محترم ڄام ساقي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏7 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ڇا سڀ اسان جي تقدير جو لکيو آهي؟



    اڱارو 18 اپريل 2006ع

    گاڏين جي گهڻائي آهي، پر ڪروڙين ماڻهو ٽرانسپورٽ جي اذيت پيا لوڙين، موبائيل فونن جي ڪثرت آهي، پر پاڻيءَ جي سخت اڻاٺ آهي. لگزري هائوسنگ اسڪيمون پکڙجي رهيون آهن ۽ آباديءَ جي اڪثريت ماني ٽڪر کان محتاج آهي. حڪومتي دعوائن موجب ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، پر هر طرف خانه جنگي جاري آهي. هٿيار جام آهن، پر ڪروڙين ٻار اگهاڙي پير گهمي رهيا آهن. بجلي جيتري مهانگي آهي، اوتري ئي ان جي سپلاءِ ناقابل اعتبار آهي. هڪ پاسي منرل واٽر جو ڪاروبار تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي ته ٻئي پاسي گندي پاڻيءَ جي ڪري بيمارين جي وَبا سوين زندگين کي موت ڏيئي رهي آهي. پرائيويٽ اسڪولن ۽ تعليم جو ڪاروبار جوڀن تي آهي، پر آباديءَ ۾ ناخواندگي (اڻ پڙهيائپ) وڌي رهي آهي. غريبن لاءِ علاج عذاب بنجي ويو آهي، پر اميرن لاءِ فئنسي ڪلبون ۽ جم فيشن بنجي رهيا آهن. اميرن جي شاديءَ جي وڳن ۽ خرچن تي ڏيکاءَ جو خرچ ايترو آهي، جو ان مان غريبن جا گهر سالن تائين هلي ٿا سگهن. پر اڄ ڪلهه چُلها ٺري رهيا آهن، مالي ترقيءَ جي شرح ۾ جيترو واڌارو ٿي رهيو آهي، سماجي غريبي اوتري ئي وڌي رهي آهي.

    مرسڊيز، رولسن رائيس ۽ بي ايم ڊبليو جهڙين مهانگين ڪارن جا شو روم کلي رهيا آهن ۽ ريلوي جو ڍانچو ايترو پراڻو ۽ ناڪاره ٿي چڪو آهي، جو گاڏين جا حادثا وڌي رهيا آهن. محفوظ ترين سفر جو ذريعو هاڻي سڀ کان خطرناڪ ٿي چڪو آهي، ڀاڙا ايترا وڌي چڪا آهن ۽ ڍانچو ايترو ڳري چڪو آهي، جو سفر هاڻي انگريزي وارو Suffer بنجي چڪو آهي.

    ٽيلي ويزن ڪيبل ننڍن ڳوٺن تائين پهچي چڪو آهي، پر نيڪال جي نظام جي ناڪاره هجڻ جو حال اهو آهي، جو گهٽيون ۽ بازارون غلاظت جو ڍير بنجي چڪا آهن. سياست ڪاروبار بنجي چڪي آهي. وزيرستان کان بلوچستان تائين رت ۽ باهه جي راند پئي هلي، پر حڪومت اهڙي راند کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي. هر طرف قهرام متل آهي، پر حڪمران پنهنجو پاڻ ۾ اعزاز پيا ورهائين.

    حڪومتي ڪارڪردگي سماج لاءِ ٽانڊو بڻجي ان جو جسم ساڙي رهي آهي، ۽ ماڻهو دردن جي دارون لاءِ سڏڪي ۽ رڙيون ڪري رهيا آهن، هر طرف تڪليف آهي، ڏک آهي، نيم مفلوجي جي حالت آهي. غربت، بيروزگاري، بيماري ۽ مفلسي جي عذابن ۾ محنت ڪش اداسي ۽ نااميديءَ جي رڻ ۾ رڙيون ڪري رهيا آهن. حڪمراني ان سماجي ماٺار تي قائم آهي، جنهن ماٺار جي هيٺان ڪيترو طوفان ۽ انتشار آهي، حڪمرانن کي ان جو اندازو ئي ناهي، ڇاڪاڻ ته انهن جو اصل معاشري سان ڄڻ ته هر ناتو ڪٽيل آهي. انهن جي طرز زندگيءَ جي ڀيٽ جيڪڏهن عام ماڻهن سان ڪبي، ته لڳندو ڄڻ اهي ڪنهن ٻئي گرهه جي مخلوق آهن. انهيءَ ڪري ئي انهن جي ترقي اسان جي تنزلي آهي، انهن جي عظمت اسان جي ذلت آهي، انهن جون خوشيون اسان جا ڏک آهن، انهن جي ڪاميابي اسان جي ناڪامي آهي، جيستائين انهن جي حڪمراني رهندي اسان ايئن ئي رهنداسين.

    سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اهو سڀ ڪجهه ائين ئي هلندو رهندو؟ تاريخ شاهد آهي ته محنت ڪش روز روز نٿا اٿن، پر جڏهن احتجاج تي لهي ٿا اچن ته گهڻو ڪجهه بدلائي ٿا ڇڏين، ڇاڪاڻ ته انهن جو حق نه ڏيندڙ چند آهن، ۽ محنت ڪش ڪروڙن ۾ آهن. اصل طاقت جو سرچشمو عوام آهي، پر انهن مٿان چند ماڻهو قابض آهن. اسان جي سوچن کي زخمي ڪري اسان جي احساسن کي ڦٽي ۽ اسان جي شعور کي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر اهو سلسلو هاڻي گهڻو نه هلي سگهندو، ڇاڪاڻ جو انسان کي جيئڻو آهي، پنهنجي بقا لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي، نه ته ان جو وجود نه رهندو. ڏک ڪاوڙ ۾ ٿو بدلجي، ڪاوڙ ۽ نفرت بغاوت جي شڪل ٿا اختيار ڪن ۽ جڏهن ڪروڙ جي ڪاوڙ گڏ ٿي ٿئي، تڏهن حاڪمن جون محلاتون به ڀُري پونديون آهن، انهن جو ڍانچو ڊهڻ شروع ڪندو آهي.

    اها بيوسي، اها غربت، اها مهانگائي، اها حالت اسان جو مقدر ناهي. اها هن نظام اسان جي تقدير ۾ لکي آهي، ۽ اسان کي ان جو باندي بڻائي رکيو آهي. اسان کي پنهنجي تقدير بدلائڻ لاءِ هاڻي اٿڻو پوندو.
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ڄام ساقي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڪارنهن جي الزام هيٺ ايندڙ ڳاڙهيون!



    جمع 14 اپريل 2006ع

    ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ”غيرت مند“ هٿان ڪنهن زمين جي معاملي تان يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري خون ٿي پوي ٿو ته پوءِ هو سوچي ٿو ته هاڻي ڦاسيءَ کان ڪيئن بچان؟ سو گهر وڃي ڪنهن ڌي، ڀيڻ يا زال کي قتل ڪري اهو چئي وڃي ٿاڻي ۾ پيش پوندو آهي ته، ”اها فلاڻي ماڻهوءَ سان ڪاري هئي، تنهن ڪري ڪارو ۽ ڪاري ٻئي ماريا اٿم.“ هڪ ڀيري هڪ سيشن جج ڪنهن ڪچهريءَ ۾ ڳالهه ڪئي ته ڪنهن همراهه کان زمين جي معاملي تان قتل ٿي پيو، پوءِ قاتل گهر ڏانهن ڀڳو. اتفاق سان ان مهل گهر ۾ نه هن جي زال هئي، نه وري ڀيڻ، سو پنهنجي ستر سالن جي ماءُ کي ٻنيءَ تي گهليندو آيو ۽ ان کي مقتول جي لاش جي ڀرسان اڇلائي ماءُ مٿان ڪهاڙين سان وار ڪري کيس قتل ڪري وڌائين. ان کان پوءِ ٿاڻي تي پيش پيو ۽ بيان ڏنائين ته فلاڻي همراهه کي مون پنهنجي ماءُ سان اعتراض جوڳي حالت ۾ ڏسي ٻنهي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ جڏهن ڪيس هليو ته جج شايد معاملي کي سمجهيو، سو کيس ڦاسيءَ جي سزا ڏنائين. يعني همراهه حرام به کاڌو ۽ ڪک به نه ڀريس.

    ان کان سواءِ لالچ ۾ به اهڙي عمل جو هڪ ڪارڻ هوندو آهي. ڪو همراهه پنهنجي زال، ڀيڻ يا ڌيءُ کي قتل ڪري ڪنهن ٻاهران آيل سڀڻي همراهه کي ڪارو ڊڪليئر ڪري پويان پوندو آهي. پوءِ جرڳا، فيصلا ڪوٺايا ويندا آهن، جن ۾ ڳالهه اتي اچي کٽندي آهي ته هيترا ڪي هيترا لک ڏئي ته پوءِ کيس ڳاڙهو (بي گناهه) قرار ڏجي، نه ته ڪارو ڪري قتل ڪنداسين. اڪثر حالتن ۾ اهو همراهه چٽي ڀري جان ڇڏائيندو آهي، ڇاڪاڻ جو سمجهندو آهي ته هن بي حياءَ پنهنجي گهر جي بي گناهه عورت قتل ڪئي آهي، سو مون کي به ضرور ماريندو. ڪٿي همراهه ڪنهن ننڍي نيٽي ڇوڪريءَ سان شادي جي لالچ ۾ به زال کي ماري وجهندا آهن. چئي ڪاري هئي، پوءِ ڪنهن کي ڪارو قرار ڏيئي ڏنڊ يا س۾ چٽيءَ ۾ وٺندا آهن ۽ ان سان شادي ڪري ويهي رهندا آهن. ڪجهه عرصو اڳ خيرپور ضلعي جي هڪ دوست ڳالهه ڪئي ته ڳوٺ جو هڪ پوڙهو شخص سڪرات ۾ هو ته ڳالهه ڪيائين ته وڏيري جي چوڻ تي ڪافي ڇوڪريون ڪاريون ڪري مارايون اٿم، هاڻي شل خير ٿئي. بقول ڪراڙي جي ڪا خوبصورت ڇوڪري وڏيري سان نه ٺهندي هئي ته ان جي وارثن کي وڏيري جي چوڻ تي طعنو ڏيندو هوس ته هروڀرو اڇا ڪپڙا ٿا پايو، اوهان جون عورتون (ماءُ، ڀيڻ ۽ زال) ته وتن ٿيون جهنگ لتاڙينديون. پوءِ وارث شڪ ۾ ان کي ماري ڇڏيندا هئا. باقي جيڪا ڇوڪري يا عورت وڏيري سان ٺهي ويندي هئي، ان ڏي خير هو. هاڻي خدا تعاليٰ شل انهن بي گناهه عورتن کي مارائڻ جو گناهه معاف ڪري.

    ڪجهه عرصو اڳ شڪارپور ضلعي جي هڪ ڳوٺ جون ٻه ڇوڪريون عابده ۽ تهمينه ڳوٺاڻن ڏي گهمڻ ويون ته کين ڪاريون ڪري ماريو ويو ته گهران ڇو نڪتيون. وري هيومن رائيٽس ڪميشن ۽ ٻين سمجهدار ماڻهن پاران اهو ٿيو جو جرڳو ڪوٺائي انهن کي بي گناهه (ڳاڙهيون) قرار ڏنو ويو. پر پوءِ جهالت جو زور وڌيو ته هاڻي وري انهن کي مرڻ کان ڪافي عرصو پوءِ ڪاريون قرار ڏنو ويو آهي. تازو لاڙڪاڻي جي چاليهه عالمن جي پاران فتويٰ ڏني وئي آهي ته ڪنهن به انسان کي ڪارو يا ڪاري قرار ڏيئي قتل ڪرڻ قتل آهي ۽ مذهب ۾ حرام آهي. اهڙن عالمن کي ”علماءِ حق“ چيو ويندو آهي ۽ چوڻ گهرجي. انهن ڳالهين جو صاف مطلب اهو ٿيو ته ڪارو ڪاري طور ڪنهن کي قتل ڪرڻ جي نه مذهب ۾ اجازت آهي، نه اخلاقي ۽ نه قانوني طور اجازت آهي. ان لاءِ علم جي روشني ۽ سجاڳي پکيڙڻ ضروري آهن. ان معاملي تي ساڃاهه وند ماڻهو فوري طور تي ڪا مهم نه هلائيندا ته هيءُ جيڪو روز اخبارن ۾ ٻه يا ٽي قتل ڪارنهن جي نالي ۾ رپورٽ ٿين ٿا، ان مان شايد ئي جان ڇٽي سگهي. ڪي سردار ته باقائدي ڪارين جو ڪاروبار ڪندا آهن، وٽن سام پيل ڪاريون وڪڻي هو مال ڪمائيندا آهن، ان ڪري اهي به مالي مفاد جي ڪري اهڙي جهالت کي هٿي ڏيندا آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ڄام ساقي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سنڌ جو بي پهچ ماڻهو ۽ پوليس راڄ!



    جمع 05 مئي 2006ع

    اسان جو ملڪ به عجب ملڪ آهي. ڪڏهن ٻارن کي گرفتار ڪرڻ جي خبر ٿي اچي ته ڪڏهن ٻارن کي هٿ ڪڙيون ۽ پير ڪڙيون هڻڻ جي خبر تي اچي. ڪڏهن ڪڏهن ته پوليس جاچ دوران تشدد ڪندي ماڻهو ماريو ٿي وجهي، ته ڪڏهن وري ڪوڙا مقابلا ڏيکاريو انهن ماڻهن ۽ نوجوانن کي ماري ٿي وجهي، جن کي ڪجهه عرصو اڳ گهران گرفتار ڪري آندو ويو هو. اها ئي صورتحال آهي، جنهن کي اسين قانون، سياست ۽ اخلاق جي زبان ۾ پوليس راڄ ٿا چئون.

    توهان کي ياد هوندو ته ذوالفقار علي ڀٽي شهيد پنهنجي ڪتاب ”جيڪڏهن مون کي قتل ڪيو ويو...“ ۾ لکيو هو ته منهنجي قتل کان پوءِ 2 ڳالهيون ٿينديون: ”هڪ اها ته پوءِ علحيدگي جي تحريڪن کي روڪي نه سگهبو ۽ ٻيو ته پوءِ پاڪستان پوليس اسٽيٽ بنجي ويندو.“ هاڻي اسين اهو ئي ڏسي رهيا آهيون.

    اهو مڃون ٿا ته پوليس، تعليم توڙي هر کاتي ۾ پگهارون گهٽ آهن، جڏهن ته اصولي طرح سڄي ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار سون جي هڪ تولي جي برابر هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو مهانگائيءَ يا سستائيءَ جو مسئلو سون ۽ ڊالر سان ڳنڍيل رهي ٿو. زندگيءَ جو گهربل سامان مهانگو ٿيو ته اوترو سون ۽ ڊالر جي قيمت وڌندي ۽ سامان سستو ٿيو ته اوترو سون ۽ ڊالر جو اگهه گهٽبو. ائين ڪرڻ سان اسين رشوت به ختم ڪري سگهون ٿا.

    پر پوليس جو معاملو مختلف آهي. اها انگريزن اهڙي طريقي سان ٺاهي هئي، جو ان جي مدد سان هندوستان جا ڪروڙين ماڻهو ڪنٽرول ڪري سگهجن. پگهار گهٽ رکي وئي، جو هو باقي ماڻهن مان ڦري کائين ۽ ائين عوام ۽ پوليس وچ ۾ نفرت جو رشتو هجي. اوهان ڏسو ڪو شاگردن جو جلوس پيو اچي، ان لاءِ ڪلارڪن، استادن يا ٻين ملازمن کي چئبو ته لاٺي چارج ڪيو ته هرگز نه ڪندا، پر پوليس کي اشارو ڪبو ته اها ڪڙڪي پوندي. اها ماڻهن ۽ حاڪمن وچ ۾ نفرت جي ديوار ٺاهي ويئي ته جيئن حاڪم بچيل رهن ۽ سڄي نفرت پوليس لاءِ هجي. ٻيو ته پوليس غير مقامي رکي ويندي هئي ته متان مارڪٽ ڪندي ان کي ڪو حياءُ يا رحم نه اچي وڃي. عملي طرح اڄ به پوليس انگريزن جي ٺاهيل 1861ع واري قانون موجب قائم آهي ۽ هلي رهي آهي، يعني 1857ع واري آزاديءَ جي جنگ کان پوءِ عام ماڻهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٺاهي ويئي هئي.

    هڪ وڏي ۽ عجيب ڳالهه اها به آهي ته پوليس جون پگهارون پاڪستان ۾ هڪ جيتريون نه آهن. پنجاب جي سپاهيءَ جي پگهار سنڌ جي سپاهيءَ کان ماهوار هڪ هزار رپيا وڌيڪ آهي. اهو الائي ڪٿان جو انصاف آهي؟ حڪمران پوليس کان ناجائز ۽ غير قانوني ڪم وٺڻ لاءِ وڏا اختيار ۽ گهٽ پگهار ڏين ٿا. انگريزن جي ملڪ انگلينڊ ۾ پوليس جو سپاهي نرم دل ۽ مٺو ڳالهائيندڙ هوندو آهي. ان جا ٽي وڏا ڪارڻ آهن، هڪ ته پگهارون وڌيڪ آهن، ٻيو ته انهن جي تعليم ۽ تربيت سٺي آهي، ٽيون اتي دائمي طرح جمهوريت آهي ۽ اتي جو عوام سجاڳ آهي. ڪنهن غير قانوني حرڪت ڪئي ته ان کي سپريم ڪورٽ تائين نه ڇڏيندا.

    اسان جي ملڪ ۾ به جڏهن ايوب خان جي حڪومت خلاف وڏي هلچل هلي هئي، تڏهن ماڻهن جي سجاڳي ۽ موڊ جي ڪري سپاهي سڌري ويا هئا. اهو معاملو وڏي حد تائين جمهوريت سان لاڳاپيل هوندو آهي. ملڪ ۾ فوجي ڊڪٽيٽرشپ هوندي ته سپاهين کي ڪيئن قانون ۽ اخلاقيات تي عمل سيکاري سگهبو.

    خير هينئر ته اهڙن واقعن تي اعليٰ عدالتن پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ شروع ڪيا آهن، ۽ پريس وارا به هاڻ ظلم ۽ ڏاڍ جي واقعن کي وائکو ڪري، ان جو ڪنهن قدر تدارڪ ڪن ٿا. پر اصل ڳالهه اها آهي ته اسان مان هر ڪنهن کي سٺي ۽ مهذب شهريءَ جو فرض نڀائڻو پوندو ۽ هر ڏاڍ جي ڪارروائيءَ خلاف ترت آواز اٿارڻو پوندو، تڏهن ئي ملڪ ملير ٿي سگهي ٿو.

    ڪوآپريٽو بئنڪن جي ملازمن ۽ سوسائٽين جي رجسٽرارن گڏجي ملڪ جا گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو ستر ارب رپيا کاڌا آهن، جو قومي سوسائٽيون ٺاهي قرض ڏنا ويا. قانون موجب ڪڏهن به ثابت ٿئي ته فرضي سوسائٽيون هيون ۽ پئسا کاڌا ويا آهن ته واسطيدار سرڪاري عملدارن کان وصولي ڪرڻي آهي، پر جيئن ته اهي سڀ آفيسر آهن، ان ڪري ڪڏهن نالو ملندڙ جلندڙ هجڻ ڪري هاري يا ننڍا زميندار گرفتار ڪيا وڃن ٿا، پر ڪامورا هڪ ٻئي جو تحفظ ڪن ٿا، ان ڪري آفيسر گرفتار نه ٿيا آهن، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سپريم ڪورٽ اهڙي معاملي جو نوٽيس وٺي هارين ۽ ننڍن زميندارن جون گرفتاريون بند ڪرائي ۽ واسطيدار آفيسرن کان ويل ناڻو وصول ڪرائي.
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ڄام ساقي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    عوام جي اثاثن جو وڪرو ۽ حڪومتي بي حسي!



    اڱارو 09 مئي 2006ع

    شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن اڃا ڪوٽ لکپت جيل ۾ هو، تڏهن روز صبح جو هاءِ ڪورٽ وٺي وڃڻ لاءِ ڪو ايڊيشنل ايس پي يا ڪو سينئر ڊي ايس پي ايندو هو. هڪ ڏينهن نوجوان ايڊيشنل ايس پي ڀُٽي صاحب کان پڇيو ته، سائين قدرت توهان کي وري موقعو ڏنو ته ڇا ڪندئو؟ ڀُٽي صاحب چيو ته، ”قدرت وري موقعو ڏنو ته آئون اهو ڪندس جو ماڻهو لينن ۽ مائوزي تنگ کي وساري ويهندا. مون هروڀرو جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کي بخش ڪيو، جن ۾ ڪا چڱائي ڪا نه هئي.“ اها ڳالهه سڄي ملڪ ۾ ڦهلجي ويئي، پوءِ سڄي ملڪ جي ڀوتارن فيصلو ڪيو ته، هاڻي ڀٽو صاحب جيل مان زنده ٻاهر نه اچڻ گهرجي، نه ته اسان جا لاهه ڪڍي ڇڏيندو. سو اهي عوام ۾ اها پروپيگنڊا ڪرڻ لڳا ته، ڪجهه به نه ڪيو، ”صاحب“ جي جان کي خطرو ناهي، ايران، سعودي ۽ ڪرنل قذافي چئي ڇڏيو آهي، ان ڪري سڀ خير آهي. عوام ان ڏٽي ۾ اچي ويو، ۽ ڀوتار ضياءَ سان ملي ويا.

    پوئتي پيل معاشرن جي هڪ ٽرئجڊي انهن جي ثقافتي پسماندگي هوندي آهي، ۽ هن ثقافتي پسماندگي جي علامت انهن معاشرن ۾ فرد ۽ شخصيت جي باري ۾ وڌاءَ تي ٻڌل سماجي نفسيات هوندي آهي. غربت ۽ محروميءَ جي گهرائي ۾ ٻڏل عوام سماج تي ڇانيل مختلف مشهور شخصيتن ۽ خاندانن جي باري ۾ قياس آرائين ۾ رهندو آهي. اهي قياس آرائيون انهن کي حقيقت مان ڪڍي ديومالائي داستانن ۽ افسانن جو ڪردار ٺاهي ڇڏينديون آهن. اسين انهن جا نوان ڪردار تخليق ڪرڻ لڳندا آهيون ۽ پوءِ انهن قياس آرائين جي ذريعي حڪمران شخصيتن کي محنت ڪشن تي حاوي ڪري ڇڏيندا آهيون. اسان انهن داستانن جا ايترا عادي ٿي ويندا آهيون، جو حڪمران ان جو استعمال ڪري اسان کي محڪوم بنائي ڇڏيندا آهن. اسين پنهنجي ليڊرن جا خواب ايتري شدت سان ڏسندا آهيون، جو اهي زنده حقيقتون بنجي ويندا آهن، پوءِ جڏهن اهي خواب ڳرڻ لڳندا آهن، تڏهن اسين جاڳڻ کان ڊڄڻ لڳندا آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان جي ئي سپنن ۽ امنگن مان ٺهيل ليڊرن جي اصليت کي حقيقت جي روپ ۾ ڏسڻ کان اسان لنوائيندا آهيون.

    هڪ آمريڪي سفارتڪار جان گابرٿ ننڍي کنڊ جي سياست جي باري ۾ چيو هو ته، اها هڪ ترقي يافته قسم جي منظم افراتفري آهي. موجوده حڪومت ۽ حڪمران پارٽين جو واحد اصول بي اصولي آهي ۽ انهن جو ڪردار رڳو طاقت جي غلامي ڪرڻ آهي. هن سماج ۽ ان ۾ رهڻ وارن محروم ماڻهن کان حاڪمن جي بي نيازي ايتري آهي، جو انهن جا عمل ۽ بيان پورهيتن جي تڪليف واري زندگيءَ سان مذاق ٿا لڳن. جيڪڏهن اسين مخالف ڌر جي سياسي جماعتن جو جائزو وٺون ته ڪيئي ڀيرا ائين ٿو محسوس ٿئي ته مشرف سرڪار پنهنجي طاقت جي زور تي نه، پر مخالف پارٽين جي ڪمزورين جي ڪري تڳي رهي آهي. جيڪڏهن موجوده سرڪاري ڌر وٽ ملڪ جي ٻرندڙ زخمن ۽ مسئلن جو حل ڪونهي ته مخالف پارٽين وٽ به غريبن لاءِ ڪو پروگرام ڪونهي. ايم ايم اي ته عجيب بازي کيڏي آهي، جو اهي سرڪار ۾ به آهن ته سرڪار جو ٻيڙو ٻوڙڻ جون هوائي خبرون به ڪن ٿا، هو جنرل مشرف جا ساٿي به آهن ته وردي لاهڻ جون ڳالهيون به ڪن ٿا.

    سڀ گڏجي آمريڪا کي راضي رکڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن، پر اهو عراق ۽ افغانستان جي ڌٻڻ ۾ اهڙو ته ڦاٿل آهي، جو اتان صحيح سلامت نڪرڻ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. ڪجهه عرصو اڳ حبيب بئنڪ پنهنجي هڪ سئو ارب رپين جي اثاثن سميت فقط ٻاويهه اربن ۾ ڏني ويئي آهي، جڏهن ته هڪ گراهڪ پنجٽيهه اربن جي ٻولي به لڳائي هئي، پر فائيل تي نوٽ هنيو ويو ته اهو گراهڪ غير سنجيده آهي، ان ڪري فلاڻي (پنهنجي) صاحب کي ٻاويهه اربن ۾ ڏيون ٿا.

    ان کان سواءِ اسٽيل مل به ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪئي ويئي آهي. اها به شايد ايڪيهه يا ٻاويهه اربن ۾ وڪرو ڪئي ويئي آهي، جڏهن ته ان جي چيئرمين جنرل پرويز مشرف صاحب کي خط لکيو هو ته، هن مل جا اثاثا 6 سئو اربن کان وڌيڪ هئا ۽ يارنهن اربن جو رڳو خام لوهه پيل هو. زميني ملڪتي الڳ آهي. اها لٽ مار ئي ته آهي، جنهن ڪري تازو 3 مئي تي آمريڪا جي هڪ اداري پاڪستان کي ناڪام رياستن مان نائون نمبر قرار ڏنو آهي. هاڻي جڏهن دنيا، خاص طرح ڏکڻ آمريڪا ۾ چونڊن ذريعي سوشلزم لاڳو ٿي رهيو آهي ۽ اتي هاڻي سئي گئس ۽ پئٽروليم جون صنعتون قومي ملڪيت ۾ ورتيون پيون وڃن، تڏهن نه رڳو پرائيويٽائيزيشن ڪرڻ غلطي آهي، بلڪه سوشلزم تان هٿ به ڪو بزدل يا مفاد پرست ئي کڻي سگهي ٿو.

    آمريڪا جي آئرن ليڊي عرف ڪونڊو ليزا وزارت خارجه وارو عهدو قبول ڪرڻ واري تقرير ۾ فقط وينزويلا جي صدر ڪامريڊ هوگو شاهه ويز جو نالو دشمن طور ورتو، معنيٰ آمريڪا جي دشمني مسلمانن بدران اصل ۾ غريب عوام جو ڀلو چاهيندڙن سان آهي. اٽليءَ ۾ کاٻي ڌر وارن چونڊن ۾ وڌيڪ سيٽون کنيون آهن. ايتري قدر جو هندستان وانگر اتي به اسپيڪر ڪامريڊ ٿيو آهي. نيپال جي عوام هڙتالن ۽ جلوسن ذريعي بادشاهه سلامت کي شڪست ڏني آهي، پارليامينٽ بحال ٿي آهي. ان جدوجهد جي پٺيءَ جو ڪنڊو ڪامريڊ هئا.

    پاڪستان ۾ هن سڄي راند ۾ عوام پريشان آهي، ان جي زندگيءَ ۾ عذاب روز بروز وڌي رهيا آهن. ڪيڏانهن ڪا واٽ نظر نه پيئي اچي. عوام جي روايتي پارٽي پيپلز پارٽي، ان جي قيادت عوام کي اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏيڻ جي پروگرام بجاءِ، آئين، جمهوريت ۽ قانون جو راڳ ٻڌائي رهي آهي.

    فرينچ سرمائيدارن جي هڪ خاص نمائيندي ۽ فرانس جي ڪنهن زماني جي صدر چارلس ڊيگال چيو هو ته، ”محنت جو سرمائي سان اتحاد نٿو ٿي سگهي، عوام جو حاڪمن سان الحاق نٿو ٿي سگهي. اهي هڪ ٻئي سان ٽڪراءَ ۾ آهن، هڪ جو وجود ٻئي لاءِ اذيت ۽ عذاب آهي. انهن جا طبقاتي مفاد هڪ ٻئي جي نفي ٿا ڪن. هاڻي سوال اهو آهي ته ڪنهن جو وجود وڌيڪ ضروري آهي. زندگيءَ لاءِ ۽ انسانيت لاءِ محنت جو يا سرمائي جو؟
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ڄام ساقي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    قومي اسيمبليءَ جا وڏا تڪ ۽ وچولي طبقي جي پهچ



    خميس 11 مئي 2006ع

    اسان جي ملڪ ۾ انگريزن ۽ وڏن ماڻهن ملي هڪ عجيب قسم جي منصوبا بندي ڪئي، جو قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا تڪ تمام وڏا رکيا ويا آهن. اهي ايترا ته وڏا آهن جو اليڪشن مهم وقت حلال جي ڪمائيءَ وارو، وچولي طبقي وارو يا دانشور ته سوچي ئي نٿو سگهي ته ان خرچ کي پورو پوي، جڏهن ته دنيا ۾ پنجاهه هزارن، پنجهتر هزارن جي آباديءَ تي تڪ آهن، بلڪه البانيا ۾ ته ڏهه هزار ماڻهن تي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿو چونڊجي. انگلينڊ، جيڪو ملڪ ”جمهوريت جي ماءُ“ ٿو سڏجي، ان ۾ پنجاهه هزار کن تي قومي اسيمبليءَ جي سيٽ آهي. فرانس ۾ پنجهتر هزار ماڻهن تي اسيمبلي ميمبر ٿو چونڊجي. اٽليءَ ۾ پنج ڪروڙ آبادي تي هزار کان وڌيڪ ميمبر آهن، يعني لڳ ڀڳ اڻونجاهه، پنجاهه هزار جي آباديءَ تي قومي اسيمبليءَ جي سيٽ آهي، جڏهن ته اسان وٽ ڏهن ۽ پندرهن لکن جي آباديءَ تي هڪ سيٽ آهي. اها اهڙي ناانصافي آهي، جنهن ڪري محب وطن، دانشور رڳو اليڪشن مهم جي خرچ جي ڪري ئي اليڪشن ۾ نٿا بيهي سگهن. ان ڪري ضرورت آهي ته آئيني ترميم ڪري ملڪ ۾ قومي اسيمبليءَ جون سيٽون ايتريون وڌايون وڃن، جو پندرهن ڪروڙ آباديءَ تي گهٽ ۾ گهٽ ٽي هزار قومي اسيمبليءَ جا ميمبر چونڊجڻ گهرجن، تڏهن ئي عوام جي ڀلي وارو قانون، آئيني ترميمون يا نئون سٺو عوام دوست آئين ممڪن آهي.

    هينئر سنڌ ۾ عجب صورتحال آهي، جو سنڌي وزير اعليٰ هئڻ جي باوجود ڪراچيءَ ۾ روز سنڌين جا گهر پيا ڊاٺا وڃن، ڪڏهن هڪ ڳوٺ کي ٿو نوٽيس ملي، ڪڏهن ٻئي کي، ائين ماڻهن جا اجها ڊاهي انهن کي اٽي، لٽي ۽ اجهي لاءِ لاقانونيت طرف پيو ڌڪيو وڃي. پر متحده وارن کي به اهو سوچڻ گهرجي ته هي همراهه انهن ڪارروائين سان ڪراچيءَ جي غريب ماڻهن جي گهرن کي غير محفوظ ڪري رهيا آهن، جنهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي ڊٺل ڳوٺن جمع ڳوٺ ۽ سڪندر ڳوٺ کان سواءِ ٻيا ڳوٺ عمر مارئي ڳوٺ ۽ بختاور ڳوٺ به خطري هيٺ آهن. سڪندر ڳوٺ ۾ ٿيل ڪارروائيءَ ۾ ئي ماڻهو شهيد ٿيا آهن، پر مخدوم جميل الزمان ۽ سسئي پليجو کان سواءِ ڪو به نه پهتو آهي. اها ميار سنڌ جي وڏي وزير تي به لڳي ٿي، ته قائم علي شاهه تي پڻ.

    اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي 2005ع جي رپورٽ موجب: رڳو 2005ع ۾ 35 لک ماڻهو بيروزگار ٿيا آهن. انهيءَ بک ۽ بيروزگاريءَ هوندي به جيڪو مهانگائيءَ جو راڪاس پيو لامارا ڏئي، اهو به وڏو عذاب آهي. ٿورڙي ڀيٽ ته ٿا ڪريون ته پاڻ حيران ٿا رهجي وڃون. بينظير ڀٽو جي وقت ۾ اٽو پنج رپيا ڪلو هو، هاڻي پندرهن رپيا ڪلو آهي. تڏهن کنڊ پندرهن رپيا ڪلو هئي، هاڻي چاليهه رپيا ڪلو آهي. پيٽرول ۽ گاسليٽ جا اگهه به ٻيڻ ٽيڻ تي وڌي چڪا آهن. جيستائين مولوي سڳورن جو تعلق آهي، انهن جا ته اهي مسئلا ئي ڪونهن، اهي ويچارا هونئن به فارسي پهاڪي وانگر ”نيم درون، نيم برون“ آهن. ان ئي روش ۽ عمل سبب انهن جي اتحاد ايم ايم اي کي، ملان ”ملٽري- الائنس“ ڪري سڏيو پيو وڃي. اهڙي حالت ۾ پيپلز پارٽي ۽ ان ۾ موجود ڪامريڊ لڏي جون ذميواريون ڪجهه وڌيڪ آهن. روئڻ يا گهرڻ کان سواءِ ماءُ به ٻار کي کير نه ڏيندي، هي ته وري به جنرل جي حڪومت آهي، هر معاملي تي جلسا جلوس ڪڍڻ ۽ سگهاري احتجاج کان سواءِ ڪو به فرق نه پوندو. اسان جي ملڪ جا مولوي حضرات، انقلاب فرانس جي ٻي اسٽيٽ وانگر اندران ئي اندران سرڪار سان ٺهيل آهن. انهن ۾ گهڻو آسرو رکڻ بجاءِ پراڻي پهاڪي وانگر، ”اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوي.“ اسان جي ملڪ ۾ 1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جيڪي زرعي سڌارا ڪيا، اهي ڪافي حقيقي آهن، پر جاگيردارن نوڪر شاهيءَ سان ملي ڪوڙيون داخلائون ڪرائي زمين بچائي. ڪيترا ته زمين فرضي زالن ۽ نه ڄاول ٻارڙن جي نالي داخل ڪرائي بچائي ويا. نه رڳو اهو، پر ڪافي ساري زمين لکو ولد پنجو يا جهنگل ولد منگل ۽ اهڙن ٻين ڪوڙن نالن تي داخل ڪرائي قبضو برقرار رکيو ويو. نالا به اهڙا لکرايا ويا، جيڪي عجيب هئا، ان خيال سان، ته متان ڪي همراهه واقعي اهڙن نالن سان موجود هجن ۽ اچي قبضو ڪن، سو جهنگل ولد منگل جهڙن نالن تي زمين جي داخلا رکرائي قبضو ڪيو ويو. رڳو اهي ڪوڙا کاتا ڪينسل ڪري زمين حقيقي هارين کي ڏني وڃي ته اسان جي ملڪ جو زرعي مسئلو، پيداوار جو مسئلو ئي حل ٿي سگهي ٿو. باقي رهيا سکڻا معاهدا ۽ قانون، ته انهن بابت فرانس جي اڳوڻي صدر چارلس ڊيگال چيو هو ته، ”اهي خوبصورت عورتن ۽ گلاب جي گلن وانگر ستل رهن ٿا.
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ڄام ساقي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    عوامي اثاثن جو وڪرو ۽ پورهيتن جي بيروزگاري!



    اڱارو 16 مئي 2006

    اڄ اسين انساني تاريخ جي ان دور ۾ پيا رهون، جتي زندگي تمام مشڪل ٿي چڪي آهي، حاڪم طبقا پنهنجي نفعي کي وڌائڻ لاءِ پورهيتن جي زندگين کي جهنم بنائي رهيا آهن. باروزگار ماڻهن کي بيروزگاريءَ جي دوزخ ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي. اسان جي آڏو پي ٽي سي ايل (ٽيليفون کاتي) جي نجڪاري خلاف پورهيتن جي عظيم جدوجهد آهي، جڏهن حاڪم پورهيتن جي هلايل هلچل آڏو بيوس نظر اچي رهيا هئا. پر واپڊا جي پورهيتن تي نظر وجهون ٿا ته اها ٽيليفون کان ڪافي ڀيرا وڌيڪ طاقتور آهي. جيڪڏهن واپڊا جي نجڪاري ڪيئي ويئي ته سڀ کان پهرين وڌيڪ ڀيانڪ اثر واپڊا جي پورهيتن تي پوندو. ان سان گڏو گڏ پندرنهن ڪروڙ عوام، جن جي اڪثريت غربت جي ليول کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي، (يعني ورلڊ بئنڪ مطابق سندن ڪمائي ٻه ڊالر روز کان گهٽ آهي، مطلب سراسري طرح ڏيڍ سئو روپين کان گهٽ آهي) انهن لاءِ بجليءَ جو استعمال خواب بنجي ويندو ته پوءِ سوال اهو آهي ته آخر نجڪاري ڪنهن جي فائدي لاءِ پئي ڪئي وڃي؟

    ٿورڙو غور ڪرڻ سان پتو پوي ٿو هڪ پاسي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ڪري زندگي سولي ٿيڻ گهربي هئي، پر ائين نه ٿيو آهي، پاڻ وڌيڪ مشڪلاتون آڏو آيون آهن. پورهيتن سالن جا سال جدوجهد ڪري جيڪي حق حاصل ڪيا هئا، اهي کسڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، جن ۾ روزگار جو حق، پينشن جو حق، مفت علاج جو حق، ٻارن جي مفت تعليم جو حق وغيره شامل آهي. ان جي بدران ڪانٽريڪٽ مزدور ۽ ڏهاڙي مزدور رکڻ جون سازشون پيون سٽجن، جنهن مان مٿي ذڪر ڪيل سڀ حق کسجي ويندا.

    نجڪاريءَ جو مسئلو رڳو پاڪستان يا ان جي ڪنهن هڪ ٻن ادارن جو ناهي، اهو هينئر عالمي مسئلو آهي. اسين فرانس ۾ پورهيتن جي تازن جلسن جلوسن ۽ هڙتالن کان ڀلي ڀت واقف آهيون، جيڪي لکين پورهيتن ۽ نوجوانن کي سواءِ ڪنهن اطلاع يا نوٽيس جي نوڪرين مان ڪڍڻ خلاف ٿي رهيون هيون. پاڪستاني حاڪم ٻاهرين طاقتن جي فائدن کي وڌائڻ لاءِ هر ڪم ڪري رهيا آهن، جيئن جنهن ٻاهرين ڪمپني فون کاتو ورتو آهي، ان کي منٿون پيا ڪن ته هو سودي تان ڦري نه وڃي، ان ڪري اها ڪمپني هنن کان پنهنجا شرط مڃائي رهي آهي، جن مان هڪ ڀيانڪ شرط ورڪرن جي تعداد ۾ اڌو اڌ ڪمي ڪرڻ آهي.

    جيڪڏهن واپڊا جي نجڪاري ٿئي ٿي ته بجليءَ جو استعمال هڪ خواب بنجي ويندو ۽ واپڊا جي ملازمن کي گهٽائڻ سان لکين پورهيت دربدر ٿي ويندا. اها ئي صورتحال بئنڪن، اسٽيل مل ۽ ٻين ادارن جي آهي. واپڊا جي پورهيتن جو هٿ نه هلي ته ڪٿي به ڪو بلب ٻري نه سگهندو. ٽيليفون جي ملازمن جو هٿ نه هلي ته ڪٿي ڪا فون جي گهنٽي نه وڄندي.

    اڄ جيڪي سيمينٽ جون قيمتون آسمان سان پيون ڳالهيون ڪن، ان جو هڪ وڏو سبب روهڙي سيمينٽ ورڪس ۽ زيل پاڪ سيمينٽ جي نجڪاري آهي. زيل پاڪ سيمينٽ فيڪٽري پنهنجي وقت ۾ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي سيمينٽ فيڪٽري هئي، پر پوءِ ان کي نجڪاريءَ جي نظر لڳي ته مزدور دربدر ۽ سيمينٽ مهانگو ٿي ويو. اها نواز شريف صاحب سيد غوث علي شاهه جي وفاداري ۽ ڪارڪردگيءَ مان خوش ٿي ڏني هئي. هن فيڪٽريءَ جي اصل قيمت ڏيڍ سئو ڪروڙ روپيا هئا، ٽيهه ڪروڙ روپين جو رڳو خام مال فيڪٽري ۾ پيل هو، پر اها ڀڳڙن مٺ تي چوٽيهه ڪروڙ روپين ۾ ڏني ويئي، جيڪا سائين غوث علي شاهه جي هڪ فرنٽ مين خريد ڪئي. طئي اهو ٿيو ته ٻاويهه ڪروڙ روپيا هينئر ڏيو، باقي ٻارنهن ڪروڙ پوءِ ڪمائيءَ مان ڏجو.

    هاڻي ريلوي ۽ پي آءِ اي به خطري ۾ آهن. ”مال مفت دل بي رحم آهي“، اهي ملڪي ۽ قومي اثاثا ڀڳڙن جي مٺ تي برباد ڪري رهيا آهن. ائين ڄڻ ته پاڪستان جي هر شيءِ وڪري لاءِ مارڪيٽ ۾ موجود آهي، پر ان کي ملڪ جو پورهيت ۽ محب وطن عوام ئي ٻڌي جي ذريعي هلچل هلائي روڪي سگهي ٿو. سنڌ ۾ دادو شگر ملز ۽ ٺٽو شگر ملز کي هلائڻ بدران بند ڪري ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪيو ويو. پنجاب ۾ ڪماليه شوگر ملز ۽ سرحد ۾ خزانه شگر ملز کي پڻ قومي ملڪيت ۾ هلڻ ڏيڻ بدران ڀڳڙن مٺ تي ڪجهه سيٺين کي وڪرو ڪيو ويو. نتيجو اهو نڪتو جو کنڊ جي قيمت ٽيڻ تي وڃي پهتي ۽ هزارين پورهيت بي روزگار ڪيا ويا. اهو سنئون سڌو عوام دشمني ۽ تباهيءَ جو رستو آهي، ان ڪري ان ڳالهه جي اشد ضرورت آهي ته نه رڳو سڄي ملڪ جا پورهيت، پر سڀ سياسي جماعتون پرائيويٽائيزيشن (نجڪاري) خلاف آواز اٿاري ملڪ کي وڏي بحران کان بچائين.

    هتي مزدورن جي جائز مطالبن کي مڃڻ بدران ڪراچيءَ ۾ لٺين سان ڪٽيو ويو، ڳوڙها آڻيندڙ گئس اڇلائي ويئي ۽ عورتن کي وارن مان جهلي گهليو ويو. جيڪا وحشانيت جي حد آهي ۽ ملون هلائڻ ۽ گولڊن شيڪ هينڊ ڏيڻ جا ڪيل واعدا وساري عذاب نازل ڪيو ويو. اهي سڀ ڪارروائيون ڪرڻ کان اڳي سرڪار کي نتيجن تي ضرور سوچڻ کپي.
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ڄام ساقي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    عراق: آمريڪا لاءِ ٻيو ويٽنام



    خميس 11 جنوري 2007ع


    صدام حسين جي ڦاسي کان پوءِ عراق جي صورتحال جو جائزو وٺڻ ان لاءِ به ضروري آهي، جو هاڻي دنيا ۾ جيڪي تبديليون ٿي رهيون آهن، اهي عالمي طور تي سامراجي منصوبن کي ناڪام بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪنديون. ڏسڻ ۾ ايئن پيو اچي ۽ پنهنجو تجزيو به وڃي اهو بيٺو آهي ته هاڻي سامراجيت دم ٽوڙي رهي آهي ۽ سرمائيدارانه نظام جو ساهه اچي نڙيءَ ۾ اٽڪيو آهي. لاطيني آمريڪا سامراج کي جيڪي دلي صدما پهچايا آهن، اُهي ڦٽ اڃا ڇُٽا ئي نه ته وري وچ اوڀر آمريڪي سامراج کي سوڙهو ڪيو آهي. لبنان ۾ اسرائيل ۽ ان جي استاد گهر آمريڪا کي جيڪا شڪست آئي، ان مظلوم قوتن کي هڪ وڏو اتساهه ڏنو، پر وري ان سان گڏ ٽراٽسڪي جي ان عظيم تجزيي کي صحيح ثابت ڪيو ته اڄ سڄي تاريخ جو بحران سُسي اچي قيادت جي بحران ۾ ڦاسي پيو آهي. جڏهن 3 0 0 2 ع ۾ آمريڪا عراق تي حملو ڪيو، تڏهن آءِ ايم ٽي تجزيو پيش ڪيو هو ته عراق آمريڪا لاءِ ٻيو ويٽنام ثابت ٿيندو. اهو تجزيو ڪيترو نه درست هيو، جو اڄ آمريڪا عراق ۾ نه ويهي سگهي ٿو، نه اُتان ٻاهر نڪري سگهي ٿو. خود بش اهو بيان ڏنو ته عراق ۾ اسان لاءِ ويٽنام واري صورتحال پيدا ٿي آهي. اڄ وري افغانستان ۾ جيڪا مزاحمت پيدا ٿي آهي، ان ٻيهر ان تجزيي کي صحيح ثابت ڪيو آهي، جيڪو ڪجهه سال اڳ پيش ٿيو هو ته افغانستان ۾ مزاحمت ٻيهر اڀرندي.

    صدام جي ڦاسي سوچيل سمجهيل ۽ هڪ وقتائتي فصيلي کي ظاهر ڪري ٿي. جنهن وقت صدام کي ڦاسي ڏني وئي آهي، اهو ڪو حادثو يا اتفاق نه آهي. جنهن وقت صدام کي ڦاسي ڏيڻ جون ڳالهيون هلي رهيون هيون، ان دوران پينٽاگون عراق ۾ وڌيڪ 0 0 0 ،0 2 کان 0 0 0 ،0 3 هزار فوجي موڪلڻ تي بحث ڪري رهي هئي. عراق جنگ، جيڪا خود آمريڪي پورهيت عوام جو پيٽ ڪٽي ۽ انهن جي حقن تي ڌاڙا هڻي وڙهي پئي وڃي، صدام جي ڦاسي آمريڪي عوام جو ڌيان ان طرف کان هٽائڻ جي هڪ ڪوشش هئي. بش انتظاميه اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هو عراق ۾ ڪامياب ٿيا آهن ۽ اهڙيءَ طرح سان عوام جي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ به اها راند کيڏي وئي. ٻئي طرف مقتديٰ الصدر جي شيعا مليشيا، جيڪا مزاحمت ڪري رهي آهي، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ فوج جي ضرورت پڻ آهي، جنهن جو فيصلو پينٽاگون ۾ ٿي چڪو آهي، پر هتي هڪڙو مسئلو آهي. نوري المالڪي جيڪو شيعا وزير اعظم آهي، ان کي شيعن جي سپورٽ پڻ گهربل آهي. ان لاءِ به صدام کي ڦاسي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جيئن اسان ڏٺو ته ڦاسيءَ کان پوءِ شيعن جي ڪجهه حلقن خوشيءَ جو اظهار پڻ ڪيو. هڪ طرف ته نوري المالڪيءَ جي شيعن کي خوش ڪرڻ جي اها ڪوشش هئي، ٻئي طرف وري مقتديٰ الصدر تي آمريڪي حملي جون تياريون وري هڪ نئين صورتحال کي جنم ڏينديون، جيڪي وري نوري المالڪي جي شيعا حلقن ۾ حمايت کي ڌڪ رسائينديون، تنهن ڪري هن وقت نوري المالڪي وڌ کان وڌ شيعن جي حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي ۽ في الحال مقتديٰ الصدر تي حملي جي لاءِ راضي نه آهي.

    هونءَ به ڏسجي ته صدام حسين ڪو چڱو ماڻهو ڪو نه هئو، هن ڪردن جو قتل عام ڪرايو هو ۽ وڏي شيعا اڪثريت کي دٻايو هو. پر آمريڪا شيعن يا ڪردن جو هڏ ڏوکي نه آهي، ۽ نه ئي وري آمريڪا بهادر صدام کان انصاف جي تقاضائن موجب شيعن جو بدلو ورتو. جيستائين صدام آمريڪي مفادن جي حق ۾ هو، ايستائين آمريڪا هن تي گهور گهور پئي ويو، پر جڏهن صدام جو ڪردار آمريڪا جي فائدي جو نه رهيو، تڏهن هن صدام کي ڦاسي ڏئي ڇڏي.

    وڏي ڳالهه اها ته آمريڪا صدام تي جيڪو ڪيس هلايو ۽ جنهن تحت هن کي ڦاسي ڏني وئي، ان ۾ آمريڪا جو هٿ نه هو. اهو ڪيس هو دُجيل ۾ 2 8 9 1 ع ۾ 6 4 1 شيعن جي قتل بابت. جڏهن ته ان کان به وڏو قتل عام جيڪو مبينا طور تي صدام حسين ڪرايو هو، اهو هو 8 8
    õ7 8 9 1 ع ۾ ڪردن جو قتل عام، ۽ ان کان پوءِ ايران جنگ ۾ شيعن جو وحشيانه قتل عام. اهڙن ڪيس کي ڇيڙيو به نه ويو. ڇو ته ان ۾ آمريڪا جو سڌو سنئون سهڪار هو. جيڪڏهن صدام جي ڪيس کي اڃا وڌيڪ هلايو وڃي ها ته اُهي پيرا وڃي آمريڪا سامراج جي در تي نڪرن ها ۽ ان جي ڳچيءَ ۾ وڃي هٿ پون ها. تنهنڪري ئي نوري المالڪي ۽ آمريڪا صدام کي ڦاسي ڏيڻ ۾ تڪڙ کان ڪم ورتو. هن وقت فرقيوارانه فسادن کي هٿي ڏني وئي آهي، ۽ اسان ڏٺو آهي ته ان کان پوءِ فسادن ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ شيعا حلقن پڻ خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي. پر اهڙو ڊرامو گهڻو وقت ناهي هلڻو. آمريڪا صدام کي ڦاسي ڏئي شيعا حلقن کي خوش ڪرڻ ۽ خود پنهنجي عوام کي دوکو ڏيڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي آهي، اها گهڻو وقت نه هلي سگهندي. مزاحمت وري شدت پڪڙيندي ۽ جيڪڏهن آمريڪا مقتديٰ الصدر جي شيعا مليشيا تي حملي جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ آمريڪا لاءِ عراق هڪ جيل خانو بڻجي پوندو ۽ مالڪيءَ جي به اها حالت ٿيندي، جيڪا هاڻي افغانستان ۾ ڪرزئي جي آهي، جنهن جو اقتدار صرف پنهنجي محل تائين ئي محدود آهي.

    سرمائيدارانه نظام جي آخري منزل سامراجيت ئي هوندي آهي ۽ عراق، وچ اوڀر توڙي سڄي دنيا ۾ جيڪڏهن سامراجيت کي ڪا شيءِ منهن ڏئي سگهي ٿي ته اها آهي پورهيت ۽ مظلوم عوام جي ٻڌي. عراق مسئلي جو حل عراق ۽ وچ اوڀر جو سوشلسٽ انقلاب ئي آهي، جيڪو نه صرف وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪري سگهي ٿو، پر سامراجيت کي پاڙئون پٽي سگهي ٿو. پورهيت عوام جو عالمي انقلاب ئي دنيا جي مستقبل کي جنگين ۽ سامراجي ظالم کان بچائي سگهي ٿو.
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ڄام ساقي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    بنگلاديش ۾ شروع ٿيل مزاحمت جي اصل حقيقت!



    ڇنڇر 3 فيبروري 2007ع

    بنگلاديش جي هاڻوڪي صورتحال ڪيئي سوال پيدا ڪري ڇڏيا آهن. اياز الدين جو اچانڪ استعيفيٰ توڙي 22 جنوري تي رٿيل اليڪشن ملتوي ڪرڻ جي پويان رياست طرفان عوامي مزاحمت کي ڪنٽرول نه ڪري سگهڻ جو اعتراف آهي. جيتوڻيڪ بنگلاديش جي مک شهرن ۾ حالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ فوج پڻ موڪلي وئي ۽ ايمرجنسي نافذ ڪئي وئي. اياز الدين جي استعيفيٰ عوام جي ان دٻاءَ جو نتيجو هو، جنهن جي ڪري بنگلاديش ۾ زندگيءَ جو ڪاروبار ٺپ ٿي چڪو هو. عوام مظاهرن ۽ هڙتالن جي شڪل ۾ پنهنجي محرومين جو اظهار ڪري رهيو آهي، جنهن تي رياست طرفان وحشياڻو تشدد پڻ ڪيو ويو. ان تشدد ۾ 40 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ڪيا ويا. بظاهر هي جهيڙو عوامي ليگ جي ليڊر شيخ حسينه ۽ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (bnp) جي ليڊر بيگم خالده ضيا جي وچ ۾ نظر اچي رهيو آهي، پر حقيقت اڃا به ڪجهه ٻي آهي، جنهن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

    اياز الدين جي استعيفيٰ کان پوءِ پس پرده قوتن محمد يونس کي رياست جو سربراهه بڻائڻ خاطر ساڻس رابطو ڪيو، جنهن عوام جي مزاحمت کان گهٻرائجي انڪار ڪري ڇڏيو. محمد يونس اهو ئي شخص آهي، جنهن کي تازو امن جو نوبل انعام ڏنو ويو آهي. امن جو نوبل انعام ڏيڻ جو سبب هن جو گرامين بئنڪ وسيلي ننڍا قرض ڏيئي غربت گهٽائڻ هو. پر بنگلاديش ۾ هن وقت جيڪا تحريڪ موجود آهي، ان غربت گهٽائڻ جي دعوائن کي رد ڪري ڪري ڇڏيوآهي ۽ سڌارن جي ناڪاميءَ جو اعلان ڪيو آهي. ان کان پوءِ اين جي اوز جي هڪ سربراهه فضل حسين کي رياست جو سربراهه بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن پڻ انڪار ڪيو. نيٺ فخر الدين کي رياست جو سربراهه بڻايو ويو. فخر الدين ورلڊ بئنڪ جو ملازم رهي چڪو آهي، ۽ پرنسٽن يونيورسٽيءَ مان ايڪانامڪس تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي اٿس. اهڙي طرح بنگلاديش ڏکڻ ايشيا جو ٽيون ملڪ بڻجي ويو آهي، جتي ورلڊ بئنڪ جو ملازم حڪمراني ڪري رهيو آهي. ٻيا ٻه ملڪ هندوستان ۽ پاڪستان آهن.

    بنگلاديش ۾ سياسي انتشار وڌندڙ غربت، ذلت ۽ ڀوڳنائن جي عڪاسي ڪري رهيو آهي. بنگلاديش جي اڌ کان وڌيڪ آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري ٿي، ڪا به سياسي پارٽي، وڌندڙ معاشي اڻ برابريءَ کي حل نه ڪري سگهي آهي. حقيقت اها آهي جو گذريل ٻن ڏهاڪن دوران جيڪي به حڪمران آيا آهن، تن آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي پاليسين کي لاڳو ڪيو آهي، جنهن سان هڪ پاسي حڪمران طبقي ۽ سرمائيدارن جي خزانن ۾ اضافو ٿيو آهي ته ٻئي پاسي عوام غربت ۽ ذلت جي گهرائين ۾ دٻجي چڪو آهي. سياسي پارٽين طرفان بنگالي عوام جا مسئلا حل نه ڪري سگهڻ جي ڪري اُتي بنياد پرستي کي اُڀرڻ جو موقعو ملي رهيو آهي ۽ ٻئي پاسي خود عوامي ليگ ۽ بي اين پي بنياد پرستن جا پنهنجا اتحاد جوڙيا آهن. حقيقت اها آهي ته عوامي ليگ ۽ bnp بنگالي سرمائيدار جون نمائنده پارٽيون آهن. ٻنهي پارٽين طرفان عوام جو ڪو به مسئلو حل نه ڪيو ويو آهي. اهو بنگالي سرمائيدار جي تاريخي ناڪامي جو اظهار آهي. ٻئي پاسي انهن ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ جهيڙو سرمائيدارن جي ٻن ڪئمپن جي وچ ۾ سنجيده تضاد جي عڪاسي ڪري رهيو آهي ۽ اها معاشي جنگ سياسي ميدان تي وڙهي پئي وڃي.

    بنگلاديش ۾ ڪپڙي جي تمام وڏي صنعت آهي، جنهن ۾ 18 لک پورهيت ڪم ڪن ٿا، جنهن مان 90 سيڪڙو عورتون آهن. بنگلاديش جي سڀ کان وڏي ايڪسپورٽ به انهيءَ صنعت سان لاڳاپيل آهي. گذريل سال مئي ۽ جون ۾ هن صنعت ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن تمام وڏا مظاهرا ۽ هڙتالون ڪيون، جنهن بنگلاديش کي لوڏي ڇڏيو. هن صنعت ۾ پورهيتن جو تمام وڏو استحصال ڪيو ٿو وڃي. سستي محنت جي ڳولا ۾ ترقي يافته ملڪن جو سرمائيدار ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيون پنهنجون صنعتون ترقي پذير ملڪن ۾ لڳائي رهيا آهن ۽ تمام وڏو منافعو ڪمائي رهيا آهن. آمريڪا ۾ گارمينٽ جي صنعت ۾ ڪم ڪندڙ هڪ مزدور کي هڪ ڪلاڪ جا 10 ڊالر ڏنا ويندا آهن، جڏهن ته ڍاڪا ۾ هو هڪ مزدور کي 14 ڊالر ماهوار تي ملازمت ڏيئي رهيا آهن. اهو ملٽي نيشنل ڪمپنين جو وحشياڻو استحصال آهي. گارمينٽ انڊسٽري ۾ ٽريڊ يونين نه هئڻ ڪري هيءَ صنعت سرمائيدارن جي منافعن لاءِ جنت بڻيل آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي پورهيت طبقو بدحالي ۽ غربت جي زندگي گذاري رهيو آهي. انهن حالتن بنگلاديشن ۾ گارمينٽ صنعت ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن کي مزاحمت ڪرڻ تي مجبور ڪيو. مئي ۽ جون کان شروع ٿيندڙ تحريڪ آڪٽوبر جي پهرين هفتي ۾ فيڪٽرين تي قبضي تائين ڦهلجي وئي. 200 کان وڌيڪ فيڪٽرين کي پورهيتن پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺي ڇڏيو، ۽ مطالبو ڪيو ته ڪم جون بهتر حالتون ۽ پگهار ۾ اضافو ڪيو وڃي.

    هاڻوڪي سياسي انتشار جي پٺيان معاشي بيچيني ۽ پورهيتن جي وڌندڙ تحريڪ آهي. گارمينٽ فيڪٽري جا پورهيت مظاهرن ۽ هڙتالن ۾ اڳيان اڳيان آهن، ۽ انهن تي تمام گهڻو تشدد ڪيو ويو آهي. مختلف طريقن سان روڪڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ عورتن کي نشانو بڻايو ويو آهي ۽ غنڊن ذريعي پورهيتن تي حملا پڻ ڪرايا ويا آهن. اهي ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا واقعا روز جو معمول بڻجي چڪا آهن ۽ بنگلاديش جون ٻيون صنعتون پڻ اهڙي قسم جي بحران جو شڪار آهن. ٽريڊ يونين جو نه هئڻ ۽ ڪنهن سياسي پارٽي طرفان سماج جي تبديليءَ جو پروگرام نه ڏيڻ جي ڪري بنگلاديش جو پورهيت طبقو ۽ عوام پنهنجا رستا پاڻ تلاش ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ سرڪاري عمارتن کي ساڙڻ ۽ فيڪٽرين کي تباهه ڪرڻ پڻ شامل آهي. سماجي بيگانگيءَ کي جيڪڏهن ڪو مثبت رستو نه ڏبو ته انارڪي سماج جو مقدر بڻجي ويندي. ان سڄي صورتحال ۾ عوامي ليگ ۽ bnp هن وڌندڙ مزاحمت کي اليڪشن جو رخ ڏيڻ چاهين ٿا ۽ سرمائي جي سائي هيٺ جمهوريت جي ڳالهه هلي رهي آهي. جڏهن ته بنگلاديش اهڙيون جمهوريتون ڏسي چڪو آهي. بنگلاديش جي تاريخ تي نظر وجهجي ته خبر پوندي ته بنگلاديش هڪ انقلابي تحريڪ جي ناڪاميءَ جو نتيجو آهي ۽ ان انقلابي تحريڪ جي ناڪاميءَ جي ذميواري سڀ کان پهرين مائو نواز مولانا ڀاشاني تي آهي، جيڪو خود تحريڪ کان گهٻرائجي ان کي ڪو رستو نه ڏيئي سگهيو. ان تحريڪ جي ناڪاميءَ کان پوءِ انقلاب طبقاتي رخ موڙي قومي رخ تي هلڻ لڳو ۽ مجيب الرحمان جا 6 نڪتا زور وٺي ويا.

    ٽراٽسڪي چوندو هيو ته انقلاب ۽ ردِ انقلاب گڏ گڏ هلندا آهن. ردِ انقلاب حاوي ٿي ويو ۽ بنگلاديش 1971ع ۾ مالياتي سرمائي جي حڪمراني هيٺ آزادي حاصل ڪئي. ان آزاديءَ جا زخم اڄ به تازا آهن ۽ ماڻهن جي محرومين، غربت ۽ ذلت اڄ وري تحريڪ جي شڪل اختيار ڪئي آهي. ان صورتحال ۾ jsd ۽ بنگلاديش ڪميونسٽ پارٽي جي ذميواري ٿي بڻجي ته هن تحريڪ کي انقلابي پروگرام ڏين ۽ ڏکڻ ايشيا ۽ دنيا جي پورهيت طبقي کي پنهنجي حمايت جي اپيل ڪن ۽ تاريخي طور تي ناڪام بڻيل هن نظام کي آخري ڌڪ هڻندي هن نظام جو خاتمو ڪن. هن تحريڪ جي انقلابي ڪاميابي سڄي خطي ۾ باهه ڀڙڪائي ڇڏيندي ۽ ڏکڻ ايشيا جي سوشلسٽ فيڊريشن موجب بڻبي، اها ئي حقيقي آزادي آهي.
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ڄام ساقي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    عالمي معاشي پاليسيون دنيا کي ڪيڏانهن وٺي وينديون؟



    سومر 5 فيبروري 2007ع

    حڪمرانن جي سمورين دعوائن جي باوجود پاڪستان شديد سماجي، سياسي ۽ معاشي خلفشار جو شڪار آهي. انهيءَ سڄي بحران کي هتان جا حڪمران ”ترقي“ بڻائي پيش ڪري رهيا آهن.

    پوين 5 2 سالن کان پاڪستان جي هر حڪومت جون معاشي پاليسيون فرائيڊمينزم تي مبني آهن. سڀئي پاليسيون عالمي سرمائيدارانه منڊي جي بنياد تي، بين الاقوامي معاشي رجحان جي ترجماني ڪن ٿيون، جنهن جو تسلسل اسان کي پاڪستان سميت ٻين ڪيترن ئي غير ترقي يافته ملڪن ۾ آسانيءَ سان نظر اچي سگهي ٿو. انهن پاليسين کي 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ريگنامڪس(Reaganomics)، ٿيچرازم(Thatcherism) ۽ ٽِرڪل ڊائون ايڪانامڪس) Trickle down economics) سڏيو ويندو هو. هاڻوڪي دور ۾ انهن پاليسين کي منڊيءَ جي معيشت (Free market economy)، منڊي جي اصلاحات جي معيشت (Free market reforms) يا نيو لبرلزم جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.

    1945-73ع جي عرصي ۾ رياستي سرمائيداري يا ڪينشينزم، جنهن کي ٻين لفظن ۾ گهرج تي انحصار ڪندڙ معيشت (Demand side economics) سڏيو وڃي ٿو، جاري رهي. هن معاشي پاليسيءَ تحت رياست وڏي پئماني تي معيشت ۾ مداخلت ڪندي هئي. ٽيڪسن ۽ ٻين طريقن سان حاصل ٿيندڙ سرمايو معيشت ۾ لڳائي، گهرج(Demand) کي مضبوط ڪندي هئي، جنهن سان صنعتي پيداوار جي کپت وڌندي هئي ۽ سرمائيدارانه پيداوار جي شرح ترقي توڙي منافعي جي شرح ۾ اضافو ٿيندو هو. انهي پاليسيءَ جو ٻيو پاسو اهو هو ته بنيادي انفراسٽرڪچر رياستي ملڪيت ۾ هو، جنهن کي رياستي سرمائيڪاري ذريعي ترقي ڏيئي، سرمائيداري صنعت لاءِ سستي اگهه تي فراهم ڪيو ويندو هو. انهي انفراسٽڪچر ۾ هڪ صنعتي ۽ ٻيو سماجي شعبو شامل هو.

    انهي پاليسيءَ تحت يورپ ۾ سوشل ڊيموڪريٽس عمل ڪري رهيا هئا ۽ نو آبادياتي دنيا ۾ ان پاليسيءَ جي پيروي ڪيترن ئي پاپولر ليڊرن ڪئي، جن ۾ نهرو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به شامل هئا.

    ان پاليسيءَ تحت جتي صنعتي انفراسٽرڪچر ۾ ترقي ٿي، اتي سوشل انفراسٽرڪچر ۾ پڻ تمام گهڻي ترقي ٿي. عوام خاص ڪري پورهيت طبقي کي تمام گهڻيون رعايتون مليون. پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو عوام پنهنجي معيارِ زندگيءَ ۾ حقيقي تبديلي محسوس ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو ذوالفقار علي ڀٽو هڪ عوامي ليڊر ٿي اڀريو ۽ پيپلز پارٽي عوام جي ۽ خصوصي طور پورهيت طبقي جي روايتي پارٽي ٿي اڀري.

    1997ع ۾ عالمي سرمائيدارانه بحران ان پاليسيءَ جي ٽوڙ ڦوڙ جي شڪل ۾ظاهر ٿيو. ان کانپوءِ عالمي طور تي سرمائيداري نظام ٽِرڪل ڊائون ايڪانامڪس جو طريقئه ڪار اختيار ڪيو. اهڙي معيشت کي سپلائي سائيڊ ايڪانامڪس به سڏيو وڃي ٿو. انهي پاليسيءَ تحت نجي سرمائيڪاريءَ کي معيشت جي هر شعبي ۾ لاڳو ڪرڻ آهي. ان پاليسيءَ تحت سرمائيدارن جي منافعن ۾ ايترو ته اضافو ڪرڻ آهي، جو جڏهن انهن جا جام ڇُلڪن ۽ ڪجهه قطرا ڪِرن ته انهن قطرن مان محروم طبقا مستفيد ٿين. ان معاشي پاليسيءَ تحت رياست معيشت سان پنهنجو رشتو ٽوڙيندي آهي ۽ معيشت کي يعني ملڪي انفراسٽرڪچر کي سرمائيدارن ڏانهن منتقل ڪندي آهي. رياست انڪم ۽ ڪارپوريٽ ٽيڪسن ۾ ڇوٽ ڏئي، معيشت ۾ پنهنجي ڪردار کي گهٽ کان گهٽ ڪندي ايندي آهي.

    اڄ عالمي مالياتي ادارا آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ ۽ ڊبليو ٽي او واشنگٽن ڪنسينسس جي نالي تي اها ئي پاليسي لاڳو ڪري رهيا آهن. ان پاليسي تحت نجي سرمائيڪاريءَ کي وڌيڪ منافعي بخش بڻائڻ لاءِ مختلف قانون لاڳو ڪرايا پيا وڃن، جن ۾ فنانس بل، ملازمت جي طريقئه ڪار کي تبديل ڪرڻ ۽ يونين کي ڪمزور ڪرڻ به شامل آهن. انهن پاليسين کي نجڪاري، ڊائون سائيزنگ، ڊي ريگيوليشن ۽ لبرلائزيشن جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.

    پوين 15 سالن ۾ انهن پاليسين جي نتيجي ۾ هن دنيا جي تمام وڏي آبادي غربت جي لڪير کان به هيٺ هلي وئي آهي ۽ دولت گهٽ کان گهٽ هٿن ۾ محدود ٿي وئي آهي. ان سڄيءَ صورتحال کي مارڪس پنهنجن لفظن ۾ هيئن بيان ڪيو آهي:”گهٽ کان گهٽ وقت ۾ وڌ کان وڌ محنت حاصل ڪرڻ.“

    هن وقت دنيا جي 40 وڏين معيشتن ۾ 26 ملٽي نيشنل ڪمپنين تي مشتمل آهن. جڏهن ته باقي 14 معيشتون ملڪن تي مشتمل آهن. جيڪڏهن اهي پاليسيون جاري رهيون ته غربت، بيماري، بيروزگاري ۽ محروميءَ ۾ عالمي طور تي اضافو ٿيندو ۽ جنگين ۽ بربادين جو نظارو ڏسڻ ۾ ايندو. ورلڊ بئنڪ جي هڪ رپورٽ مطابق جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جي پيداوار جي شرح 10 سيڪڙو آهي ته ان جو ٽرڪل ڊائون صرف 0.25 سيڪڙو ٿيندو. هاڻي توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته اهي پاليسيون ڪيتريون نه عوام دوست آهن!!!؟

    عالمي طور تي انهن معاشي پاليسين جي نتيجي ۾ جتي قومي رياست جي ڀڃ ڊاهه جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، اتي ساڳئي وقت قومي بورجوازيءَ جي اڀرڻ جا موقعا پڻ اڻ لڀ ٿي چڪا آهن. سرمائيداري عالمي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي. سرحدون سرمايي لاءِ بي معنيٰ ٿي چڪيون آهن. اربين ڊالرن جو سرمايو بغير ڪنهن اجازت جي سرحدون پار ڪري، پورهيت طبقي جو استحصال ڪري رهيو آهي. ان سڄي ڪيفيت ۾ ڪنهن نئين قومي رياست جو وجود ۾ اچڻ اهو به سرمائيدارانه بنيادن تي ۽ قومي بورجوازي (جيڪا ٽين دنيا ۾ اڻ لڀ آهي) مان اها اميد رکڻ ته اها قومي رياست سميت پنهنجا سڀ تاريخي فرض پورا ڪندي، ڄڻ ته ديواني جو خواب آهي.

    ٻئي پاسي انهن معاشي پاليسين جي نتيجي ۾ دنيا ۾ جيڪا بيچيني موجود آهي، اها مختلف ملڪن ۾ تحريڪن جي شڪل ۾ ڦاٽي رهي آهي. خاص ڪري لاطيني آمريڪا اندر، جتي تمام گهڻي غربت ۽ محروميءَ جنم ورتو آهي ۽ اها غربت ۽ محرومي بغاوت جي شڪل اختيار ڪري رهي آهي.

    لاطيني آمريڪا ۾ سرمائيداري تاريخ جي ميدان ۾ دير سان قدم رکڻ جي ڪري، پنهنجا قومي رياست سميت ڪي به تاريخي فرض پورا نه ڪري سگهي. هاڻ اها پنهنجي ئي اندران Reforms ڪرڻ جي گنجائش پڻ وڃائي چڪي آهي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن شاويز Reforms ڪرڻ شروع ڪيا ته هن جي اشرافيه ۽ عالمي سرمائيدار هن سان مهاڏو اٽڪائي بيهي رهيو ۽ سرمائيداريءَ جي اها ڪيفيت نه صرف لاطيني آمريڪا ۾آهي، پر سڄي ٽين دنيا اندر اها ڳالهه سچ ثابت ٿئي ٿي. ان ڪري اڄ عوام جي ڳالهه ڪرڻ، نوجوانن جي روزگار جي ڳالهه ڪرڻ، نجڪاريءَ جي مخالفت ڪرڻ ڄڻ ته هن نظام جي خلاف ڳالهائڻ آهي.

    اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ پورهيت طبقي جون روايتي پارٽيون عوام کي ڪو به پروگرام نه ڏئي رهيون آهن. سڀئي جوڙ توڙ ذريعي اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن نظام ۽ ان جي رکوالن خلاف ڪير به ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي، ڇو ته ڳالهائڻ لاءِ شاويز جو جگر کپي. هي نظام پنهنجي عمر پوري ڪري چڪو آهي. هن سموريءَ صورتحال جو حل اهو ئي آهي، جيڪو شاويز حلف کڻڻ دوران ٻڌايو هو ته”سوشلزم يا موت، آئون حلف ٿو کڻان.“

    (Socialism or deth, I Take the oath.)
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ڄام ساقي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ناهموار ترقيءَ جا مزا ۽ بنيادي سهولتن جي محرومي!



    سومر 12 فيبروري 2007ع

    هڪ وڏي عرصي کان پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ کاٻي ڌرين جي اتحاد جي ڳالهه هلي رهي آهي. اخبارن ۾ سيمينارن ۾ توڙي تقريرن ۾ بار بار اهو بحث ڪيو ويندو آهي ته کاٻي ڌر جي مختلف پارٽين ۽ تنظيمن کي هاڻي متحد ٿيڻ گهرجي ۽ پاڪستان جي سياست ۾ کاٻي ڌر جي خلا کي پُر ڪجي. سرسري نظر سان ڏسجي ته اهو خيال ڏاڍو خوبصورت ۽ پريڪٽيڪل نظر ايندو ته واقعي بابا، هاڻي گهڻو ٿيو، بس کاٻي ڌر کي پاڻ ۾ ملڻ گهرجي. پر ٿورو گهرائيءَ سان ڏسجي ته ان خيال جي حقيقت واضح ٿي پوندي ۽ ان اتحاد جي اندر تضاد ۽ انتشار نظر ايندو.

    پهرين ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جي اندر ڪم ڪندڙ کاٻي ڌر هڪ موقف تي متفق نٿي ٿي سگهي. هڪڙا مائوسٽ آهن، جن جو خيال آهي ته هيءُ ملڪ زرعي آهي، تنهنڪري انقلاب جو هر اول دستو هاري آهن ۽ انهن جو سمورو سياسي ڪم به هارين جي چوڌاري ڦري ٿو. ٻيا وري اسٽالنسٽ آهن، جن جو موقف اهو آهي ته هن ملڪ ۾ انقلاب جو ڪردار سوشلسٽ نٿو ٿي سگهي، تنهن ڪري هتي پهريان سرمائيداري کي هٿي وٺرائجي ۽ پوءِ تاريخ جي ڪنهن دور ۾ سوشلسٽ تبديلي آئي ته ڏٺو ويندو. بلڪه هنن ته ”ٻن مرحلن“ واري انقلاب جي ٿيوري مان ”هڪ مرحلو“ يعني ”سوشلسٽ تبديلي“ ڪڍڻ ئي ڇڏيو آهي. اڄڪلهه هو جيڪو ڪجهه ڪن پيا، اهو سرمائيداري جي واڌ ويجهه لاءِ پيا ڪن. ايئن انهن ۾ به ڪافي ڌڙا آهن، جن مان اڪثريت جو موقف اهو آهي ته ”هڪ ملڪ ۾ سوشلزم“ لاڳو ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري ”نيشنلزم“ ضروري آهي. هڪڙا ٻيا به آهن، جن جو چوڻ آهي ته هتي هاڻي سرمائيداري جي اڀرڻ جا سڀ موقعا ختم ٿي رهيا آهن، تنهن ڪري هتي ”سرمائيداري“ وارو مرحلو هاڻي سوشلسٽ تبديلي تحت عبوري دور ۾ طئي ٿيندو.

    مارڪس جي ٿيوري مطابق سڀ کان پهريون انقلاب جرمنيءَ ۾ ٿيڻو هو، ڇو ته جرمنيءَ ۾ سرمائيداري پنهنجي عروج تي هئي ۽ اُتي انقلاب لاءِ حالتون سازگار هيون. پر ڪنهن سبب جي ڪري ايئن نه ٿي سگهيو. روس ۾ جيڪو انقلاب آيو هو، اُتي انقلاب لاءِ حالتون سازگار نه هيون، ڇو ته سرمائيداري اُتي اڃا اُسري رهي هئي. شروع ۾ لينن به ان خيال جو هو ته فيبروري 1917ع ۾ روس ۾ جيڪو انقلاب آيو هو، ان کي فرينچ انقلاب جو رخ ڏنو وڃي، پر پوءِ لينن ”اپريل ٿيسز“ لکي ۽ موقف رکيو ته، نه بابا، هتي هاڻي سوشلسٽ انقلاب برپا ڪريو ۽ سرمائيداري وارو مرحلو انقلاب جي ڇانوَ هيٺ عبوري دور ۾ طئي ڪبو. اهو تاريخ ۾ پهريون تجربو هيو جو هڪ پسمانده ۽ پٺ تي پيل ملڪ ۾ سوشلسٽ انقلاب برپا ڪيو ويو، جنهن ڪري لينن تي اهو الزام لڳو ته هو ٽراٽسڪائيٽ ٿي ويو آهي. لينن ايئن ڇو ڪيو؟ اها ڪهڙي ڳالهه هئي جو بالشويڪ پارٽي اهو سمجهندي به ته روس هڪ پٺتي پيل ملڪ آهي، ان ۾ سوشلسٽ انقلاب برپا ڪيو؟ نو آبادياتي ۽ پسمانده ملڪن ۾ انقلاب جو ڪردار ڇا هئڻ کپي؟ بورجوا يعني ”قومي عوامي جمهوري انقلاب“ يا سوشلسٽ انقلاب؟

    اهي ئي اهڙا سوال آهن، جو جيڪڏهن انهن کي سمجهبو ته پوءِ پتو پوندو ته هاڻي ڇا ٿيڻ گهرجي ۽ پاڪستان ۾ موجود کاٻي ڌر جو اتحاد ٿيڻ کپي يا نه!!

    دراصل مارڪسزم هڪ متحرڪ سائنس آهي ۽ سائنس هوندي ئي متحرڪ آهي. هتي اڪثر اهو دليل ڏنو ويندو آهي ته مارڪس جيڪا جرمني جي باري ۾ اڳڪٿي ڪئي، اها صحيح ثابت نه ٿي، تنهن ڪري مارڪس جي ٿيوري هاڻي اسان جي مسئلن جو حل نه آهي. حقيقت ايئن آهي ته ڪجهه شين کي ڇڏي ڪري مارڪس جون ڪيل اڳڪٿيون اڄ تائين درست ثابت ٿيون آهن ۽ مارڪسزم جي بنيادي آئيڊيالاجي اڄ به راهه نجات آهي. مارڪس کان پوءِ آيل مارڪسي سائنسدانن ان ٿيوري کي اڳتي وڌايو. لينن ۽ ٽراٽسڪي پهريون ڀيرو نه صرف پسمانده ملڪ روس ۾ انقلاب جي قيادت ڪئي، پر ان جي لاءِ نظرياتي بنياد پڻ فراهم ڪيا. ٽراٽسڪي جي ”ناهموار ۽ گڏيل ترقيءَ جي ٿيوري“ (Theory of Uneven and Combined Development ) ۽ ”مسلسل انقلاب جي ٿيوري“ (Theory of permanant revolution) اُهي تاريخ ساز ٿيوريون آهن، جن مارڪسزم کي باقائدهExtend ڪيو. ٽيڊ گرانٽ جا دريافت ڪيل Enterism جا قانون به مارڪسزم جو وڌاءُ ئي آهن. اڄ ڇو انهن ٿيورين کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، ۽ کاٻي ڌر جي تنظيمي سرشتن ۾ اهڙين ٿيوريز تي پابندي ڇو پيل آهي؟ صرف ٽراٽسڪي سان تعصب جي ڪري. ٽراٽسڪي جي ذاتيات تي گند اڇلائڻ کان سواءِ هتي ٻيو ڪجهه نه ڪيو ويو آهي، نه ئي هن جي نظرين تي ڳالهايو ويو آهي. اڄ جي نوجوانن کي هن جي بي بها لکڻين کان محروم ڪيو ويو آهي. دراصل پاڪستان اندر ۽ سڀني پٺتي پيل ملڪن ۾ انقلاب جو ڪردار طئي ڪندڙ اهي ٻئي ٿيوريون آهن، جيڪي ٽراٽسڪي ڏنيون هيون ۽ جن جو جيڪڏهن لب لباب ڪڍجي ته وڃي اهو بيهندو ته جيئن ته سرمائيداري پنهنجي اوسر ۽ ارتقا جي تاريخي مرحلن مان گذري ڪري يورپ ۾ داخل ٿي ۽ اُتي پنهنجا تاريخي فرض پورا ڪيائين. يعني جمهوريت کي برپا ڪرڻ، عورتن جا حق، زراعت کي انڊسٽري جو درجو ڏيڻ، مذهب کي رياست کان الڳ ڪرڻ ۽ قومي رياست قائم ڪرڻ وغيره. اهڙا تاريخي فرض سرمائيدار يورپ ۾ پورا ڪيا ۽ جڏهن سرمائيداري پنهنجي عروج تي پهتي ۽ سوشلسٽ انقلاب لاءِ حالتون سازگار بڻيون، پر آهستي آهستي سرمائيداري سامراج جي شڪل اختيار ڪئي ۽ پنهنجي سرمائي کي ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ منڊين جي تلاش ڪئي، جنهن جي ڪري سرمائيداراڻن ملڪن پسمانده ملڪن تي قبضا ڪرڻ شروع ڪيا. اهڙن نو آباد ملڪن ۾ اڄ تائين سرمائيداري صحيح نموني سان اوسر نه ڪري سگهي آهي، ڇو ته اهڙن ملڪن ۾ سرمائداراڻي ملڪن جي قبضي سبب سرمائيداري پنهنجي تاريخي ارتقا نه ڪري سگهي، ڇو ته انهن ملڪن ۾ سرمائيداري جو ڪردار ترقي پسند نه پر رجعتي هيو. اهڙا ارتقائي مرحلا سرمائيداري طئي نه ڪري سگهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ۽ ننڍي کنڊ ۾ سرمائيداري اڄ ايتري ترقي نه ڪري سگهي آهي ۽ پنهنجا تاريخي فرض به پور انه ڪري سگهي آهي، جيڪي هن يورپ ۾ پورا ڪيا. ٽراٽسڪي مطابق ته هاڻي اهڙا تاريخي فرض هڪ سوشلسٽ انقلاب برپا ڪري عبوري مرحلي ۾ طئي ڪيا ويندا. سرمائيداري ۾ هاڻي اهو حال ئي نه رهيو آهي ۽ سماج کي سرمائيداري جي رحم و ڪرم تي نه ڇڏيو ويندو، ڇو ته ان جو ڪردار هاڻي عالمي طور تي رجعتي ۽ غير ترقي پسنداڻو آهي. اهي دور گذري ويا، جڏهن سرمائيداري پنهنجي اوسر جي مرحلن ۾ ترقي پسند ڪردار ادا ڪيو هو، هڪ سوشلسٽ انقلاب ئي سرمائيداري جا باقي بچيل فرض پورا ڪندو.

    حقيقت به اها ئي آهي ته اڄڪلهه گلوبلائيزيشن ۽ ڊبليو ٽي او جي پاليسين جي ڪري قومي رياست جو اڳ ۾ جيڪو ٿورو گهڻو وجود هيو، ان کي اڄ جي سرمائي ڪيپيٽل ٽوڙي ڦاڙي ڇڏيو آهي. ماضي ۾ 69-68ع جي تحريڪ کي هتان جي کاٻي ڌر نه سمجهي سگهي ۽ تڏهن ئي اها تحريڪ کاٻي ڌر جي هٿن مان نڪري وئي، ڇو ته ان وقت موجود کاٻي ڌر جي اسٽالنسٽ نظريي مطابق پاڪستان ۾ بورجوا انقلاب برپا ٿيڻو هو، پر ان وقت موجود تحريڪ جي ڊمانڊ هڪ سوشلسٽ تبديلي هئي. اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، اُتي ترقي گڏيل طور تي ناهموار آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان ڏسون ٿا ته ٿر جهڙي پٺتي پيل علائقي ۾ موبائيل فون جو ٽاور ته لڳل آهي، پر پيئڻ جي پاڻيءَ جي سهولت موجود نه آهي، هن ملڪ ۾ ڪمپيوٽر ته آهي پر بجلي نه آهي، ائٽم بم ته آهي، پر برسات جي پاڻي جي نيڪال جو سرشتو موجود نه آهي. انهن سڀني ڳالهين سان ٽراٽسڪي جي ”گڏيل ۽ ناهموار ترقيءَ جي ٿيوري“ صحيح ثابت ٿئي ٿي. پاڪستان اندر کاٻي ڌر جو اتحاد به گهڻو ڪري ان ئي موقف تي ڀاڙي ٿو، ڇو ته اهو طئي ڪرڻ لازمي آهي ته انقلاب جو ڪردار ڇا آهي؟ جيڪڏهن سڀاڻي ڪا تحريڪ برپا ٿئي ٿي ته پوءِ واضح موقف نه هجڻ جي ڪري اهڙو اتحاد انتشار ۾ تبديل ٿي ويندو.
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ڄام ساقي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    عوامي استحصال ۽ دنيا ۾ ڪاري ناڻي جو ڪاروبار



    سومر 26 فيبروري 2007ع

    موجوده سرمائيداري نظام ۾ سڄي دنيا جي معيشت ۽ دولت گهڻ قومي ڪمپنين جي چند هٿن ۾ گڏ ٿي ويئي آهي. اڄ عالمي معيشت 22 گهڻ قومي ڪمپنين جي تسلط هيٺ آهي ۽ اُهي ڪيترن ئي ملڪن جي جي ڊي پي کان وڌيڪ دولت پنهنجي هٿ هيٺ رکن ٿيون. ان ڪري هاڻي هي سرمائيداري نظام ترقي ڏيڻ جي بجاءِ تباهي ۽ بربادي ڦهلائي رهيو آهي. سرمائيداريءَ جي سامراج ۾ بدلجڻ سان سندس ڪردار وڌيڪ ظلم وارو ٿي ويو آهي. غلامانا سماج ۾ جڏهن آقا پنهنجي غلامن کي بکيو اُگهاڙو رکي، ننڍن ننڍن ٻارن کي به سون جي کاڻين ۾ ماري ڪُٽي تشدد وسيلي ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪندا هئا، جنهن نظام کي اهي سرمائيدارانه جمهوريت جا حمايتي ”وحشي نظام“ چوندي نٿا ٿڪجن، پر پنهنجي موجوده نظام جي ظلم، جبر، بک، وحشت، بيمارين، غربت، تشدد ۽ قتل عام تي اکيون ۽ ڪن بند ڪري ويٺا آهن. آفريقا، ايشيا ۽ لاطيني آمريڪا ته هڪ پاسي، خود يورپ ۽ آمريڪا ۾ جهڙي ريت سياهه فام مزدورن جو استحصال ڪيو وڃي ٿو ۽ جهڙي ريت انهن سان سلوڪ ڪيو وڃي ٿو، اهو انتهائي نندڻ جوڳو آهي. خود آمريڪا جيڪو ”دهشتگردي“ جي خلاف جنگ جو اعلان ڪري چڪو آهي، اهو پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي ماڻهن کي، جيڪي پورهيت ۽ بيروزگار آهن، گرفتار ڪري جيلن ۾ پيو وجهي. سڄي دنيا جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ قيدي آمريڪا ۾ آهن. آخر ڇو اُتي امير طبقي جي ماڻهن کي جيلن ۾ نٿا وجهن. اهو انهيءَ لاءِ ته، رياست جو ڪردار طبقاتي هوندو آهي. طبقاتي رياست ۾ جمهوريت به هڪ طبقي لاءِ هوندي آهي ۽ طبقاتي سماج ۾ خالص جمهوريت ٿي نٿي سگهي. خود آمريڪا ۾ چونڊن ۾ آخر ڪيترا پورهيت چونڊجي سگهيا آهن؟ هڪ به نه. آخر ڇو؟ اُتي سدائين سڀ کان وڌيڪ امير ۽ اميرن جا حمايتي چونڊون کٽن ٿا ۽ طبقاتي سماج ۾ هر فيصلو دولت (معيشت) ڪري ٿي ۽ اهو دولت مندن جي حق ۾ هوندو آهي ته پوءِ انهيءَ کي ڪهڙي جمهوريت سڏجي؟

    جنهن معيشت تي قبضو سرمائيدارن جو هوندو آهي، اُتي اقتدار به انهن جو هوندو آهي. اڄوڪي سرمائيداري اها ڪلاسيڪي سرمائيداري نه آهي، جڏهن هن جاگيردارن، بادشاهن جو تختو اونڌو ڪيو هو. موجوده دور جي سرمائيداري سامراجي شڪل هجڻ ڪري بادشاهن ۽ آمرن جو ساٿ ڏيندڙ ۽ مددگار آهي. اڄ جي سرمائيداري اسٽاڪ مارڪيٽ جي جوا، پورهيت عوام جي استحصال ۽ ڪاري ناڻي جي ڪاروبار ۾ بدلجي ويئي آهي. ڪارو ناڻو ڪينسر وانگر هوندو آهي، جيڪو جسامت ۾ وڌندو رهندو آهي ۽ انهيءَ سان اهڙيون مافيائون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي سماج جي ادارن کي تباهه ڪريو ڇڏين. اهي مافيائون رياست جي ادارن کي مفلوج، جڏو ۽ مجبور بڻايو ڇڏين. موجوده دور ۾ ڪاري ناڻي ڪيترن ئي ملڪن ۽ رياستن کي يرغمال بڻائي ورتو آهي ۽ انهن ملڪن جون تباهه حال معيشتون ڪاري ناڻي جي مرضيءَ سان ڪاري ناڻي وسيلي سڪرات ۾ هلن پيون. اهڙي صورتحال ۾ به سرمائيدارانه نظام جا حامي جمهوريت ۽ قومي رياست جي خواهش رکيو پيا چون ته جيڪڏهن جمهوريت بحال ٿي وڃي يا قومي رياست بڻجي وڃي ته مسئلا حل ٿي ويندا. کين تاريخ جي 500 سالن جو سفر ياد نٿو اچي ته قومي رياستن جو ٺهڻ يا سرمائيدارانه جمهوريت جو دور ڪڏهوڪو گذري ويو ۽ گذريل دور نٿو موٽي سگهي.

    قومي رياست جا حمايتي اسان وٽ وري هندستان کي ماڊل ڪري پيش ڪن ٿا، جڏهن ته هندستان ڪا هڪ قومي رياست نه آهي ۽ نه ئي اها ملٽي نيشنل ڪمپنين جي تسلط ۽ ڪاري ناڻي کان آزاد رياست آهي. اُتان جي جمهوريت به سرمائيدارن جي جمهوريت آهي ۽ اُتي به سرمائيداري نظام آهي. سرمائيداري گلوبلائيزيشن جون سڀئي بيماريون هتي به ائين آهن، جيئن يورپ ۽ آمريڪا ۾ آهن ۽ اُتان جا سرمائيدار ڪاري ناڻي جا واپاري به سڄي دنيا جي ڪاري ناڻي جي واپارين وانگر ٻيٽن ۾ موجود بينڪن ۾ پنهنجي دولت کي لڪائي رکن ٿا ۽ ٽيڪسن کان بچن ٿا.

    ”جمهوري، سيڪولر ۽ قومي سرمائيدار“ حڪمرانن جي ملڪ هندستان ۾ به 60 سيڪڙو ڪارو ناڻو موجود آهي، جيڪو ممبئي کان ڪشمير ۽ آسام کان تامل ٽائيگرز ۽ گجرات تائين اهو ڪاري ناڻي جو زهر ڦهليل آهي. ابراهيم دائود ته نالي چڙهيل آهي ته اهو انڊر ورلڊ جو ڊان آهي پر ڌيرو ڀائي امباني ۽ لڪشمي مٺل جهڙا عالمي ارب پتي به ڪنهن کان گهٽ نه آهن. ياد رهي ته لڪشمي مٺل ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ ۾ ڪٻاڙي هو. چوڻ لاءِ ته ڌيرو ڀائي امباني يا لڪشمي مٺل ”ٽيڪس پيراڊائز ٻيٽن“ ۾ پنهنجي دولت نٿا رکن، پر ٻئي طرف لڪشمي مٺل اهو دنيا جو پنجون نمبر ارب پتي آهي، جنهن جو دنيا جي وڏن شهرن ۾ اسٽيل جو ڪاروبار ڦهليل آهي، کيس اسٽيل جو بادشاهه سڏيو وڃي ٿو، سندس دولت به ٽيڪس فري پئراڊائيز ڊچ ”اينٽا ٽيلر“ نالي ٻيٽ ۾ ضرور آهي، جنهن سان هو سڄي دنيا ۾ ڪاروبار ڪري ٿو ۽ هن به ٽيڪس کان بچڻ لاءِ انهيءَ ٻيٽ ۾ ڪمپني رجسٽرڊ ڪرائي آهي. اهڙي طرح برطانيا مان شايع ٿيندڙ ارب پتين جي لسٽ ۾ هڪ هندستاني فوجي عبدل شامجي جو نالو به آيو هو، پوءِ پتو پيو ته اهو هڪ ڏوهاري ۽ بدنام زمانه آهي. لڪشمي مٺل برطانيا جي ليبر پارٽي کي سڀ کان وڌيڪ چندو ڏئي ٿو ۽ برطانوي ارب پتين ۾ سندس شمار ٽئين نمبر تي آهي ۽ سندس اڇو ناڻو 13 ارب پائونڊ آهي. لنڊن ۾ هن هڪ محل 475 ڪروڙن خريد ڪيو آهي ۽ ڌيءَ جي شادي ۾ 250 ڪروڙ خرچ ڪيا هئا. هو پنهنجي ڪاروبار جو حساب ڪتاب لنڊن جي فرم ۾ نٿو رکي. لنڊن ۾ سندس ملڪيت آهي، جنهن جو به هو ٽيڪس نٿو ڀري، ڇو ته سندس ملڪيت جي مالڪي ڪا ڪمپني يا ٽرسٽ ڪندي آهي ۽ ٻيا به هن جهڙا ڪيترائي هندستان جا ”قومي سرمائيدار“ آهن، جيڪي ٽيڪس نٿا ڀرين. انهن جهڙو ئي هڪ ٻيو قومي سرمائيدار برلا آهي، جنهن هندستان ۾ تمام وڏو قيمتي شاندار مندر تعمير ڪرائي پاڻ کي سيڪيولر جي بجاءِ ”ڌرمي“ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڀارتيا جنتا پارٽي جا حمايتي اهڙا ئي سرمائيدار آهن، ته ڪانگريس ۾ به اهڙائي سرمائيدار حڪمران آهن.

    ماليات جي هڪ ماهر نڪ ميٿياسن مطابق: سڄي دنيا جي سرمائيدارن ٽيڪس بچائڻ لاءِ پنهنجو سرمايو ٽيڪس فري ٻيٽن جي بينڪن ۾ لڪائي رکيو آهي ۽ اهو سرمايو اٽڪل 11.5 ٽرلين ڊالر آهي، (هڪ ٽرلين معنيٰ هڪ هزار ارب). انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته برطانيا جي قومي پيداوار کان ڏهوڻ تي وڌيڪ دولت ٽيڪس فري ٻيٽن جي بينڪن ۾ پئي آهي ۽ انهيءَ ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنين جي دولت شامل نه آهي، اُها جدا آهي جيڪا سندن حصيدار مالڪ ٽيڪس کان بچڻ لاءِ پنهنجي سرمائي کي مختلف ملڪن ۾ رکن ٿا. اُتي به ٽيڪس فري زون قائم ڪيا وڃن ٿا. ٽيڪس فري ٻيٽن ۾ هر سال سراسري هڪ لک پنجاهه هزار نيون آف شور ڪمپنيون ڪارو ناڻو رکڻ لاءِ رجسٽرڊ ٿين ٿيون. هن وقت 3 6 ملڪن ۾ ٽيڪس کان بچڻ ۽ ڪارو ناڻو رکڻ جي سهولت موجود آهي.

    هندستان ۾ ڪي چند سئو (اندازن 300) ماڻهو ارب پتي آهن ۽ ڪروڙين ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، پوءِ به هن نظام کي جمهوري نظام سڏجي ٿو. هونئن ته لڪشمي مٺل هندستاني پاسپورٽ رکي ٿو پر ٽيڪس نٿو ڀري. اهڙو ئي هڪ ڪٽنب 90 ارب ڊالر جو سرمايو رکندڙ والٽن خاندان آهي، جنهن وٽ سنگاپور جي مجموعي قومي آمدني جي برابر دولت آهي، پر جڏهن سام والٽن فوت ٿيو ۽ سندس ورثو چئن ٻارن کي مليو، پر انهن ٽيڪس ۾ هڪ پئسو به ناهي ڀريو. انهن اڪائونٽس ۾ اهڙي طرح ته هيرا ڦيري ڪئي ته جيئن ٽيڪس کان بچي سگهجي. سام والٽن جي زال کي به ٽيڪس فري ورثو مليو.

    اهڙا ٽيڪس چور سرمائيدار، جيڪي وري بلڊرز آهن، سي ماريشس ٻيٽ ۾ ٽيڪس کان بچڻ لاءِ ڪمپني رجسٽرڊ ڪرائين ٿا. لڪشمي مٺل ٽيڪس بچائڻ لاءِ ڊچ ٻيٽن کي استعمال ڪري ٿو، پر سام والٽن فيملي وارا ٽيڪس بچائي پئسا ڪٿي رکن ٿا، ڪير به نٿو ڄاڻي. ماريشس ۾ هڪ بينڪ ۾ اربين ڊالرز جي ڪاري ڌن جي هيرا ڦيري جي سهولت موجود آهي. ٽيڪس کان بچڻ لاءِ جتي خيرات (چيئرٽي) کي استعمال ڪيو وڃي ٿو، اُتي پينٽگس (آرٽ) خريد ڪرڻ يا ڪروڙن ۾ فلم ٺاهڻ جي طريقي سان به ٽيڪس بچايا وڃن ٿا. اڳوڻي عراقي صدر صدام، اسامه بن لادن، فلپائن جي اڳوڻي صدر اميلڊا مارڪوس، زائر جو صدر موبوتو ۽ زيمبيا جو سربراهه رابرٽ موگابي لبنان جو اڳوڻو وزير اعظم رفيق حريري به ارب پتي شمار ٿين ٿا. بل گيٽس ته ارب پتين جو ”ڪنگ“ آهي. ڪيترن حڪمرانن پنهنجي دولت (ڪارو ناڻو) ٽيڪس بچائڻ لاءِ سوئس بينڪن ۾ لڪائي رکي آهي ۽ اهي بينڪون ايڏيون ته طاقتور آهن، جو انهن کان انهيءَ دولت جو پڇاڻو ڪير به نٿو ڪري سگهي. جنهن جو هڪ مثال اهو آهي ته هڪ دفعي آمريڪن انٽيليجنس هڪ سوئس بينڪ کان اسامه بن لادن جي سرمائي جي معلومات پڇي ته سوئس بينڪ ڪارپوريشن جي صدر ڪاوڙجي پيو. ياد رهي ته ڪيترائي کرب ڊالر جيڪي ٽيڪس پيراڊائز ۾ آهن، انهن مان 30 سيڪڙو ڪارو ناڻو سوئس بينڪن ۾ آهي.

    جيمز هائينز هڪ ڪتاب Fiscal Paradise ۾ لکيو آهي ته، جيڪي 3 6 ملڪ ۽ ڪجهه ٻيٽ ٽيڪس پيراڊائز آهن، انهن جي آبادي جو حصو دنيا جي آبادي ۾ هڪ ڏهائي ٻه سيڪڙو آهي، پر اتي دنيا جي 26 سيڪڙو دولت ۽ 31 سيڪڙو منافعو لڪايو وڃي ٿو. آمريڪا جون ملٽي نيشنل ڪمپنيون ٻڙي ٽيڪس وارن ملڪن ۾ رجسٽرد ڪيون وڃن ٿيون. هڪ اهم ڳالهه ٽيڪس چوري يا ڪاري ناڻي جي ڪاروبار ۾ وطن پرستي به وسريو وڃي. لوز يانو نالي گلوڪار وطن پرستي جا گيت ڳائي ٿو پر اهو اٽلي کي ٽيڪس نٿو ڏئي ۽ پنهنجو حساب ڪتاب اٽلي جي بجاءِ مونٽي ڪارلو جي ٽيڪس فري پئراڊائيز ۾ رکي ٿو. ڪاري ناڻي کي لڪائڻ لاءِ رڳو هڪ بينڪ جا نوي هزار ايجنٽ سڄي دنيا ۾ موجود آهن. اليڪٽرانڪ بينڪنگ جو سڀ کان وڌيڪ فائدو مافيا ۽ عالمي اسمگلر کڻن ٿا. ڪاري ناڻي جي ڪاروبار ۾ افغانستان مان 80 ملين ڊالر ساليانو اضافو هيروئن جي ڪاروبار سان ٿئي ٿو، جيڪو سعودي تيل جي سالياني آمدني کان به وڌيڪ آهي.

    جيئن ته اسان اڳ به ٻڌائي آيا آهيون ته اهو ڪاري ناڻي جو ڪاروبار آمريڪا ۾ به ٿئي ٿو. ٽيڪساس ۽ ميامي انهيءَ جا ڳڙهه آهن. O.E.C.D جيڪو 25 يورپي ملڪن جي معاشي تعاون جو هڪ ادارو آهي، انهيءَ اداري جي هڪ رپورٽ موجب دنيا ۾ 15 اهڙا عالمي مرڪز آهن، جتي ڪاري ناڻي کي اڇو ڪيو وڃي ٿو. جرمن جاسوسي اداري مطابق يورپ جي هڪ ننڍڙي پتڪڙي رياست ليچستن اسٽائن، جيڪا آسٽريا ۽ سوئيزر لينڊ جي وچ ۾ آهي، جنهن جي آبادي 32 هزار آهي ۽ 80 چورس ميل جي پکيڙ تي ٻڌل آهي، اها ڪاري ناڻي جي هڪ پئراڊائيز سمجهي وڃي ٿي. انهيءَ کان سواءِ جتي ڪارو ناڻو لڪائي رکيو وڃي ٿو، ان ۾ بهاماز (آمريڪي خوبصورت ٻيٽ) لسمن ٻيٽ، ڪڪ ٻيٽ، نيو نوارو، ڊومنيڪا، اسرائيل، لبنان، روس، فلپائن، مارشل ٻيٽ، پنامه ۽ سينٽ وسنٿ ٻيٽ ۽ گرنيڊا شامل آهن. تنهن کان سواءِ جبرالٽر ۽ آئل آف مين به ڪاري ناڻي رکڻ ۾ مشهور آهن. ڪڪ ٻيٽ ۾ اٽڪل 12 سئو ڪمپنيون رجسٽرڊ آهن.

    ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ ڪاري ناڻي جي ڪاروبار کي تمام آسان ڪري ڇڏيو آهي ۽ دولت جي مٽا سٽا آسان ۽ وڌيڪ خفيه بنائي ڇڏي آهي. هڪ بٽڻ دٻائڻ سان ڪيترائي کرب ڊالر دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ ۾ پهچيو وڃن. انهن ڪاري ناڻي جي ٻيٽن ۾ رڳو آمريڪين جا هڪ هزار ارب ڊالر کان وڌيڪ ڪارو ناڻو موجود آهي ۽ اهي آمريڪي ڪاروباري آمريڪي حڪومت جي ڪنٽرول کان ٻاهر آهن. اها صورتحال قومي رياست جي ڪمزوري کي ظاهر ڪري ٿي. اُهي ڪاري ناڻي جا واپاري جڏهن چاهين، پنهنجي دولت ڊالرن ۾ بدلائي سگهن ٿا. انهن جا اڪائونٽ خفيه آهن. انهن ٻيٽن ۾ ڪاري ناڻي کي اڇي ناڻي ۾ بدلائڻ جي سهولت ميسر آهي، اتي ڪاروبار ۽ شيئر خريد ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ڪاري ناڻي جا مالڪ بنا نالي جي خفيه ڪوڊ وسيلي پنهنجي دولت انهن بينڪن ۾ رکن ٿا. چند سال اڳ اقوام متحده جي رپورٽ موجب منشيات جي ڪاروبار ۽ ڪاري ناڻي جي صنعت 4 سئو بلين ڊالرن مان وڌي 760 ارب ڊالرن کان به مٿي چڙهي ويئي آهي. هي اها حقيقت آهي جو سرمائيداري نظام ۽ قومي رياستون، ملٽي نيشنل گلوبلائيزيشن جي ور چڙهي ترقي ڏيڻ جي بجاءِ وڌيڪ جبر ڪندڙ ٿي ويون آهن. اهو نظام ترقي ڏيڻ کان لاچار آهي ۽ زوال ڏانهن وڌندو پيو وڃي. سرمائيدارانه قومي رياست وٽ اها هاڻ طاقت ئي نه آهي ته اها ڪاري ناڻي کي ختم ڪري سگهي. هن وقت عراق، افغانستان ۽ آفريقا جي جنگين ۽ گهرو ويڙهه جي پويان ڪاري ناڻي جو استعمال ٿئي پيو. ٻئي پاسي لاطيني آمريڪا ۽ ايشيا آهن، جتي به ڪارو ناڻو دهشت سان وحشت ڦهلائي پيو. هڪ پاسي دولت چند هٿن ۾ ۽ اها به ڪاري ناڻي جي مالڪن وٽ گڏ ٿي ويئي آهي ۽ ٿي رهي آهي، ته ٻئي پاسي اربين ماڻهو، بک، بيمارين، بيروزگاري ۽ غربت ۾ وڪوڙيل آهن. سرمائيدارانه گلوبلائيزيشن جون بين الاقوامي بيماريون ۽ مصبتون آهن، جن انساني سماج کي تباهيءَ جي ڪنڌيءَ تي آڻي ڇڏيو آهي. ان صورتحال ۾ سرمائيدارانه جمهوريت ۽ قومي رياست ناڪام ثابت ٿي آهي. انهيءَ لاءِ ان نظام کي بدلائڻو پوندو. هاڻي هن دنيا کي، انساني سماج کي بچائڻ لاءِ رڳو هڪ ئي رستو بچيو آهي، سماجي انصاف ۽ برابري وارو نظام.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. شهزاد احمد انصاري

    شهزاد احمد انصاري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 نومبر 2012
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    76
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور ناٿن شاه ، دادو
    يار واقعي توهان ڏاڍو بهترين ڪم ڪيو آهي. لک لاعق.
     
  13. فيصل دايو

    فيصل دايو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Islamabad, Pakistan
    زبردست ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو