مست
سينيئر رڪن
دبئي جي پوليس چيف جي مطابق پنجويهه هزار خفيه ڪيمرن جي مدد سان شهر جي سيڪيورٽيءَکي يقيني بڻايو پيو وڃي۔ اهي ڪيمرا روڊن رستن، ٽريفڪ سگنلز، ڪراسنگس، هوٽلن، شاپنگ مالس، ميٽرو وي، ايئرپورٽس ۽ ٻين پبلڪ جاين تي لڳايا ويا آهن، جن جو ڪنٽرول دبئي پوليس جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر منجهان ٿئي ٿو، سندس چوڻ مطابق ته هي ڪيمرا ماڻهن جي سر تي تلوار لٽڪائڻ جي لاءِنه آهن پر هنن جو مقصد شهر جي سيڪيورٽيءَکي يقيني بڻائڻ آهي۔ ڪيمرن جي انهيءَسسٽم کي نهايت ئي ماهر، مستعد ۽ چوڪس عملو هلائي رهيو آهي۔ انهن ڪيمرن جون تصويرون صرف جرم واقع ٿيڻ ۽ ثابت ڪرڻ لاءِ ئي استعمال ڪبيون آهن۔ ان جو سڀ کان وڏو ثبوت اهو آهي ته هزارين ماڻهو دبئي اچن وڃن ٿا، پر الزام صرف ان تي لاڳو ٿئي ٿو جيڪو جرم ڪري ٿو۔
صرف دبئي جي ايئرپورٽ تي ئي 3 هزار سمارٽ ڪيمرائون موجود آهن، جڏهن ته هڪ سو سٺ کان مٿي موبائل موونگ ڪيمرا دبئي جي روڊن تي گشت ۾ هوندا آهن ته جيئن شهر جي صورت حال کان هر لمحي باخبر رهجي۔۔
صرف دبئي جي ايئرپورٽ تي ئي 3 هزار سمارٽ ڪيمرائون موجود آهن، جڏهن ته هڪ سو سٺ کان مٿي موبائل موونگ ڪيمرا دبئي جي روڊن تي گشت ۾ هوندا آهن ته جيئن شهر جي صورت حال کان هر لمحي باخبر رهجي۔۔

