• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ننڊ هجي ته ست ڪلاڪن جي۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
ننڊ انسان جي لاءِ هڪ نعمت آهي، ڇو ته سڄي ڏينهن جي مصروفيتن بعد ننڊ جي ذريعي انساني جسم کي آرام جو موقعو ملي ٿو، جنهن سان ٿڪ لهي وڃن ٿا ۽ وري نئين سر ڪم ڪار لاءِ انسان تازو دم ٿي وڃي ٿو۔۔ خاص ڪري رات جي وقت جي ننڊ جو ته ڪو مثل ئي نه آهي، هڪ رات جي ڦٽل ننڊ کي پوري ڪرڻ لاءِ 2 ڏينهن ڏينهن جي وقت ننڊ ڪجي تڏهن به ٿڪ نه لهندو۔۔۔
خير ڳالهه هي آهي ته ننڊ انسان جي لاءِ نعمت آهي، هن ۾ ڪمي يا زيادتي ٻئي انساني صحت تي منفي اثر وجهي ٿي۔ آمريڪا جي هڪ يونيورسٽيءَ‌ ۾ انساني جسم تي ننڊ جي اثرات تي هلندڙ هڪ نئين تحقيق موجب روزانه ست ڪلاڪن جي ننڊ انسان جي ذهني ۽ جسماني صحت تي مثبت يا واڌو اثر وجهي ٿي۔ ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪي ست ڪلاڪن کان گهٽ يا وڌيڪ سمهن ٿا انهن ۾ دل جي دوري جو وڌيڪ خطرو ٿئي ٿو۔۔ ماهرن جي مطابق ننڊ جي گهٽتائي يا زيادتي جسم جي قدرتي نظام کي پڻ متاثر ڪري ٿي۔ ننڊ جي بي قاعدگي يا تسلسل ٽٽڻ جي ڪري جسم ۾ بلڊ پريشر ۽ رت ۾ گلوڪوز جي سطح ناهموار ٿي وڃي ٿي، جيڪا رڳن جي سختي جو باعث بڻجي ٿي۔ ماهرن جو چوڻ آهي ته ست ڪلاڪن جي مڪمل ننڊ نه صرف انسان کي چاق و چوبند (چست) رکي ٿي پر صحت ۽ دماغ تي ٻيا ڪيترائي اثر وجهي ٿي، جيئن دماغ تازو توانو رهي ٿو، فيصلي ڪرڻ جي حس مضبوط ٿئي ٿي۔۔

SleepingAngel.jpg

Sleepy-Beauty%2BBLOG2.jpg

pd_sleeping_071213_ms.jpg
 
جواب: ننڊ هجي ته ست ڪلاڪن جي۔۔

ادا مست چڱو ٿيو جو توهان اِها ڳالهه ٻڌائي ٻئي انشاءَ الله سڀاڻي کان وٺي اسان به هن ٽائيم تي فورم تي ڪونه اينداسين، مزي جي ننڊ ڪندا پيا هونداسين۔
پوءِ نه چئجانءِ ته يار ادو الائي ڪيڏانهن هليو ويو۔
 
يار منهنجو اهو مطلب ٿوڙئي هو۔۔۔ اونئين به عاشقن جي معشوقن پٺيان ننڊ ڦٽل هوندي آهي، پاڻ به هن سنڌ سلامت جا عاشق آهيون ۽‌ عاشق ته اونئين مجبور آهه۔۔
 
جواب: ننڊ هجي ته ست ڪلاڪن جي۔۔

الحمد الله؛ رب العالمين جي طرفان انسان کي اهڙو ته منظم ٺاهيو ويو آهي جو هو فطري اصولن جي پوئواري ڪري ته آرامده ۽ صحتمند زندگي گذاري ويندو ۔۔۔ موت ته برحق آهي پر صحتمند زندگي ۽ ڪامل زندگي گذارڻ به عبادت آهي ۔۔۔

ننڊ سڀني جانورن لاءِ ضروري هوندي آهي ۔۔۔ عام ماڻهونءَ لاءِ 7 کان 8 ڪلاڪ ننڊ ضروري ۽ اهم آهي ۔۔۔

باقي ٻارن ۽ عورتن جهڙي معصومانه ننڊ جي پاڻکي اچي ته ڇا چئجي!!! ۔۔۔ مرد ويچارو ننڊ ۾ به ٻه ۽ ٻه پنج ڪرڻ جي چڪر ۾ پيو خواب ڏسندو آهي ۔۔۔

ستا ئي سونهن ننڊ عبادت جن جي ۔۔۔
 
مهرباني سائين۔۔ ۔ پر زمانو ان ڳالهه کي سمجهي نه ٿو۔۔۔
 
جواب: ننڊ هجي ته ست ڪلاڪن جي۔۔

سٺي معلومات آهي۔

پر ادا هت ڪراچي جي شيڊيول اسان کي مڙوئي ٽائيم ٽيبل کان پري رکي ڇڏيو آهي۔
 
جواب: ننڊ هجي ته ست ڪلاڪن جي۔۔

ننڊ انسان لا ڀلي آهي پر جيڪڏهن اسان پنهنجي زندگي جو ٽيون حصو ننڊ ۾ گذاريون ته باقي زندگي لا وقت ڇا بچندو ؟ جڏهن ته اسان جون خواهشون مسئلا ۽ الجهنون آهن هزار
 
جواب: ننڊ هجي ته ست ڪلاڪن جي۔۔

ننڊ انسان لا ڀلي آهي پر جيڪڏهن اسان پنهنجي زندگي جو ٽيون حصو ننڊ ۾ گذاريون ته باقي زندگي لا وقت ڇا بچندو ؟ جڏهن ته اسان جون خواهشون مسئلا ۽ الجهنون آهن هزار

صحيح پيا چئو ادا، پر صحت جا اهي اصول آهن، جن کي نڀائيندو ته ڪڏهن به تڪليف ۾ نه پوندو۔۔
 
Back
Top