ڪامڻ ڪر گيو ڙِي!
اڱارو 14 فيبروري 2006ع
ڪائنات جي يادگيريءَ واري صندوق جي جهڙتي وٺجي، ته ان مان هٿ لڳندڙ وڌ ۾ وڌ ڳهه ڳٺا ۽ مال ملڪيتون شايد عشق ۽ آرٽ جو ئي سرمايو نظر اچن. مري ته عقل ۽ ادراڪ به نٿو، پر عشق ۽ آرٽ جو اثر ۽ سحر ته نئين ڏينهن نرالو آهي. ٿري لوڪ گيت وانگر عشق ته آهي ئي ڪامڻ. جڏهن ڪنهن ڀِٽ جو لَڪ پار ڪندي، وڄ جهڙو وراڪو ڏئي لنگهندڙ ٿرياڻي:
”ڪامڻ ڪَر گيو ڙي....“
جهونگاريندي آهي، ته بلهي شاهه جو گهنگهرو ٻڌي، گهٽي گهٽيءَ ۾ رقص ڪرڻ واري مامَ ڳجهه رهي ناهي سگهندي. جنهن شخص پنهنجو سفر ”بُلهيا! ڪي جاڻان مين ڪون“ سان شروع ڪيو هو، سو انت تي پهچي ايئن چوڻ لڳو هو:
گور گيا ڪوئي هور،
بلهي شاهه اسين مرڻا ناهين!
آخر اهڙو ڪهڙو جادو هٿ لڳو هو بلهي شاهه کي، جنهن کيس اهڙو حيرت جهڙو اعتماد بخشيو هو؟ اهو جادو، ڀلا عشق کان سواءِ ٻيو ٿي به ڪهڙو ٿو سگهي؟!. اهو عشق ئي ته آهي، جنهن ڪيئي زمانه اڳ جي عام ۽ معمولي ڪردارن کي به اڄ تائين زندهه پئي رکيو آهي. نه ليليٰ وٽ لتا منگيشڪر جهڙو آواز هيو، نه مجنونءَ وٽ ڪبير ۽ ڀٽائيءَ جهڙي ڏات. ميهار هڪڙو عام مينهون چارڻ وارو هيو، ته سهڻي هڪ سادي سودي شڪل صورت واري ڳوٺاڻي عورت، سڏو نت ۽ سارنگا جا خاندان کڻي ڏوڪڙ پئسي وارا سهي، پر اڄ انهن جي ملڪيت ته ڪنهن کي ياد ناهي رهي، نه ئي ان جو ڪٿي نالو نشان ئي باقي آهي. پر پوءِ به ڇو ڪارونجهر واسي ايئن ٿا چون، ته جڏهن سانوڻيءَ ۾ مينهن اوڙڪون ڪري وسندو آهي، تڏهن ڪارونجهر جا مورَ پهاڙن ۾ سڏونت ۽ سارنگا لاءِ رڙيون ڪندي ٻڌبا آهن؟. اهو جادو نه آهي ته ڇا آهي؟ هڪڙا عام، روايتي، سادا سودا، غربت ۾ گذاريندڙ ڪردار تاريخ، سماج ۽ زندگيءَ لاءِ انقلاب جو نعم البدل بڻيلآهن. انهن ڪردارن انتهائي غير محسوس طريقي سان سماجي تاڃي پيٽا بدلايا آهن. روايتن جي بچاءَ بند کي کاڌ هنئي آهي، انهن جا بنياد لوڏيا آهن. شاهه جا ڪردار، جيڪي محبت جي ڪنهن به سائنسي فلسفي کان اڻ واقف آهن، سي اڄ سنڌي سماج جي ذهني، شعوري ۽ نفسياتي ڀرجهلائيءَ جو سبب آهن. جيڪڏهن اهي ڪردار ڏند ڪٿائون نه به آهن، تڏهن به وقت جي ڦيري ۽ سگهڙن جي فن انهن کي يوناني ۽ هندي ديو مالا جي ڪردارن برابر ضرور آڻي بيهاريو آهي. پر اهي ڪردار اڄ به سنڌي سماج ۾ Exist ڪن ٿا، پنهنجي هجڻ جو احساس ڏيارين ٿا ۽ پنهنجي سماج لاءِ زندهه فردن کان به وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. نيٺ به، عشق جي اهڙي اسرار کي، ڪهڙو نالو ڏجي؟! سچ پچ به، عشق پنهنجي جوهر ۾ ڪنهن پهتل بزرگ ۽ وليءَ جهڙو ئي آهي. جڏهن اهو پنهنجي عصا سڌي ٿو ڪري، ته درياهه هٽي، کيس رستو ڏئي ٿا ڇڏين. هو جڏهن مايوسين، محرومين، ناڪامين ۽ نظر اندازيءَ جي ڪوڙهه ۾ ورتل دلين تي هٿ ٿو ڦيري، تڏهن اهي پل کن ۾ شفاياب بڻجي ٿيون وڃن. روايت آهي ته جڏهن ڪبير گذاري ويو، ته سندس پوئلڳ پاڻ ۾ اٽڪي پيا. هڪڙن چيو، کيس ڌرتيءَ جي هنج ۾ ڏينداسين، ٻين جو ضد هيو ته کيس اگنيءَ حوالي ڪري، سندس ارٿيءَ وسيلي به جوت پکيڙينداسين. اوچتو ڇا ٿيو، ته کٽ تي رکيل ڪبير جو لاش ڏسندي ئي ڏسندي گلن جي ڍير ۾ بدلجي ويو. اڌ گل ساڙيا ويا، اڌ گلن جي تدفين ڪئي وئي. جيڪڏهن هيءَ رڳي روايت آهي، تڏهن به عشق جي معجزن ۾ ايمان جو ئي هڪ مثال آهي. ڇو ته عشق اهڙا معجزا ڏيکاري سگهندو آهي. سنڌ جي هڪ شاعر مشتاق قريشيءَ کي، دنيا جڏهن وفا ناٿن شاهي سڏڻ لڳي هئي، ته هن ان جو ڪريڊٽ به عشق کي ئي ڏنو هيو:
مونکي دنيا وفا وفا ٿي سڏي،
معجزو تنهنجي پيار جو آهي!
عشق جون هزار تشريحون ٿي سگهن ٿيون، پر دل جي اکين سان ڏسبو، ته اهڙي هر تشريح عشق جي اصُل کان هزارين ميل پري ئي بيٺل نظر ايندي. سائنس چوي ٿي، ته جن ماڻهن جا جينس هڪ ٻئي کي ڪشش ڪن ٿا، تڏهن ڪشش جي ور چڙهيل دليون هڪ ٻئي جي ڌُن تي ڌڙڪڻ لڳن ٿيون. صوفي چون ٿا، ته عشق پاڻ کي دريافت ڪرڻ جو عمل آهي. پاڻ کان پاڻ تائين پهچڻ جو رند ۽ پنڌ آهي. سچل ان کي ”هڪ خيال جو ٻئي خيال سان ملي هڪ ٿيڻ“ سڏي ٿو. ڪوئي چوي ٿو، ته عشق پنهنجيءَ ذات تي ڪنهن ٻئي جي ذات کي ترجيح ڏيڻ جو نالو آهي.... ٿي سگهي ٿو، اهو سڀ ڪجهه صحيح به هجي، پر دل جي ان ڪيفيت کي اڃا تائين ته ڪا به تشريح اظهار ڏيڻ ۾ ناڪام ئي رهندي پئي اچي، جيڪا جڏهن وچڙندي آهي، ته کڄندڙ ساهَه ٽٽل مالها بڻجي ويندا آهن. جيڪا چئن نيڻن جي هڪ ٿيڻ سان، ڪائنات جي سموري بي چيني پنهنجي روح ۾ لهندي محسوس ڪندي آهي ۽ ان بي چينيءَ ۾ ئي چين محسوسڻ لڳندي آهي. بسنت جي آمد، دلين جي آجيان جو انتظام ڀانئبي آهي. چريائيءَ جو اهو الائي ته ڪهڙو قسم آهي، ۽ نفسياتي ماهرن وٽ ان سموريءَ ذهني صورتحال جو الائي ته ڪهڙو نالو هجي، پر جڏهن به ڪٿي ڪنهن دل جو پير ٿِڙي ٿو، اکين ۾ سمنڊ ڇلڪڻ ٿا لڳن، تڏهن نه اوندهه اوندهه ٿي رهي، نه روشني روشني. زندگيءَ کي رنگن ۾ بي رنگي ۽ بي رنگيءَ ۾ رنگ ڏسڻ ۾ ٿا اچن. پر ڇا بسنت کان هڪ ڏينهن جي پنڌ تي بيٺل محبتن جو هي ڏينهن، ڪنهن جي زندگيءَ ۾ محبتن جي سرخوشي به آڻي سگهي ٿو؟اهو ڪيئن ٿو چئي سگهجي. محبت ته وقت ۽ وٿيءَ جي قيد کان گهڻي مٿانهين آهي. اها ته هجر ۽ وصال جي فرق ۾ به يقين نٿي رکي. رسول حمزه توف جي لکيل هڪ حڪايت ٿي ياد اچي. پهرئين پيار ۾ ورتل هڪ الهڙ ڇوڪري، برفباريءَ جي صبح جو جڏهن ڪمري جي دري کولي آرس ڀڳو، ته چيائين: مار! ٻاهر ڪيڏا نه گل ٽڙيا آهن. سندس ماءُ حيرت مان چيو: ”ڪٿي آهن گل؟ ٻاهر ته رڳي برف ئي برف آهي“. اهو ئي فرق آهي محبت ۽ بي محبت اکين جي وچ ۾. محبت کي هر طرف گل ئي ٽڙيل نظر ايندا آهن، بي محبت اکيون برف ئي برف پيون ڏسنديون آهن. هر مند ۾ گلن کي ٽڙندو ڏسڻ واري ئي حالت آهي، جنهن ۾ محبوب جي صورت ڏسڻ کان سواءِ ڏيئا به روشني ڏيڻ کان نابري واري بيهندا آهن.
بِن پيا، جوت مندر اندهيارو
ديپ دائي نه آوي.
(پِيا جي جوت سواءِ، مندر ۾ اوندهه ئي اوندهه آهي-ڏيئو به ڪم ڇڏي ويو آهي- ميران ٻائي)
هيءَ اها ئي ميران ٻائي آهي، جنهن کي پنجن سالن جي عمر ۾ ڪو ساڌو ڪرشن جي مورتي ڇا ڏئي ويو هو، هيءَ ته جهڙوڪ سراپا ڪرشن ٿي وئي هئي. هوءَ راجپوتانه جي رياست ميڙتا جي مشهور راٺوڙ راجا ويرم ديو جي ننڍي ڀاءُ رتن سنگهه جي اڪيلي ڌيءُ هئي ۽ سندس شادي چَتور جي راجا رانا سانگا جي وارث ڀوڄراج جهڙي وڏي راجا سان ٿي هئي-پر هن ته، سڀ راجائي ريتن رواجن کي هڪ ٺوڪر سان ٺڪرائيندي چيو هو:
رانا جي، مجهي يه بدنامي لگي ميٺهي
ڪوئي نِندو، ڪوئي وِندو،
مين تو چلون گي چال انوٽهي!
۽ هن عشق جي اها ”چال انوکي“ اپنائي، جو ڪرشن جي عشقَ هن کي نگر نگر گهنگهرو ٻڌي نچايو.چون ٿا، ته پنجابيءَ جو وڏو شاعر وارث شاهه عشق جي راهه اختيار ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪن ٻين رمزن کي ڄاڻڻ ۾ رڌل هيو، پر جڏهن هڪ اٺڻيون چاريندڙ خانه بدوش بلوچن جي شادي شده عورت ڀاڳ ڀريءَ جي عشق ۾ وڃي اڙيو، تڏهن چوندو ٿي وتيو:
سانُون جوگ دي رِيجهه تروڪني سي
جَدون هير سيال محبوب ڪِيتي
ڇَڊ ديس شريڪ قبيلڙي نُون
اسان شرم دي ترڪ حجوب ڪِيتي.
بنگال جو پنج سئو سال اڳ جو شاعر چنديداس هڪ ڌوٻڻ راميءَ جي عشق ۾ رڱجي، نيهن جا لازوال نغمه تخليق ڪرڻ لڳو هو. اردوءَ جو مشهور شاعر ثناءُ الله ڊار، هڪ ڇوڪري ميرا سين جي محبت جو شڪار ٿي، سڄي حياتيءَ لاءِ ميراجي بڻجي ويو. عشق اهو ڪجهه ئي ڪندو رهيو آهي. ماڻهُوءَ جي اڳين شخصيت ۽ سڃاڻپ کي ڌوئي رکندو آهي. هڪ عام، سطحي، رواجي ۽ ڊڄڻي شخص کي ماري، ان منجهان ئي هڪ نئون، نرالو، غير روايتي ۽ اڏول شخص کي ڳولي سامهون آڻيندو آهي. اهو سڀ ڪجهه ڄاڻڻ کان پوءِ به ڪيئن چئجي، ته اڄ جڏهن محبتن جو عالمي ڏينهن سنڌ ۾ به هلي آيو آهي، تڏهن ان جي هٿن ۾ جهليل گلاب رڳي ان ڪري وٺڻ کان انڪار ڪجي، ڇاڪاڻ ته ”ويلنٽائن“ مغربي رسم آهي؟!.
ishaqsamejo@yahoo.com