سنڌي ٻوليءَ سان دشمني وارو رويو ۽ تعليم کاتو! سومر 13 مارچ 2006ع سنڌي ٻولي گذريل ڪيترين صدين کان سنڌ جي سرڪاري ۽ تعليمي زبان رهي آهي، پوءِ سنڌ جي ڌار ملڪ واري حيثيت رهي هجي يا انگريز دور ۾ ان جو بمبئي سان هڪ پرڳڻي طور الحاق رهيو هجي، يا پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ ان جي هڪ صوبي واري حيثيت رهي هجي. ايوبي مارشل لا دوران نام نهاد ”شريف تعليمي ڪميشن“ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ۽ تدريس پنجين ڪلاس پرائمري تائين محدود ڪرڻ جي سازش ڪئي، پر سنڌ جي سجاڳ ۽ سڄاڻ استادن، شاگردن ۽ سنڌي ادبي سنگت سان لاڳاپيل اديبن ”تاريخي جدوجهد“ ڪري 14 آڪٽوبر 1962ع تي سنڌي ٻولي جي ساڳي تعليمي حيثيت برقرار ڪرائي ورتي. ان کان پوءِ ٻيو ڀيرو حيدرآباد جي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٽڪا خان ۽ ڪمشنر مسرور حسين به سنڌي ٻولي خلاف سازشون ڪيون. علامه آءِ آءِ قاضي جي وائيس چانسلرشپ تان استعيفيٰ ان جو رد عمل هئي ۽ 4 مارچ 1967ع جي شاگرد جدوجهد ان جو عروج. 1 جولاءِ 1969ع تي ون يونٽ جي خاتمي، 1970ع جي چونڊن ۽ 1971ع ۾ بنگلاديش جي قيام کان پوءِ 1972ع ۾ سنڌ اندر پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿي. پ پ جي حڪومت دوران اسٽيبلشمينٽ ۽ ڪن ڌرين پنهنجي مستقل مفادن (Vested Interests) لاءِ سنڌ جي مستقل آباد ماڻهن (سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن) جي وچ ۾ ”ٻوليءَ وارا جهيڙا“ ڪرايا. نتيجي طور پ پ حڪومت 7 جولاءِ 1972ع تي سنڌ اسيمبليءَ مان ”سنڌي ٻولي جو بل“ منظور ڪرايو، جنهن کي سنڌ جي گورنر 16 جولاءِ تي بحال ڪيو ۽ ان جو 17 جولاءِ 1972ع تي سنڌ اسيمبليءَ جي سيڪريٽري جمال ابڙي، اسپيڪر صوبائي اسيمبلي جي حڪم هيٺ نوٽيفڪيشن ڪڍيو. ان بل کي ”سنڌ (سنڌي ٻولي جي سکيا، واڌارو ۽ استعمال) ائڪٽ 1972ع“ سڏيو ويو ۽ ڄاڻايو ويو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جي عبوري آئين جي آرٽيڪل 267 موجب سنڌي ٻولي کي (قومي ٻولين جي حيثيت کي نقصان پهچائڻ کان سواءِ) سنڌ صوبي جي صوبائي ٻولي طور استعمال ڪيو ويندو. ان ائڪٽ ۾ اهو به واضح ڪيو ويو ته جيئن ته سنڌي ٻولي سرڪاري کاتن ۽ آفيسن ۾ استعمال ٿي رهي آهي ۽ جيئن ته سنڌي ٻولي تعليمي ادارن ۾ پڙهائڻ لاءِ لازمي مضمون هئي، پر ان کي مارشل لا اختيارين جي زباني حڪم تي ختم ڪيو ويو ۽ جيئن ته اها صوبي سنڌ جي فطري آرزو ۽ خواهش آهي ته سنڌي ٻولي جي سکيا ۽ استعمال کي ترقي ڏني وڃي، تنهنڪري هي قانون ٺاهيو پيو وڃي. ان ائڪٽ ۾ سنڌي ٻولي جي سکيا لاءِ فقري 4-15 ۾ اهو به واضح ڪيو ويو ته، ”اهڙن سڀني ادارن ۾، جن ۾ چوٿين کان ٻارهين ڪلاس تائين تعليم ڏني پيئي وڃي، سنڌي ۽ اردوءَ کي لازمي مضمون جي حيثيت هوندي ۽ فقري 4 (2 ) ۾ اهو ڄاڻايو ويو ته لازمي مضمون جي حيثيت ۾ سنڌي جي شروعات هيٺين سطح يعني چوٿين ڪلاس کان عمل ۾ آندي ويندي ۽ درجي بدرجي مٿين درجن ۾ ٻارهين ڪلاس تائين رائج ڪئي ويندي. ان ائڪٽ تي ٻيهر گوڙ ڪيا ويا، نتيجي طور وفاقي سرڪار سنڌي ۽ اردو دانشورن کي اسلام آباد گهرايو ۽ طئي ٿيل ڳالهين جي بنياد تي 22 جولاءِ 1972ع تي ”سنڌ آرڊيننس يارهون“ لاڳو ڪيو، جنهن موجب ٻارنهن سالن جي عرصي تائين سنڌي يا اردو جي ڄاڻ نه هئڻ جي بنياد تي سول آسامي يا نوڪري تي تقرر ۽ ترقيءَ جي اهل شخص سان فرق نه رکيو ويندو. نتيجي طور سنڌي ٻارن کي چوٿين کان يارهين ڪلاس تائين گذريل 34 سالن کان آسان اردو جو مضمون پڙهايو پيو وڃي. پر اردو ٻار چوٿين ۽ ڏهين ڪلاس تائين آسان سنڌي جو مضمون پڙهندا ۽ امتحان ڏيندا اچن ٿا. سنڌي ٻولي ايڪٽ 1972ع ۾ ترميمي آرڊيننس يارهين 1972ع موجب، 1984ع کان اردو ڳالهائيندڙ ٻارن کي يارهين ڪلاس ۾ آسان سنڌي جو مضمون پڙهڻو هو. پر گذريل حڪومتن خبر ناهي ڪهڙي مصلحت هيٺ يا شايد سنڌ جي مستقل آباد رهواسين جي وچ ۾ ويجهڙائي پيدا نه ٿيڻ جي خيال کان ان تي عمل نه ڪرايو. سنڌي ادبي سنگت، سنڌي لئنگويج اٿارٽي ۽ سپلا لڳاتار تعليم کاتي سنڌ ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ کان يارهين ڪلاس جي غير سنڌي ٻارن لاءِ آسان سنڌي جي نفاذ جو مطالبو ڪندي آئي آهي. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي گذريل ٻن سالن واري مدي دوران مون سيڪريٽري جنرل جي حيثيت ۾ پنهنجو فرضِ منصبي سمجهي ان مسئلي تي سنڌي ادبي سنگت جي شاخن جي سهڪار ۽ گڏو گڏ سپلا جي مشاورت ۽ سهڪار سان پنهنجي ٽينوئر جا ٻئي سال مطالبن، بک هڙتالن، مظاهرن، سيمينارن ۽ تعليمي ڪانفرنس ذريعي مسلسل جدوجهد هلائي، جيڪا اپريل 2004ع کان 16 فيبروري 2006ع تائين هلندي رهي. ان وچ ۾ سنڌي سبجيڪٽ سوسائٽي ڪاليجز ڪراچي به هن جدوجهد ۾ شروع ٿي وئي. 1 جولاءِ کان 18 جولاءِ 2005ع تائين سپلا حيدرآباد پريس ڪلب آڏو سنڌي ۽ اردو استادن جي سهڪار سان بک هڙتال جو سلسلو شروع ڪيو، جنهن ۾ ”آسان اردو“ جي امتحاني پيپرن جي چڪاس جو 32 ساله پراڻو طريقو بحال ڪرڻ ۽ يارهين ڪلاس جي سنڌي نه ڄاڻندڙ شاگردن لاءِ آسان سنڌي جو مضمون لاڳو ڪرڻ جا مطالبا ڪيا ويا. هي بک هڙتال ڪامياب وئي ۽ گورنر سنڌ جي سيڪريٽريٽ مان 16 جولاءِ 2005ع تي ٻه نوٽيفڪيشن جاري ڪري ٻنهي مسئلن جي حل بابت سمورن تعليمي بورڊن ۽ سيڪريٽري تعليم کي هدايتون جاري ڪيون. 18 جولاءِ تي سيڪريٽري تعليم غلام علي پاشا ۽ وزير تعليم جي او ايس ڊي منصور قادر جوڻيجو سپلا قيادت سان ڳالهيون ڪري بک هڙتال ختم ڪرائي ۽ ٻئي مطالبا مڃڻ جو واعدو ڪيو. 29 جولاءِ 2005ع تي سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي وفاقي وزارت تعليم (ڪرڪيولم ونگ) کي يارهين ڪلاس ۽ ٻارهين ڪلاس جي سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ شاگردن لاءِ سنڌي ۽ اردو جي اسڪيم آف اسٽڊيز جاري ڪرڻ جي گهر ڪئي، جنهن تي وفاقي وزارت جي ڪريڪيولم ونگ پنهنجي 22 آگسٽ 2005ع جي نوٽيفڪيشن نمبر F-6-5/2005-SSG موجب سنڌ صوبي جي 11 هين ۽ 12 هين ڪلاس جي شاگردن لاءِ هيٺين اسڪيم آف اسٽيڊيز جاري ڪئي. سنڌي ڳالهائيندڙ شاگرد: (1 )آسان اردو 100 مارڪون، يارهون ڪلاس.(2) سنڌي لازمي،100 مارڪون ٻارهون ڪلاس. اردو ڳالهائيندڙ شاگرد: (1) آسان سنڌي 100 مارڪون، يارهون ڪلاس (2) اردو لازمي 100 مارڪون ٻارهون ڪلاس. وفاقي وزارت تعليم جي ان فيصلي تي عمل ڪندي تعليم کاتي سنڌ جي سيڪريٽري غلام علي پاشا ساڳي اسڪيم آف اسٽيڊيز تي عمل ڪرڻ لاءِ 27 سيپٽمبر 2005ع تي نوٽيفڪيشن SO(B&U)2-25/2000 جاري ڪري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ سنڌ جي سمورن تعليمي بورڊن کي ان تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. 28 سيپٽمبر 2005ع کان حيدرآباد ۽ ٻين DOE (ڪاليجز) سمورن ڪاليجن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون ته يارهين ڪلاس ۾ آسان سنڌي پڙهايو وڃي. سيپٽمبر 2005ع جي ابتدا ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ آسان سنڌي جو ڪتاب ڇپائي مارڪيٽ ۾ آڻي به ڇڏيو، پر ڪراچي ۽ ميرپورخاص بورڊن جي رٽائرڊ ۽ متعصب چيئرمين رئيس علوي ۽ انوار احمد زئي ان تي عمل نه ڪيو. ڪراچيءَ جي ڪجهه متعصب پرنسپالن سان گڏ انگريزي ۽ اردو اخبارن جي ڪجهه ڪالم نگارن سنڌ حڪومت جي ان فيصلي جي مخالفت ڪئي، جنهن تي 14 آڪٽوبر 2005ع تي گورنر سيڪريٽريٽ سنڌ مان سيڪريٽري تعليم کي 27 سيپٽمبر واري نوٽيفڪيشن رد ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. جنهن تي وزير تعليم ۽ سيڪريٽري تعليم 27 سيپٽمبر 2005ع جي نوٽيفڪيشن کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ سنڌ جي ناڻي واري وزير سردار احمد يارهين ڪلاس ۾ آسان سنڌي لاڳو نه ڪرڻ جو بيان ڏنو. ان دوران سنڌ جي وڏي وزير بروقت مداخلت ڪري گورنر سنڌ ۽ وزير تعليم جي نوٽيفڪيشن کي رد ڪري 27 سيپٽمبر واري نوٽيفڪيشن 1972ع جي ٻولي واري ايڪٽ تي عمل ڪرڻ جو جرئتمنداڻو بيان ڏنو. ان وچ ۾ سنگت ۽ سپلا پاران متحده جي سربراهه الطاف حسين کي خط فئڪس ڪيا ويا ته هن مسئلي تي مداخلت ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سنڌ ۾ پيدا ٿيل ڀائپي وارو ماحول خراب ٿي سگهي ٿو، ان تي الطاف حسين پاران اعلان ڪيو ويو ته 1972ع واري ٻولي واري ايڪٽ ۾ ترميم نه ڪئي ويندي ۽ يارهين ڪلاس ۾ آسان سنڌي لاڳو ڪئي ويندي. هئڻ ته ائين گهربو هو ته وڏي وزير ۽ الطاف حسين جي بيان کان پوءِ وزير تعليم ۽ سيڪريٽري تعليم کي نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ گهرجي ها، پر هنن اهڙو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪري مسئلي کي منجهائي ڇڏيو. جنوري 6 0 0 2 ع ۾ حيدرآباد تعليمي بورڊ آسان سنڌي جو ماڊل پيپر تيار ڪرائڻ لاءِ ڇهن ڪاليجي استادن کي گهرايو، جن ۾ آئون به شامل هوس، پرجڏهن اهو ماڊل پيپر ڪاليجن ۾ نه پهتو ته شڪ وڌڻ لڳا. 11 فيبروري 2006ع تي سنگت مرڪز پاران پڌرو ڪيو ويو ته حڪومت سنڌ جي واضح پاليسي نه هئڻ ڪري ڪيترن ڪاليجن ۾ شاگردن کان امتحاني فارمن ۾ آسان سنڌي بدران اردو ”ون“ لکايو پيو وڃي ۽ ان مسئلي تي 16 فيبروري 2006ع تي سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. هينئر جڏهن شاگردن جا فارم ڀرجي چڪا آهن، ان وقت اوچتو حڪومت سنڌ ۽ ان جي ڪامورڪي لڏي جو اصل چهرو منظر عام تي اچي ويو آهي. هنن سنڌ جي ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ پئي وڌي، جڏهن ته ڳجهه ڳوهه ۾ 8 نومبر 2005ع تي حڪومت سنڌ جي اجازت سان سيڪريٽري تعليم هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري، وفاقي وزارت تعليم (ڪريڪيوليم ونگ) جي 22 آگسٽ واري نوٽيفڪيشن ۽ ان جي تسلسل ۾ 27 سيپٽمبر 2005ع تي تعليم کاتي سنڌ جي نوٽيفڪيشن کي به رد ڪري ڇڏيو. اهو نوٽيفڪيشن هڪ وڏي عرصي تائين ڳجهو رکيو ويو ۽ مارچ جي پهرين تاريخن ۾ سمورن تعليمي بورڊن کي موڪليو ويو، جن ڪٿي فونن ذريعي ڪاليجن جي پرنسپال کي هدايتون موڪليون ۽ تازو 8 مارچ 2006ع تي جڏهن بورڊ آف انٽرميڊيٽ سکر جي سيڪريٽري جي صحيح سان اهڙو ليٽر ڪاليجن کي پهتو، تڏهن وڃي ڦاٽ ڦاٽو ته سنڌ جو تعليم کاتو سنڌي ٻولي دشمني ۾ ڪيتري اڳڀرائي ڪري چڪو آهي. پهرين ڳالهه ته گورنر سنڌ کان وٺي وزير تعليم ۽ سيڪريٽري تعليم سان گڏ ڪنهن کي به وفاقي وزارت تعليم (ڪريڪيولم ونگ)جي اسڪيم آف اسٽڊيز کي رد ڪرڻ جو اختيار نه آهي ۽ ٻيو ته سيڪريٽري تعليم ان سلسلي ۾ فيصلي جو مجاز نه آهي. آئون هن موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير ارباب غلام رحيم کي مداخلت ڪرڻ جي اپيل ڪريان ٿو، متحده جي سربراهه الطاف حسين کي سنڌي ميڊيا آڏو سندس واعدو ياد ڏياريان ٿو، جنهن ۾ هن چيو هو ته يارهين ڪلاس تائين آسان سنڌي پڙهائي ويندي. سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ليڊر نثار کهڙي ۽ ڊپٽي ليڊر مخدوم جميل الزمان کي به گذارش آهي ته آواز اٿارين ته جيئن سنڌ ۾ ٻوليءَ جي بنياد تي ڪامورڪي سازش ناڪام ٿي سگهي. هن وقت سنڌ جي مستقل رهاڪن. سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن ۾ جيڪا اتحاد، ڀائپيءَ ۽ ويجهڙائيءَ واري فضا پيدا ٿيل آهي، ان کي قائم رکڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌي شاگرد ۽ اردو شاگرد طئي ٿيل تعليمي پاليسي ۽ 1972ع واري سنڌي ٻولي ايڪٽ موجب آسان اردو ۽ آسان سنڌي جا مضمون، چوٿين کان يارهين ڪلاس تائين پڙهندا رهن، ڇو ته نئون نسل ئي مستقبل جي سنڌ ۾ محبت ۽ اتحاد جي ماحول کي قائم رکڻ ۾ سڀ کان سگهارو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي نئين چونڊيل قيادت لاءِ پڻ هيءَ مسئلو هڪ ٽيسٽ ڪيس ۽ چئلينج طور اڀري آيو آهي. مون کي پڪ آهي ته اها هن مسئلي تي پنهنجي ڀرپور حڪمت عملي پڌري ڪندي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.
جواب: محترم تاج جويو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو اچو ته هريءَ جي خاڪ کي سلام ڪريون خميس 5 جولاءِ 2007ع اڄ کان اڍائي سئو سال اڳي، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سنڌ جي حب الوطنيءَ جي عظيم ڪردار مارئيءَ جي عمر جي قيد ۾ قيدي هئڻ وقت دلي ڪيفيت بيان ڪندي چيو هو: مُيا ئي جِيان، جي وڃي مڙهه ملير ڏي! مارئيءَ کي ڀٽائيءَ ڏٺو ڪو نه هو، پر ان جي وطن لاءِ محبت واري ويساهه، اُتساهه ۽ جذبي کي ڳائي، ڀٽائيءَ اهڙي امرتا بخشي ڇڏي، جو صدين کان وٺي مارئي حب الوطنيءَ جو لازوال مثال آهي.! پر ايڪيهين صديءَ ۾ هڪڙو ٻُڍڙو، موهن جي دڙي جي پروهت واري اڇڙي خوبصورت ڏاڙهيءَ، ڪئپ ۽ لڪڻ سان اسان ڏٺو، جيڪو گذريل ويهارو سالن کان سنڌ ۾ اُداس نيڻن سان ايندو هو ۽ هو جڏهن به سنڌ ايندو هو، ته پنهنجا پير ڌرتيءَ تي ڦٻائي هلندو هو. ڇو ته کيس اهو احساس هميشه ستائيندو رهندو هو ته لڳ ڀڳ اڌ صدي اڳ تاريخ جي هڪ المناڪ حادثي ۾ سندس پير، هن جي مرضيءَ جي خلاف هن ڌرتيءَ تان اکڙي ويا هئا. اهڙيءَ ريت ڪنهن به گهڙيءَ سندس ويزا جو مدو پورو ٿِي ٿَي سگهيو، ۽ وري به، نه چاهيندي به، سندس پير پنهنجي جنم ڀُوميءَ تان ڇڏائجي وڃڻا هئا. هري 1986ع جي گرمين ۾ پهريون ڀيرو سنڌ آيو هو، تڏهن سندس مٿي جا وار اڌ اڇا ۽ اڌ ڪارا هئا ۽ کيس ڏاڙهي رکيل نه هئي، پر سنڌ ياترا تان موٽندي، هن پنهنجي سوچ موجب ”پنُر جنم“ وٺي، پنهنجي نالي هري موٽواڻيءَ سان گڏ ”سنڌي“ لکڻ شروع ڪيو. ائين 1986ع کان ساڻس ٻين ڪيترن سنڌين جيان منهنجا به نينهن جا ناتا جڙجي ويا. هن کي پنهنجي زندگيءَ جي ”انتم ياترا“ جو الائي ڪيئن خيال آيو ۽ هن تڪڙو تڪڙو سنڌ اچڻ شروع ڪيو. سڀني ڏٺو ته هري موٽواڻي اڇن وارن ۽ اڇي ڏاڙهيءَ وارو ”نج سنڌي“ بنجي ويو، جنهن جو اندر ورهاڱي جي وڍن سان جهير جهير ٿيل هو، پر منهن تي موڪري مُرڪ ۽ گفتي ۾ چرچي ڀوڳ کي قائم رکندي، هميشه پاڻ کي چارلي چئپلن چورائيندو هو. هو سنڌ ۾ اچي، خوشيءَ مان اصل چريو ٿي پوندو هو. بنهه ٻار، هٿن سان پيو وٺ. محبت ۾ سرشار، هر ڪنهن کي پيو ڀاڪر پائي. ڪو سندس ڀاءُ ته ڪنهن جو پاڻ ڀاءُ، ڪا سندس ڀيڻ، ڪا سندس ڌيءُ، ڪا سندس ماءُ ۽ خود به ڪنهن جو پيءُ، ته ڪنهن جو ڪاڪو. هر گهر جو ڀاتي. ههڙو سرجڻهار، محبت جو ڀنڊار ڏسي، آسڪر وائلڊ جا هي لفظ ذهن تي تري ايندا هئا:”جڏهن فنڪار کي محبت ۾ سرشار ڏسو، ته ان جو مطلب آهي، هن جي ذات ۾ حسن جو شعور گهر ڪري ويو آهي.“ ان حسن بين نگاهه واري هري موٽواڻيءَ جي انتم اِڇا/آخري خواهش ڪالهه سندس جنم ڀوميءَ ۾ پوري ٿي. هريءَ جا سنک ۽ هاٺيون سنڌوءَ ۾ پرواهه ٿيون ۽ جڏهن سندس ڦُل سنڌوءَ ۾ تريا، تڏهن مون کي لڳو ته هريءَ جي آتما پڪاري چيو هو: مُيا ئي جِياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي! آءٌ بنا ڪنهن مبالغي جي محسوس پيو ڪريان ته اڇي ڏاڙهيءَ، ڪئپ ۽ ڇڙهيءَ سان هري موٽواڻي، ڪوٽڙي شهر ۾ سنڌوءَ جي ڪپ تي بيٺو آهي ۽ اتان بيهي، گدو بندر طرف سنڌوءَ جي ٻئي پار ڏسي رهيو آهي، جنهن ڪپ تي اڄ کان اڌ صدي اڳ ڪاڪي لعلچند امر ڏني مل جڳتياڻيءَ جا سنک سنڌوءَ ۾ پرواهه ٿيا هئا. هندو ڌرم جي پويتر ندي ته گنگا آهي، جنهن جو جَل هندو ڌرم جي مڃيندڙن لاءِ آب حيات آهي، پر سنڌين لاءِ سنڌو-جل ان کان وڌيڪ امر آهي، ڇو ته نارائڻ شيام چواڻي: گنگا، جمنا، امرت امرت ليڪن ٿڃ ته”سنڌو“ آهي. اها مٽيءَ سان محبت ۽ اها مذهبي رواداري، ٻين ملڪن ۾ به هوندي، پر سنڌ ان ۾ اتم ۽ بي مثال آهي. هيءَ مٽيءَ سان محبت جيڪا ڌرم ڪرم جا سنڌا سيڙها مٽائي ڇڏي ٿي، سنڌي ذهنيت جي خاص نشانيآهي. تڏهن ته گوبند مالهي، ڪميونسٽ هوندي به صوفي هو ۽ چوندو هو ته ”مون مارڪسزم کي سنڌوءَ ۾ ٽٻي ڏياري آهي“. هري ورهاڱي کان پوءِ لڏي هند نه ويو هو، هو ته هردوار گهمڻ ويو هو ۽ پٺيان ورهاڱو ٿي ويو. ورهاڱو هن جي مرضيءَ سان نه ٿيو هو، نه ئي هو ملڪ بدر ٿيو هو، پر تاريخ جي ستم ظريفيءَ 18 سالن جي ڦوهه نوجوانيءَ ۾ کيس بنا ڪنهن ڪارڻ جي جلاوطن ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري هن ورهاڱي کي دل سان ڪڏهن به نه قبوليو ۽ هميشه پاڻ کي سنڌ واسي ئي سمجهندو رهيو. هن جي حياتي ٽن حصن ۾ ورڇجي پورڻتا پاتي. هن جو جنم سنڌوءَ جي ڪناري لاڙڪاڻي ۾ نومبر 9 2 9 1 ع ۾ ٿيو، هن جي پرورش گنگا جي ڪنٺي(هردوار) ۾ ٿي ۽ هن جو ڪرم کيتر/عمل جو ميدان عربي سمنڊ جو ڪنارو(ممبئي) رهي. زندگيءَ جي انهيءَ ورهاڱي نه هن کي تعليمي طرح اعليٰ تعليم سان آشنا ڪيو ۽ نه سماجي طرح پنهنجي برادريءَ جي واپاري ذهنيت جو شڪار ٿيڻ ڏنو. ممبئيءَ ۾ بس ڪنڊڪٽري نه مليس، ته مٺائيءَ جا ٽوڪرا ڪلهن تي کڻي ننڍين ننڍين بستين ۾ ڦرندو رهيو. ايئن هن جو هري پڪوڙائيءَ کان هري موٽواڻيءَ تائين جو سفر، وڏين ڀوڳنائن ۾ گذريو. بهرحال هو جتي به رهيو، پنهنجي سڃاڻپ سان رهيو ۽ پنهنجي وجود سان رهيو. لاڏاڻي کان صرف ڏهه سال اڳ لکيل آتم ڪٿا ”آخري پنا“ (1997 ۾ لکيائين: ”مان صرف مان آهيان. مان جتي به آهيان، جيڪي به آهيان، پنهنجي سڃاڻپ سان آهيان، پنهنجي وجود سان آهيان.“ هن لاڙڪاڻي کان هردوار ۽ هردوار کان ممبئي تائين، پنهنجي وجود کي قائم رکڻ لاءِ ڪهڙي ۽ ڪيتري جدوجهد ڪئي، ان جو اندازو ”آخري پنا“ (آتم ڪٿا) پڙهي لڳائي سگهجي ٿو. 1960ع کان لاڳيتو 46 سال (2006) ڪونج رسالو جاري رکيائين(جيڪو اڄ به سندس دوست نند ڇڳاڻي جاري رکيو اچي.) هن رسالي اديبن جي ٽن پيڙهين کي پنهنجن صُفحن ۾ جاءِ ڏني. پويون ٻه پيڙهيون ته ڪونج جي جيڪڏهن پيداوار چئجن ته به وڌاءُ نه ٿيندو. گهٽ ۾ گهٽ انهن جو سنڌ ۽ هند ۾ تعارف ”ڪونج“ ذريعي ئي ٿيو. هن 7 7 سالن جي سدا جوان اديب، پنهنجي جيون ڪٿا ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”مان انهن خوش نصيبن مان نه آهيان، جو مرڻ پڄاڻان پنهنجي جنم ڀوميءَ جي مٽيءَ سان ملي هڪ ٿي وڃڻ جي سَڌ ڪريان ۽ اها پوري ٿي وڃي.“ زميني حقيقتن کي تسليم ڪندي لکيائين”پرڌان منتري لعل بهادر شاستريءَ جو تاشقند ۾ ديهانت ٿيو ته سندس مرتڪ سرير ڀارت آندو ويو. رفيق احمد قدوائيءَ وفات ڪئي ته سندس ڪفن دفن سندس ڳوٺ ۾ ٿيو. منهنجي مرتيو بعد ڇا منهنجو مڙهه لاڙڪاڻي نيو ويندو؟ اهڙي اجازت ملندي؟ ناممڪن!“ باوجود ان جي، 1986ع کان 2005ع تائين جيترا به ڀيرا هري سنڌ آيو ته هميشه خواهش ڏيکاريندو هو ته شل ڪو حادثو ٿئي، ڪا واردات ٿئي، ڪو اهڙو موقعو بڻجي، جو هو آخري پساهه سنڌ ۾ پورا ڪري. پر ايئن نه ٿي سگهيو. تاريخ ٻيو ڀيرو هري موٽواڻيءَ سان ستم ظريفي ڪئي. هري 2002ع ۾ پنهنجو سفرنامو ”ماٽيءَ منجهه مهي“ لکيو، جنهن کي هن”انتم ياترا“ (آخري سفر) سڏيو، پر ان کان پوءِ به هو سنڌ ۾ ٻه ڀيرا آيو هو. ائين اسان کي 2006ع ۾ يقين هو ته هري اپريل مئي 2006ع ۾ سنڌ ايندو. هن اهڙا سانباها به ڪيا هئا، پر اوچتو هن سال دل دوکو ڪيو. جنهن دل”بي انت بحر جي ڇولين“ ۾ هن سال هميشه ساٿ ڏنو هو، ان هڪ ڀيرو هن سان مارچ 2006ع ۾ دوکو ڪيو. پر هيءُ وري به بحر مان تري آيو. اسپتال کان گهر پهتو، دوستن سان دل کولي فون تي ڳالهايائين. اسان کيس جهليون پيا ته”دادا، ايترو نه ڳالهاءِ!“ چي”ڳالهائڻ سان مرندس ڪو نه. 29 اپريل 2006 تي هند مان دوست سنڌ اچن پيا، آءٌ اچي ڪو نه سگهندس. ڊاڪٽر چون ٿا ته 5 1 مئي تي دل جو باءِ پاس ڪندا، باءِ پاس ڪرائبي، ٺيڪ ٿبو، سنڌ اچبو ۽ اوهان سان ملبو“. پر باءِ پاس واري مقرر تاريخ کان اڳ ئي 7 مئي 2006 تي علي الصبح جو دل هريءَ سان ٻيو دفعو دوکو ڪيو ۽ هو اسان سڀني کان وڇڙي ويو. هند کان وڇڙي ويو، سنڌ کان وڇڙي وي
جواب: محترم تاج جويو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو هڪ لطيف شناس جي موڪلاڻي اربع 30 جنوري 2008ع ”ادا تاج! ڏک ڀري خبر آهي ته ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي، رات پوني ۾، پنهنجي پُٽ انيل جوتواڻيءَ جي گهر، دل جي دوري سبب ديهانت ڪري ويو آهي. سنڌ جي سڄڻن کي آگاهي ڏجو!“ صبح جو 7 لڳي 0 2 منٽ ٿيا هئا. موبائيل فون تي وينا شرنگي، دهليءَ مان ڳالهائي رهي هئي. مون کان رڙ نڪري وئي:”الا! موتي جوتواڻي به ويو! سنڌيت ۽ شاهه جا عاشق کٽندا وڃن.“ هڪدم محسن ڪڪڙائيءَ جو شعر ذهن تي تري آيو. محسن ۽ موتي، وزن ۾ برابر آهن، ان ڪري ترميم سان شعر هن ريت آهي: ابول! ڪيڏو نه ”موتي“ فقير ماڻهو هو، ابول! پنهنجي سنگت مان به هڪڙو يار کٽو! موتي لال جوتواڻي، سنڌي ٻوليءَ جو اهو وڏو عالم شخص هو، جنهن کي هڪ ئي وقت سنڌي، هندي ۽ انگريزيءَ تي هڪ جهڙو عبور حاصل هو ۽ هن ٽنهي ٻولين ۾ 5 5 کان مٿي ڪتاب لکي، سنڌ، هند ۽ دنيا ۾ وڏي مڃتا ماڻي. موتي لال جوتواڻي سنڌ جي تاريخي شهر روهڙيءَ ۾ 3 1 جنوري 6 3 9 1 ع تي جنم ورتو ۽ ڪالهه رات پوني ۾ پنهنجي پُٽ جي گهر، 1 7 سالن جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو. کيس ڪيتري عرصي کان دل جي تڪليف هئي ۽ باءِ پاس به ٿيل هئس. مشهور عالم جي ايم مهڪريءَ وانگر هن جي دل مڪمل طور ڪم نه ڪندي هئي. جڏهن 6 0 0 2 ع ۾ هو سنڌ ثقافت سياحت کاتي، حڪومتِ سنڌ جي دعوت تي ”شاهه لطيف ڪانفرنس“ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ جنم ڀوميءَ سنڌ آيو هو، تڏهن به ”هارٽ بيٽر“ (Heart beater) تي هلي رهيو هو ۽ سندس ونيءَ دادي راج جوتواڻيءَ ٻُڌايو هو ته موتي لال جي دل Þ5 2 ڪم ڪري ٿي، ان ڪري هو جتي به ويندو آهي، هوءَ ساڻس گڏ هوندي آهي. کيس حيدرآباد جي هڪ هوٽل ۾ رهايو ويو هو، جتي رکيل مورائي ۽ آءٌ سندس خدمتگذار هئاسون. مون کي اهو منظر به ياد آهي، جڏهن اسان لطيف جي درگاهه جو ميلي دوران درشن ڪرڻ وياسون. رش تمام گهڻي هئي، ان ڪري مون بهتر سمجهيو ته سائين غلام رضا ”رضا لطيفي“ سان ملاقات ڪري، موتيءَ کي آرام سان درگاهه جو ديدار ڪرائجي. سائين غلام رضا، پنڃل سائينءَ کي اسان سان گڏي ڏنو، جيڪو ڪجهه خادمن سان گڏ هليو ۽ درگاهه ۾ ميلي وقت موجود رش کي هٽارائي، دادا موتي لال ۽ دادي راڄ جوتواڻيءَ کي آرام سان لطيف سائين ۽ شاهه حبيب جي مرقدن ۽ لطيف سائينءَ جي حويليءَ ۽ کٽ جو ديدار ڪرايائين. ان وقت اتي موجود دوست شاهدي ڏيندا ته موتي لطيف جي اڱڻ ۾ نوجوانن وانگر تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو، ڄڻ ته ڊوڙندو رهيو. دادي راج کيس روڪيندي چيو”موتي! آهستي هل، طبيعت نه خراب ٿي پوئي!“ موتيءَ ٻهڪندڙ چهري سان کيس وراڻيو:”راج! منهنجيءَ دل جي اڄ وڏي ۾ وڏي آشا پوري ٿي آهي. مرشد لطيف جي اڱڻ ۾ دل جي ڌڙڪن درست ٿي وئي آهي ۽ اڄ دل Þ5 7 ڪم ڪري رهي آهي.!“ موتيءَ ”شاهه لطيف ڪانفرنس“ ۾ ”شاهه لطيف ۽ سنڌي“ عنوان وارو مقالو پڙهيو هو. ساڳئي موضوع تي سنڌ يونيورسٽي پاران سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ قائم پروفيسر محرم خان ليڪچر سيريز هيٺ سنڌالاجي جي آڊيٽوريم ۾ به ليڪچر ڏنو هئائين. عرس جي موقعي تي سنڌ ثقافت کاتي، ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ جي پي ايڇ ڊي ٿيسز ”Shah Latif:his life & work“ جو ٻيو ڇاپو پڻ پڌرو ڪيو هو، جنهن جي کيس ڏاڍي خوشي ٿي هئي. ڊاڪٽر موتي لال صحافت ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ مان 9 5 9 1 ع ۾ ڊپلوما ۽ انگريزي ادب ۾ دهلي يونيورسٽيءَ مان ايم اي(2 6 9 1 ) ۽ پي ايڇ ڊي(3 7 9 1 ) ڪئي هئي. پاڻ ديش ٻنڌو(ايوننگ) ڪاليج دهليءَ ۾ 3 7 9 1 ع کان 1 0 0 2 تائين ”سنڌي ريڊر“ جي پد تي رهيو. هن 1 0 0 2 ۾ رٽائرمينٽ کان پوءِ پنهنجي علمي ۽ ادبي ڪم جي رفتار وڌائي ڇڏي هئي. پاڻ ”آٿرس گلڊ آف انڊيا“ جي ٽه ماهي رسالي”Indian auther“ جو ايڊيٽر به رهي چڪو هو. هو سير سفر جو به شوقين هو. هن ان ڏس ۾ ڪيترن ملڪن ۾ ”هند ۽ سنڌ شناسيءَ“ جي موضوع تي ليڪچر به ڏنا هئا. سندس علمي ادبي مرتبي کي سرڪاري سطح تي به وڏي مڃتا مليل هئي. کيس ڀارت جي صدر 3 0 0 2 ۾ ملڪ جو وڏو ادبي ايوارڊ ”پدم شري“ به ڏنو هو، جيڪو ايوارڊ سنڌي اديبن مان هن کان اڳ دادا رام پنجواڻي ۽ دادا هوند راج دکايل کي ئي مليو هو. موتي لال جوتواڻيءَ کي سندس ادبي خدمتن عيوض دهلي هندي اڪيڊميءَ پاران ”ڪِرتي پرسڪار“ ايوارڊ(8 8 9 1 )، ايشور ٻائي بختاڻي لائيف اچيومينٽ ايوارڊ (2 0 0 2 )، اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا پاران ادبي ايوارڊ(3 0 0 2 )، گوبند مالهي ڪلچرل اڪيڊمي ممبئيءَ پاران لٽرري ايوارڊ (4 0 0 2 ) ۽ لطيف شناسيءَ تي سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي پاران ”شاهه لطيف ايڪسيلينس ايوارڊ(5 0 0 2 )“ به مليا هئا. ثقافت کاتي سنڌ پاران کيس ”شاهه جي رسالي“ جي هندي ترجمي جو ڪم سونپيو ويو هو، جيڪو هن شروع ڪري ڇڏيو هو، پر افسوس جو هو اهو ڪم پورو ڪري نه سگهيو. موتي لال جوتواڻي هڪ ئي وقت اسڪالر، محقق، تعليمدان، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، شاعر، نقاد ۽ لطيف شناس هو. هو هارورڊ سينٽر فار دي اسٽڊي آف ورلڊ رليجس يو ايس اي جو 1979ع کان 1980ع تائين وزيٽنگ پوسٽ ڊاڪٽريٽ فيلو رهيو. هو پير حسام الدين راشدي کان پوءِ ٻيو سنڌي عالم هو، جنهن جرمن مستشرق ڊاڪٽر اينيمري شمل سان تصوف ۽ شاهه لطيف جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪيو. ڊاڪٽر موتي لال تصوف ۽ شاهه جي حوالي سان سائين جي ايم سيد جو به وڏو معترف هو. جڏهن 1986ع ۾ سائين جي ايم سيد پنهنجي دوست خان عبدالغفار خان جي عيادت لاءِ دهليءَ ويو هو، تڏهن لطيف شناسن مان خاص ڪري ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ کي گهرائي ساڻس ملاقات ڪئي هئائين، جنهن جو ذڪر موتيءَ پنهنجن ڪيترن ليکن ۾ ڪيو آهي. هن شاهه، سچل، سامي، تصوف ۽ ويدانت تي ڪيترا ئي مقالا پڻ لکيا. کيس”سنڌي ادب جو اوشو“ ۽ ”سنڌي ساهت جي پل“ به سڏيو ويو آهي. ان مان سندس ادبي مرتبي ۽ مڃتا جي ڄاڻ پوي ٿي. ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي منسٽري آف هيومن رسورسز گورنمينٽ آف دهليءَ جي”سنڌي صلاحڪار ڪاميٽيءَ“ جو 1996ع کان 8 9 9 1 ع تائين وائيس چيئرمين رهڻ سان گڏ پوئٽري سوسائٽي آف انڊيا نيو دهليءَ جو لائيف ميمبر به هو. ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ جي لاڏاڻي سان سنڌ ۽ هند جي اديبن ۾ ڏک جي لهر ڊوڙي وئي آهي. متان ٿين ملور، آئون اڳاهون آهيان، ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، حد ٻنهي جي هيڪڙي(شاهه)
جواب: محترم تاج جويو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو قليچ بيگ: جديد سنڌي ادب جو اهم معمار جمع 4 جولاءِ 2008ع مرزا قليچ بيگ لاءِ ٻه رايا نٿا ٿي سگهن ته هو جديد سنڌي ادب جو معمار ۽ ابو هو ۽ انگريز دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي آسمان جو سج هو. جهڙيءَ ريت ڪلاسيڪي ۽ روايتي شاعريءَ جي جمود کان پوءِ ڪشنچند بيوس ۽ شيخ اياز جديد شاعريءَ ۾ ڪرشماتي انقلاب آڻي, پنهنجي دور ۾ وڏو شعري ڇال ڏنو، اهڙيءَ ريت قليچ بيگ سنڌي نثر جي دنيا ۾ گهڻ پهلوئي انقلاب ۽ تبديلي آندي. جيتوڻيڪ سندس ڪيترن هندو مسلم همعصرن جو سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ به ڳاڻيٽي جهڙو ڪردار آهي، پر قليچ بيگ جو قد، مقام ۽ مرتبو ٻين سڀني کان مٿانهون آهي. اها ڪيڏي نه فخر جوڳي ڳالهه آهي ته هڪ روينيو آفيسر، پنهنجي منصب جا لوازمات ۽ جوابداريون فرض شناسيءَ سان بجا آڻيندي، پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب جي دامن ۾ 457 ڪتابن جو وسيع ذخيرو ۽ سرمايو داخل ڪري. هن عالم شخص جي حيات ۽ ڪارناما پڙهندي ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون. هو هڪ ئي وقت سنڌي، انگريزي، فارسي، عربي، ترڪي ۽ اردو زبانن تي دسترس رکندڙ هو. سندس علمي ۽ ادبي پورهئي تي نظر وجهبي، ته هو هڪ ئي وقت افساني، ناٽڪ، ناول، تنقيد، شاعري، تاريخ، تهذيب، تعليم، اخلاق، مذهب، طب، تصوف، سوانح، آتم ڪٿا، لغت، ٻوليءَ، سائنس، لطيفيات، لسانيات، گرامر، موسيقيءَ، زراعت، باغباني، سائنس، حشرات الارض، ٻارن جي ادب، تقابلي مذهب، مطلب ته علم ادب جي ڪيترين ئي شاخن تي ڪتاب ترجمو ۽ الٿو ڪندي نظر اچي ٿو، پر اسان سندس وفات کان 79 سال پوءِ به سندس علمي پورهيو مڪمل صورت ۾ ڇپائي نه سگهيا آهيون. 76 سال زندگي ماڻيندڙ شخص 50 سالن يا اڌ صديءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي 457 ڪتاب ڏنا. ڇا اسان مرزا قليچ بيگ جي 5 به اهڙن ڪتابن جا نالا ڳڻائي سگهون ٿا، جيڪي اسان جي علمي ادبي ادارن شانائتي نموني ڇپايا هجن؟ سنڌي ادبي بورڊ ڪي قدر ان ڏس ۾ ڪم ڪيو آهي، پر ڇا ان سان قليچ بيگ جو علمي ۽ ادبي قرض لهي ويو؟ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي خدمتگار جي حيثيت ۾ مرزا قليچ بيگ هڪ اهڙو مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن جي پوئلڳي ۽ تقليد هر سنڌي اديب ۽ قلمڪار کي ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪرڻ گهرجي. مرزا صاحب جو شاندار علمي ۽ ادبي ڪم سندس بزرگيءَ، بلنديءَ، ڏاهپ، علم دوستيءَ ۽ سنڌ دوستيءَ جو عظيم مثال آهي. اسان ٻه شعر ، ٻه ڪالم ، ٻه ڪهاڻيون ، ٻه مضمون لکون ٿا، ٻه ڪتاب ترجمو ڪريون يا ترتيب ڏيون ٿا ته سمجهون ٿا ته علم ۽ ادب جا صاحب ئي اسان آهيون. ٻين تي اسان جي اک نٿي ٻڏي، پر مرزا قليچ بيگ جهڙو مختلف ٻولين جو عالم ۽ ماهر، سوين ڪتابن جو ليکڪ، مرتب ۽ مترجم، ايڏي علم هوندي به پاڻ کي اڻ ڄاڻ سمجهي ٿو. ڇو ته علم حلم ۽ نهٺائي سيکاريندو آهي. قليچ جو هڪ قطعو آهي: ڪنهن علم کان پڻ قليچ محروم نه ٿيو، نڪتو نه رهيو، جو ان کي مفهوم نه ٿيو، ستر جي قريب پهتو، تڏهن ان کي معلوم ٿيو ته ڪي به معلوم نه ٿيو! قليچ علم ۽ حلم جو صاحب هو. هو گهٽ ڳالهائيندو هو، پر لکندو وڌيڪ هو. نوڙت ۽ نهٺائي هن جي مزاج جو خاصو هئي، جيڪا هن کي علم جي حاصلات ئي ڏني هئي. ڪنهن فارسيءَ واري ڇا خوب چيو آهي: خوب مِي ُگويد سخن هر ڪس ڪه گفتارش ڪم است ميوه نيڪو پر وَرد هر شاخئه اي بارش ڪم است. (جيڪو گهٽ ڳالهائڻو آهي، ڪهڙو نه چڱو ٿو ڳالهائي. جنهن ٽاريءَ تي برسات گهٽ پوندي آهي، ان تي ميوو ڀلو ٿيندو آهي). نامياري عالم ايم ايڇ پنهور پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته هو 1953ع ڌاري زرعي انجنيئر طور سنڌ سرڪار جي ملازمت ۾ داخل ٿيو. ستت ئي زرعي کاتي جي ان وقت جي ڊائريڪٽر اي ايم مختلف فيصلن ۽ انهن جي ڪم ڪار تي خبر نامن/رسالن جي تيار ڪرڻ واسطي محترم ڪريم ڏني راڄپر جي مدد لاءِ مون کي حڪم ڪيو ۽ چيو ته انگريزيءَ ۾ زرعي اصطلاح ڪافي آهن،پر سنڌي اصطلاحات ڳولي ڪڍجن. پنهور صاحب لکي ٿو ته وٽس مسٽر کمڀاتا ۽ ڪوڙي مل چندن مل کلناڻيءَ جي ٻن ڪتابن کان سواءِ مرزا قليچ بيگ جا ٻه ڪتاب ”باغ ۽ باغباني“ ۽ ”زمين پوکڻ جو علم ۽ هنر“ موجود هئا. چئن ئي ڪتابن ۾ زراعت جا سنڌي لفظ ۽ اصطلاح ڏنل هئا، پر چڪاس کان پوءِ اسان مرزا قليچ بيگ جي لفظن ۽ اصطلاحن کي اختيار ڪيو. پنهور صاحب ان مضمون ۾ اهو به خيال ڏيکاريو آهي ته ڪتاب زراعت ۽ باغبانيءَ تي جديد تقاضائن موجب صرف 53 حاشيا لکجن ۽ ”زمين جو علم ۽ هنر“ ڪتاب ۾ صرف 50 صفحن جو واڌارو ڪجي ته ٻئي ڪتاب جديد معيار جا زرعي درسي ڪتاب بنجي سگهن ٿا. سنڌ جي تاريخ تي مقامي تاريخدانن تمام گهٽ قلم کنيو آهي، جنهن ڳالهه کي محسوس ڪندي مرزا قليچ بيگ هيٺيان 8 ڪتاب لکيا، جن جي تاريخي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. (1) چچنامو (انگريزي) (2) سنڌ جي تاريخ (انگريزي) (3) سنڌ جي تاريخ تصويرن سان (4) سنڌ جي مختصر تاريخ (5) سنڌ جا قديم شهر ۽ انهن ۾ وسندڙ ماڻهو (6) رياست خيرپور جي تاريخ (7) چچنامو سنڌي. ٻولي، لسانيات، لغت هڪ اهم موضوع آهي، جنهن بابت قليچ جو ڪم بنيادي حيثيت رکي ٿو. جيتوڻيڪ ٻولين جي نظرين ۾ جديد تحقيق جي حوالي سان وڏي تبديلي اچي چڪي آهي، پوءِ به مرزا صاحب جي ڪم کي ٻوليءَ ۽ لسانيات جا ماهر وساري نٿا سگهن. مرزا صاحب (1) لغات لطيفي (2) سنڌي وياڪرڻ (چار ڀاڱا) (3)Philological curiosity (4) سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ (5) سنڌي لغات قديمي (6) پهاڪن جي حڪمت (7) پارسي زبان جي تاريخ (8) Persian entomology جهڙا اهم ڪتاب لکي، پنهنجي علميت جي ڇاپ ڇڏي آهي. لطيفيات جي موضوع تي ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ ايڇ ٽي سورلي کان سواءِ اوائلي لطيفي پارکن ۾ سنڌي عالمن مان مرزا قليچ بيگ ئي واحد اديب ۽ عالم هو، جنهن 8 ڪتاب لکيا. انهن ۾ (1) شاهه جو رسالو (2) Life of Shah Abdullah (3) ساڳئي ڪتاب سنڌي جو ترجمو: احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو. (4) شاهه جي مختلف سرن جي تشريح تي مشتمل ڪتابڙا (5) لغات لطيفي (6) لطيفي لات (7) شاهه جي رسالي جي ڪنجي (هي ڪتاب اڃا اڻ ڇپيل آهي.) مرزا قليچ بيگ جي علمي عظمت، ادبي بلنديءَ جا گوناگون رخ آهن، جن تي ڪيترا مضمون، ڪيترا ڪتاب ۽ ڪيتريون پي ايڇ ڊيز ڪري سگهجن ٿيون. مرزا صاحب عجيب ليکڪ ۽ اديب هو. هن جي لکڻ پڙهڻ جا طور طريقا ۽ زندگيءَ گذارڻ جا رستا ۽ رخ به پنهنجا هئا. دامانِ نظر تنگ و گلِ حسن تو بسيار گلچين نظر از تنگيءِ دامان گله دارد! (نظر جو پاند سوڙهو آهي ۽ تنهنجي سونهن جا گل سوين آهن. (منهنجي) نظر تنهنجي سونهن جا گل پٽي ٿي ته ان کي پاند جي سوڙهي هجڻ تي چڙ اچي ٿي.)
جواب: محترم تاج جويو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو مور، هرڻ ۽ ڪارونجهر جي ڪورَ بچايو! سومر 29 سيپٽمبر 2008ع ڪجهه سال اڳ، ڪارونجهر جبل جي معدنيات هٿ ڪرڻ لاءِ ڪن ماڻهن کي سياسي بنياد تي ٺيڪا ڏنا ويا هئا، نتيجي طور ٺيڪيدار پٿرن جي زير زمين سطح کي ٽوڙڻ لاءِ انتهائي طاقتور ڊائناميٽ جا ڌماڪا ڪرائيندا رهن ٿا. انهن ڌماڪن جي ڪري نه رڳو سڄو ڪارونجهر جبل ڌٻي وڃي ٿو، پر قديم مندرن ۽ تاريخي بندرگاهه پاري نگر جي تباهي يقيني بڻجي وئي آهي. انهن ڌماڪن جي آواز کان ٽهي، هن علائقي جي سڃاڻپ، مور ۽ هرڻ به نقل مڪاني ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. تازو ڪجهه دوستن سان آگسٽ وارن مينهن بعد سرسبز ٿر ۽ خاص ڪري ننگر جي علائقي جي سير دوران مٿين دردناڪ خبر مون کي ذهني طرح ڇرڪائي ڇڏيو. ڪارونجهر نه رڳو سنڌ جو پر دنيا جو خوبصورت ترين جبل آهي، جنهن جي ڀوري ڳاڙهي پٿر سان وطني محبت جو اظهار ڪندي، سنڌ جي تاريخدان ۽ دانشور عبدالواحد آريسر ڪنهن هنڌ لکيو هو ته، ”دور ديس ۾ موجود ڪنهن پٿر کان وڌيڪ مون لاءِ ڪارونجهر جو ڳاڙهو ڀورو پٿر تيرٿ جو در جو رکي ٿو.“ هن جبل ۾ چيو وڃي ٿو ته هزارين ورهيه اڳ ڪو رون ۽ پانڊون جي وچ ۾ ٿيل تاريخي جنگ جا نشان ۽ علامتون به موجود آهن. ڪورون جڏهن پانڊون کي 13 سال ڏيهه نيڪالي ڏني هئي ته اهي ڪارونجهر جبل ۾ اچي رهيا هئا. ننگر پارڪر شهر جي چوڌاريءَ ڪارونجهر جبل جي هڪ وڏي قطار آهي، جيڪا ڪڪڙ جي بيضي وانگر شهر کي ڦري اچي ٿي. ۽ ننگر جو تاريخي شهر ان جي هنج ۾ دنيا جي حسين ”سياحتي مرڪز“ جي حيثيت رکي ٿو. ڪارونجهر جبل جي ٻاهرين گولائي ويهن کان ٽيهن ميلن جي وچ ۾ ٿيندي. هيءُ جبل، شهر جي ڏکڻ -اولهه طرف ۽ ڪڇ جي رڻ جي اتر -اوڀر ڪنڊ تي موجود آهي. هن جبل جو پٿر مضبوط ۽ سگهارو نه آهي، پر عمارتي ڪم لاءِ ڪارائتو آهي. ڪراچيءَ جون ڪيتريون شاندار عمارتون هن پٿر مان جڙيل آهن. هن جبل ۾ گوڙ ڌرو ۽ ڀٽياڻي نئيون، برساتي پاڻي کڻي، پڙڇا پر جي رڻ ۾ وڃي ڇوڙ ڪنديون آهن ۽ ان پاڻيءَ تي هن علائقي جو هڪ حصو ”ڪاسٻو“ آباد ٿيندو آهي، جتي ٻارهوئي پوک، ڀاڄيون، ميون جا ڪجهه قسم ٿيندا آهن. ڪافي وقت اڳ ان پاڻيءَ کي گڏ ڪري آباديءَ لاءِ ڪم آڻڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو هو، پر سرڪاري ڪارندن گوڙ ڌرو نئن تي ننگر شهر وٽ ڪجهه پٿر گڏ ڪري رکيا هئا ۽ سرڪاري منصوبا ۽ رقمون آفيسرن جي پيٽ ۾ هضم ٿي ويون هيون ۽ اهو پاڻي اڄ تائين رڻ ۾وهندو رهي ٿو. هاڻي وري تاريخي ڀوڏيسر تلاءَ کي ويڪرو ۽ اونهو ڪري پٿر جي پيچنگ ٻڌي، ڪارونجهر جبل جي نئن جو پاڻي گڏ ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، پر ڪامورن جي پراڻي روايت دهرائي وئي ته هي منصوبو به نتيجا نه ڏئي سگهندو. ڀوڏيسر تلاءَ ويجهو تاريخي جين مندر تيزيءَ سان تباهه ٿي رهيو آهي، ان مندر جي آڳنڌ ۾ 30 آگسٽ 2008ع تي روپلي جي ملهايل ورسيءَ ۾ شرڪت دوران معلوم ٿيو ته، هن مندر لاءِ مخصوص زمين ۽ آسپاس وارين زمينن تي ڪن با اثر زميندارن قبضا ڪري غير قانوني پوک به شروع ڪري ڇڏي آهي. ڪارونجهر جبل مان ماکي. جڙي ٻوٽيون، ڪاٺيون، گگر، کونئر ۽ ٻيون ڪيتريون شيون ملن ٿيون، جن کي عام ڳوٺاڻا ماڻهو شهر ۾ وڃي وڪرو ڪندا آهن، ان ڪري هڪ چوڻيءَ جنم ورتو ته، ”ڪارونجهر ۾ روزانو سوا سير سون پيدا ٿئي ٿو“، يعني هن جبل جي روزاني پيداوار سوا سير سون جي اگهه جي برابر آهي. گگر جهڙي قيمتي وڻن کي غير فطري طرح وڍ ڏئي، ڪي ٺيڪيدار قسم جا ماڻهو وڌيڪ گگر حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا، نتيجي طور هي قيمتي وڻ تيزيءَ سان ختم ٿي رهيو آهي. هي وڻ سال ۾ فطري طرح ٻه ڪلو گگر ڏيندو آهي، پر هٿرادو وڍ ڏئي لالچي ماڻهو پنج ڪلو گگر هٿ ڪري 300 روپين ۾في ڪلو گگر ڪراچيءَ جي مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيڻ لاءِ موڪلين ٿا. نتيجو اهو نڪتو آهي ته هي وڻ پنهنجو وجود وڃائڻ واري ”خطري جي نشان“ تي وڃي پهتو آهي. هن علائقي ۾ دنيا جو خوبصورت ترين پکي مور جام ٿيندو آهي. ڪارونجهر ۽ مور جو لاڳاپو تاريخي طرح مشهور آهي. مور جو ناچ هر هنڌ وڻندڙ ٿيندو آهي، پر ڪارونجهر جي ڪور تي مور جي ناچ جو حسن ئي پنهنجو آهي. مون مور جو ناچ مالڻهور، گوڙهيار ۽ ڪارونجهر جي ڪڇ ۾ آباد بستيءَ ڪاسٻي ۾ ڏٺو آهي، جيڪو مون کي زندگي ڀر نه وسرندو. ڪارونجهر جي ڪور ۽ مور جي محبت ۽ سونهن بابت پارڪر واسين وٽ ڪيترائي لوڪ گيت ۽ دوها موجود آهن. ڪارونجهر ري ڪور، مريئي تو ميلئي نهين، ماٿي ٽهوڪي مور، ڏونگر لاگي ڏيپتو! (ڪارونجهر جي چوٽي مرڻ گهڙيءَ تائين وساري نٿو سگهين، جڏهن ان جي چوٽيءَ تي مور ناچ ڪندو آهي ته ڏونگر ڏيئي وانگر ٻرڻ لڳندو آهي). ڪارونجهر جي ڪور تي مور جي راڙ ٻڌي سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز به چيو هو ته: اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي، اچي ٿي، متان ائين سمجهين، مئا مور سارا! مور ۽ ڪارونجهر جي محبت ۽ لاڳاپو، ٿر جي ڪاري ڏڪار ۾ به ڪڏهن نه ٽٽو آهي. وسڪاري جي رت ۾ ته مور هينئون چيري ٽهوڪندو آهي. هڪ ڍاٽڪي دوهو آهي ته: اسين گِڙ را مورلا، ڪانڪر پيٽ ڀران، رُت آئي نه ٻولان، هينئون ڦاٽ مران! (اسان ڏونگر جا رهواسي مور پٿريون کائي پيٽ ڀريندا آهيون، وسڪاري جي رت آئي آهي، ان ۾ نه ٻوليون ته جيڪر اسان جو هينئون ڦاٽي پوي). اهي مور ڊائناميٽ جي ڌماڪن تي ڪارونجهر جبل ڇڏڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن. مور انتهائي حساس ۽ نرم دل پکي ٿيندو آهي، ان جي دل ڊائناميٽ جي ڌماڪي ۽ بندوق جي ٺڪاءَ تي ٽٽي پوندي آهي. ٿر جا ماڻهو مورن کي ”ٿر جا فقير“ سڏيندا آهن، جن جي خدمت ڪرڻ هو فرض سمجهندا آهن. اهي گهر اڱڻ جي سونهن هوندا آهن. جن گهرن ۾ مور پاليل هوندا آهن، اهي بي ڊپا، هڪ چونئري کان ٻئي چونئري تائين پيا ٽپڪندا ۽ ٽيلارا ڏيندا آهن، خاص ڪري ٻار ۽ مور جو پيار مثالي آهي. ان ڏس ۾ مقامي طور ڪيئي ڪهاڻيون ملن ٿيون. هن وقت هڪ طرف مور جي ڊائناميٽ ڌماڪن ذريعي نقل مڪاني ۽ نسل ڪشي ٿي رهي آهي، ته ٻئي طرف ”ڍول سپاهيا“ ۽ هڪ قانون لاڳو ڪندڙ اداري جا اهلڪار مور جو وڏي پيماني تي شڪار ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته هو مور جو گوشت چاهه سان کائيندا آهن. ڪجهه سال اڳ ڀوڏيسر مسجد آڏو جڏهن ڪجهه مور ذبح ڪري انهن جو رت هاريو ويو هو ته ٿر ۾ غم ۽ غصي جي لهر ڊوڙي ويئي هئي. ائين بندوقن جي ٺڪائن ۽ شڪار رستي به مور ختم ٿي رهيا آهن. نه رڳو ايترو پر اهي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جا صاحب جڏهن اباڻن ڳوٺن ڏانهن عيد براد تي ويندا آهن ته مورن جي آنن سان گڏ مورن جا ٻچا ڦاسائي، ڪاغذ جي کوکن جي ٺاهيل سوراخ دار پڃرن ۾ کڻي ويندا آهن، جن مان اڌ کان گهڻا ٻچا گرميءَ ۽گاڏين جي گوڙ سبب واٽ تي ئي گهٽجي ۽ ٻوساٽجي مري ويندا آهن. هاڻي ته وري مور ڦاسائڻ جي پرمٽ به آسان ٿي ويئي آهي، 200 رپين جي پرمٽ تي هڪ ماڻهو ڪيترا مور شڪار ڪري/ڦاسائي سگهي ٿو. هيءَ مور جي نسل ڪشي سنڌ جي ساڃاهه وندن لاءِ سواليه نشان بڻيل آهي. معدنيات هٿ ڪرڻ لاءِ ٻيا به ڪيترائي جبل آهن، ان ڪري دنيا جي هن خوبصورت جبل جي فطري جوڙجڪ جي سلامتي ۽ بحالي ضروري آهي، ان لاءِ ساڃاهه وندن کي آواز اٿارڻ گهرجي ۽ موجوده جمهوري حڪومت کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. پارڪر جي سونهن ڪارونجهر ۽ مورن سان قائم آهي. ڪارونجهر ۾ نه رڳو جينين ۽ پانڊون جا داستان ۽ نشان موجود آهن، پر اتي موجود چندن گڍ، راڻي رتن سنگهه، روپي ڪولهي ۽ سندس بهادر ساٿين ڏجي، مڏي ۽ ٻين جي حب الوطنيءَ جا آثار ۽ داستان هن جبل جي وجود سان ئي قائم آهن، ان ڪري وائيلڊ لائيف کاتي، سرڪار، اين جي اوز ۽ ساڃاهه وند ڌرين کي آواز اٿارڻ گهرجي. تازا اطلاع آهن ته هن مند ۾ هرڻن جو شڪار به شروع ٿي ويو آهي. هاڙي، شيولي، چيلهار، کوکرا پار، تڙدوس ۽ ڇاڇري جي کائڙو واري حصي رڙ گڙ ۾ نه رڳو هرڻن جو شڪار ٿي رهيو آهي، پر هن رت ۾ هرڻيون ٻچا ڏين ٿيون ته سندن ٻچن جو لڪ چوريءَ وڪرو به جاري آهي، خاص ڪري مادي ٻچن جي سنڌ جي شهري علائقن ۾ تمام گهڻي گهر آهي. هرڻيءَ جو اٺن ڏينهن جو معصوم ٻچڙو، پروفيشنل شڪاري جيپن ۾ کڻي مخصوص هنڌ تي اٺن کان ڏهن هزارن ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن. وائيلڊ لائيف کاتي کي هن طرف سجاڳ ٿيڻ گهرجي ۽ سندن صفن ۾ موجود هرڻ جي نسل ڪشيءَ ۾ ملوث آفيسرن ۽ واچ مينن خلاف قدم کڻڻ گهرجي. ان کان سواءِ، چون ٿا ته سارس پکيءَ جي نسل جو ته هتان بنهه خاتمو ٿي ويو آهي ۽ سارس پکيءَ جو آخري جوڙو به ”نر يا سر“ ۾ مارجي ويو آهي. سارس پکيءَ بابت ڍاٽڪيءَ ۾ ڪيترائي دوها موجود آهن: رات سارس، ٻوليو، دريا ٽهلي دنگ مين ستو ڙي ۽ ساجن ساريو، ارگهٽ بهه گئي انگ (رات سارس پکيءَ دريا (هاڪڙي) پار ٻوليو، مون کي ستي ساجن اچي ياد پيو ۽ منهنجا انگ ڪارائي کان تکي اوزار سان وڍجي رهيا هئا). ان صورتحال ۾ ڪارونجهر جي فطري سونهن بچائڻ سان گڏ مورن ۽ هرڻن جي نسل ڪشيءَ کي روڪڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ڪٿي ڪو سارس ملي ته جيئن کير ٿر نيشنل پارڪ ۾ سرهن ۽ گڍن جي نسلي حفاظت ڪئي وڃي ٿي، ان نموني هن خوبصورت پکيءَ جي نسلي واڌ طرف پڻ ڌيان ڏنو وڃي.
جواب: محترم تاج جويو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو ناياب پکين جي نسل ڪشي اڱارو 7 آڪٽوبر 2008ع سنڌ، صدين کان سک، امن، آرام ۽ آشتيءَ جي سرزمين رهي آهي. هتي جا ماڻهو تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ پرمار ۽ لٽيرا نه رهيا آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو صدين کان وٺي ستايل ۽ سياسي طوفانن جي ڀڄايل ماڻهن، هتي اچي پناهه پئي ورتي آهي. نه رڳو ايترو پر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا پکي پکڻ ۽ ساهوارا به ايامن کان وٺي هن سدا سرسبز زمين تي ايندا ۽ هتان جا ٿيندا رهيا آهن. هن ڌرتيءَ تي انهن کي نه رڳو امن، آرام ۽ چوڳو مليو آهي، پر ماء ُواري ڪوسي هنج به نصيب ٿي آهي. مختلف ملڪن مان لکن جي تعداد ۾خوبصورت ترين پکي، جن ۾ڪونجون، آڙيون، نيرڳي، لاکي ڄاڃي، سانهه، پوراڙا، ڊگوش ۽ ٻيا پکي اچي وڃن ٿا، صدين کان هر سال سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر جي مهينن ۾ سنڌ جو رخ ڪندا آهن. جڏهن لطيف جي لفظن ۾ ”سر نسريا پاند، اتر لڳا آءُ پرين“ وارو ماحول سنڌ ۾ جنم وٺندو آهي، سهاڳڻيون پرڏيهه يا سنڌ جي مختلف حصن ۾ ڪمائيءَ لاءِ ويل ورن کي سياري ورندي سارينديون آهن، تڏهن ڪونجون ڪرلائينديون، سنڌ پهچي وينديون آهن، نيرڳي، آڙيون، ڊگوش ۽ ٻيا پکي منڇر، سونهري، ڳونهري، حمل، ڊگهه، بڊام، ڪينجهر، مکي، چوٽيارون، بڪار ۽ ٻين ڍنڍن تي پهچي ويندا آهن، سندن اهو سفر هن سرزمين تي هزارين سالن کان جاري ۽ ساري آهي. حالتون سازگار هجن يا ناسازگار، پر هي امن جا پکي، هن عالمي امن جي علامت سرزمين سنڌ ۾ ساهه کڻڻ ۽ چوڳي چوڻي جي تلاش ۾ پڄي ويندا آهن. ڪيترا ڀيرا منڇر ۽ ڪينجهر ڍنڍن تي اهڙا به پکي ڏٺا ويا آهن، جن جي پيرن ۾ پيل ڇلن تي رشيا، سائبيريا ۽ اتر جي ٿڌن ملڪن جا نالا لکيل هوندا آهن. ”ڪونج“ دنيا جي حسين ترين پکين مان آهي، ڪونج ۽ سنڌ جو لاڳاپو ايامن کان قائم آهي، ايتريقدر جو سنڌ جي سماجي زندگيءَ توڙي ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعريءَ ۾ ڪونج جو ذڪر عام جام ملي ٿو. ڪونج بابت مشهور آهي ته اها پنهنجا آنا سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر مهينن دوران اترين سرد جبلن ۾ لاهي سنڌ (لاڙ، ٿر) ڪڇ ۽ هند ڏانهن سفر ڪندي آهي. ڪونج ٽوليءَ جي صورت ۾ سفر ڪندي آهي. جڏهن ڪونجن جو وڳر اڀ تي اڏامندي ڏسبو آهي ته خوبصورت زنجير جو ڏيک ڏيندو آهي. ان مان ڪونجن جي پاڻ ۾ پريت جي ڄاڻ پوندي آهي. ڪونجن جي ان لازوال محبت جومشاهدو ڪندي سندن وڳر واري خصوصيت جو لطيف سائينءَ هن ريت ذڪر ڪيو آهي؛ وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾، پسو پکيئڙن، ماڻهونئا ميٺ گهڻو! شاهه جي رسالي ۾ سر ڏهر توڙي ڍاٽڪي رومانوي داستان ”ڍولا مارو“ ۾ ڪونج جو ڪافي ذڪر آهي. حسين ۽ جميل مارو، پنهنجي محبوب ڍولي جي ياد ۾ رات جو تارا تڪيندي اڀ ۾ ڪونجن جوڪرلاءُ ٻڌي، سندن وڳر ڏسي، ڍولي سان محبت جو اظهار هن ريت ڪري ٿي: ڪونجان رات ڪريڙيو، ٽولي ٽولي ٽِيس، ستي ڍولو ساريو، ارلي ڀاگي اِيس. (رات ڪونجون ٽيهن ٽيهن جي ٽوليءَ ۾ ڪرلائينديون پئي ويون، اي ڍولا! توکي ستي ساريندي، مون ڇاتيءَ جي زور سان کٽ جي ايس ڀڃي ڇڏي.) ڪونج کي ماري ڍٻيءَ ۾ ڦاسائيندا آهن ۽ شڪاري بندوق سان شڪار ڪندا آهن. مور وانگر ڪونج به انتهائي حساس پکي آهي، پنهنجي جوڙ جو وڇوڙو برداشت نه ڪري سگهندي آهي. چون ٿا ته جتي سندس ساٿي ماريو ويندو آهي، اتي لاماري ڏيئي ڪري مري پوندي آهي. تڏهن ته ڀٽائيءَ به وڇوڙو وجهندڙ مارين/شڪارين کي پٽيندي چيوآهي ته: مارِي مرين شالَ، ڍٻ وڃنئي ڍٻيون، جيئن تو اچي ڪالهه. وڌو وچ وِرهيين! ڪونج جو رومانس ۽ پيار، سنڌ جي گهر گهر ۽ ڪنڊ ڪنڊ ۾ مشهور آهي. ”ڪونج“ نالو سنڌ ۾ نياڻين تي عام رکيو ويندو آهي. سنڌ جي برک ڪهاڻيڪار نجم عباسيءَ جي نياڻيءَ جو نالو ”ڪونج“ آهي. مزاحمتي شاعر اسير ملاح جي ڀائٽي به ڪونج آهي. سنڌ–هند جي برک ليکڪ هري موٽواڻي 1960ع ڌاري ممبئي (انڊيا) مان ”ڪونج“ رسالو ڪڍيو هو، جيڪو اڄ به سندس ديهانت کانپوءِ سندس ساٿي نند ڇڳاڻي جاري رکيو اچي، جنهن جي پٺيان سنڌ کان وڇڙڻ جو تصور موجود آهي. سنڌ ۾ مائرون، نياڻين کي ڪونجون سڏينديون آهن. پرڻائي ڏنل نياڻين جي ڀيٽ ”ڪونجن“ سان ڪئي ويندي آهي، جيڪي جڏهن گهر/ولرن کان وڇڙي ساهرين وينديون آهن ته مائرون سندن وڇوڙي ۾ گيت چونديون آهن. سنڌي عورتن جي ڳيچن، سهرن ۾ به ڪونج جو ذڪر عام ملي ٿو. ڪُونج ڪاڏهن آئي ڙي! ڪونج ولر واري. کوهن تان ٻيلهڙا ڀري، مٿي ۽ ڪڇ تي کڻي قطار ۾ هلندڙ پاڻهيارين کي ”ڪونجن“ جي قطار سان ڀيٽيو ويندو آهي. شيخ اياز جي هڪ شعري مجموعي جو به نالو ڪونجن جي نسبت سان آهي، ”ڪونجون ڪرڪن روههَ ۾“. ڪونج جي ڊگهي ۽ سنهڙي ڳچي، حسن جي علامت سڏي ويندي آهي، پير علي محمد راشديءَ جو ”ڪونج“ عنوان سان هڪ ڪلاسيڪي مضمون لکيل آهي. ڪونجون سياري جي رت سنڌ ۽ هند جي مختلف علائقن ۾ گهاري وطن واپس ورنديون آهن، ان عرصي تائين انهن جا ٻچا آنن مان ڦٽي چڪا هوندا آهن ۽ وڃي سندن چوڻي پاڻيءَ جو بندوبست ڪنديون آهن. دنيا اندر پکين ۽ جانورن جي نسل ڪشيءَ کي روڪڻ لاءِ ڪيترائي ادارا جڙيل آهن. خود پاڪستان ۾ وائيلڊ لائيف ۽ فاريسٽ کاتا به قدرت جي هنن حسين شهڪارن کي بچائڻ لاءِ قائم آهن. هڪ ماحول دوست فورم ٿر ۽ ٻين حصن ۾ جهنگلي جيوت/پکين ۽ جانورن کي بچائڻ لاءِ سرگرم آهي. 1991ع ڌاري جهنگلي جيوت جي عالمي فنڊ جو ان وقت جو صدر شهزادو فلپ پاڪستان آيو هو، ان موقعي تي تلور پکيءَ جي نسل بچائڻ لاءِ پاڪستان جي اڪثر اخبارن ۾ جهنگلي جيوت بچائيندڙ ادارن جا اشتهار ڇپيا هئا ۽ پي ٽي وي پڻ اشتهار ٽيليڪاسٽ ڪيا هئا. تلور سنڌ جو هڪ خوبصورت پکي آهي، جيڪو سياري جي شروعات ۾ جيڪب آباد، بلوچستان سان ملندڙ پٽ واري ڀاڱي، ميرپور ماٿيلي، ڀارت واري سرحدي حصي ۽ چولستان توڙي ٿرپارڪر وارن ڀاڱن، ننگر پارڪر (ڇڇي، ڀيمراڙ راٺي) وَٽِ (ٽيڀاڙي، ڀوٽاڙو)، سامروٽي (علي بندر واري پٽي)، کائڙ (جيسي جو پار، تڙ دوس)، ڇاڇراٽي (کِينسر) ۽ ڪانٽيي وغيره ۾ عام جام ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هن خوبصورت پکيءَ جي شڪار تي پاڪستان ۾ قانوني طور پابندي آهي، پر سياري شروع ٿيڻ سان عرب رياستن جا شهزادا سنڌ پهچي ويندا آهن. لاڙ، ٿر ۽ اپر سنڌ ۾ بازن رستي تلور ۽ ٻين پکين جو شڪار ڪندا آهن. کين نه رڳو تلورن ۽ ٻين پکين جي شڪار جي جهل نه هوندي آهي، پر مختلف علائقن ۾ سنڌ وائيلڊ لائيف کاتي جا عملدار ڪجهه لب لالچ ۾ اچي ۽ ڪجهه سرڪاري ”صاحبن“ جي هدايتن تي کين شڪار جون سڀ سهولتون مهيا ڪندا آهن، جيئن هڪ اطلاع موجب، هن وقت ٿر ۾ ٽيڀاري، ڇڇي، ڀيمراڙ راٺي ۽ علي بندر جي وٽ ۾ عرب شهزادن لڏا لاهي اچي ڪئمپون قائم ڪيون آهن. سنڌ وائيلڊ لائيف کاتي ۽ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ پاران ڪنزرويٽر ۽ گيم وارڊن مقرر ڪيل آهن، جن جو ڪم ناياب پکين ۽ جانورن جي نسلن کي بچائڻ لاءِ قدم کڻڻ هوندو آهي، پر اخباري خبرن ۽ ذاتي مشاهدن مان معلوم ٿيو آهي ته، ناياب پکين، جانورن جي نسل ڪشيءَ ۽ شڪار ۾ سنڌ وائيلڊ لائيف ۽ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ جي ننڍي ملازم کان وٺي وڏي عملدار تائين سڀ شامل آهن. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته پکين جي اها سرڪاري طرح اجتماعي نسل ڪشي ڪنهن به دور ۾ ختم نه ٿي آهي، البته ڍنڍن، سَرن، تلائن ۽ تراين جي ڀر ۾ رهندڙ ڪنهن مسڪين ڳوٺاڻي ڀل ۾ بک جو ڀانڀ ڀرڻ لاءِ ڪو پکي ڦاسائي وڌو ته اهو ٻارين ٻچين ڪاٺ ۾ هوندو آهي ۽ کانئس ڳرا ”جرمانا“ ڀرايا ويندا آهن. جيڪب آباد کان ٺٽي تائين آفيسرن جي اجازت ۽ ”منٿلي“ جي ادائگيءَ وسيلي ڪيترا شڪاري، ڍنڍن جا پکي ڦاسائي، روڊن جي ڪنارن تي ۽ شهرن ۾ وڪرو ڪندا رهندا آهن، پر کين ڪا روڪ ٽوڪ نه هوندي آهي. اڄ دنيا جا ماڻهو جهنگلي جيوت جي بچاءَ ۽ فطرت جي سونهن جي برقراريءَ لاءِ پريشان آهن ۽ قانون جوڙي رهيا آهن، ڇو ته فطرت جي حسن جي سلامتيءَ سان انساني جذبا، احساس، امنگون ۽ ماڻهپو سلامت رهن ٿا، پر هتي ته ان عالمي قانون تي مڙئي عمل گهٽ ٿيندو آهي. هتي ڪڏهن ڪو جمهوريت جو علمبردار ذوالفقار علي ڀٽو ڦاهي گهاٽ تي پهچايو ويندو آهي، ڪڏهن ڪو قومي تحريڪ جو رهبر جي ايم سيد پرڏيهه علاج جي اجازت نه ملڻ سبب ”ڪوما“ ۾ جام شهادت پي ويندو آهي. ڪڏهن ڪو اڪبر بگٽي ۽ بالاچ شهيد ڪيو ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪا جمهوريت جي راڻي بينظير ڀٽو شهادت جو مرتبو ماڻي وٺندي آهي، ته اهڙي ملڪ ۾ ڪونج، مور، تلور، آڙيون، نيرڳي ۽ ٻيا خوبصورت پکي ڀلا ڪهڙي حيثيت رکن ٿا؟ جتي خودڪش بمبارن کان مسجدون، مندر، ڪليسائون، اسڪول ۽ هوٽلون سلامت نه هجن، جتي مذهبي فرقيواريت ۽ دهشتگرديءَ جو شڪار عيدگاهون ۽ عام سياسي جلسا ٿي سگهن، اتي کير ٿر، ڪارونجهر، چولستان ۽ ٿر جا پکي سلامت ڪيئن ٿا رهي سگهن. بغل ۾ بندوق، ماريءَ ميرا ڪپڙا، ماريو ميرَ ملوڪ، لتاڙيو لڪ چڙهي! پر اڃا انسانيت مئي ناهي، اڃا ماڻهپو مفقود نه ٿيو آهي، اڃا شعور جا نيسارا سنڍ نه ٿيا آهن، ان ڪري اسان ساڃهه وند اديبن، سماجي ڪارڪنن، سياستڪارن، مذهبي رواداريءَ جي علمبردارن، جهنگلي جيوت جي بچاءَ جي دعويٰ ڪندڙ ادارن ۽ اين جي اوز جي انسان دوست ۽ ماحول دوست ساٿين کي آواز بلند ڪرڻ گهرجي ۽ ناياب پکين جي نسل ڪشي بند ڪرائڻ لاءِ جتن ۽ جاکوڙ ڪرڻ کپي.