر صحافي رئوف ڪلاسرا کي ڏنل هڪڙي سينئر صحافي جي انٽرويو ۾ ٻڌائي وئي ته ملڪ جي چونڊيل صدر آصف علي زرداري کان استعيفيٰ ورتي ويندي، پر اهو ڏينهن ۽ مهينو گذري ويا. جنهن کان پوءِ لانگ مارچ جي طوفان بابت سوالن جا جواب ڏيندي پيپلز پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات فوزيه وهاب چيو ته شيرين رحمان استعيفيٰ اهو سمجهي ڏني ته ٻيڙو ٻڏي رهيو آهي. فوزيه وهاب جي انهيءَ ڳالهه جو ٻيو مقصد هيئن به وٺي سگهجي ٿو ته هاڻي ٻيڙو تري هليو آهي...پر حقيقت اها آهي ته موضوع کي ماٺ اڃا به ناهي آئي، هينئر سڀ کان وڌيڪ متحرڪ ٿيوري مڊ-ٽرم چونڊن واري آهي، جن سمورين ڳالهين ۽ ٿيوريز جو انت پيپلز پارٽي حڪومت جي خاتمي واري خواهش تي آهي، جنهن ڪري معاملو 17 هين ترميم تي اٽڪيل آهي، جنهن لاءِ ڪاميٽيءَ ته پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي، پر ان ڪاميٽيءَ لاءِ به اها ڪهاڻي آهي ته هيءَ ڪاميٽي به ٻين ڪاميٽين جيان گهڻو وقت وٺندي. ڪاميٽيءَ جي نتيجي کي جلد حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙي گهڻي وقت وٺڻ جو نعرو خود اهي به لڳائي رهيا آهن، جيڪي انهيءَ ڪاميٽيءَ جو حصو آهن. ان سلسلي ۾ ٿيندڙ ڪچهرين ۾ هاڻي اهو ورجائجي رهيو آهي ته پهريان ته پيپلز پارٽي آصف علي زرداريءَ جي صدر، سيد يوسف رضا گيلاني جي وزير اعظم، ڊاڪٽر فهميده مرزا جي اسپيڪر ۽ فاروق ايڇ نائيڪ جي سينيٽ چيئرمين طور چونڊ ڪرائي نواز ليگ جي ڀيٽ ۾ وڏيون ڪاميابيون ماڻيون، پر آخر ۾ پنجاب ۽ چيف جسٽس واري اشوءَ تي پيپلز پارٽي کي مسلم ليگ (ن) ڏکيو وقت ڏنو، جنهن ڪري هينئر مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ نواز شريف کي پنجاب جو مضبوط اڳواڻ سڏيو پيو وڃي، پر پيپلز پارٽيءَ جا حلقا انهيءَ ڳالهه سان اتفاق نه پيا ڪن. مرڪز جي منظرنامي ۾ رائيٽسٽ ۽ ليفٽسٽ واريون تصويرون به چٽيون نظر اچي رهيون آهن. راولپنڊي شهر جتي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان محترمه بينظير ڀٽو تائين پارٽيءَ جا مرڪزي اڳواڻ شهيد ٿيا آهن، اتي پيپلز پارٽي ڪاميابي حاصل ناهي ڪئي، پيپلز پارٽي جا جذباتي ڪارڪن چون ٿا ته حلقي کي اهڙي نموني سان ترتيب ڏنو ويو آهي جو پيپلز پارٽي کي ڪاميابي حاصل ٿي نه سگهي پر مسلم ليگ (ن) جو حنيف عباسي چوي ٿو ته ”راولپنڊي اصل ۾ رائيٽسٽ مزاج رکندڙعلائقو آهي، جنهن ڪري هتي جاويد هاشمي کان مون (حنيف عباسي) تائين اهڙا اڳواڻ ڪاميابي حاصل ڪري وٺن ٿا.“ پر شيخ رشيد چواڻي ته ”راولپنڊي جو علائقو دنيا ۾ منهنجي ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جي ڪري مشهور آهي، چونڊن ۾ اهو ڏٺو ويندو آهي ته شيخ رشيد کٽي ٿو يا هارائي ٿو.“ هينئر راولپنڊي کان اسلام آباد تائين جي روڊ رستن تي پيپلز پارٽي جا جهنڊا ڦڙڪايا ويا آهن. پيپلزپارٽيءَ جي قيادت اهڙي معاملي کي پارٽي بجاءِ سي ڊي اي جي کاتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي پر مسلم ليگ (ن) انهيءَ جهنڊن واري معاملي تي سخت اعتراض واريو آهي. پيپلز پارٽي سان گڏجي ميثاقِ جمهوريت ڊرافٽ ڪندڙ مسلم ليگ (ن) جي احسن اقبال چيو آهي ته، جتي مسلم ليگ (ن) کي ڪاميابي ملي هجي اتي پيپلز پارٽي پنهنجا جهنڊا ڇو لڳرايا آهن، جيڪڏهن جهنڊا لڳرائڻا ئي هئا ته پوءِ ٻنهي پارٽين جا لڳايا وڃن ها. ڳالهه رڳو جهنڊن تائين محدود ناهي پر ايوان صدر ۽ مختلف آفيسن ۾ شهيدن ۽ بلاول ڀٽو جون تصويرون بحث جو موضوع بڻيل آهن، جن کي چيلينج ڪيو پيو وڃي. راولپنڊي مان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ جاويد هاشميءَ جي ڪاميابي هڪ الڳ بحث جي نشاندهي به ڪري ٿي باوجود انهيءَ جي جو انهيءَ سيٽ تي پيپلز پارٽيءَ جي بقول جاويد هاشميءَ کي وڏا ووٽ مليا آهن، پر جاويد هاشمي جا انتهائي ويجها ذريعا ٻڌائين ٿا ته جڏهن جاويد هاشمي جيل ڪاٽي رهيو هيو، تڏهن سندس وڏي نياڻي لنڊن ۾ محترمه بينظير ڀٽو شهيد وٽ رهندي هئي، جنهن کي حوصلو محترمه بينظير ڀٽو شهيد وٽان ئي ملندو هيو. هڪڙي ڏينهن محترمه بينظير ڀٽو شهيد جاويد هاشمي جي نياڻيءَ کي چيو ته، تون پنهنجي پيءُ سان ملڻ لاءِ وڃي رهي آهين، منهنجا سلام ڏيڻ وقت پنهنجي پيءُ جي سامهون اٿي بيهجانءِ. جڏهن جاويد هاشميءَ جي نياڻي جي تصوير وٺڻ وقت فوٽوگرافر کيس مسڪرائڻ لاءِ چيو ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد کيس چيو ته، جنهن جو پيءُ جيل ۾ هجي انهيءَ جي وڏي نياڻي ڪيئن مسڪرائي سگهي ٿي؟ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي ميٽنگ دوران جڏهن محترمه بينظير ڀٽو شهيد چيو ته جاويد هاشمي کي صدر ڪنداسين هي منهنجو صدر آهي، تڏهن تهمينه دولتانه جاويد هاشمي ڏانهن سواليه اکين سان نهاريو، جنهن کي جاويد هاشمي کلندي چيو، توکي ساڙ ڇو ٿو ٿئي. راولپنڊيءَ مان انهيءَ جاويد هاشميءَ جي ڪاميابي ڇا نواز ليگ جي ڪاميابي آهي؟ هر پارٽي ڪاميابي لاءِ پنهنجي منشور جو ذڪر ضرور ڪندي آهي، پر اهو سڄو معاملو چونڊن جي ڏينهن جو هجي ٿو، جڏهن ته مخالف ڌر ٿيڻ بعد پنهنجي منشور کان وڌيڪ اشوز جي سياست جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. وڪيلن جي تحريڪ جي ڪاميابي کانپوءِ ڪاميابيءَ جي ڪنجي اشو کي سمجهيو وڃي ٿو، جنهن ڪري هينئر امن امان کان ويندي معاشي بحران، مهانگائي، بيروزگاري ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ جهڙا اشو قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ اجلاس کان ويندي سيمينارن، جلوسن ۽ ٽاڪ شوز ۾ بحث جا مکيه موضوع آهن. جيتوڻيڪ هر سياستدان، تجزيه نگار انهيءَ ڳالهه سان متفق رهندو آيو آهي ته پيپلز پارٽي جنهن حڪومت کي هلائڻ لاءِ اڳتي وڌي رهي آهي، انهيءَ ۾ شديد بحران اچڻ وارا آهن. ڳڙهي خدا بخش ۾ پيپلز پارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ چوڌري اعتزاز احسن چيو هو ته، ”تمام وڏا بحران سامهون آهن، جيڪڏهن پيپلز پارٽي چيف جسٽس کي بحال ٿي ڪري ته نتيجي ۾ هر طرف واهه واهه ٿي ويندي، جنهن جي نتيجي ۾ عوامي اعتماد جي بنياد تي پارٽي انهن بحرانن مان نڪري ويندي.“ موجوده صورتحال ۾ پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي به چيف جسٽس جي بحالي ۾ دير کي درست فيصلو نٿو سمجهي. مطلب ته هرڪو پنهنجي منشور بدران اشوز کي ايڊريس ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو پرويز مشرف سان گڏ رهندڙ شيخ رشيد به چوي ٿو ته جيڪڏهن ذميواريون سندس حوالي ڪيون وڃن ته بجليءَ جو بحران ڏهن ڏينهن ۾ حل ڪري وٺندو. هي ساڳيو شيخ رشيد آهي، جنهن چونڊن ۾ هارائڻ کانپوءِ چيو هو ته ”چونڊن دوران جنهن گهر ويندا هئاسين ته ماڻهو چوندا هئا ته ٻار بنا ناشتي جي اسڪول ويا آهن. گئس جي لوڊشيڊنگ نتيجا تبديل ڪري ڇڏيا. ڪابينا ۾ چوندا هئاسين ته لوڊشيڊنگ جو وقت تبديل ڪريو، پر ائين نه ٿيو.“ هاڻي ساڳيو رشيد ڏهن ڏينهن ۾بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جهڙيون دعوائون ڪري رهيو آهي. جتي حڪومت سخت تنقيد هيٺ آهي، اتي مخالف ڌر جا اتحادي به شديد تنقيد هيٺ آهن. اسلام آباد جي هڪ مقامي هوٽل ۾ تحريڪ انصاف پاران ٿيندڙ هڪ سيمينار ۾ پيپلز پارٽيءَ کانسواءِ تقريبن پارٽين جا اڳواڻ موجود هئا، جن خاص طور تي سوات آپريشن جي حوالي سان حڪومت کي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو. اتي اختلافن سندن دائري کي به بخش نه ڪيو سيمينار ۾ اسٽيج تي ويٺل اڳوڻي ڪور ڪمانڊر جي تقريب جي جواب ۾ چوڌري نثار مٿس ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته، جڏهن اوهان پرويز مشرف سان گڏ هئا، تڏهن توهان ان جا هٿ ڇو نه روڪيا، جو هاڻي چئي رهيا آهيو ته سڀ ڪجهه غلط ڪيو ويو. سينئر صحافي مظهر عباس جذباتي انداز ۾ سڀني پارٽين جي موجود اڳواڻن جا نالا کڻي چيو ته، ”توهان ضياءَ ۽ مشرف جو ساٿ ڏنو، توهان غداري ڪئي، قوم کان معافي وٺو.“ جنهن تي عمران خان کي جذباتي ماحول کانپوءِ اهو چئي پروگرام ختم ڪرڻو پيو ته ”حمام ۾ سڀ ننگا آهيون.“ zguramani@yahoo.com
جواب: محترم ذوالفقار گراماڻي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ اصولي سياست جا تضادن سان ڀريل اصول! خميس 12 نومبر 2009ع جنهن آصف علي زرداري محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ نظام کي تبديل ڪرڻ واري خيال سان ڀريل تقرير ڪندي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ چيو هو ”يا ته نظام کي تبديل ڪري واپس اينداسين يا وري مان به ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ اچي دفن ٿيندس“ تنهن آصف علي زرداري جي ذڪر سان گڏ اسلام آباد جي سرد هوائن ۾ هاڻي سندس نالي سان ”غازي يا شهيد؟“ جهڙو سواليه جملو بار بار ورجائجي رهيو آهي. ايوانِ صدر مان ايندڙ احوال ٻڌائين ٿا ته صدر آصف علي زرداري اڳوڻي صدر پرويز مشرف جيان استعيفيٰ ڏيڻ بجاءِ زندگي ڏيڻ کي ترجيح ڏيڻ واريون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، جنهن جو هڪڙو نتيجو ته اهو ٿيو ته نظام کي تبديل ڪرڻ واري معاملي بجاءِ ”جهيڙو“ هينئر ٻئي آپشن يعني آصف علي زرداري کي ”هٽائڻ“ واري نقطي تي اچي بيٺو آهي، جنهن ڪري ترڪش جي سمورن تيرن جو رخ انهيءَ صدر آصف علي زرداري ڏانهن ئي آهي، جنهن آصف علي زرداري سان گذريل ڏينهن ئي مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ سندس پارٽيءَ جي وفد ايوان صدر ۾ ان وقت ملاقات ڪئي هئي، جڏهن ترڪيءَ جو وزير اعظم پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪري چڪو هو. ان ملاقات کانپوءِ پنجاب هائوس ۾ مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ راجا ظفر الحق ميڊيا معرفت انهيءَ ملاقات بابت آگاهي ڏئي رهيو هو ته ايوان صدر ۾ ٿيل ملاقات ۾ 17 هين ترميم، بلوچستان پيڪيج، نيب، ڪرپشن ۽ گڊ گورننس جهڙن موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جنهن ۾ اين آر او جو لفظ به استعمال ناهي ٿيو، پر بعد ۾ مسلم ليگ (ن) انهيءَ اين آر او واري نقطي تي ئي اچي بيٺي، جنهن نقطي جو سڄي فساني ۾ ڪو ذڪر ئي نه هو. اين آر او سان سلهاڙيل پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيپلز پارٽيءَ کي اين آر او جي حق ۾ ڪاميابي ڏياري بعد ۾ ميدان اچانڪ مقابلي لاءِ بنا ٽڪيٽ جي ايئن ڀرجي ويو جو ”محمود ۽ اياز“ کي سڀني هڪ ئي صف ۾ بيٺي ڏٺو. جتي نه ڪوئي ”بندو“ هيو ۽ نه وري ”بندو نواز.“ نواز شريف جو اهو چوڻ آهي ته جمهوريت جي خلاف ٿيندڙ ڪنهن به سازش جو هو حصو نه بڻجندو ۽ نظام کي پٽڙي تان لهڻ نه ڏيندو، پر رئوف ڪلاسرا جهڙا صحافي چون ٿا ته 16 مارچ واري رات جڏهن لانگ مارچ اسلام آباد ڏانهن روانو ٿي چڪو هو، تنهن رات ئي مائينس ون وارو فارمولو حتمي نتيجي لاءِ اڳتي وڌي چڪو هو، پر صدر آصف علي زرداري وقتائتو فيصلو ڪندي جج بحال ڪرڻ تي راضي ٿي ويو، جنهن ڪري مائنس ون وارو اسڪرپٽ پاڻ مائنس ٿي ويو، ممڪن آهي ته اهڙو اسڪرپٽ لکندڙ هينئر به اهو ئي سوچيندا هجن ته پيپلز پارٽي اين آر او کي پارليامينٽ ۾ پيش نه ڪري اسڪرپٽ جي خلاف فيصلو ڪيو، نه ته ٻيءَ صورت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر روڊ رستا آصف علي زرداريءَ خلاف نعرن سان گونجي اٿن ها. لاهور ۾ تحريڪ انصاف جو اڳواڻ عمران خان گذريل جمعي تي اسلام آباد ۾ احتجاجي مظاهري جو اعلان به ڪري چڪو هو ته طبيعت ناساز هئڻ باوجود اڳوڻي صدر فاروق لغاري به منظر تي پنهنجي موجودگي جو احساس ڏياري چڪو هو، پر پيپلز پارٽي اين آر او کي پارليامينٽ ۾ پيش نه ڪري ڪيترن جا ئي حتمي پروگرام ملتوي ڪرائي ڇڏيا، جنهن ڪري هاڻي پيپلز پارٽي جي حلقي ۾ What next جهڙو سوال ورجائجي رهيو آهي. پيپلز پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات فوزيه وهاب پارٽيءَ جي ڪو-چيئرمين آصف علي زرداريءَ کي چيو ته ”هي ته بحران مٿان بحران پيا اچن.“ جنهن کي درست ڪندي آصف علي زرداري کيس چيو ته ”بحرانن منجهان بحران پيا اچن.“ مسلم ليگ (ن) جنهن پنهنجي رائيونڊ واري ملاقات ۾ جاويد هاشميءَ کي ڊراپ ڪري پارٽيءَ جي اندر ئي ڪارڪنن کي حيران ڪري ڇڏيو هو، تنهن ايوان صدر ۾ آصف علي زرداري ۽ ميان نواز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) واري ملاقات ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ چوڌري نثار کي ريسٽ ڏياري ڄڻ ته فائنل ميچ جو اشارو ڏئي ڇڏيو هو. جيڪڏهن ائين ناهي ته پوءِ پارٽيءَ جي اڳواڻ خواجه آصف ملاقاتين کي ٽيسٽ پليئر ۽ ٻين کي ون ڊي پليئر ڪهڙي نقطهءِ نگاهه سان چيو هو؟ جڏهن پارٽيءَ جي ڪيڊر ۾ ملاقات ۾ شريڪ نه ٿيڻ جو سبب پڇيو ويو، تڏهن چوڌري نثار جي قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ هئڻ وارو دليل ڏنو پئي ويو. (ياد رهي ته هي ساڳيو دليل آهي، جنهن جي بنياد تي چوڌري نثار 17 هين ترميم جي خاتمي بابت جوڙيل پارليامينٽ جي آئيني ڪاميٽي کان به الڳ ٿيو هو) پر سندس مخالف ڌر جي اڳواڻ هئڻ باوجود رائيونڊ واري ملاقات ۾ جاويد هاشمي بجاءِ سندس نالو ڪهڙي کاتي ۾ آيو هو؟ مسلم ليگ (ن) جو ترجمان صديق الفاروق جو نئون دليل اهو آهي ته چوڌري نثار قومي اسيمبليءَ ۾ تازو ئي آصف علي زرداري خلاف تقريرون ڪيون هيون، جنهن ڪري ايوان صدر واري گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ نه ٿيو هيو، پر اهڙي ملاقات کان اڳ چوڌري نثار پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان گڏجي چيف آف آرمي اسٽاف سان ملاقات ڪري چڪو هو. شروع شروع ۾ سندن پارٽي اهڙي ملاقات کي ترديد جي دائري ۾ پئي آندو، پر بعد ۾ شهباز شريف پنجاب هائوس ۾ تصديق ۽ ترديد ڪرڻ بجاءِ معاملي کي رفو چڪر ڪرڻ لڳو، جنهن ملاقات کي پهريائين جاويد هاشمي تنقيد جو نشانو بڻايو، بعد ۾ نواز شريف پاڻ به رات جو ملاقات کي سٺو نه سڏيو. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته مسلم ليگ (ن)، جنهن ججز کي بحال نه ڪرڻ، ميثاقِ جمهوريت تي عمل نه ڪرڻ کان ويندي اين آر او تائين جهڙن معاملن کي سامهون رکندي ايوان صدر ۾ ويٺل شخص کي سنگل آئوٽ ڪري سندس خلاف مائينس ون واري فارمولي تي عمل ڪندڙ ڌرين جي خواهش مطابق ڪم ڪري وئي، تنهن پارٽيءَ جي پنهنجي اندر جو اسٽرڪچر ڪيڏو نه تضادن سان ڀريل آهي. ميان محمد نواز شريف ۽ شهباز شريف جيڪي هاڻي آصف علي زرداري خلاف تنقيد ڪري رهيا آهن، انهن کان اها ڳالهه وسري وڃي ٿي ته ساڳي ئي پرويز مشرف سان 10 سالن واري ڊيل معرفت اهي سعودي عرب روانو ٿي ويا هئا. گذريل ڏينهن ڀوربن ۾ مسلم ليگ (ن) جو اجلاس ٿي رهيو هو، جنهن ۾ جاويد هاشمي پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته پارٽي جي ورڪرن ئي پارٽي بچائي آهي، ڇو ته ان وقت ڪو به ليڊر موجود ڪو نه هو. انهيءَ ساڳي ڊيل کان نواز شريف ۽ شهباز شريف انڪار ڪندي چوندا هئا ته جيڪڏهن ڪا ڊيل آهي ته سامهون آندي وڃي، پر جڏهن عرب شهزادن انهن ڊيل وارن ڪاغذن کي ميڊيا آڏو نروار ڪيو، تڏهن نواز شريف چيو ته ملڪ کان ٻاهر رهڻ جو معاهدو 10 سالن جو نه، پر 5 سالن جو ٿيو هو. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن سندس پارٽيءَ جي ڪمزور عورت ميمبر شمائلا رانا ڪريڊٽ ڪارڊ تان چوري ڪندي پڪڙجي پوي ٿي يا سندن راولپنڊي جو چونڊيل ايم اين اي حاجي پرويز امتحان ۾ پنهنجي ڀاڻيجي کي ويهاري ٿو ته سندن پارٽي احتساب ڪندي انهن جي اسيمبلين جي ميمبرن شپ معطل ڪري ڇڏي ٿي، پر سندن پارٽي جا اڳواڻ خاص ملاقاتون ڪن ٿا ته سندن پارٽي ۽ پارٽيءَ جا اڳواڻ فقط ميڊيا آڏو ”چڱو ڪم ناهي“ جهڙو جملو چئي پنهنجو فرض پورو ٿا سمجهن. ڪنهن کي ياد نه آهي ته گوجره ۾ ٿيل اقليتن خلاف ڪارروائي ۾ سندن پارٽيءَ جو عهديدار شامل هو، پر سندن پارٽي ۽ ڪارڪنن کي هڪ ڊڪٽيٽر جي عذاب آڏو ڇڏي ڊيل بعد ٻاهر وڃڻ ۽ بعد ۾ ان جو اعتراف ڪرڻ باوجود سندن ڪريڊبلٽيءَ جو سوال جواب جي ڳولا ڇو نٿو ڪري؟ جنهن ڏينهن اين آر او تي ميان محمد نواز شريف پنهنجي پارٽيءَ جي هڪ هڪ ميمبر کي ”حاضر ٿيو“ جا حڪم ڏئي رهيو هو، تڏهن راولپنڊيءَ ۾ آپگهاتي ڌماڪي 30 بيگناهه انساني جانين کي موت جي منهن ۾ اڇلي ڇڏيو هو، جيڪي سڄي مهيني جي پورهئي واري پگهار وٺڻ بئنڪ پهتا هئا. جڏهن سريلنڪا جي ٽيم تي حملو ٿيو هو، تڏهن مسلم ليگ (ن) ان جو سبب پنجاب ۾ شهباز شريف جي حڪومت ختم ٿيڻ ڄاڻايو هو. مسلم ليگ (ن) جڏهن هينئر ”صاف چهپتي بهي نهين، سامني آتي بهي نهين“ واري پاليسيءَ تي عمل ڪري رهي آهي، هڪ ئي وقت پنجاب ۾ حڪومت به ڪري رهي آهي ته ساڳئي وقت پنجاب ۾ ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجي حڪومت واري ڪيمپ به هلائي رهي آهي، جنهن ڪري ئي ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ ڏيڍ لک ماڻهن کي پڪو ڪرڻ وارا اعلان به ڪيا ويا آهن. (اهڙي صورتحال ۾ جڏهن سنڌ جا رڳو سوين برطرف ملازم حڪومت جي بحالي واري اعلان کانپوءِ به قومي اسيمبليءَ جي گيٽ تي احتجاج ڪندي ڏٺا وڃن ٿا) ٻئي پاسي مسلم ليگ (ن) راولپنڊي ۽ لاهور جي ٻن سيٽن تي ضمني چونڊون نه ڪرائڻ جو فيصلو به ڪري ٿي. شيخ رشيد جو اهو چوڻ آهي ته نواز شريف هن اسيمبلي جي اندر پنهنجو ڪو به ڪردار ناهي ڏسي رهيو، هينئر جيڪي مائنس ون واري فارمولا واري ايجنڊا تي صحافي ڪم ڪري رهيا آهن، سندن اسٽورين پٺيان ئي قومي اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ (ن) جي خواجه آصف صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري خلاف پلاٽ خريد ڪرڻ واري معاملي تي تحريڪ التوا جمع ڪرائي آهي. (ياد رهي ته شهباز شريف جي پٽ سلمان لکين رپيا خرچ ڪري شينهن گهرايو هو.) هينئر جيڪي آصف علي زرداري خلاف ميڊيا جو محاذ سنڀاليون بيٺا آهن، سندن صحافتي ذريعن جو اهو حال آهي جو جڏهن پرويز مشرف قوم کي خطاب ڪندي استعيفيٰ ڏيڻ وڃي رهيو هو، تڏهن اسلام آباد جو محاذ سنڀالي بيٺل صحافي چئي رهيو هو ته صدر پرويز مشرف استعيفيٰ ڪو نه ڏيندو. جڏهن سڄي ملڪ جي ميڊيا بيت الله محسود جي مارجي وڃڻ واريون بريڪنگ نيوز نشر ڪري رهيون هيون، تڏهن ساڳيو صحافي پنهنجي ذريعن معرفت ڪيترن ڏينهن تائين سندس زنده هجڻ جون خبرون نشر ڪندو رهيو، جنهن اڪيلي صحافي صدر ۽ وزير اعظم وچ ۾ اختلاف واريون خبرون به بريڪنگ نيوز واري دائري ۾ آنديون. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اهي ساڳيا صحافي هئا، جڏهن پرويز مشرف ايوان صدر ۾ ويهي وزير اعظم تبديل ڪرڻ کان ويندي لعل مسجد ۽ بلوچستان ۾ آپريشن جهڙا فصلا ڪندو هيو، تڏهن اهي ون مين شو وارو اصطلاح استعمال هيٺ آڻيندا هئا، هينئر جڏهن صدر پاران فرانس ۾ سفير موڪلڻ جو معاملو هجي يا اسٽيل مل جي چيئرمين کي هٽائڻ جو فيصلو هجي، اهڙن معاملن ۾ جڏهن وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني پنهنجا فيصلا ڪري ٿو، تڏهن ساڳيا صحافي اهڙن فيصلن کي صدر آصف علي زرداريءَ جي شڪست سان تعبير ڪرڻ لڳا آهن. اهي ساڳيا صحافي هئا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين بلوچستان ۾ پنهنجون صحافتي ذميواريون نڀائڻ ناهن ويا، جنهن بلوچستان ۾ عاصمه جهانگير گاڏين تي گوليون هلڻ باوجود پنهنجو دورو ملتوي ڪرڻ بجاءِ نواب اڪبر بگٽي سان ملڻ کي ترجيح ڏني هئي. اسلام آباد جو محاذ سنڀاليندڙ اهو صحافي ته ان وقت سرڪاري پروٽوڪول ۾ سئي شهر آيو هو. مون کي ان وقت نواب اڪبر بگٽي جي پارٽي جي اهم اڳواڻ ٻڌايو پئي ته اسلام آباد جو محاذ سنڀاليندڙ انهيءَ صحافي پنهنجي پروگرام ۾ نواب اڪبر بگٽي کي ٽيلي ٽاڪ ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن لاءِ نواب اڪبر بگٽي انتظار ڪندو رهيو، پر ياد ڏيارڻ باوجود انهيءَ صحافي پنهنجي ڪمٽمينٽ جي ابتڙ فون ئي اٽيند نه ڪئي هئي. بلوچستان کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪرڻ کانپوءِ هينئر ساڳي صحافي کي بلوچستان بابت پروگرام ڪندي ڏٺو پيو وڃي. بلوچستان سان رڳو انهن صحافين جو رويو ئي اڄ سواليه نشان نه آهي، پر جنهن ايم ڪيو ايم هينئر اين آر او تي صدر آصف علي زرداري کي استعيفيٰ ڏيڻ جي صلاح ڏني آهي، تنهن متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار ڪوئيٽا پريس ڪلب ۾ چيو هو ته جيڪڏهن بلوچستان ۾ آپريشن ٿيو ته ايم ڪيو ايم بلوچ ڀائرن سان گڏ گڏ هوندي، جنهن بعد ۾ بلوچستان جي مسئلي تي استيعفيٰ جو اعلان به ڪيو، پر اهڙي اعلان تي عمل نه ڪيو. متحده قومي موومينٽ سان گڏ گڏ حڪومت ڪندڙ مسلم ليگ (ق) جنهن جي جوڙجڪ جا داستان پرويز مشرف پنهنجي ڪتاب ”ان دي لائين آف فائر“ ۾ ڪري چڪو آهي، تنهن مسلم ليگ (ق) آڏو جڏهن پرويز مشرف اڳوڻن وزير اعظمن محترمه بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي حوالي سان سندن ٽيون ڀيرو وزير اعظم واري پابندي ختم ڪرڻ يا اين آر او ڏيڻ وارا آپشن رکيا هئا، تڏهن مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻن اين آر او تي ٽِڪ ڪئي هئي. ان ئي مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ سيد مشاهد حسين پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته اين آر او جي مسئلي تي حڪومت شڪست کاڌي آهي، تنهن ڪري اهي حڪومت ڪرڻ جو اخلاقي جواز وڃائي چڪا آهن. اين آر او جنهن کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم سپريم ڪورٽ جو هو، جڏهن ته 17 هين ترميم تي جيڪا ڪاميٽي ڪم ڪري رهي آهي، انهيءَ ڪاميٽيءَ اندر سمورين پارٽين جا ميمبر موجود آهن. ان ڪاميٽي اندر سرحد صوبي کي پختونواهه نالي واري مسئلي تي اي اين پي ۽ مسلم ليگ (ن) وچ تي معاملو ريفرينڊم واري مشوري تائين پهتل آهي. پر انهن سمورن معاملن جي باوجود مائينس ڀٽو، مائينس پيپلز پارٽي ۽ هاڻي مائينس آصف علي زرداري جي خواهش رکندڙ ساڳيا ڪردار منظر عام تي اچي چڪا آهن. مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ پرويز الاهي ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ چوڌري نثار جي ملاقات به منظر تي اچي چڪي آهي. ظاهر آهي ته هي سڀ سياست آهي، جنهن ڪري ڀٽن جي صورت ۾ شهيد ٿيندڙ ملڪ لاءِ سيڪيورٽي رسڪ آهن. 12 سال جيل ڪاٽيندڙ آصف علي زرداري پرويز مشرف چواڻي ملڪ سان وفادار ناهي ۽ پرويز مشرف جي زماني ۾ پنهنجو پاڻ کي باغي سڏيندڙ جاويد هاشمي جو مسلم ليگ (ن) ۾ به ڪردار ڄڻ ته باغين جهڙو آهي، جنهن کي رائيونڊ ملاقات ۾ به شامل نٿو ڪيو وڃي، جڏهن ته پرويز مشرف سان ڊيل ڪندڙ اين آر او واري ٽورنامينٽ جا مين آف دي سيريز ۽ مين آف دي ميچ جا حقدار قرار ڏنا ويا آهن. zguramani@yahoo.com
جواب: محترم ذوالفقار گراماڻي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ پيپلز پارٽي کان نواز ليگ پري ڇو پئي رهڻ چاهي؟ جمع 8 جنوري 2010ع نئون ديرو ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ٻي ورسيءَ جي موقعي تي ملڪ جي چونڊيل صدر آصف علي زرداريءَ جي خطاب کان پوءِ ”متحرڪ“ صحافين لاءِ سڀ کان وڏو اشو اهو هو ته، ”صدر آصف علي زرداري اهڙو خطاب پارٽي جي ڪو-چيئرمين جي حيثيت ۾ ڪيو، يا ملڪ جي صدر جي حيثيت ۾؟“ ان سوال جي جواب جي ڳولا لاءِ پرمغز بحث، ڪالم ۽ ڪچهرين ۾ سلسلو جاري رهيو. حقيقت ۾ جڏهن بلاول ڀٽو زرداري کي پارٽي جو چيئرمين بڻايو ويو هو، تڏهن ساڳين ”متحرڪ“ صحافين پارٽيءَ تي جاگيرداري نظام وارا الزام مڙهيا هئا، جڏهن آصف علي زرداري ڪو-چيئرمين مقرر ٿيو ته هنن پاران محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي وصيت کي پبلڪ ڪرڻ جا مطالبا ٿيندا رهيا، جڏهن آصف علي زرداري ملڪ جو صدر چونڊيو ويو، تڏهن ٻنهي عهدن مان ڪو هڪ عهدو رکڻ وارا مشورا ملندا رهيا، تنهن ڪري جيڪڏهن انهن ”متحرڪ“ صحافين کي آصف علي زرداري اهڙو خطاب ملڪ جي صدر جي حيثيت ۾ ڪيو يا پارٽيءَ جي ڪو-چيئرمين جي حيثيت ۾؟ واري سوال جو جواب ملي به وڃي، تڏهن به سندن جواب هوندو ”آصف زرداري نه کپي.“ ڇا اهي صحافي جيڪي بقول ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ”نه کپي“ واري بيان تي ڊگها ڊگها پروگرام ڪري رهيا آهن، اهي آصف علي زرداري ”ڇو نه کپي“ جهڙو موضوع بحث هيٺ آڻي نٿا سگهن؟ پر اهي اهڙي شروعاتي موضع کي نظرانداز ڪري ٻئي موضوع يعني ”سنڌ ڪارڊ ڇو؟“ تي معلومات گڏ ڪري رهيا آهن ته جيئن سندن کي اهو ادراڪ ٿي سگهي ته جيڪڏهن آصف علي زرداري نه رهيو ته پوءِ سنڌ ۾ ردِ عمل ڪهڙو به ٿي سگهي ٿو. اين آر او بابت ڪيس جي جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي رهي هئي ته سنڌ جي شهرن جي بند ٿيڻ واري خبر پهچڻ تي هڪ وڪيل چيو پئي ته ”سنڌ خوف ۾ بند ٿي هوندي، ردِ عمل ۾ نه.“ مون کي انهيءَ 16 ڊسمبر واري ڏينهن جڏهن سپريم ڪورٽ اين آر او بابت ٻڌڻي ۾ مصروف هئي، تڏهن هر هڪ جي وات تي 16 ڊسمبر ”سقوطِ ڍاڪا“ جو ڏينهن هجڻ جي حوالي سان بحث ٿيندڙ موضوع حيران ڪري رهيو هو، جنهن ۾ بار بار شيخ مجيب الرحمان جي مينڊيٽ کي تسليم نه ڪرڻ وارو ڏک ائين محسوس ٿي رهيو هيو، ڄڻ ته فيض احمد فيض پاڻ پنهنجي شاعري ٻڌائيندو هجي: هم کي ٺهري اجنبي اتني مداراتون کي بعد، کب بني گي آشنا کتني ملاقاتون کي بعد؟ سوال اهو آهي ته ڇا اڄ پيپلز پارٽيءَ جي مينڊيٽ کي تسليم ڪيو پيو وڃي؟ ماضيءَ تي ماتم ڪرڻ کان بهتر نه آهي ته حال ۽ مستقبل جو فڪر ڪيو وڃي. مسلم ليگ (ن) جي ترجمان صديق الفاروق جي انهيءَ ڳالهه ته “آصف علي زرداري جمهوريت جو نالو نه آهي“ واري ڳالهه کي ڇڏي ڪري مون مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر پرويز رشيد کان پڇيو ته، مسلم ليگ (ن) آئين جي ڳالهه ڪري رهي آهي، جڏهن ته آئين ۾ صدر هجڻ سان گڏ پارٽيءَ جي ڪو-چيئرمين هجڻ تي ڪا به پابندي نه آهي. ساڳئي وقت آئين جي آرٽيڪل 248 هيٺ صدر تي ڪو به ڪيس نٿو هلي سگهي ته پوءِ مسلم ليگ (ن) هر صورت ۾ آئين تي عمل ڪرڻ واري ڳالهه جي باوجود استعيفيٰ واري مشوري وارو معاملو ڇو پئي اٿاري؟ مسلم ليگ (ن) آئين کان اخلاقيات تائين جو اهڙو سفر ڪٿي ائين ته جاري نه رکندي، جيئن مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ميان نواز شريف چيو هو ته صرف جج بحال ڪريو، منهنجو ٻيو ڪو مطالبو ڪونهي، پر اهي مطالبا هاڻي ”واضح ايجنڊا“ تائين پهتل آهن ته جيڪڏهن ايجنڊا واضح هوندي ته صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ۾ ڪو به حرج نه آهي. ايتري قدر جو ڪاميٽين واري ڪهاڻيءَ ۾ هاڻي ”نواز-زرداري“ ملاقات لاءِ به ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن تي مشتمل هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا ملاقات اڳ ايجنڊا کي واضح نتيجا خيز بڻائيندي، تڏهن ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات ممڪن ٿي سگهندي. پر اهي ”نتيجا“ آخر هجڻ ڪهڙا گهرجن؟ ڇو ته اين ايف سي ايوارڊ 19 سالن کانپوءِ چئني صوبن جي رضامنديءَ سان گوادر ۾ صحيح جي مرحلي مان به گذري چڪو آهي، ”آغازِ حقوق بلوچستان“ جي نالي تي شروع ڪيل بلوچستان پيڪيج سمورين پارٽين کي اعتماد ۾ وٺڻ کانپوءِ 24 نومبر تي پارليامينٽ تي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته 17 ترميم تي مسلم ليگ (ن) جي ڪاميٽيءَ ۾ شريڪ ميمبر اسحاق ڊار آئيني سڌارن واري انهيءَ ڪميٽي جي ڪم تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. ساڳئي وقت صدر آصف علي زرداري بابت چيو پيو وڃي ته هو ايندڙ گڏيل پارليامينٽ واري خطاب کان اڳ 17 هين ترميم وارو معاملو حل ٿيندي ڏسڻ گهري ٿو ته پوءِ ملاقات لاءِ واضح ايجنڊا باقي ڪهڙي هجڻ گهرجي!؟ جيتوڻيڪ پارليامينٽ سميت مختلف ادارا جمهوريت جي محل کي توازن فراهم ڪري رهيا آهن، پر هينئر ڪنهن غير سياسي شخص سان به ويهو، سو به اهو سوال پڇڻ پنهنجو فرض ٿو سمجهي ته ”آصف زرداري ڪڏهن ٿو وڃي؟“ جڏهن ته ٻين ادارن جي سربراهن بابت اهڙي قسم جي غير يقيني وارو سوال لاشعور جو حصو به نه آهي. ايتري قدر جو مشهور صحافي سهيل وڙائچ مطابق صدر آصف زرداري سان ملاقات دوران ڪنهن شخص کيس چيو هو ته ڊسمبر ۾ جيل ۾ ملاقات ٿيندي، جڏهن ته مارچ ۽ آگسٽ کانپوءِ آصف علي زرداري لاءِ سندس حڪومت جي خاتمي واري خواهش واري انهيءَ سال واري ڪئلينڊر منجهان آخري مهينو ڊسمبر به پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچي چڪو آهي. ان جي نتيجي ۾ وزير اعظم يوسف رضا گيلاني چيو ته ايندڙ مارچ ۾ به ڪجهه نه ٿيندو. مارچ ۾ ڪجهه نه به ٿئي، پر هينئر تائين سياست، سياستدانن ۽ جمهوريت سان جيڪو مذاق ٿي چڪو آهي، ڇا اهو اکيون کولڻ لاءِ ڪافي نه آهي؟ هينئر به جڏهن راولپنڊي جي لياقت باغ کان ڳڙهي خدا بخش ڀٽو تائين سياسي قداور شهيد شخصيتن لاءِ قرآن خوانيون ٿي رهيون آهن، شهيدن جي قافلي جي قطار ۾ بيٺل شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي قبر اڃا به آلي آهي، تڏهن به سياست ۽ سياستدان خراب ۽ ناڪام هجڻ جو فتوائون جاري ٿي رهيون آهن. ايتري قدر جو اين آر او بابت سپريم ڪورٽ جي انهيءَ فيصلي ۾ آصف علي زرداريءَ جو نالو ئي نه هو، پر کيس سياسي ميدان مان سندس نالو مٽائڻ لاءِ کانئنس استعيفيٰ جا مطالبا شروع ٿي ويا. يا رب زمانه مٽاتا هي کس لئي مجهي، لوهه جهان هي لکها هوا حرفِ مقرر نهين هون مين هينئر به اصغر خان جنهن پنهنجي پٽ عمر اصغر خان جي فوت ٿيڻ واري واقعي جي تحقيقات لاءِ پرويز مشرف کي خط لکيا، انهيءَ اصغر خان پاران آءِ جي آءِ ٺاهڻ لاءِ پئسن ورهائڻ واري درخواست ٻڌڻيءَ جي انتظار ۾ آهي. انهن سياسي مخالف قوتن تي تبصرا تحرير جي شڪل اختيار ناهن ڪري رهيا، جڏهن ته اين آر او جي لسٽ ۾ 40 سياستدان ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻيا بڻيل آهن. ڇا لياقت علي خان، ذوالفقار علي ڀٽو، مير مرتضيٰ ڀٽو، شاهنواز ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو، نواب اڪبر بگٽي سميت سوين سياسي ڪارڪن ۽ قيادت جي قتلن، جلاوطني، ڪوڙن ۽ غائب ڪرڻ وارين ڪهاڻين کان پوءِ به سياستدان اهليت جي انهيءَ سرٽيفڪيٽ کان محروم بڻيل آهن؟ سياستدانن جا لاش صندوقن ۾ تالا هڻي دفنائڻ سان گڏ راولپنڊيءَ کان ڳڙهي خدا بخش تائين پهچايا ويا، ايتري قدر جو هينئر به آصف علي زرداري ايمبولينس موڪلڻ واري ڪهاڻيءَ جو اظهار ڪري ٿو. سمورن اتحادين جو هر دلعزيز وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني به گذريل ڪيترن ڏينهن کان ”سياستدانن کي بدنام نه ڪريو“، جهڙي گذارش ڪري رهيو آهي. اهي سياستدانن ئي آهن، جن گڏجي ڪري 19 سالن کانپوءِ اين ايف سي ايوارڊ تي اتفاق ڪري ورتو. هتي اسلام آباد ۾ آف دي رڪارڊ ڪچهرين ۾ آصف علي زرداريءَ جا سخت ترين مخالف به صحافين کان پڇندا آهن ته آصف علي زرداري اهو ڪهڙو گناهه ڪيو آهي، جيڪو پرويز مشرف نه ڪيو هو، جنهن جي ڪري ڳالهه ادارن جي ٽڪراءَ تائين پهتي آهي. سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ لاءِ هن ملڪ جي 18 ڪروڙ عوام محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان علاوه ڪارڪنن جي قرباني کان ويندي لانگ مارچ جهڙا منظر چٽيا آهن. ادارن جي فيصلن تي اڄ عاصمه جهانگير کان ويندي علي احمد ڪرد تائين تحفظات ظاهر ڪيا پيا وڃن. جيڪڏهن عوام جي قربانين سان قائم ڪيل اهي ادارا ٽڪرائجي ويا ته پوءِ فائدو انهن ڌرين کي ئي پوڻو آهي، جن کي سڄي ملڪ ۾ آصف علي زرداري ئي ڪرپٽ نظر ٿو اچي، جنهن جي صدارت ختم ڪرڻ لاءِ سال جي ڪئلينڊر جون تاريخون تبديل ڪيون وڃن ٿيون، پر نيت تبديل ڪرڻ جو ڪو به ارادو نظر نٿو اچي. zguramani@yahoo.com
جواب: محترم ذوالفقار گراماڻي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ ذڪر هڪ سفر جو اڱارو 16 مارچ 2010ع سفر ان وقت مسافرن لاءِ بيچينيءَ جو سبب بڻجندو آهي، جڏهن اهو مقرر وقت کان وڌي وڃي. جيڪڏهن اوهان کي بس اسٽاپ تي 16 ڪلاڪن جو سفر ٻڌايو ويو هجي، پر ان جي جڳهه تي اهي ڪلاڪ 16 مان وڌي 17 ٿي وڃن ته مسافر بس ڪنڊيڪٽر کان ”ڪٿي پهتا آهيون؟“ جهڙو سوال تنگ ڪرڻ جي حد تائين پڇندا رهندا آهن. باوجود انهيءَ جي جو ڪوچ ۾ گهڙيال مسافرن لاءِ وقت معلوم ڪرڻ جهڙي معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ ئي لڳل هوندو آهي، پر اسلام آباد مان نڪرندڙ اهڙي ئي هڪ ڪوچ ۾ هڪ جي بجاءِ مختلف ٽائيم ٻڌائيندڙ ٻه گهڙيال لڳل هئا، جيڪي مسافرن کي مسئلي جي حل بجاءِ ويتر منجهائي رهيا هئا. ”ڪوچ ۾ لڳل هڪڙو گهڙيال موجوده وقت مطابق آهي، جڏهن ته ٻيو گهڙيال ڊرائيور يا گاڏيءَ جي نڪرڻ جي وقت کان شروع ٿيندڙ آهي.“ اها ڳالهه ڪوچ ۾ موجود ليڊي ڪنڊيڪٽر مسافرن کي پئي سمجهائي. ڪوچ ۾ موجود ايئر هوسٽس جهڙو لباس پاتل ليڊي ڪنڊيڪٽر گاڏيءَ جي نڪرڻ وقت مسافرن جي معلومات لاءِ انائونسمينٽ انگريزي ۽ اردو ۾ ڪري رهيون هيون، پر مسافرن ۽ انهن ليڊي ڪنڊيڪٽرن جي ميزباني ۽ مسافريءَ وارو تعلق اهڙو هو، جهڙو جهاز ۾ هجي ٿو. ڪوچ واري اها ميزبان ڇوڪري هڪ مسافر جي پاڻي گهرڻ کانپوءِ ڪاوڙ ۾ اچي، پنهنجي پهرين VIP سيٽ تي ويهي رهي، ڊرائيور جنهن کي ڪوچ جو عملو ڪپتان سڏي رهيو هو، ان جو لباس به ڪپتان جهڙو ئي هو، ڪپتان پاران ليڊي ڪنڊيڪٽر کان غصي جو سبب پڇڻ تي انهيءَ ڪوچ واري هوسٽس کيس چيو ته، ”سڏ ڪري ائين پاڻي ٿا گهرن، ڄڻ آئون هنن جي زال هجان، اهڙا آهن ته پنهنجي گهر واري وٺي اچن“. هن ڪاوڙ ۾ مسافرن ۾ ميوزڪ ٻڌڻ لاءِ هيڊ فون پئي ورهايا، جنهن جي مدد سان مسافر چاهين ته مذهبي پروگرام ٻڌن يا ميوزڪ يا ٽي وي تي هلندڙ فلم ڏسن يا ٻڌي سگهن، پر اهڙن آپشنس کان علاوه مسافرن وٽ پنهنجا به سفر گذارڻ لاءِ آپشن هجن ٿا، جنهن ۾ گڏ ويٺل مسافر سان ڪچهري يا ڪتاب پڙهڻ جهڙا ڪم به ڪارگذار ثابت ٿين ٿا. ڪاوڙ ۾ ڀريل ان ليڊي ڪنڊيڪٽر واري سيٽ جي پٺيان ويٺل هڪ خوبصورت ڇوڪري، جنهن اشفاق احمد جو ڪتاب زاويه پئي پڙهيو، ان ڪيترن ئي مسافرن جا زاويه ئي تبديل ڪري ڇڏيا هئا، انهيءَ مسافر ڇوڪريءَ سان گڏ ويهڻ باوجود ليڊي ڪنڊيڪٽر جي ڪاوڙ اڃا ٿڌي نه ٿي هئي، جنهن ڪري مسافرن ۾ سندس لاءِ همدردي تي ٻڌل موضوع، سفر جي سهولت جي ڪم اچي ويا، ”ادا ڪيترا پئسا ملندا هوندس، پڙهيل لکيل انگريزي ڳالهائيندڙ ڇوڪري آهي“. هڪ مسافر پئي چيو. پنجاب جي شهر بهاولپور واري اسٽاپ تي اها ڪنڊڪٽر ڇوڪري جڏهن سامهون واري پنهنجي ڪمپنيءَ جي ڪوچ جي ڪنڊڪٽر ڇوڪريءَ سان گڏ هيٺ لهي ننڍڙي پارڪ ۾ ٻارن واري جهولي ۾ گڏجي لڏي رهي هئي، تڏهن مون کي سنڌ جي ڀلوڙ شاعر ادل سومري جا اهي ٻول ياد اچي ويا، جنهن ۾ ادل سومري چيو آهي ته: پينگهه تي او پوپري تنهنجو لڏڻ ڪين ٿو وسري سگهي تنهنجو کلڻ هي ميزبان عورتون اسلام آباد کان سکر تائين ٽن شفٽن ۾ تبديل ٿينديون رهنديون آهن، جيڪي سکر کان اڳتي سفر ناهن ڪنديون، جن جي ڪمي ميل ڪنڊڪٽر پوري ڪندا آهن، پر اهڙي تبديلي کانپوءِ مسافرن کي به رات جي گهري ننڊ اچڻ شروع ٿي ويندي آهي. ڪيترن ئي مسافرن جون نظرون ته پنهنجي پنهنجي ”منزل“ تي هجن ٿيون، جن جي گهرن ۾ سندن خاندان انتظار ۾ هجن ٿا، اهڙي سفر جو هڪ سبب گهر واري به هجي ٿي. ”توهان ڳوٺ نه ٿا وڃو ڇا؟“ جهڙي سوال جي جواب ۾ اسلام آباد ۾ رهندڙ هڪ سنڌيءَ چيو، ”منهنجي گهر واري هتي ئي مون سان گڏ آهي“، پر جيڪي پنهنجي گهر وارين کان الڳ غم روزگار کي گهٽائڻ جو بندوبست ڪن ٿا، اهي غم جانان ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا، جنهن ڪري سفر دوران سندن گهر پهچڻ واري بيقراري ويتر وڌندي ويندي آهي، اهڙي ئي بيقراري ۾ مبتلا هڪ مسافر ٻين مسافرن جي وچ ۾ موبائيل فون تي ڳالهائيندي ”پهچڻ وارو آهيان“ جهڙو جملو جنهن پيار واري لهجي ۾ چئي رهيو هو، تنهن کانپوءِ ڪنهن سان پيو ڳالهائي جهڙو سوال ئي بيڪار هو. مسافرن جي بيقراري کي ڪوچ اندر هلندڙ ميوزڪ ويتر پيٽرول مٿان تيليءَ جو ڪم ڪري رهيو هو. اوهان کي اهڙن مسافرن سان گڏ سفر ڪندي عاشقن جي قافلي منجهه نظرين جا لاڏائو به ملي ويندا، جيڪي پنهنجن نظرين هٿان مجبور ٿي، بقول شاعر جي ته؛ اور بهي دک هين جهان ۾ محبت کي سوا راحتين اور ڀي هين وصل ڪي راحت کي سوا اهڙو ئي هڪ نظرياتي ڪامريڊ پنهنجن فوٽو اسٽيٽ ٿيل ڪالمن سان گڏ ان وقت خوش ۽ پرجوش نظر آيو، جڏهن سندس نظر قومپرست نظريي سان تعلق رکندڙ اڳواڻ ۽ ڪالم نگار تي پئي، فوٽو اسٽيٽ ٿيل ڪالم ورهائڻ کانپوءِ ٻنهي همراهن جو دير تائين اهڙو ٽڪراءُ ٿيو، جو بعد ۾ ٻنهي هڪ ٻئي کان موڪلائڻ به مناسب نه سمجهيو. ڪامريڊ جو خيال هو ته آمريڪا فنانشل ڪرائيسز ۾ آهي، جنهن ڪري سندس وجود ختم ٿيڻ جي ويجهو اچي پهتو آهي، جڏهن ته قومپرست کيس پنهنجي 8 سال آمريڪا ۾ گذاريل تجربي جا داٻا ڏيندي چيو ته، ”خبر اٿوَ اتي بئنڪون ڪيئن هونديون آهن؟ بئنڪون ائين هجن ٿيون، جيئن اسان وٽ سگريٽ وٺڻ واريون مانڊڻيون آهن، جيڪڏهن انهن مان سئو سوا بئنڪون بند ٿي ويون ته ان سان آمريڪا تباهه ٿي ويندو؟ پنهنجو فڪر ڪريو، آمريڪا کي ڇڏيو“. جيستائين سندن سفري ٽاڪ شو پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچي تيستائين مون ننڊ ڪرڻ کي ئي مناسب سمجهيو. ڪوچ ۾ سنڌي ٻولي ٻڌي چپس کپائيندڙ هاڪر پنهنجا هوڪا به سنڌيءَ ۾ ڪري ڇڏيا، جنهن پنهنجو تعارف سبي شهر سان ڪرايو، اهڙا ڪيترائي هاڪر پنهنجن پنهنجن شهرن جو تعارف به هجن ٿا، جيڪڏهن کائڻ پيئڻ وارين شين جي بجاءِ هاڪر جي هٿ ۾ چاڪن ۽ ڇرين وارو ڇڄ هجي، سمجهي وڃو توهان وزير آباد شهر پهچي ويا آهيو. ”ڇريون سيالڪوٽ ۾ به ٺهنديون آهن، پر مشهور وزير آباد جون آهن“، چڪوال شهر جي رهواسي پئي ٻڌايو. رستي ۾ هاڪرن کي ڏسي ڪري مون کي سکر جي ويگن اسٽاپ واري اها فقيرياڻي به ياد آئي، جنهن ڊرائيور کان خيرات گهرڻ کانپوءِ خيرات ملڻ تي کيس چيو، ”پٽ چانهه پي وڃي ها“. سنڌ ۾ غربت تمام گهڻي آهي، هتي ڏسو رستي ۾ فقير گهٽ ٿا نظر اچن. واهه ڪينٽ ۾ اسان سڀ انهيءَ موضوع تي ڳالهائي رهيا هئاسين، جنهن موضوع جي يادگيري به هڪ ڪراڙي فقيرياڻي جي خيرات گهرڻ واري منظر جي ڪري آئي. zguramani@yahoo.com
جواب: محترم ذوالفقار گراماڻي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ محترمه قتل ڪيس: پ پ اڳواڻن جا متضاد موقف اڱارو 4 مئي 2010ع جنهن فيملي کي پ پ جا ڪارڪن ”ڀٽو فيملي هيرو هيرو باقي سڀ زيرو زيرو“ جي نعرن سان مخاطب ٿي، مخالفن جي محفل کي منتشر ڪري ڇڏيندا هئا، هاڻي ساڳيا پيپلز پارٽيءَ جا ڪارڪن وزير اعظم جي مزدورن جي عالمي ڏينهن واري خطاب دوران به ”بي بي هم شرمنده هين تيري قاتل زنده هين“ جا نعرا هڻندي بي وسيءَ جي عالم ۾ انهيءَ ڪرسيءَ کي ڏسندا رهجي وڃن ٿا، جنهن لاءِ اهي ”وزير اعظم بينظير“ جا نعرا هڻندي پروانن جيان آپگهاتي ڌماڪن جي نذر ٿي ويندا هئا، پر سندن قافلو ”جيئي ڀٽو“ جي نعرن سان اڳتي جي سفر تي روان رهندو هو. اڄ اُهي جانثار ڪارڪن بيوسيءَ مان پنهنجي قيادت ڏانهن واجهائي رهيا آهن. سندن عظيم اڳواڻ جا قاتل سندن پارٽي جي حڪومت ۾ بي نقاب ٿي نه سگهيا آهن. چوڌري اعتزاز احسن چواڻي ته، ”واقعي واري جڳهه کي ڌوئڻ سان سمورا ثبوت ضايع ڪيا ويا آهن“. جيڪڏهن انهيءَ وقت جي راولپنڊي پوليس جي سي سي پي او سعود عزيز جي ڳالهه تي اعتبار به ڪريون ته سندس حڪم تي ئي واقعي واري جڳهه ڌوتي وئي، تڏهن به ڪيترو نه حيرت ۾ وجهندڙ سوال آهي ته، محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ جڏهن سڄو پاڪستان ٻري رهيو هو، راولپنڊي شهر سميت پوري ملڪ ۾ احتجاج شروع ٿي چڪو هو، راولپنڊيءَ جي اسپتال مان محترمه بينظير ڀٽو شهيد جو لاش به ستن ڪلاڪن کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن محترمه جو لاش به اڃا اسپتال ۾ هو، جڏهن ڪيترن شهرن مان پوليس به پوئتي هٽي وئي هئي، ڇا راولپنڊيءَ جو اهو لياقت باغ وارو رستو رڳو ڌوئي صاف ڪرڻ انهيءَ ڪري ضروري هو ته جيئن معمول جي زندگي يا ٽريفڪ روان دوان رهي سگهي؟! ايڏي عظيم ليڊر جي موت جي ٻن ڪلاڪن کانپوءِ رستو صاف ڪرڻ، زندگي کي معمول تي آڻڻ جو فڪر راولپنڊي پوليس کي ڇو هو؟ جيڪڏهن پوليس جا اهي ٽئي خيال ته رستو صاف ڪرڻو هو، ڳجهون اچڻ ۽ انساني عضوا کائڻ جو خدشو هو يا پي پي جي جذباتي ڪارڪنن پاران واقعي واري هنڌ موجود رت کي محترمه جو رت سمجهي پنهنجي جسم تي لڳائڻ واري عمل مان بغاوت جو ڊپ هو، تڏهن به محترمه بينظير ڀٽو جي گاڏي کي اڳتي ڪاهي، انهيءَ کي صاف ڪري شهيد محترمه جي چپل کي صاف ڪري، واپس ڪرڻ سميت محترمه جي رئي جو غائب ٿي وڃڻ جي پٺيان ڪنهن جو هٿ آهي، جن جا ”شاهد“ هاڻي غائب آهن، جنهن بعد پرويز مشرف جي زماني واري تحقيقات، اسڪاٽ لينڊ يارڊ ۽ اقوام متحده جي رپورٽ، ڪرمنل انويسٽيگيشن، فئڪٽ فائينڊنگ ڪميشن کان علاوه صحافي حلقا به تحقيقاتي رپورٽنگ ڪندي ڪيترائي سوال اٿاري چڪا آهن. اقوام متحده جي اها رپورٽ، جنهن کي هينئر دفاع واري وفاقي وزير احمد مختار اڻ پوري قرار ڏئي ڇڏيو آهي، انهيءَ کان اڳ اهو سوال به بحث هيٺ هو ته جڏهن آصف علي زرداريءَ جي درخواست تي اقوام متحده اهڙي رپورٽ 15 ڏينهن تائين منظر تي نه آڻڻ جو فيصلو ڪيو هو، تڏهن فرحت الله بابر جو چوڻ هو ته، ”اها رپورٽ مڪمل نه آهي. اسان 15 اپريل تائين رپورٽ نه آڻڻ جي درخواست انهيءَ ڪري ڪئي هئي، جو انڪوائري ڪميشن حڪومت پاڪستان جي درخواست باوجود انهن ملڪن جو موقف نه ورتو هو، جن ملڪن محترمه بينظير ڀٽو جي جان کي خطرن جي باري ۾ اڳواٽ آگاهه ڪيو هو. اسان درخواست ڪئي هئي ته انهن ملڪن جو موقف معلوم ڪيو ته جيئن رپورٽ جامع ۽ مڪمل ٿي سگهي.“ پوءِ جڏهن اها رپورٽ آئي تڏهن پيپلز پارٽي انهيءَ جي آجيان ڪئي، جنهن کي هينئر احمد مختار اڻ پوري رپورٽ سڏي رهيو آهي، جنهن جي بنياد تي ڪيس داخل ٿي نه ٿو سگهي. انهيءَ کان اڳ پرويز مشرف جي زماني ۾ جڏهن 24 ڪلاڪن اندر برگيڊيئر (ر) اقبال چيمه محترمه بينظير ڀٽو جي موت جو سبب سن روف جو ليور لڳڻ کي قرار ڏنو هو، تڏهن پوري دنيا ۾ انهيءَ پريس ڪانفرنس خلاف ردعمل سامهون آيو هو، جنهن ڪري ئي اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي ٽيم کي گهرايو ويو، جڏهن ته پرويز مشرف محترمه جي موت جو ذميوار کيس ئي قرار ڏئي رهيو هو ته جيڪڏهن هو ٻاهر نه اچي ها، ته سندس زندگي محفوظ هجي ها، جنهن جي موٽ ۾ قانون واري وفاقي وزير بابر اعواڻ چيو هو ته، ”ليڊر ۽ گدڙ ۾ فرق هوندو آهي“. گڏيل قومن جي انهيءَ رپورٽ جو انتظار ڪريو جهڙا مشورا ڏيندڙ پيپلز پارٽيءَ جي قيادت پاڻ ڪڏهن قاتلن جي خبر هئڻ ته ڪڏهن بيت الله محسود کي قاتل قرار ڏيڻ جهڙا اعلان به ڪندي رهي آهي. هينئر جڏهن چوڌري عبدالرئوف جي اڳواڻيءَ ۾ ٽن ميمبرن تي مشتمل فئڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، تنهن چوڌري عبدالرئوف جي اڳواڻي کي پ پ جا مير باز محمد کيتران جهڙا اڳواڻ به ڪمزور قرارڏئي رهيا آهن. جيڪڏهن سڀاڻي انهيءَ رپورٽ ۾ اهو ڄاڻائي ويو ته واقعي واري جڳهه کي ڌوئڻ جو ”حڪم“ پوليس ئي ڏنو هو، ته پوءِ گڏيل قومن جي انهيءَ رپورٽ جا ٻيا پاسا ڍڪجي نه ويندا، ڇو ته مخالفن کي اهي جواز به ملندا ته اقوام متحده جي رپورٽ کي مڃيو وڃي ٿو، پر پنهنجي جڙيل ٽيم جي رپورٽ کي تسيلم ڇو نٿو ڪيو وڃي، ته انهيءَ ۾ سواءِ پوليس جي ٻئي ڪنهن جو به ”هٿ“ نه هو. گڏيل قومن جي ٽيم ۾ پيٽر فٽز جيرالڊ جهڙو ميمبر به هو، جنهن جو رڳو پوليس جو 45 سالن جو تجربو هو ۽ لبنان جي وزير اعظم رفيق الحريري جي قتل جي جاچ جو به تجربو وٽس هو. تڏهن گڏيل قومن جي جامع رپورٽ پوليس نظام کي ڪمزور سمجهندي القائده، طالبان، مقامي جهادي گروپ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي عنصرن ڏانهن اشارو ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ هينئر هڪ ڌڙو انهيءَ ٿيوري کي اڳتي وڌائي رهيو آهي ته جيئن ته محترمه آمريڪا معرفت ڊيل ڪري آئي هئي، جنهن ڪري اهڙي ڊيل تي عمل نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ کيس منظر تان هٽايو ويو، ته پوءِ ڪراچيءَ ۾ سندس پهچڻ وقت ڌماڪو ڇو ٿيو؟ جڏهن ته ٻي ٿيوري اها آهي ته بيت الله محسود، جهادي گروپ وغيره جو انهيءَ ۾ هٿ آهي. هڪ ڌر محترمه جي پنهنجي لکيل اي ميل کي ڊائنگ ڊڪليريشن قرار ڏئي رهي آهي، جنهن اي ميل ۾ واضح نالا لکيل آهن، پر ڪي ذهن اهو به سوچي رهيا آهن ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پرويز مشرف تي پوندڙ استعيفيٰ جي دٻاءُ جي نتيجي ۾ استعيفيٰ ڏئي ملڪ کان ٻاهر هليو وڃڻ ڪهاڻيءَ جو ختم شد آهي، جنهن ڪري هينئر رڳو نظام تبديل ڪرڻ جي ٿيوري پئي هلي ته ساڳئي وقت ”سنگل پوائنٽ ايجنڊا“ طور فئڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي ”جڳهه ڪنهن جي چوڻ تي ڌوتي وئي؟“ تي ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري هينئر جڏهن فوزيه وهاب کان سوال ڪجي ٿو ته ڇا جيڪڏهن مشرف ملزم ثابت ٿيو ته ان خلاف ڪارروائي ٿيندي جي جواب ۾ وراڻي ٿي ته، ”منهنجو خيال آهي ته ڪارروائي ٿيڻ کپي، پر اسان انتقامي ڪارروائي تي يقين ناهيون رکندا“، سندس اهو به چوڻ آهي ته، پهريائين انٽيليجنس ايجنسين جي ڪردار تي سرٻاٽن ۾ ڳالهايو ويندو هو، هاڻي هر عام ماڻهوءَ جي زبان تي اهڙو بحث آهي. جڏهن ته قمر الزمان قائره چوي ٿو ته، انتقام وٺڻ ۽ نظام تبديل ڪرڻ جو مقصد اهو ناهي ته قاتلن کي معاف ڪري ڇڏينداسين، پر اعتزاز احسن چوي ٿو ته، ”جيڪڏهن اسان بي بي جا قاتل گرفتار نه ڪيا ته ايندڙ چونڊن ۾ عوام اسان جون ڳچيون پڪڙيندو“. zguramani@yahoo.com
جواب: محترم ذوالفقار گراماڻي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ اسلام آباد ۾ گونجيل سنڌ جو آواز اربع 9 جون 2010ع بلڪل ائين پئي لڳو ڄڻ ته سنڌ جي سهڻي شاعر ڀٽائيءَ پاران جهول جهليل هجي ۽ رات جي ان پهر ۾ محبوب معرفت ڪو پيغام ايندو هجي، ”گولي پٺيءَ ۾ نه پر سيني ۾ لڳل هجي“. ان ڪري ئي سنڌ جي فنڪارن پاران جنهن وقت ”جهول جهلي جنهن وقت ڀٽائي، ڪرندا ڪنڌ هزار او يار“ واري ڪلام تي ”جيئي لطيف“ کان شروع ٿيندڙ نعرا ”ڀٽي جا قاتل سڀ ڳولهي ڳولهي مارينداسين“ تي پڄاڻي تي پهتا“. اسلام آباد جي لوڪ ورثه ۾ سنڌ حڪومت پاران منعقد ٿيل انهيءَ ميلي ۽ راڳ رنگ جي محفل جا مختلف پهلو ۽ رخ هئا، جنهن ڪري حسن کان عشق تائين ۽ عشق کان انقلاب تائين جي موضوعن سنجيده مزاج ماڻهن جي دماغن ۾ به ور وڪڙ پئي وڌا. فنڪارن ايڪو سائونڊ جي خراب ڪنڊيشن باوجود خوب محنت ڪري اجرڪ ۽ ٽوپيءَ جو مان پئي مٿانهون ڪيو. هي شهر، جتان سنڌ جي ڪلچر ٽوپي ۽ اجرڪ پائڻ کي ”سنڌ ڪارڊ“ چئي چٿر پئي ڪئي وئي، انهيءَ شهر ۾ رات جي راڻن اجرڪ ۽ ٽوپين سان ملبوس ٿي ”سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار“ پئي ڳايو. سنڌ جون عورتون، ٻار توڙي مرد ڀٽائيءَ جي انهيءَ جهول آڏو ڄڻ ته قطارن جي صورت ۾ گڏ هئا. خبر نه آهي ته فنڪارن جو انهن گيتن ذريعي محفل کي رڳو جهومائڻ ئي مقصد هو، يا ڪجهه ٻيو پر ”هن جنم، هن جنم لاءِ وچن ٿو ڪريان، مان جتي به هجان سنڌ تنهنجو ٿيان“ جهڙي گيت کان وٺي ”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار“ جهڙن گيتن پٺيان سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپين وارن ”زنده هي بي بي زنده هي“ جهڙا نعرا ڇو پئي لڳايا، پر رات جي انهيءَ پهر ۾ جتي لوڪ ورثه ۾ سنڌي ماڻهو رنگ رنگيني پيدا ڪري رهيا هئا، اتي محفل ۾ موجود ماڻهن کي هن شهر جي جاڙي شهر راولپنڊيءَ ۾ شهيد ٿيل بينظير صاحبه ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڏاڍا پئي ياد آيا، جنهن ڪري نه رڳو گيت پر شهيد بينظير ڀٽو لاءِ اجتماعي دعا به ٿيندي رهي ته ساڳي وقت صنم مارئي پاران ”ڀٽي جا قاتل سڀ ڳولهي ڳولهي مارينداسين“ جهڙا گيت به ڳائجندا رهيا ته انتظام سنڀاليندڙ عورتن پينٽ شرٽ وارن مردن کان ”سنڌي لباس ڇو نه پائي آيا آهيو؟“ جهڙا سوال به ڪنديون رهيون. انهيءَ سحرانگيز محفل جي وقفي کانپوءِ سنڌ پنهنجا منفرد رنگ پيش ڪرڻ شروع ڪيا، جنهن ۾ تاج مستانيءَ جو يڪتارو چپڙي، مائي ڍائي جو دهل، صوفي فقيرن جو لباس، رضا علڻ فقير جو پٽڪو، جئه رام جوڳيءَ جي مرلي، اڪبر خميسو خان جي بانسري جا ساز هوا ۾ سڳنڌ پکيڙيندا رهيا، جنهن ڪري باوجود برسات جي امڪان ۽ ڦڙ ڦڙ جي اجرڪ ۽ ٽوپيءَ وارن جو اتحاد ۽ نعرا هو جمالو تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهيا. سنڌ جي انهيءَ انقلابي رنگ کانپوءِ صوفي رنگ ۾ رڱجي وڃڻ واري ادا جتي ”داد“ سان دل کٽي، ۽ محفل ۾ موجود شرٽ ۽ نيڪر وارن انگريزن کي به جهومڻ تي مجبور پئي ڪيو، جيڪي پاڻ سان گڏ ننڍڙا ٻار به وٺي آيا هئا، جيڪي موبائيل ذريعي پنهنجون يادگيريون رڪارڊ ڪري رهيا هئا. اتي اهي انگريز تاج مستانيءَ کان مائي ڍائي جهڙين فنڪارائن جا فوٽو ڪنهن خزاني جيان ڪڍي محفوظ ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهي رهيا هئا. سگا سينٽر کان لوڪ ورثه تائين ڳائجندڙ هو جمالو تي سنڌين کان وڌيڪ انگريزن پاران نچي نچي پنهنجا پگهر ڪڍي ڇڏڻ وارو انداز انهيءَ رات جي منفرد ادا هئي، جنهن رات فنڪارن معرفت شاهه عبد اللطيف، سچل سرمست، سامي، قلندر شهباز، شيخ اياز اسلام آباد جي وي آءِ پي ڪلچر ۾ ويڙهجي ويلن جي فرمائش جو حصو هئا ته ساڳئي وقت سنڌ جي ليڊرن جي نعرن کان ويندي ڍورا ۽ ڍنڍون به گيتن جي صورت ۾ اسلام آباد جي ميلي ۾ ڳائجي رهيا هئا. سنڌ جي انهيءَ ميلي واري سڏ تي هن شهر جي سنڌي خاندانن وڏي انگ ۾ شريڪ ٿي ڀرپور موٽ ڏني، جڏهن ته قائد اعظم يونيورسٽيءَ جي شاگردن لاءِ جتي انقلابي گيت جوش ۽ جذبي جو سبب بڻجي رهيا هئا، اتي حسن ۽ عشق وارا موضوع سندن سيٽون خالي ڪرائي بيٺلن کي ويهڻ جي دعوت ڏئي رهيا هئا. اهي نوجوان، جيڪي تاج مستانيءَ جي گيت ”الائجي ڪنهن سان راضي آ، الائجي ڪنهن ۾ راضي آ“ جهڙي گيت تي زوردار نعرا هڻي رهيا هئا، ۽ پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪري رهيا هئا، جڏهن ته ڪيترائي هال جي پٺيان يا ٻاهر لان ۾ جهمريون پائي رهيا هئا، جنهن لان تي هٿ هٿ ۾ ڏئي گهمندڙ جوڙا هڪٻئي جي نالي وارا ڇلا خريد ڪري هڪٻئي کي تحفا ڏئي رهيا هئا. zguramani@yahoo.com
جواب: محترم ذوالفقار گراماڻي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ ارسا تڪرار جي اصل حقيقت ڇنڇر 24 جولاءِ 2010ع اسلام آباد جي ستاره مارڪيٽ جي بلاڪ 3 ۾ قائم ارسا جي آفيس لاءِ چيو پيو وڃي ته ارسا جي نئين بلڊنگ شهر کان ٻاهر قائم ڪئي پئي وڃي. بلڊنگ ته نئين ڪڏهن به، ڪٿي به قائم ٿي سگهي ٿي، پر ارسا جي پنهنجي مستقل قائم رهڻ واري سوال ۾ هينئر وڌيڪ وزن آهي، هي سوال گذريل ٻن مهينن کان ملڪ جي راڄڌاني واري شهر اسلام آباد ۾ مطالبن جي صورت ۾ بحث هيٺ ايندو رهيو آهي، ڇو ته پاڻيءَ جي مسئلي تي گذريل ٻن مهينن کان ارسا کان وڌيڪ ٻاهر بحث ٿيندو رهيو آهي. سينيٽ ۾ ڊپٽي اسپيڪر جان جمالي کي انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي پهچي سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه سان ملڻو پيو ته سيد قائم علي شاهه کي ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد پهچي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني کان علاوه ميان شهباز شريف سان ملي معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ گڏجي ويهڻو پيو، نه رڳو ايترو پر ارسا کي پارليامينٽيرين آڏو به ڊگهي بريفنگ ڏيڻي پئجي وئي! ارسا جي پارليامينٽيرين کي بريفنگ هجي يا وزير اعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس کانپوءِ ارسا کي اجلاس گهرائڻ لاءِ چيو ويو هجي، پر انهيءَ تاثر کي هاڻي حقيقت جو روپ ملي چڪو آهي ته فيصلا ارسا بجاءِ ڪنهن ٻي ”اٿارٽي“ هٿان ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته پوءِ ارسا جڏهن چشما-جهلم لنڪ ڪئنال کي 3 ڏينهن تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو، تڏهن اهڙي فيصلي تي عمل بجاءِ چشما-جهلم لنڪ ڪئنال کي نه رڳو کليل ئي رهڻ ڏنو ويو، پر جيڪو ڪئنال ارسا جي وقتي چيئرمين شفقت مسعود جي فيصلي موجب 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي سان کليل آهي، جنهن مان ارسا جي پنهنجي طاقتور هجڻ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ارسا جو ادارو 1991ع جي رڪارڊ جي ڪلاز 13 هيٺ وجود ۾ آيو، جنهن جو ايڪٽ 1992ع ۾ پارليامينٽ منظور ڪيو، جنهن جي پهرين اٿارٽي 1993ع ۾ لاهور ۾ پنهنجون ذميواريون نڀايون، جنهن کانپوءِ ارسا جي هيءَ آفيس 2000ع ۾ اسلام آباد شفٽ ٿي آئي، پر چيو پيو وڃي ته ارسا جيترو هينئر تڪراري آهي، ايترو تاريخ ۾ ڪڏهن به ناهي رهي. جيتوڻيڪ 1998ع ۾ ارسا جي سمورن ميمبرن کي فارغ به ٿيڻو پيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ 2001ع ۾ نوان ميمبر آيا هئا، پر تڪرار جي معاملي ۾ چيو پيو وڃي ته هي ڏينهن وڌيڪ تاريخي آهن. ارسا ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ استعيفيٰ ڏيئي ويل ميمبرن کانپوءِ آفيس ۾ پنجاب جو ميمبر ۽ وقتي چيئرمين شفقت مسعود اڪيلو ئي اٿارٽي بڻيل هو، جڏهن ته چيئرمين امان گل خٽڪ پنهنجي صحت خراب هئڻ جو سبب ڄاڻائي موڪل تي روانو ٿي ويو ۽ بعد ۾ پنهنجي استعيفيٰ پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزارت ڏانهن اماڻي ڇڏي. چيو پيو وڃي ته موڪل واري اهڙي درخواست ۾ امان گل خٽڪ وقتي چيئرمين جي چارج شفقت مسعود کي لکت ۾ ڏئي ڇڏي هئي، جڏهن ته ارسا ۾ وفاق جو نمائندي بشير ڏهر استعيفيٰ ڏئي احتجاج ڪيو هو ته سي-جي لنڪ ڪئنال ارسا جي آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪري ڇو کوليو ويو؟ ساڳي ئي احتجاج جي نتيجي ۾ سنڌ جي ميمبر محمد خان ميمڻ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، جڏهن ته بلوچستان جو ميمبر محمد امين به ڊگهي موڪل تي روانو ٿي ويو هو. شفقت مسعود چوي ٿو ته انهن غير حاضرين پٺيان اصل هٿ ”ڌمڪين“ جو آهي. ارسا جي اڳوڻي چيئرمين امان گل خٽڪ کي ”وڏي گهر“ مان ڌمڪيون مليون، جڏهن ته سنڌ جي صوبائي وزير مراد علي شاهه جي ڌمڪين جي نتيجي ۾ بلوچستان جي ميمبر کي موڪل وٺڻي پئي. تصوير جو ٻيو رخ هي به آهي ته بقول هڪ سينيئر صحافي جي ته، جنهن ڏينهن وزير اعظم جي صدارت هيٺ پاڻيءَ جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ اجلاس ٿيو، انهيءَ رات ميڊيا تي اهڙيون خبرون اچڻ کانپوءِ ته مستعفي ميمبرن جون استعيفائون نامنظور ڪيون ويون آهن، ارسا ۾ وفاق واري ميمبر بشير احمد ڏهر کي گهرائي راجا پرويز اشرف جي ويجهي ساٿي ڌمڪيون ڏنيون، جنهن جي ٻئي ڏينهن واري فائنل رائونڊ ۾ سي-جي لنڪ ڪئنال 15 هزار ڪيوسڪ سان کوليو ويو. انهن ڌمڪين بابت سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته ميمبرن کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، جڏهن ضرورت پئي ته ڌمڪين ڏيڻ وارن جا نالا ظاهر ڪيا ويندا. سوال اهو آهي ته اڃان انهيءَ جي ضرورت ڪڏهن پوندي؟ منهنجي لاءِ ته اها ڳالهه حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه هئي ته جنهن وقت اڃا سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه جو هيليڪاپٽر اڏاڻو به ڪو نه هو، تڏهن سرڪاري پڌرائي ۾ ٻئي ڏينهن ارسا جي اجلاس گهرائڻ جي خبر جاري ڪئي وئي هئي، جنهن خبر کان سنڌ جي سرڪار ايتري بي خبر هئي جو کيس ارسا جو اجلاس تڪڙ ۾ گهرائڻ بابت پريس ڪانفرنس ڪرڻي پئي. ارسا ۾ وفاق جي نمائندي واري آفيس ۾ ميمبرن واري بورڊ ۾ بشير احمد ڏهر جو نالو بار بڻيل آهي، جنهن جي 17 سالن جي تاريخ ۾ پهريون سنڌي ڳالهائيندڙ ميمبر اهڙي لسٽ ۾ موجود آهي، جنهن سنڌي ڳالهائيندڙ وفاق جي نمائندي جو مثال کڻي مسلم ليگ (ن) نه رڳو ارسا جي نئين سر جوڙجڪ چاهي ٿي. هينئر ارسا ۾ پاڻي جا مسئلا ڪڏهن، ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني حل ٿيندا؟ جهڙا سوال پيا بحث هيٺ ايندا، پر ساڳين اجلاسن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ نمائندو ڪڏهن ۽ ڪيئن ويندو؟ جهڙو سوال به بحث هيٺ آهي، جنهن کي في الحال ته بقول سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ته ڌمڪيون ملي رهيون آهن. سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه جي ئي پارٽيءَ سان تعلق رکندڙ پنجاب جي راجا رياض ته بشير احمد ڏهر جي استعيفيٰ تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو هو ته، ”چڱو ٿيو پاڻ ئي ويو“، ارسا جي پارليامينٽيرين کي ڏنل بريفنگ، جنهن جي صدارت پاڻيءَ ۽ بجلي وارو وفاقي وزير راجا پرويز اشرف ڪري رهيو هو ته وقتي چيئرمين جون ذميواريون شفقت مسعود نڀائي رهيو هو، جنهن ۾ شريڪ ميمبرن جي بقول ته، ايجنڊا ۾ ارسا ۾ وفاق جو ميمبر سنڌي ڇو ۽ سي-جي لنڪ ڪئنال ڪڏهن کلندو؟ جهڙا سوال ئي بحث هيٺ ايندا رهيا. ان بريفنگ ۾ سنڌ جي صوبائي وزير مراد علي شاهه اهو سوال اٿاريو جيڪڏهن ايندڙ ميمبر پنجابي ڳالهائيندڙ هوندو يا ان کان اڳ ٻين ٻولين ڳالهائڻ وارا رهيا آهن ته پوءِ انهن کي وفاق جو نه پر پنجاب يا ٻين صوبن جو سڏيو ويندو؟ ان سوال جو جواب ڪنهن وٽ نه آهي، پر جنهن پارليامينٽ جي بريفنگ واري اجلاس جي صدارت راجا پرويز اشرف ڪئي ۽ وقتي چيئرمين جون ذميواريون شفقت مسعود ادا ڪيون، انهيءَ بريفنگ ۾ اهو فيصلو ٿيو ته ارسا کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو، جنهن جي ميمبرن ۾ ايتري همت هوندي جو اهي ٻاهر جي ڪنهن به فون تي پنهنجا فيصلا تبديل نه ڪندا، پر بعد ۾ جڏهن ارسا جي اجلاس ۾ وفاق جو ميمبر بشير احمد ڏهر سي-جي لنڪ ڪئنال کولڻ واري فيصلي تي ”ها“ ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته ٻئي ڏينهن بقول بشير احمد ڏهر جي ته شفقت مسعود وفاقي وزير راجا پرويز اشرف وٽ پهچي ميٽنگ ڪرڻ کانپوءِ بنا ڪنهن ڪورم جي پرواهه جي، سي-جي لنڪ ڪئنال 10 هزار ڪيوسڪ سان وهائي ڇڏيو، اهڙي خبر واري پريس بيان ۾ هن بشير احمد ڏهر جي ”ها“ به پنهنجي طرفان لکي ڇڏي، نه رڳو هن ائين ڪيو، پر پوءِ پنهنجي هر پريس بيان ۾ ڪورم جي قانون کي ٽوڙي اڪيلي سر فيصلي ڪرڻ واري عمل جو دفاع به ڪندو رهيو ته ساڳئي وقت پروٽوڪول جون حدون ٽوڙي سنڌ جي صوبائي وزير مراد علي شاهه خلاف بيان بازي به ڪندو رهيو، جنهن مان اوهان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پارليامينٽ کي ملندڙ اهڙي بريفنگ، جنهن جي صدارت راجا پرويز اشرف ڪري ۽ ارسا چيئرمين جون وقتي ذميواريون شفقت مسعود ادا ڪري ته اها بريفنگ ڪيتري حقيقت تي ٻڌل هوندي؟ پنجاب جو نمائندو شفقت مسعود، جنهن جي پٺيان شهباز شريف اهو چئي ته پاڻي جي مسئلي تي هڪ انچ به پٺتي نه هٽنداسين، راجا پرويز اشرف جا ارسا کي ”انصاف“ تي ٻڌل فيصلا ڪرڻ جي هدايت ۽ راجا رياض جا ”چڱو ٿيو بشير ڏهر پاڻ ئي هليو ويو“ جهڙا بيان ۽ ”قدم بڙهائو شفقت مسعود، هم تمهاري ساٿ هين“ جهڙي خاطري ڪرائي ويندي هجي ته ظاهر آهي هو پنهنجو پاڻ کي شير ئي سمجهندو، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ جيڪي ٻه نقطا اٿاريا، اهي هئا سي-جي ڪئنال بند ڪرايو وڃي ۽ ارسا ايڪٽ جي خلاف فيصلو ڏيندڙ شفقت مسعود کي هٽايو وڃي، پر شفقت مسعود جي 6 جولاءِ واري فيصلي کي ارسا ايڪٽ جي خلاف قرار ڏيڻ باوجود نه شفقت مسعود هٽيو ۽ نه ئي سي-جي لنڪ ڪئنال بند ٿيو، پر بقول سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه جي ته تڪڙو ارسا جو اجلاس گهرايو ويو، جنهن ۾ ارسا جي نئين چيئرمين رقيب خان پاران 3 ڏينهن کانپوءِ سي جي لنڪ ڪئنال کولڻ وارو فيصلو ڪرائي شفقت مسعود جي فيصلي کي نه رڳو جسٽيفاءِ ڪيو ويو، پر سنڌ جي وڏي وزير جي شفقت مسعود کي هٽائڻ واري مطالبي کي به رد ڪيو ويو. رقيب خان جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ شفقت مسعود هارائيندڙ ميمبر جهڙي انداز ۾ شرڪت ڪئي هئي، جنهن جي پڄاڻي تي سندس چهري تي خوشي واري انداز مان ئي اندازو ٿي ويو ته سنڌ پنهنجو ڪيس هارائي چڪي آهي. جتي بلوچستان پنهنجي ميمبر محمد امين کي هٽائي ڇڏيو هجي، پر وفاقي حڪومت اهڙي نوٽيفڪيشن تي عمل ڪرڻ کان پرهيز ڪئي هجي، جتي خيبر پختونخوا جي امان گل خٽڪ جي استعيفيٰ منظور ٿيندي هجي ۽ سنڌ جي ميمبرن کي ڌمڪيون ملنديون هجن، اتي ارسا جي پنهنجي ايڪٽ جي خلاف ورزي ڪندڙ شفقت مسعود کي سزا کان آجو قرار ڏيڻ سان سنڌ ۽ بلوچستان کي سوچڻو پوندو ته سندن نوٽيفڪيشن ۽ مطالبن جي اهميت ڪيتري آهي. zguramani@yahoo.com