محترمه ماروي ميمڻ جي لکين ڪالمن جو مجموعو

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏7 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    قومي سلامتي ڪانفرنس ۽ ڀارتي الزامن جي حقيقت!




    اربع 3 ڊسمبر 2008ع



    آزاد ۽ خودمختيار قومن جي پاران سفارتي سطح تي خوشامد ۽ اجائي نوازش انهن ملڪن لاءِ ڪمزوريءَ جي نشاني ثابت ٿيندي آهي ۽ بمبئي بم ڌماڪن ۾ هندوستان حڪومت جي جارحاڻي رويي اها ڳالهه ٿابت ڪئي آهي. اسان کي به هندوستان ۾ ٿيل واقعن جو ڏک آهي، ممبئي ۾ سوين معصوم ماڻهن جون جانيون ضايع ٿيڻ ڏک جهڙو عمل آهي ۽ اسين ان جي ڀرپور مذمت ڪيون ٿا، پر هندستان کي به گهرجي ته هو ائين تڪڙ ۾ پاڪستان تي الزام هڻڻ بجاءِ پنهنجي ملڪ جي اندروني پاليسي تي به نظر وجهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته اسين هندوستان جي لڳايل الزامن تي ميڊيا جي پروگرامن ۾ ”جوابده“ طور پيش ٿيڻ جي ڀيٽ ۾ هندوستان ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي ڀڃڪڙي کي به دنيا اڳيان وائکو ڪريون ها. موجوده حالتن ۾ اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته هندوستان جي پروپيگنڊه مهم انتهائي منظم آهي. انهن جا حڪمران ميڊيا ۽ عوام سڀ هن وقت پاڪستان تي انهن واقعن ۾ ملوث هجڻ جا الزام هڻي رهيا آهن. پاڪستان کي به هن وقت اهڙي ئي ٻڌيءَ جي ضرورت آهي.

    هندستان جي وزير داخلا جيئن حالتن جي ذميواري قبول ڪندي استعيفيٰ ڏني آهي، اهو اسان لاءِ هڪ سبق آهي پر هتي اسان جي ملڪ ۾ اهڙا ۽ ان کان ڪيترا وڏا واقعا روزانو جو معمول بڻيل آهن، پر هتي اسان جا حڪومتي عهديدار ان قسم جي روايتن کان پري آهن. پاڪستان حڪومت موجود مسئلن تي ”قومي سلامتي“ جي نالي ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو آهي. موجوده حالتن ۾ اهو هڪ سٺو عمل آهي ۽ مخالف ڌر وارن جو به اهو ئي موقف رهيو آهي پر سوال اهو آهي ته حڪومت ڪرڻ ڇا ٿي چاهي ۽ جيڪو ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿي، ان ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شامل پارٽين جي راين کي ٻڌو به ويندو ۽ انهن تي عمل به ڪيو ويندو يا صرف ٻڌي ڪري ماني کارائي واپس ڪيو ويندو. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ڪم جي ڳالهه نه ٿيندي. آل پارٽيز ڪانفرنس تڏهن ئي اهم ثابت ٿيندي، جڏهن ٻين پارٽين جي موقف کي ٻڌي انهن کي سچائي سان مڃي انهن تي عمل به ڪيو وڃي. اسان جي نظر ۾ هيٺين اهم ڳالهين تي غور ٿيڻ گهرجي.

    . هندستان افغانستان سان هڪ خفيه معاهدو ڪيو آهي، سو اهو ته هندستان هڪ لک 50 هزار فوج افغانستان موڪليندو. ان سان نه صرف ان خطي ۾ امن بگڙجي ويندو پر هندستان پاڪستان کي گهيرو ڪري ويندو.

    .هندستان لداخ ۾ ايئر بيس قائم ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو آهي، جيڪو دفاعي لحاظ کان ڪشمير ۾ هڪ نهايت اهم مقام آهي.

    .هندستان چين ۽ پاڪستان جي سرحدن تي خفيه سرنگن ٺاهڻ جو ڪم پڻ شروع ڪيو آهي. هندستان جي اهڙن قدمن جي ڪري هتي هٿيارن جي ڊوڙ وڌيڪ تيز ٿي ويندي.

    .هندستان آمريڪي ۽ اسرائيلي فوجي عملدارن کي سياچن جو دورو ڪرايو آهي، جنهن جي پٺيان به يقينن ڪا رٿا هوندي.

    .هندوستان هميشه ان ڪوشش ۾ رهيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ هندن جو تعداد، مسلمانن جي تعداد کان وڌي وڃي. هندستان ۾ هندو شرائين بورڊ کي اهڙي زمين مندر ٺاهڻ لاءِ ڏني وئي، جيڪا تڪراري رهي آهي.

    .هندستان هميشه اسان جي صدر ۽ عوام کي گارنٽي ڏيندو رهيو آهي ته هو پاڪستان جو پاڻي بند نه ڪندو، پر پوءِ به هنن ائين ڪيو.

    .هندوستان ۾ هن وقت تائين ڪنهن به هڪ هندو انتهاپسند تنظيم تي پابندي نه هنئي وئي آهي، جيڪي مسلمانن خلاف ويڙهاڪ تيار پيا ڪن.

    .2002ع ۾ گجرات ۾ مسلمانن جو ڪوس ڪيو ويو، ان جا ذميوار حڪمران آهن.

    .آمريڪا ۽ هندوستان وچ ۾ ٿيل دفاعي معاهدن سبب هتي طاقت جو توازن بگڙي ويندو.

    .هندستان پاران وچ ايشيا جي ملڪن ۾ فوجي اڏن جي تعمير پڻ هن خطي جي امن لاءِ نقصان ڪار آهي.

    .هندستان آوانتي پور ايئر بيس تي ائٽمي هٿيارن سان ليس هوائي جهاز هر وقت تيار رکيا آهن، جنهن سان هن خطي ۾ غلط فهمي وڌي رهي آهي ۽ اها غلط فهمي ئي ايٽمي جنگ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

    .هندستان جولاءِ کان ڪشمير ۾ پنج وڌڪ بٽالين مقرر ڪيون آهن.

    .هندوستان هميشه سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي ڪري پاڪستان جو پاڻي روڪيو آهي. هندستان پاڪستان جي پيش ڪيل 6 ڊيمز جو ڊزائين رد ڪيو ۽ هڪ طرفي ڪاروائي ڪري متنازعه ڪشن گنگا ڊيم جي تعمير شروع ڪئي. ان کان سواءِ هندستان سنڌو درياءَ تي ڪارگل ڊيم ٺاهي رهيو آهي. نه صرف ايترو بلڪه هو سنڌو درياهه جو رخ موڙڻ جي سازش پيو ڪري. ان کان علاوه اها به سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي آهي ته هندستان بگهليار ڊيم ٺاهي. هندستان چناب تي وڌيڪ ٽي هائيڊرو پاور پلانٽ ٺاهڻ جو سوچي رهيو آهي.

    .هندستان هميشه اسان تي لائين آف ڪنٽرول ٽوڙڻ جو الزام هنيو آهي، جڏهن ته کيس خبر به آهي ته اهو تمام نازڪ اشو آهي.

    .هندستان جي سيڪيورٽي ڪائونسل وارن ته اهو به چيو هو ته آءِ ايس آءِ کي ختم ڪيو وڃي. اها ڳالهه به سندن بيانن ۾ رڪارڊ تي آهي ته دهشتگرد آءِ ايس آءِ جي مدد سان هندستان خلاف ائٽمي ۽ ڪيميائي هٿيار استعمال ڪري سگهن ٿا. هندستان جي وزير اعظم جا بيان به ان سان ملندڙ جلندڙ آيا آهن. ان طرح جا بيان، بغير ڪنهن ثبوت جي حالتون خراب ڪن ٿا.

    سمجهوته ايڪسپريس، ممبئي، ڪابل، اتر پرديش ۽ جئه پور جي واقعن ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايس آءِ کي بغير ثبوتن جي ملوث ڪيو ويو، جڏهن ته پاڪستان گڏيل اينٽي ٽيرر مڪينزم جي ميٽنگ ۾ هندستان کي ثبوت پيش ڪيا ته هندستان جا قنڌار، هرات، جلال آباد، مزار شريف ۽ زاهدان ۾ موجود ڪائونسل خانا پاڪستان خلاف سرگرمين ۾ ملوث آهن. هندستان سان هن وقت تائين ڀيرا چار مذاڪرات ٿيا آهن پر ڪشمير، سر ڪريڪ، سياچين ۽ وولر بيراج تي ڪي به نتيجا نه نڪري سگهيا آهن. هاڻي ته افغانستان جي به پٺي ٽپي پئي وڃي ته اهي پاڪستان جي درياهن جي روڪ ڪن. هندستان ۾ فوج کي خاص اختيار ڏناويا آهن، جيڪي بين الاقوامي انساني حقن جي ادارن هيومن رائيٽس واچ جي مطالبن باوجود ختم نه ڪيا آهن. هاڻوڪا بمبئي واقعا مٿي ذڪر ڪيل واقعن جو تسلسل ۽ پيدا وار آهن، جن ۾ پاڪستان کي ملوث قرار ڏنو ٿو وڃي. اسان جي حڪومت کي اهڙن واقعن تي معزت وارو رويو اختيار نه ڪرڻ گهربو هو. بهرحال حڪومت جي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ اميد رکجي ٿي ته سڀني پارٽين جي صلاحن کي ٻڌي ان تي گڏيل حڪمتِ عملي جوڙي ويندي.

    marvi.memon@gmail.com
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترمه ماروي ميمڻ جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    عيد، سنڌ ۽ حڪومت!




    اڱارو 9 ڊسمبر 2008ع



    پاڪستان ۾ مسئلا ڪافي آهن، پر خاص طور تي سنڌ مسئلن جو گهر بڻيل آهي ۽ جڏهن ان سبجيڪٽ تي غور ڪيوسين ته حيرت ٿي، ڇاڪاڻ جو سنڌ مان موجوده حڪومت کي Absolute اڪثريت ملي آهي، وزارتن ۾ حصو اٿن، سنڌ ۾ حڪومت پيپلز پارٽي وٽ آهي، پر پوءِ به سنڌ مسئلن جو گهر لڳو پيو آهي. بيروزگاري ايتري وڌي وئي آهي جو ماڻهو خودڪشيون پيا ڪن. صحت جي ناقص ڪارڪرگي آهي، سنڌ ۾ بيماريون وبائي شڪل اختيار ڪري ويون آهن، مطلب ته سنڌ مان اڪثريت چونڊيل نمائندن وٽ آهي، جيڪي حڪومت ۾ آهن، قومي سطح تي خاص ڪري ڳالهائڻ لاءِ وڏا اشوز آهن، پر حيرت آهي ته اهي نه صرف خاموش رهن ٿا، پر سنڌ جي اشوز جي حل لاءِ ڪوششون به نٿا وٺن. اتي سڄي صورتحال ۾ مون اڳيان اهي سوال سامهون آيا ته يا انهن وانگر خاموش رهجي؟ يا سنڌ جي ماڻهن جا معاملا، مسئلا وفاقي سطح تي کڻجن، ڇاڪاڻ جو سنڌ مان چونڊيل نمائندن جي ڪا اپوزيشن نه هجڻ ڪري انهن کان ڪو ان معاملي تي ڪجهه پڇڻ وارو ناهي، ان لاءِ مون قومي اسيمبليءَ جي ميمبر طور وزير اعظم پاڪستان يوسف رضا گيلاني کي هيٺ ذڪر ڪيل خط لکيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جيڪا مسئلن جو گهر بڻيل آهي، ان جا ڪجهه مسئلا ان خط ۾ واضح ڪيا اٿم. اميد ته وزيراعظم انهن ٻڌايل مسئلن تي قدم کڻندو ۽ جوابده اٿارٽيز کان پڇاڻو ڪندو. مون اهو خط نمبر REF/102/…../021208 وزير اعظم ڏانهن لکيو آهي، جيڪو هيٺين ريت آهي ته:

    عزت ماب جناب وزير اعظم صاحب!

    مان توهان جي سامهون سنڌ جي ماڻهن جا اڄڪلهه جا ٻرندڙ اشوز پيش ڪري رهي آهيان. مون کي پڪ آهي ته توهان ان تي توجهه ڏيندا ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ تمام تڪڙا اپاءَ وٺندا ته جيئن توهان جي حڪومت تي قائم ڪيل اعتماد تي ناڪاري اثر نه پون. سنڌ جي مسئلن جا تفصيل هيٺ ڏجن ٿا.

    امن امان: سنڌ ۾ سڀ کان اهم ترين اشو اڄڪلهه امن امان جو مسئلو آهي. ڪراچي وارا فساد پنهنجي جاءِ تي، پر سنڌ جي اندرين حصن ۾ مڪمل باهه ٻري پئي آهي. نوجوان جوڙن جو اغوا، جرڳن جي فيصلن تحت انهن جا قتل، نوجوان ڇوڪرين جا قتل سڀ عام آهن. سنڌ جو ڪو ڳوٺ، شهر، وستي، نگر اهڙي ناهي، جتي ماڻهو قتل نه ٿيندا هجن، اغوا نه ٿيندا هجن. ڀنگ لاءِ اغوا سنڌ ۾ انڊسٽري بڻيل آهي. هڪ ئي مثال وٺو ته قومي اسيمبليءَ جي ميمبر شمشاد بچاڻي صاحبه جو ڏير، پيپلز پارٽي ليڊر عبدالستار بچاڻي جو ڀاءُ اي ڊي او صحت ڊاڪٽر جليل بچاڻي ڪيترن ئي ڏينهن کان اغوا ٿي ويو آهي، پر حڪومت ڪجهه نه ڪري سگهي آهي. اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته حڪمرانن جي پنهنجي پارٽي اڳواڻن جا اهڙا حال آهن ته عام ماڻهو جي حالت ڇا هوندي؟ سڄي اتر سنڌ قبائلي جهيڙن ۾ ورتي پئي آهي، لاتعداد هٿيار، بارود هر ڳوٺ ۾ ڏوهارين جي لاءِ باآساني دستياب آهي. سنڌ ۾ اغوا انڊسٽري ۾ ڪنهن کي به اغوا ڪري ڀنگ وٺڻ کانسواءِ بخشيو نه پيو وڃي. خاص طور تي منارٽي وارا، يعني هندو ان اغوا جو خاص نشانو آهن. انهن جو ڪو پرسانِ حال ناهي. ٻيو ته ڇڏيو پر وزير اعليٰ سنڌ جو پنهنجو ضلعو خيرپور اهڙو ضلعو آهي، جتان اغوا ڪيل ماڻهن جو تعداد هن وقت سنڌ ۾ ٻين ضلعن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. خيرپور مان هن وقت 10 کان وڌيڪ ماڻهو ڀنگ لاءِ اغوا ٿيل آهن، سج لهڻ کان پوءِ سڄي اندرون سنڌ ۾ ماڻهن جو سفر ڪرڻ، هلڻ ڦرڻ، گهمڻ مشڪل بلڪه ناممڪن بڻيل آهي.

    بيروزگاري: سنڌ ۾ بيروزگاري پريشان ڪندڙ حد تائين وڌي وئي آهي. نوجوان ڊگريون کڻي گهمندا پيا وتن، نوڪريون نه ٿيون ملن، حڪومت نوڪريون ته ماڻهن کي نه پئي ڏي، پر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا امتحان پاس ڪيل ليڪچرارن جو ئي مثال وٺو 650 ذهين نوجوانن ڪميشن پاس ڪئي آهي، انهن کي سڀ فارملٽيز پوريون ڪرڻ، آفر ليٽر جاري ٿيڻ بعد به پوسٽنگ نه پئي ڏني وڃي، اهم ڳالهه اها آهي ته انهن 650 اميدوارن مان صرف 11 اميدوارن کي پوسٽنگ ڏني ويئي، اها ان لاءِ جو انهن جو موجوده حڪومت ۾ اثر رسوخ آهي. بيروزگاريءَ جي ڪري سنڌ ۾ نوجوان خودڪشيون ڪري رهيا آهن، پنهنجي ڊگرين کي ۽ پاڻ شهر جي چوڪن تي باهه ڏئي رهيا آهن، سرڪاري نوڪريون ته ڇڏيو، پر پرائيوٽ ادارا ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيون جن ۾ تيل ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جون ڪمپنيون خاص آهن، سنڌ مان ڪروڙين ڊالر روينيو ڪمائي رهيون آهن، پر اهي به مقامي ماڻهن کي روزگار نه پيون ڏين. جڏهن ته وفاقي حڪومت سان ڪيل پيٽروليم ڪمپنين ۾ پڻ هنن جو اهو معاهدو ٿيل آهي، انهن ئي ادارن جو حڪومت سان اهو به معاهدو ٿيل آهي ته جيڪڏهن انهن کي سندن گهرج موجب ٽيڪنيڪل ڪم لاءِ ٽيڪنيڪل ماڻهو نٿا ملن ته اهي انهن علائقن جي ماڻهن کي ٽيڪنيڪل تربيت ڏئي پوءِ انهن کي روزگار ڏيندا پر ائين نٿو ڪيو وڃي. سنڌ ۾ هر ڳوٺ، ننڍي وڏي شهر ۾ بيروزگاري سبب ماڻهو بک هڙتالن، ننڍن ننڍن جلوسن، ڌرڻن، احتجاجن ۾ مصروف آهي. سنڌ ۾ 67 جي لڳ ڀڳ وزيرن جي ڪابينا آهي. هر پارٽي جيڪا اسيمبليءَ ۾ آهي، حڪومت ۾ شامل آهي، پوءِ به ماڻهن جا مسئلا حل نه پيا ٿين. ايستائين به خبرون آهن ته نوڪريون ته ڇڏيو پر ٽرانسفر پوسٽنگ تي به هڪ ڪاروبار کلي عام هلي رهيو آهي ۽ شڪايتون آهن ته بنا پئسا وٺڻ جي ڪو فائيل نه پيو اڳتي وڌي. سڄو ڪم ڪار، ڪاروبار بڻجي ويو آهي. هوڏانهن وفاقي ليول تي به آئينده ڀرتي 17.5 سيڪڙو ڪوٽا تي ٿيڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جي ماڻهن کي وفاقي ادارن ۾ ڪوٽا تي نوڪريون ملي سگهن. سرڪاري ادارن، ڪارپوريٽ اٿارٽيز ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيز ۾ پڻ سنڌ جي آئيني ڪوٽا انهن کي ملڻ گهرجي، ان تي عمل ڪرايو وڃي.

    صحت: سڄي سنڌ بيمارين ۽ صحت جي غير معياري علاج سبب وبائي صورت ۾ ورتل آهي. ڪالرا، ايڊز ته هئي ئي هئي پر هاڻي هيپاٽائيٽس سي ۽ بي سنڌ ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي. صرف سرڪاري انگ اکر آهن ته 34 لک ماڻهو ان موت مار بيماريءَ ۾ ورتل آهن. انهن کي علاج مهيا نه آهي پر هن بيماريءَ ۾ وڏي تعداد ۾ روزانو اضافو ٿي رهيو آهي. بيسڪ هيلٿ يونٽس ۾ بيسڪ دوائون ناهن، ڪيترن ۾ ڊاڪٽر آهن ئي نه. سڄي سنڌ ۾ نقلي دوائون ٺاهڻ ۽ وڪڻڻ جو ڪم عام آهي، مدي خارج دوائون کلي عام وڪامجن ٿيون ۽ اٻوجهه ۽ اڻ پڙهيل غريب ماڻهو، انهن زهريلن عنصرن سبب زندگيون وڃائي رهيا آهن. ان سان گڏ ئي اسٽريٽ ڊاڪٽرز (عطائي ڊاڪٽر) ماڻهن کي غير معياري علاج ڏئي سندن بيمارين ۾ اضافو ڪري رهيا آهن.

    تعليم: تعليم جو نظام خاص ڪري پرائمري تعليم جو نظام سنڌ ۾ تباهه لڳو پيو آهي. آئيني طور طي ٿيل هجڻ باوجود ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ مادري ٻوليءَ سنڌي ۾ تعليم نه پئي ڏني وڃي. سنڌ جي تقريبن 45 هزار پرائمري اسڪولن مان سنڌ جي تعليم وزير جو آن رڪارڊ بيان آهي ته 7 هزار پنج سئو اسڪول مڪمل بند آهن ۽ اهي به خبرون آهن ته 21 هزار اسڪولن جو ڪم انفرا اسٽرڪچر ناهي ۽ اتي ٽيچنگ اسٽاف جو تعداد نه هجڻ برابر آهي. سڄي سنڌ جو تعليمي نظام ڊهي پيو آهي. پوليٽيڪل تعليم، مونو ٽيڪنيڪل تعليم وغيره جو نظام صحيح نه پيو هلي.

    زراعت: زرعي سڌارن لاءِ ڪي اپاءَ نه پيا ورتا وڃن. زرعي فارمن کان مارڪيٽس تائين نوان روڊ ٺاهڻ طرف ته توجهه ناهي پر پراڻا روڊ رستا به مرمت نه پيا ڪيا وڃن.

    غربت: سنڌ ۾ غربت تمام هيٺين ليول تائين پهچي وئي آهي. ماڻهو پنهنجا ٻار وڪڻي رهيا آهن. حد اها آهي ته غريب ماڻهن وٽ فوت ٿي ويل پنهنجي ٻارڙن لاءِ ڪفن تائين جا به پئسا ناهن ۽ اهي ايڌي سينٽرن ۾ اچي پنهنجي معصومن جا ڪفن دفن جا بندوبست ڪن ٿا، حڪومت جو غربت مٽايو پروگرام ناڪاره بڻجي چڪو آهي. Poverty Elevation Program ۾ شامل نيشنل رورل سپورٽ پروگرام گذريل 15 سالن کان سنڌ ۾ ڪم ڪري پيو، پر ڪو به رزلٽ ناهي. سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن ڪو نتيجو نه ڏئي سگهي آهي. خوشحالي بئنڪ پراجيڪٽ جي ڪا ڊائريڪشن ناهي ته ڪرڻو ڇا آهي. اهي ادارا اربين رپيا بجٽ هجڻ باوجود سنڌ ۾ غربت جي مٽائڻ لاءِ ڪو به ڪم نه ڪري سگهيا آهن.

    سنڌ ۾ غربت ختم نه ٿي آهي، پر ملٽي پلاءِ ٿي آهي، مٿي ذڪر ڪيل ۽ اهڙن ٻين ادارن جي آڊٽ ڪرائي وڃي. بنگلا ديش ۾ غربت مٽايو پروگرام وڏي ڪاميابي ماڻي آهي. ورلڊ بينڪ ان کي هڪ مثال طور سڄي دنيا ۾ پيش ڪيو آهي، پر اسان جا ادارا ان قسم جا مثال پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن. مان بحيثيت قومي اسيمبلي ميمبر توڙي ملڪ جي هڪ عام شهري هجڻ ناتي. اميد رکان ٿي ته وزير اعظم پاڪستان منهنجي هن خط تي توجهه ڏيندو. اڄ عيد آهي، جيڪڏهن وزير اعظم هن ڏينهن تي مٿي ذڪر ڪيل مسئلن تي سوچي، انهن جو حل ڪنهن بونس جي صورت ۾ ڏئي ٿو ته غريبن جي واقعي به عيد ٿي ويندي.

    marvi.memon@gmail.com
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترمه ماروي ميمڻ جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    سنڌ جي ماڻهن جا مسئلا ڪير حل ڪرائيندو؟




    خميس 25 ڊسمبر 2008ع



    ننڍن صوبن جا جائز مسئلا به موجوده دور ۾ حل نه پيا ٿين، ان جو واضح مثال اهو آهي ته سنڌ مان اهي ليڪچرار، جن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪيو اچي اسلام آباد نڪتا آهن، هتي احتجاج ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ اهو نج صوبائي مسئلو آهي، پر اتان جي صوبائي حڪومت کان نااميد ٿي هي سنڌ جا ٽئلينٽيڊ نوجوان اسلام آباد اچي نڪتا آهن. سنڌ حڪومت جي جن متحرڪ ميمبرن ۽ وزيرن سندن حمايت ڪئي هئي، انهن ۾ صوبائي وزير شازيه مري، سسئي پليجو، مراد علي شاهه، ڄام مهتاب ڏهر، ايم پي اي انور مهر ۽ ٻيا شامل آهن. انهن ليڪچرارن وٽ انهن وزيرن جا کين پوسٽنگ آرڊر ڏيارڻ جا واعدا، سندن ليٽر پيڊ تي لکيل ليٽرز پڻ موجود آهن، پر هاڻي هو ان معاملي کان لاتعلق بڻيل آهن. اهي ساڳيا وزير ۽ ايم پي اي انهن جي جائز مسئلي تي آواز اٿارڻ لاءِ تيار ناهن. اها ئي نااميدي ۽ مايوسي آهي جيڪا سنڌ جي انهن پڙهيل لکيل نوجوانن کي اسلام آباد وٺي آئي آهي ۽ اهي پارليامينٽ هائوس اڳيان اچي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن. مون ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي ڪجهه مسئلن بابت وزير اعظم پاڪستان يوسف رضا گيلاني کي خط لکيو هو، جنهن ۾ ٻين معاملن سان گڏ انهن ڪميشن پاس ليڪچرارن جو معاملو پڻ تفصيل سان بيان ڪيو هيم، ان جو مڪمل ذڪر مون روزانو ”ڪاوش“ ۾ پنهنجي ليک ۾ تفصيل سان ڪيو هو، جيڪو عيد ڏينهن ڇپيو هو.

    سنڌ حڪومت 741 ليڪچرارن جي نوڪرين لاءِ جون 2005ع ۾ اخبارن ۾ اشتهار ڏنا هئا، لکت ٽيسٽ جنوري 2006ع ۾ ورتي وئي هئي. انهن 741 اميدوارن مان 91 اميدوارن جا سبجيڪٽ ڌار هئا، ان ڪري ڪميشن پاران سندن نتيجو جلدي اچي ويو، پر انهن کي پڻ پوسٽنگ آرڊر نه مليو ته انهن هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ پٽيشن وڌي ۽ مئي 2006ع ۾ ڪورٽ مان آرڊر تحت کين پوسٽنگ آرڊر ڏنا ويا. باقي رهيل 650 ليڪچرارن جو ڪميشن جو نتيجو مارچ 2008ع ۾ آيو. انهن سان ساڳيو ڪم ڪيو ويو ۽ کين پوسٽنگ آرڊر نه ڏنا ويا. اهي سنڌ جا ڪميشن پاس نوجوان انهن ڏينهن کان مسلسل بک هڙتالن، پيپلزپارٽي جي حڪومت اچڻ بعد وزيرن سان ملاقاتن، سنڌ اسيمبلي آڏو احتجاجن، صوبائي اسيمبلي ميمبرن سان ملاقاتن ۾ مصروف آهن، پر کين ڪا به مثبت موٽ نه ملي آهي. ان سڄي معاملي ۾ اها ڳالهه اهم آهي ته انهن 650 ڪميشن پاس نوجوانن ۾ ڇوڪرا به آهن ته ڇوڪريون به. گهڻائي سنڌ جي ٻهراڙي جي علائقن سان تعلق رکي ٿي. کين آفر ليٽر به جاري ڪيا ويا، بس جنهن مهل پوسٽنگ آرڊر جاري ڪرڻ جو وقت آيو ته سنڌ حڪومت نابري واري بيٺي. اڳ ۾ ته کين مختلف بهانن سان ٽاريندا رهيا پر هاڻي تعليم واري وزير پير مظهر ۽ وزير اعليٰ سنڌ قائم علي شاهه کين نوڪريون ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو ۽ انهن لاءِ ڪو به سنڌ حڪومت جو وزير يا صوبائي اسيمبلي ميمبر جيڪي حڪومت ۾ يا حڪومت کان اڳ مخالف ڌر ۾ هجڻ دوران سندن حمايت ڪندا رهيا، آواز اٿارڻ لاءِ تيار ناهن. سمجهه ۾ نٿو اچي ته موجوده پيپلز پارٽي حڪومت ننڍن صوبن خاص ڪري سنڌ مان مڪمل سياسي سپورٽ حاصل ڪرڻ باوجود ان جي جائز مسئلن کي به حل ڪرڻ کان نابري ڇو واري ويٺي آهي. هڪ ليڪچرارن وارو مسئلو ئي ڏسو، اهو صرف 650 ذهين نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو مسئلو ناهي، پر 650 انهن خاندانن جو مسئلو آهي، جن جي مقابلي جو امتحان پاس ڪرڻ باوجود نوڪري نه ملندڙ نوجوانن جي روزانه جي ذهني ڪيفيت ۽ پيڙا جو هر روز مشاهدو ڪندا هوندا. انهن ليڪچرارن جو مسئلو اخلاقي آهي، قانوني آهي، آئيني آهي ۽ انساني همدردي وارو آهي. انهن باقائده امتحان پاس ڪيو آهي، سندن ميڊيڪل ٿيو آهي، کين آفر آرڊر مليا آهن، عدالتن سندن مسئلي کي جائز قرار ڏيئي 91 اميدوارن کي اڳ ۾ ئي نوڪريون ڏيڻ جو حڪم ڪري سندن مسئلو حل ڪيو آهي. ان سڄي معاملي ۾ حيرت، افسوس ۽ اقربا پروري جو مثال اهو آهي ته انهن 650 اميدوارن مان يارنهن اميدوارن کي پوسٽنگ آرڊر جاري ڪيا ويا آهن، جن جو ڪيس انهن 650 سان ڳنڍيل آهي. ان جو سبب اهو آهي ته موجوده حڪومت ۾ اهي يارنهن اميدوار اثر رکندڙ آهن. ليڪچرارن جڏهن ڪالهه اسلام آباد ۾ مون سان ملاقات ڪئي ته مون سندن ڪيس جو وڌيڪ تفصيل کائنس حاصل ڪيو. متحده قومي موومينٽ جي ڊاڪٽر فاروق ستار سان پڻ ان سلسلي ۾ رابطو ڪيو. ڊاڪٽر فاروق ستار پڻ پڪ ڏياري آهي ته، ”توهان ان مسئلي کي قومي اسيمبلي ۾ کڻو، اسان توهان جو ساٿ ڏينداسين.“ انهن ليڪچرارن لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ 21 هين آڪٽوبر 2008ع تي سنڌ حڪومت کي اهو حڪم نامو به جاري ڪيو هو ته کين هڪ مهيني اندر اندر پوسٽنگ آرڊر جاري ڪيا وڃن. سنڌ هاءِ ڪورٽ جو پاس ڪيل اهڙو حڪم اهو ٻڌائڻ لاءِ ڪافي آهي ته انهن ليڪچرارن وارو معاملو بنا ڪنهن سياسي تعلق جي ميرٽ وارو معاملو آهي. اها شايد سنڌ مان چونڊيل ميمبرن جي خاموشي آهي يا ڪمزوري يا حالتن سان سمجهوتو جو اهي پنهنجي ماڻهن لاءِ آواز نٿا اٿارين.

    اهڙو ئي هڪ ٻيو معاملو، سنڌ ۾ واٽر ڪورس پڪا ڪرڻ واري قومي پروگرام جي ملازمن جو آهي. اهي ملازم ٽي سال اڳ 2005ع ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيا هئا. انهن جي ڀرتي پڻ خالص ميرٽ تي ٿي هئي، جنهن ۾ اخبارن ۾ اشتهار اچڻ کان پوءِ لکت ۾ ٽيسٽ ورتي وئي، جيڪا بعد ۾ ڪراچي ۾ ٿي، جنهن بعد پوءِ واءِ واز سنڌ جي زرعي وزارت واري کاتي ورتي هئي. انهن ملازمن کي پڻ پڪو ڪيو وڃي.

    marvi.memon@gmail.com
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترمه ماروي ميمڻ جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏڻ جي اهميت!




    اربع 31 ڊسمبر 2008ع



    مون ڪاوش ۾ پنهنجي گذريل آرٽيڪل ۾ لکيو هو ته ”سنڌ جا مسئلا ڪير حل ڪرائيندو؟“ اها حڪومت جي ذميواري آهي، پر جيڪڏهن اهي مسئلا حڪومتي ليول تي حل نٿا ٿين ته پارليامينٽرين جي حيثيت سان اها اسان جي ذميواري ٿئي ٿي ته انهن مسئلن کي پارلياماني سطح ۽ حڪومتي سطح تي کڻون، ۽ نه رڳو انهن مسئلن جي حل لاءِ آواز اٿاريون، پر اهي مسئلا حل به ڪرايون. انهيءَ سلسلي ۾ مون کي هڪ ڪاميابي ملي آهي، جو ماحوليات بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ سمنڊ پاران زمين پائي وڃڻ ۽ سامونڊي ٻيلن مينگروز جي تباهيءَ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ 10 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ڇڏڻ واري معاملي کي يقيني بڻائڻ لاءِ منهنجي سربراهيءَ ۾ هڪ سب ڪاميٽيءَ ٺاهي وئي آهي. پاڻي ماهرن جو خيال آهي ته ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي هر صورت ۾ گهربل آهي، اهو پاڻي نه ملڻ سبب سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مينگروز کي نقصان ٿي رهيو آهي. صرف سنڌ ۾ سمنڊ 13 لک ايڪڙ زمين ان ڪري ڳڙڪائي ويو آهي، جو ان کي درياهه مان گهربل پاڻي نه پيو ملي. اهي خبرون آهن ته ٺٽي ۽ بدين ضلعي ۾ سمنڊ 60 سيڪڙو زمين پائي رهيو آهي. کارو ڇاڻ جي 100 سيڪڙو، گهوڙا ٻاڙي جي 59 سيڪڙو، ڪيٽي بندر جي 87 سيڪڙو، شاهبندر جي 57 سيڪڙو ۽ جاتيءَ جي 80 سيڪڙو زمين سمنڊ پائي ويو آهي.

    سمنڊ جي اهڙي عمل سان درياهه ۽ سمنڊ جي گڏجڻ واري هنڌن تي قدرتي ماحول سبب پيدا ٿيندڙ سامونڊي ٻوٽا، جن کي مينگروز چيو ويندو آهي تباهه ٿي ويا آهن. مينگروز جي تباهي ئي اهو معاملو هو، جيڪو ماحوليات بابت قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ پهريون ڀيرو مون ايجنڊا طور کنيو، ۽ ان معاملي تي مون کي اها ڪاميابي ملي آهي جو حڪومت ڪوٽڙي کان هيٺ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي ڇوڙ کي يقيني بنائڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٻين لفظن ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ هر صورت ۾ گهٽ ۾ گهٽ گهربل پاڻي 10 ملين ايڪڙ فوٽ ڇڏڻ جي ڄڻ منظوري ملي آهي. ان سلسلي ۾ اسٽينڊنگ ڪاميٽي پاران سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽيءَ تي مينگروز ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين معاملن جي نظرداريءَ لاءِ هڪ سب ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن جو چيئرپرسن مون کي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي پلوشه خان، ياسمين رحمان ۽ متحده قومي موومينٽ جي طيب حسين ايم اين اي کي ميمبر طور کنيو ويو آهي. ڪميٽيءَ جي ذمي هيٺيان ڪم ڪيا ويا آهن.

    . سامونڊي علائقن ۾ مينگروز جا ٻيلا دنيا جي 92 ملڪن جي مينگروز ٻيلن واري لسٽ ۾ ڇهين نمبر تي هئا، هاڻي اهو نمبر 35 تي وڃي پهتو آهي. 26 هزار اسڪوائر ڪلوميٽر وارا مينگروز ٻيلا هاڻي صرف 26 سئو چورس ڪلوميٽر جي ايريا تي وڃي بچيا آهن. انهن ٻيلن جو ڪنٽرول ملڪ جي پنجن ادارن پورٽ قاسم، ڪي پي ٽي، ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي، سنڌ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ، سنڌ بورڊ آف روينيو جي هٿ هيٺ آهي. ان لاءِ فيصلو ٿيو آهي ته مينگروز واري علائقي کي Protected Zone قرار ڏئي سنڌ ٻيلي کاتي جي تعاون سان ان کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ يقيني بڻايو ويندو.

    . تازي پاڻي ۽ سيلابي پاڻيءَ جي گهٽتائي به مينگروز جي گهٽتائي جو سبب بڻي آهي. ان سبب سلٽ جي گهٽ ٿي وڃڻ سان به مينگروز کي نقصان رسيو آهي، ان ڪري 1991ع جي پاڻي معاهدي تحت ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ٿو ته ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي هر حالت ۾ ڇڏيو وڃي. ارسا کي پابند بڻايو ويو آهي ته ان جي رپورٽ هن ڪاميٽيءَ کي پيش ڪئي وڃي.

    . مينگروز جو ڪاٺ استعمال ٿئي ٿو، مينگروز جي ٻيلن مان ئي ڪاٺ سان گڏ ماکي، ٻارڻ جو ڪاٺ، جانورن لاءِ گاهه، ٻڪرين لاءِ چارو، سامونڊي جيوت جو گوشت وغيره ملي ٿو. انهن سڀني اسمن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، ان لاءِ اتان جي لوڪل ماڻهن کي همٿائڻو آهي ۽ کين اهڙو پلان جوڙي ڏيڻو آهي ته جيئن عوام جو روزگار به نه ختم ٿئي ۽ مينگروز کي به نقصان نه پهچي.

    . ميرين، تيل ۽ ڪورنگي ڪريڪ سان گڏ گند ڪچرو انهن مينگروز جي خاتمي جو سبب بڻجي رهيو آهي، ان ڏس ۾ اپاءَ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ان ڳالهه جي پڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته صنعتي ايريا جو جيڪو فضول گند ڪچرو سمنڊ ۾ ڪري ٿو، ان بابت پڪ ڪجي ته اهو Pre Treated هجي، ٻي صورت ۾ ذميوارن خلاف قدم کڻبا. ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جا لاڳاپيل ادارا هن ڪاميٽيءَ ڏانهن جوابده هوندا.

    . ڪياڙي جي علائقي ۾ مينگروز واري ايريا کي پوليس کاتي جي تعميرات لاءِ ناجائز تجاويزات هيٺ آندو ويو آهي. ڪراچي جي ناظم کي ان سلسلي ۾ اپاءَ وٺڻ لاءِ چيو ويو آهي ته جيئن پوليس کي روڪيو وڃي.

    . مينگروز کي گلوبل وارمنگ پڻ نقصان رسايو آهي. ان لاءِ هڪ مڪمل سروي ڪري ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ حڪومت جي ڪلائمينٽ چينج اسٽڊي سينٽر فار سي ليول رائيز جو تعاون حاصل ڪيو ويندو.

    . ٻيلي کاتي ۽ لوڪل ڪميونٽي وچ ۾ تعاون پيدا ڪيو ويندو ته جيئن سامونڊي ٻيلن يعني مينگروز جو بچاءُ ڪري سگهجي. ان سلسلي ۾ هر مهيني رپورٽ هن سب ڪميٽي وٽ جمع ڪرائڻي پوندي.

    . ماهيگيرن لاءِ ووڪيشنل ٽريننگ پروگرام جو بندوبست ڪيو ويندو، جنهن ۾ انهن کي تربيت ڏني ويندي ته مينگروز جو تحفظ ڪيئن ڪن. ان سلسلي ۾ انهن کي قرض ۽ ٻيون سهوليتون ڏنيون وينديون، انهن جي ڪرت کي وڌايو ويندو، مڇي جي برآمد وڌائي ويندي.

    مٿي ذڪر ڪيل سڀ قدم بلوچستان ۽ خاص ڪري سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ سان قائم ٻيلن جي بچاءَ لاءِ کڻڻ جو رٿيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ وفاقي سطح تي وزيرِ ماحوليات جو رول مثبت آهي. معاملو ارسا ۽ سنڌ حڪومت وٽ اٽڪيل آهي، پر ان رڪاوٽ کي دور ڪيو ويندو. في الحال اها هڪ وڏي ۾ وڏي ڪاميابي ملي آهي ته ڪوٽڙيءَ کان هيٺ 10 ميلن ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏڻ جو پڪو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ جيڪو ادارو ان تي عمل نه ڪندو، سو هن ڪميٽيءَ ڏانهن جوابده هوندو.

    marvi.memon@gmail.com
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترمه ماروي ميمڻ جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    سٺي حڪمرانيءَ جو سوال ڀٽائيءَ جي شاعري!




    خميس 5 مارچ 2009ع



    شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو عرس مبارڪ ڪجهه ڏينهن اڳ ئي پڄاڻيءَ تي پهتو آهي. سوچيم ته ”پيغامِ لطيف“ جي ان پاسي جي پروڙ ڪجي، جيڪو بهترين حڪمراني بابت نصيحت تي ٻڌل هجي. هڪ سياستدان جي حيثيت ۾ شاهه لطيف جي پيغام مان صحيح حڪمرانيءَ واري صلاح ۽ رهبري وٺي سگهجي ٿي. لطيف سائين جو پيغام اهڙين هدايتن ۽ حڪمرانن پاران اقتدار وقت عوام کي وسارڻ ۽ اقتدار کان پوءِ وري سندن وٽ ئي موٽي وڃڻ جي صورت ۾ ووٽر ڇا سوچي سگهي ٿو، اهڙي قسم جي عڪاسيءَ لاءِ ڀٽائي صاحب جي سُر ڏهر جي هيٺئين بيت جو سهارو وٺي سگهجي ٿو،

    جان واهڙ ۾ وهه تان تون مڇ! نه موٽئين،

    ڪائي ۾ ڪوهه ڪرين، پوءِ موٽڻ جو پهه،

    سير مٿي تون سهه، مهميزون ملاحن جون!

    مطلب ته اي مڇ جيسين درياهه ۾ وهڪرو هو، تيسين تو موٽڻ جي نه ڪئي، پوءِ سڪيءَ ۾ موٽڻ جو ڇو ٿو خيال ڪرين؟ هاڻي پنهنجي سر مٿان ملاحن جون مهميزون (مارون) جهل ته خبر پوئي. (مٿيون شعر پڙهي هروڀرو به نواز شريف ڏانهن نه سوچجو.) يا ساڳي سر ۾ ٻئي هنڌ اهڙي ئي ٻي ڳالهه چئي اٿس.

    متو آهين مڇ! ٿلها ٿو ٿونا هڻين،

    جا تون ڀانئين اڇ، تنهن پاڻيءَ پنا ڏينهڙا!

    انهن ٻنهي شعرن ۾ شاهه سائين واضح پيغام ڏنو آهي ته اسان جا سياستدان، اسان جا حڪمران، ايمانداريءَ واري صحيح سياست ۽ حڪمراني ڪن. اسان جا اسيمبلي ميمبر عوام جا ووٽ وٺي ڪامياب ٿي اچن ٿا، پر جيستائين اقتداري ايوانن ۾ آهن، تيستائين عوام وٽ موٽڻ جو نالو ئي نٿا وٺن، انهيءَ لاءِ شاهه صاحب چيو آهي ته ”درياهه جو وهڪرو“ يعني اقتدار وقتي آهي، سڪيءَ ۾ يعني اقتدار بعد واپسيءَ جو خيال ٿو ڪرين، پر ان مهل ملاحن جون ميارون يعني عوامي ردِعمل توهان جو منتظر هوندو آهي. ساڳي ڳالهه شاهه سائين جي مٿي ذڪر ڪيل ٻئي شعر ۾ به آهي. معنيٰ اقتدار جي زور تي ڪنهن کي ستائڻ نه گهرجي. ان اقتدار يا طاقت جا ڏينهن ٿورا ٿيندا آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو هر شعر نصيحت سان ڀريل آهي، ان ۾ قربانيءَ جو سبق به آهي، رهنمائي به آهي. سر مارئي ۾ پاڻ فرمائين ٿا ته:

    اي نه مارن ريت جو سيڻ مٽائين سون تي،

    اچي عمرڪوٽ ۾ ڪنديس ڪان ڪريت،

    پکن جي پريت، ماڙين سين نه مٽيان!

    يعني ماروئڙن جو اهو دستور ناهي ته لالچ تي پنهنجا سيڻ مٽائين، عمرڪوٽ يعني اقتدار جي ايوانن ۾ پهچي ماروئڙن جي جهڳين مان جيڪا محبت ملي هئي، اها مور نه مٽينديس. حڪمراني الله تعاليٰ ڏيندو آهي ته جيئن عوام جي خدمت ڪري سگهجي. اهو اقتدار بظاهر وڏي ٺٺ ۽ ٺانگر طور نظر ايندو آهي، پر جيڪڏهن ايمانداري سان ان تي ويهي ڪم ڪجي ته پوءِ لطيف سائين جيئن چيو آهي ته:

    تو جو ڀانيو هار، سو سورن جو سڳڙو!

    واقعي، سياست کي عبادت ڪري وٺبو ته سورن جو سڳڙو آهي ۽ درد ڀريل دل سان ئي ٻين جي خدمت ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن دل ۾ ڪنهن لاءِ همدردي نه هوندي ته پوءِ ائين ئي ٿيندو آهي ته عوام جي ذريعي حڪمراني حاصل ڪري عوام کي پٺي ڏئي ڇڏجي. اڄڪلهه ملڪ ۾ عورتن جي حقن لاءِ ڀرپور آواز اٿندو رهيو آهي، پر حيرت ٿي ٿئي ته شاهه سائين سوين سال اڳ عورت کي ائين مٿي ڪري پيش ڪيو آهي، جو سندس هر سُر عورتاڻي انداز ۾ بيان ٿيل آهي. سر بِلاول ۾ جهڙي طرح هڪ قرباني جو جذبو رکندڙ بادشاهه ڏونگر راءِ پاران عورتن کي پناهه ڏيڻ يعني ”سام“ ڪرڻ ۾ هندستان جي بادشاهه علاءُ الدين سان جنگ ڪرڻ ۽ پنهنجو سر قربان ڪرڻ واري مثال بابت ذڪر ڪنديس ته شاهه سائين جي شاعري اسان جي موجوده دور جي حڪمراني ڪرڻ وارن لاءِ مشعلِ راهه آهي. شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڏونگر راءِ جهڙن حڪمران جي تعريف ڪئي آهي. يعني جڏهن علاءُ الدين بادشاهه جي ڊپ کان ٻين سردارن ۽ حڪمرانن سومرن جي عورتن کي پناهه ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، تڏهن ڏونگر راءِ بهادري جو مظاهرو ڪيو. عوام جي حفاظت حڪمرانن جو فرض آهي واري فلسفي تي قائم رهيو. هن سامون نه ڪڍي ڏنيون ۽ انهن جي پناهه ۽ عزت لاءِ هن پنهنجو سر به قربان ڪري ڇڏيو. مطلب ته جيڪڏهن ڪنهن کيGood Governance جو طريقو سمجهه ۾ نٿو اچي ته شاهه لطيف جو پيغام موجود آهي. عمر جو مارئي کي قيد ڪرڻ ظلم هو، پر پشيمان ٿي کيس واپس ڪرڻ ۽ مارئي جي مڙس پاران کيس طعنا ڏئي تنگ ڪرڻ تي مارئي کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ميڙ وٺي وڃڻ ۽ پاڻ باهه ۾ گهڙي ساک ڏيڻ هڪ طاقتور حڪمران پاران انصاف قائم ڪرڻ جو اعليٰ مثال آهي.

    marvi.memon@gmail.com
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترمه ماروي ميمڻ جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    سنڌو ڊيلٽا جي تباهي ۽ واپڊا جا غلط انگ اکر!





    جمع پهرين مئي 2009ع





    ان مهل مايوسيءَ ٿئي ٿي، جڏهن پيپلز پارٽيءَ جي اها ڳالهه غلط ثابت ٿئي ٿي ته اهي سنڌ کي گهربل پاڻيءَ بابت مسئلو حل ڪرڻ چاهين ٿا. ڇاڪاڻ جو انڊس ڊيلٽا جي پاڻي بابت قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي سب ڪميٽي، جنهن جي صدارت مون پئي ڪئي، ان جيڪي سفارشون مرتب ڪيون آهن، ان تي قطعي عمل نٿو ڪيو وڃي ۽ پراڻي ڪامورڪي اٽڪلن سان ان کي ان جاءِ تي اٽڪائي رکيو ويو آهي، جتي اڳ وارين حڪومتن رکيو هو. موجوده حڪومت ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ جنهن انداز جو مظاهرو ڪري رهي آهي، ان مان صاف ظاهر آهي ته هو ماحوليات بابت سب ڪميٽيءَ جي سنڌو ڊيلٽا بابت سفارشن کي اسلام آباد جي پراڻي ڪامورڪي انداز ۾ رديءَ جي ٽوڪري حوالي ڪرڻ گهري ٿي. 27 مارچ تي قومي اسيمبليءَ جي سب ڪميٽي ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ 10 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ڇڏڻ کي يقيني بنائڻ لاءِ حڪومت کي هيٺيون سفارشون موڪليون هيون.

    · ڪوٽڙي بيراج 10 ايم اي ايف پاڻي ڇڏڻ لاءِ 1991ع ٺاهه تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

    · ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه پهچڻ سبب تباهه ٿيل 1.3 ملين ايڪڙ زمين ۽ 126 ديهن جي ٻيهر سروي ڪئي وڃي ۽ متاثرين کي معاوضو ڏنو وڃي.

    · ڪوٽڙي بيراج، ارسا ۽ واپڊا جي پاڻيءَ جي انگن اکرن ۾ ڪو فرق نه هجڻ گهرجي ۽ ڪوٽڙي بيراج مان آيل انگن اکرن کي وڌيڪ مستند مڃيو وڃي.

    · ٽيلي ميٽري سسٽم واپڊا جي پاران فڪس ڪيو وڃي ۽ ان لاءِ ڪميٽي اهو پلان ڏيندي ته اهو ڪيئن فڪس ڪيو وڃي.

    · گذريل 9 سالن ۾ ڇهه سال ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي 10 ملين ايڪڙ فٽ کان گهٽ ڇڏيو ويو آهي. مستقبل ۾ ائين نه ٿئي، ان لاءِ هاڻي کان ئي پلاننگ جي ضرورت آهي.

    · پرڏيهي مامرن جي رپورٽ اڃا تائين صوبائي حڪومتن آڏو منظوريءَ لاءِ پيش نه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 1991ع جو پاڻي ٺاهه حتمي آهي.

    · واپڊا ۽ ارسا وارن ڪميٽيءَ آڏو ڳالهه رکي ته، پرڏيهي مامرن جي پينل (IPOE) جي رپورٽ آهي ته ڪنهن به صورت ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ 8.6 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي نه ڇڏيو وڃي. پر جڏهن آءِ پي او اي وارن جي رپورٽ پڙهي وئي ته ان موجب 10.8 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي عام طور تي ۽ 9.86 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي خشڪ ساليءَ دوران ڇڏڻ لاءِ چيو ويو آهي. واپڊا ۽ ارسا کي هدايت ڪئي وئي ته اهي غلط انگ اکر پيش نه ڪن. جيئن اڳ ۾ سب ڪميٽين يا ڪميٽين کي پيش ڪري صوبن وچ ۾ بدگماني پيدا ڪندا آيا آهن.

    · 1991ع ٺاهه تي ان جي روح موجب صحيح طور عمل ڪيو وڃي، ان جي پهرين ترجيح موجب ٺاهه ۾ ڏنل واهه ٺاهيا وڃن، پوءِ 10 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي، ان کان پوءِ به پاڻي بچي ته پوءِ ريڻي ڪڇي يا ٻيا پراجيڪٽ ٺاهيا وڃن.

    · جڏهن نوان ڊيم ٺهي وڃن ته پهرين ترجيح 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جو ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ وڃڻ يقيني بڻايو وڃي. اها ساڳي ضرورت هر سال پوري ڪئي وڃي، ڀلي ڊيم پاڻي فراهم نه ڪري سگهي.

    · هڪ مانيٽرنگ ڪميٽي ٺاهي وڃي، جيڪا 1960ع کان وٺي ڊيلٽا جي ايڪولاجي ٺاهي ۽ اهو ساڳيو ڪم 1991ع ۽ 2009ع لاءِ به ڪري، بلڪه هو پنجن سالن بعد اهو ڪم ڪري ڊبليو ڊبليو ايف، آءِ يو سي اين ۽ ماحوليات کاتو انهن جي اڀياس کي جاچي سگهي ٿو. پاڻيءَ معاملي ۾ مڪمل ۽ جامع سوچ جي ضرورت آهي ته جيئن vision 2050ع تحت پاڻي جي ذخيرن ۽ ٻيهر استعمال جا پلان ڳولهي سگهجن.

    جڏهن قومي اسيمبليءَ ۾ سوال اٿاريو ويو ته ”ڇا بجلي ۽ پاڻي جو وزير اهو ٻڌائيندو ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏڻ بابت ڪهڙا اپاءَ ورتا ويا آهن، جيڪي 1991ع جي ٺاهه موجب آهن؟ وزير صاحب جو جواب مايوس ڪندڙ ۽ ٽال مٽول وارو هو. هڪ مهينو اڳ ارسا جي چيئرمين کان ڪميٽيءَ آڏو غلط انگ اکر پيش ڪرڻ تي پڇاڻو ڪيو ويو هو، پر هن ڀيري هڪ مهيني بعد وري ساڳيو ڪم ٻيهر دهرايو ويو آهي. نه صرف ايترو، پر اهو سڄو معاملو جيڪو غلط آهي نه صرف زباني، پر لکت ۾ اسيمبليءَ جي ڪتاب ۾ ڇاپيو ۽ پوري اسيمبليءَ آڏو پيش ڪيو ويو آهي. ظاهر آهي ته جيڪڏهن توهان پاڻي ماهر ناهيو ۽ اسيمبليءَ ۾ واقعي پاڻي ماهر ناهن ته پوءِ هي غلط رپورٽ انهن کي ڦٻي وڃي ٿي، پر جڏهن کان سب ڪميٽيءَ هوم ورڪ ڪيو آهي، اسين انهن جي غلط انگن اکرن سان صحيح انگن اکرن واري ڪارڊ ذريعي وڙهي رهيا آهيون. ڪميٽيءَ کي ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ ڏنل جواب ۾ هڪ بنيادي غلط بياني اها آهي ته رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته انٽرنيشنل پينل آف ايڪسپرٽ (IPOE) جي رپورٽ موجب سنڌ کي صرف 8.6 ايم اي ايف پاڻي گهربل آهي. ارسا چيئرمين جڏهن اها رپورٽ اسان آڏو پيش ڪئي ته مون کيس چيو ته هڪ اها رپورٽ به پڙهي، جيڪا هن اسان جي ڪميٽيءَ کي 4 فيبروري تي موڪلي آهي ۽ ان جي صفحي نمبر 4 جي 9 ڪلاز ۾ لکيل آهي ته تربيلا جي وهڪري جي بنيادن تي اها رپورٽ ٺاهي وئي، جيڪا گهربل ”واڌاري“ پاڻي بابت آهي، جنهن تحت گهٽ پاڻي واري مند ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان ”واڌارو“ پاڻي عام سال ۾ 1.26 ايم اي ايف ۽ خشڪ ساليءَ دوران 2.20 MAF ڇڏيو وڃڻ بابت آهي. جڏهن اهي ٻئي انگ اکر ارسا چيئرمين جي پنهنجي رپورٽ سان گڏ پڙهجن ته پوءِ IPOE جي سفارش آهي ته 9.86 ملين ايڪڙ فٽ عام طور تي ۽ 10.8 ملين ايڪڙ فٽ خشڪ سالي دوران ٿئي ٿو. جڏهن ارسا چيئرمين کان پڇاڻو ڪيو ويو ته هن ان رپورٽ جي ڪلاز 9 کي ڇو گول مول ڪيو، جڏهن ته اها سندس ئي موڪليل رپورٽ ۾ موجود آهي ۽ هن 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ جو غلط ڪاٿو ڪيئن پيش ڪيو ته هو لاجواب ٿي، خاموش ٿي ويو. ڪاميٽي جي انهيءَ اجلاس کان اڳ واپڊا کان سندن سفارشن بابت پڇيو ويو هو. انهن به ساڳيا انگ اکر يعني 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ لکي موڪليا. واپڊا ۽ ارسا کان پڇيو ويو ته 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي معاملو 1991ع جي ٺاهه بعد ڪڏهن به نه اٿيو آهي ڇو؟ جڏهن ته سفارش 10 ملين ايڪڙ فوٽ جي ٿيل آهي، جنهن جي ڊسمبر 2008ع جي ماحولياتي ڪاميٽيءَ پڻ نشاندهي ڪئي آهي. حقيقت اها آهي ته جنهن ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي جهيڙو جوٽيندا آيا آهيون، اها غلط آهي، يعني هو غلط بنيادن تي ڪيس وڙهندا آيا آهن. واپڊا هميشه غلط انگ اکر پيش ڪندو رهيو آهي، کين ياد ڏياريو ويو ته سندن غلط انگ اکر پيش ڪرڻ سبب ملڪ ڪافي ڀوڳيو آهي ۽ عوام ۾ بدگماني پيدا ٿيندي رهي آهي، مثال طور 1991ع ۾ واپڊا جا بنيادي انگ اکر 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي آهي، اها سندس ٻن جنرل منيجرز جي آن رڪارڊ ڳالهه آهي. ٻيهر 1994ع ۾ واپڊا ڪوٽڙي کان هيٺ 10 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي بابت ئي لکيو آهي. NEC نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل (2001-2011) 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي تصديق ڪئي آهي. ڀورڀن ۾ 2002ع ۾ واپڊا پاران پيش ڪيل انگن اکرن ۾ اوچتو تبديلي نظر آئي ۽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم لاءِ 6.5 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ٻڌايو ويو ۽ ان جو سبب به نه ڏسيو ويو، نتيجي ۾ طئي ٿيل 10 ملين ايڪڙ فوٽ مان وڃي 6.5 ايم اي ايف پاڻي بيهاريو ويو آهي. 2005ع ۾ نيشنل واٽر پاليسي ٻيهر 10 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي جي تصديق ڪئي. اي اين جي عباسيءَ واري رپورٽ ۾پڻ واپڊا پاران پيش ڪيل انگ اکر 5.8 ملين ايڪڙ فوٽ ڏنل آهي.

    جڏهن واپڊا وارن کان مٿي ذڪر ڪيل سندن بيانن، رپورٽن ۽پيش ڪيل انگ اکرن ۾ تفاوت بابت پڇيو ويو ۽ کين ٻڌايو ويو ته انهن جي اهڙين حرڪتن سبب صوبن وچ ۾ عدم اعتماد پيدا ٿيو آهي ته انهن وٽ جواب ۾ چوڻ لاءِ ڪجهه نه هيو. اسان وري سب ڪميٽيءَ جي واضح رپورٽن بابت موجوده حڪومت جيڪو قومي اسيمبليءَ ۾موقف اختيار ڪيو آهي، اهو صوبن وچ ۾ عدم اعتماد جو باعث بڻيو آهي. بلڪه ڪامورن ۽ پارلياماني ميمبرن وچ ۾ پڻ اعتبار نه ڪرڻ جهڙا موقعا فراهم ڪري ٿو. پيپلزپارٽي حڪومت ته ڊيلٽا بابت دعويٰ به ڪري ٿي، پر عملي طور باوجود اسان واري ڪاميٽي پاران هر ڪم ڪري ڏيڻ ۽ سفارشون سندن ٽيبل تي رکڻ جي ڪجهه نه ڪيو ويو آهي. اسان کي ان اهم اشو تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، مخالف ڌر ۾ هجڻ دوران سندن ڳالهيون ۽ هاڻي سندن خاموشيءَ ۾ وڏو فرق آهي. مان چاهيان پئي ته سنڌ جي ڊيلٽا واري علائقي جا ماڻهو ان ڳالهه کان هوشيار رهن ته 10 ملين ايڪڙ فٽ، اهو گهٽ ۾ گهٽ تعداد آهي، جيڪو قبول ڪيو ويندو. ان کان گهٽ ڪجهه به قبول نه ڪيو ويندو. جيتوڻيڪ گذريل 10 سالن ۾ انهن کي ان کان گهٽ پاڻي ڏيئي علائقي کي تباهه ڪيو ويو آهي. پيپلز پارٽي حڪومت چاهي ته اهو سندن لاءِ تمام آسان ڪم آهي، هو حڪومت پيا ڪن اسان سندن مدد ڪري سگهون ٿا، پر سمجهه ۾ نٿو اچي ته پيپلز پارٽي عوام جي مطالبي ۽ ٿيل فيصلن باوجود ان تي عمل ڇو نٿي ڪري؟

    marvi.memon@gmail.com
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترمه ماروي ميمڻ جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    سوات مان ٿيل لڏپلاڻ ۽ اسان جا انساني قدر!




    اڱارو 12 مئي 2009ع



    قومن جي تاريخ ۾ سٺا ۽ خراب وقت ايندا رهن ٿا، ان عمل دوران ڪنهن به قوم جو رويو ۽ عمل ان قوم جي قسمت جو فيصلو ڪندو آهي. ملڪ اڄ جنهن منزل تي بيٺل آهي، اتي اسين هڪ قوم جي حيثيت ۾ مايوسي، ناڪامي ۽ انتشار جو شڪار آهيون. اهڙي صورت ۾ اهو ضروري ٿي پيو آهي ته اسين پنهنجي بنيادي قدرن، روايتن ۽ اصولن مان رهنمائي حاصل ڪريون، جيڪي اسان جي طاقت آهن. اسان جي طاقت اسان جون روايتون، برداشت، سماجي انصاف آهي. چيو ويندو آهي ته مذهبي برداشت ڪنهن قوم جي معاشرتي تهذيب جي سڀ کان وڏي گواهه هوندي آهي. اسان کي ان بنيادي اصول کي ٻيهر پنهنجو ڪرڻو پوندو، جيڪو حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جن ڏنو. اسان جا مشاهدا هڪ ٻئي کان جدا هوندا آهن، هر ڪوئي صحيح ۽ غلط پنهنجن مشاهدن جي ذريعي آگاهي ڏيندو آهي. جيڪڏهن اسين سمجهي وڃون ته صحيح ۽ غلط ڪجهه ناهي، پر صرف اظهارِ راءِ جي آزادي ۽ راءِ جو اختلاف آهي ته اها ئي برداشت جي منزل آهي. اسلام جو اهو دليل ڪيترو اهم آهي ته ”اختلاف راءِ نعمت آهي، نه ڪي فرقه بندي ۽ انتشار.“ هن وقت جڏهن مذهبي طور ڪيترائي فرقا وجود ۾ اچي چڪا آهن ته پوءِ اسان کي انهن فرقن وچ ۾ امن سان رهڻ به سکڻ گهرجي. ان لاءِ اسان کي گڏيل قدرن جي ڳولا ڪرڻي پوندي. اهي اهڙا بنيادي ۽ گڏيل قدر جيڪي اسان کي چوندا آهن ته اسان کي شريعت جي مختلف تشريحن ۾ گم نه ٿيڻ گهرجي. اهڙا قدم جيڪي اهو سمجهائين ته جڏهن ٻار وڏو ٿئي ته هو اهو نه چئي ته هو ڪنهن فرقي سان تعلق رکي ٿو، پر اهو ٻار صرف اهو چئي ته هو انسان آهي، هو مسلمان آهي. پاڪستان ۾ ملڪي سطح تي به بنيادي طور اهو ئي اصول آهي ته اسلام اسان کي صبر ۽ برداشت جو درس ڏئي ٿو. جيڪڏهن اهو سمجهيو وڃي ٿو ته مدرسا اهو ذريعو آهن، جيڪي معاشري ۾ عدم استحڪام ۽ عدم برداشت پيدا ڪن ٿا ته ايئن ناهي، اصل سبب اسان جي معاشري ۾ پيدا ٿيل افرا تفري ۽ مايوسي آهي.

    هن ملڪ جي زخمن کي ڀرڻ لاءِ ضروري آهي ته اعتدال پسنديءَ مان ڪم وٺون. اها ئي اعتدال پسند اسلامي تهذيب آهي. ان جي ذريعي ئي اسين شدت پسندي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهون ٿا. ان لاءِ اسان جي مسجدن ۽ مدرسن کي ڪم ڪرڻ گهرجي، نه ڪي انهن جو ڪم اهو آهي ته اهي هڪ فرقي وارا ٻئي فرقي وارن خلاف ويهي اتي ڳالهائين. جيڪڏهن مولوي حضرات خطبن ۾ برداشت جو درس ڏين ته اسين هڪ پرامن معاشرو تشڪيل ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون. هڪ عورت هجڻ جي ناتي مان ڪڏهن مسجد ۾ وڃي جمعي وارو خطبو ٻڌڻ واري نصيب کان پري رهي آهيان. انهن خطبن ۾ جيڪڏهن ”اتفاق راءِ“ پيدا ڪرڻ ۽ برداشت واري ڳالهه صحيح معنيٰ ۾ ٿئي ته مسئلو ئي حل ٿي وڃي. اهڙن خطبن جي تحرير ۽ ڇپائي رياست جو ڪم هجڻ گهرجي. انهن خطبن ۾ هر فرقي وارن کي جاءِ ملڻ گهرجي ۽ انهن جي گڏيل تعليم هجي. رياست جا ڪجهه سٺا ۽ حقيقي عالمِ دين اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو حصو هجن ۽ اهي انهن خطبن جو بنياد تيار ڪن ۽ صرف سند يافته عالم ئي خطبي لاءِ اجازت يافته هجن. انهن جي سند کي بهتر بنائڻ لاءِ انهن جو هڪ مشترڪه تعليمي بورڊ هجڻ گهرجي. هي ملڪ هڪ اهڙي سرزمين رهيو آهي، جتي هندستان کان جڏهن لکين مهاجر آيا ته کين خوش آمديد چيو ويو. ان دور ۾ مهمان نوازي هئي، اوڙي پاڙي جو خيال هو. اڄ اسين 60 سالن ۾ سماجي انصاف جي سڀ کان هيٺين سطح تي بيٺل آهيون. سماجي انصاف جو بنيادي مقصد صرف قانون ئي ناهي پر رياست جي اها ذميواري آهي ته رياست هر سطح تي انصاف کي يقيني بڻائي. سماجي انصاف جي اها معنيٰ به آهي ته هر ڪو ڪاميابي ۾ حصيدار هجي ته ناڪاميءَ ۾ به حصيدار هجي. پاڪستان جي آئين جي شق 37/2 ۾ صاف لکيل آهي ته ”اها رياست جي ذميواري آهي ته اها عوام جي معاشي، سياسي، معاشرتي انصاف جو بندوبست ڪري.“ انهيءَ حوالي سان اڄڪلهه ملڪ کي درپيش چيلينج IDPs (Internally displaced peoples) يعني اهي ماڻهو، جيڪي پاڪستان اندر ئي هڪ علائقي مان لڏپلاڻ ڪري پنهنجي ئي وطن ۾ دربدر آهن. حڪومتي انگن اکرن ۽ گڏيل قومن جي ڏنل بيان موجب هلندڙ فوجي آپريشن دوران سوات ۽ بونير مان 10 لکن جي لڳ ڀڳ ماڻهو لڏپلاڻ ڪري محفوظ هنڌن ڏانهن آيا آهن. سماجي انصاف جي تقاضا آهي ته انهن جي جان، مال جي حفاظت ۽ انهن جي بحاليءَ جو بندوبست ڪيو وڃي. جيئن قوم 2005ع جي زلزلي سٽيلن جي مدد ڪئي هئي، ائين ئي IDPs جي ڪرڻ گهرجي.

    هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام ۽ سياستدان حڪومتي رٽ قبول ڪن، ڇاڪاڻ جو شدت پسنديءَ سان صرف اعتدال پسند قوتون ئي وڙهي سگهن ٿيون. ڪا ٻي قوت نٿي وڙهي سگهي. ان معاملي ۾ ڪجهه سياسي جماعتون ٻڏتر جو شڪار آهن. شدت پسندن جي وڌندڙ قدمن کي روڪڻ جو ٻيو طريقو اهو آهي ته مدرسن مان فارغ ٿيندڙ طالبن کي روزگار ڏنو وڃي. 73ع جي آئين جي باب ٻئين جي شق (P) ۾ واضح لکيل آهي ته ”اهو رياست جو ڪم آهي ته عوام کي تعليم، هنر، زراعت، صنعت جي شعبي ۾ مدد ڪري ته جيئن اهي قومي امور سٺي طريقي نڀائي سگهن. اسان جي حڪومت کي آئين جي ان شق تي عمل ڪندي مدرسن مان فارغ ٿيندڙ شاگردن کي روزگار فراهم ڪرڻ گهرجي. ان لاءِ سڀ کان اڳ انهن مدرسن جي رجسٽريشن ٿيڻ گهرجي. 2002ع ۾ حڪومتي انگن اکرن موجب ملڪ ۾ 13 هزار مدرسا هئا، جيڪي هن وقت وڌي 40 هزار ٿي ويا آهن. يعني جيڪڏهن اڳ 20 لک شاگرد انهن مدرسن ۾ هئا ته هن وقت 80 لک شاگرد آهن. انهن شاگردن کي روزگار مليو ته پڪ سمجهو ته صورتحال ڪافي بهتر ٿي ويندي. ان ڪم لاءِ هڪ الڳ وزارت جو قيام به ضروري آهي. رياست سان گڏ ملٽي نيشنل ڪمپنيون پڻ انهن کي روزگار ميسر ڪرڻ وارو ڪم ڪري سگهن ٿيون. اهي هڪ هڪ مدرسو کڻن، اتي جي طالبن کي ووڪيشنل ٽريننگ ڏين ۽ انهن کي پنهنجن ادارن ۾ روزگار ڏين.

    Marvi.memon@gmail.com
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترمه ماروي ميمڻ جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    آمريڪا ۾ پاڪستان جو ڪيس!




    آچر 7 جون 2009ع



    مون کي احساس آهي ته واشنگٽن جي ايوانن تائين پاڪستان جو آواز پهچائڻ جي ضرورت اڄڪلهه وڌيڪ آهي. خاص ڪري اهڙي وقت ۾ جڏهن ملڪ ۾ ملٽري آپريشن جاري آهي. لکين IDPs جو مسئلو آهي ۽ آمريڪي ڪانگريس 1.5 بلين ڊالر جو بل پنهنجي متنازعه نقطن سان ايوان ۾ پيش ڪيو آهي. جڏهن مان آمريڪي دوري لاءِ جهاز ۾ سوار ٿيس ته مان اهو romance محسوس نه ڪري رهي هيس، جيڪو چين جو دورو ڪرڻ لاءِ جهاز ۾ سوار ٿيڻ وقت محسوس ٿيو هو. پر تنهن هوندي به مون پنهنجي پاڻ کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مون کي پاڪستان جو موقف بين الاقوامي سطح تي مڃرائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي، نه ڪي رڳو اپوزيشن ۾ ويهي حڪومت تي تنقيد ڪندو رهڻ گهرجي. اسين International Visitor Leadership Program جو حصو هئاسين. واشنگٽن پهچڻ بعد اسان کي سياسي يادگارن ۽ عمارتن جو دورو ڪرايو ويو. مون تصور به نه ڪيو هو جيتري هر عمارت ۽ سياسي يادگار پنهنجي اندر معنيٰ رکي رهي هئي. اهو ڏسڻ کانپوءِ ئي اندازو ٿيو ته آمريڪي ترقيءَ جو ڪهڙو راز آهي. اسين پاڪستان ۾ سڄو وقت آمريڪا کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۾ لڳائيندا آهيون، پر اهو قطعي نه سوچيندا آهيون ته آمريڪا جي ترقيءَ جو راز ڇا آهي؟ مون وٽ ان دوري جا ٻه مقصد هئا، هڪ پاڪستان جو موقف انهن تائين پهچايان ۽ ٻيو انهن کان ڪامياب قانونسازي سکان، جنهن آمريڪا کي اڄ طاقتور ترين بڻايو آهي.

    آمريڪا جي ڪاميابيءَ جو راز انهيءَ سسٽم ۾ لڪل آهي، جنهن جو بنياد چيڪ اينڊ بيلنس تي آهي. ان کان به وڌيڪ سسٽم جي رفتار ۽ جدت پسندي آهي، جيڪا آمريڪا کي طاقتور بڻائي ويٺي آهي. جيڪو به نظام اپنايو وڃي، ان ۾ شارٽ ڪٽس نه ٺاهيا وڃن. اهو سسٽم جنهن ۾ انصاف ناهي هوندو، حڪمران جوابده ناهن هوندا، اهو ظالماڻي شڪل اختيار ڪري ويندو آهي. ساڳيو ئي اصول سياسي نظام تي لاڳو ٿيندو آهي. چاهي اهو جمهوري هجي يا فوجي نظام، ان کي وڏي غور سان چونڊيو ويند و آهي، اهو ان لاءِ نه هوندو آهي ته ڪجهه وڏين شخصيتن جي اقتدار تائين رسائي ٿئي بس! ڪنهن به سسٽم کي ٺهڻ ۾ وڏو وقت لڳندو آهي، پر ايئن به آهي، جو سسٽم کي سياسي ماحول ۽ تهذيب مطابق ترتيب ڏيڻو پوندو آهي. حالتون ڪهڙيون به هجن، ڪهڙي به تهذيب هجي پر انساني ضرورتون ته بهرحال هڪ جهڙيون ئي آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسين گڏيل ضرورتن تي غور ڪري اختلافن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون. American University School of Public Affairs سان ميٽنگ ۾ اهو سمجهڻ جو موقعو مليو ته سياسي مهم دوران آمريڪا ۾ فنڊ ڪيئن گڏ ڪيا ويندا آهن ۽ آمريڪي عورتن کي سياست ۾ اچڻ ۾ ڪيتريون مشڪلاتون سامهون اينديون آهن. مان سمجهي سگهيس ته هتي فنڊ جمع ڪرڻ جي مهم ڪيئن هلندي آهي. جيڪڏهن اسان جي سياست ۾ مهم دوران پڻ احتساب شروع ٿي وڃي ته اسان جو سياسي ڪلچر به ڪرپشن کان پاڪ ٿي سگهي ٿو. اسان جيRepublican National Committee Head Quarters وارن سان به ميٽنگ ٿي، جتي اسان کي انهن جي پرائمري سسٽم ۽ سياسي مهم کي سمجهڻ ۾ مدد ملي. ان کانپوءِ نيوز ويڪ اخبار جو دورو ڪرايو ويو، انهن ماڻهن سان ملاقات ۽ انهن کي پاڪستان جي موقف کان آگاهي ضروري هئي، جيڪي روزانو تاريخ لکن ٿا! اسان جي اڳين منزل Pakistan American leadership Council سان گڏجاڻي هئي، اها پاڪستان جي آمريڪا ۾ اهم لابي آهي. ان جو آمريڪا جي سياست ۾ قانونسازي جي فنڊنگ ۾ اهم ڪردار هوندو آهي. ظاهر آهي اها هندستان جي لابيءَ جيتري مضبوط ته ناهي، پر چاهيان ٿي ته اسان جو انهن سان براهه راست رابطو قائم هجي ته جيئن انهن کي اسلام آباد کان صحيح خبرون ملنديون رهن ۽ اهي آمريڪا ۾ پاڪستان جي مفاد جي چڱي طرح حفاظت ڪري سگهن. آخر ۾ ڪانگريس جي ميمبر Sheila Jackson lee سان ملاقات جو وقت آيو. شيلا آمريڪا ۾ پاڪستان Caucus جي اڳواڻ آهي. اهو ئي وقت هو ته مان ان کي اهي تمام نقطا ٻڌايان ها، جيڪي مون نيوز ويڪ اخبار جي دوري ۾ کين ڏنا هئا. خاص ڪري برمن ايڊ بل جي تڪراري شقن کي ان آڏو رکان ها ۽ مون ائين ئي ڪيو. مون آمريڪي خارجه پاليسي بابت پاڪستاني خدشا سندس آڏو رکيا. ان بعد اسان جي پاڪستاني سفير سان چانهه هئي ۽ پوءِ پاڪستاني لابيءَ سان ملاقات ڪئي سون. ان وقت ضروري هو ته اسين سياسي وابستگين کان مٿانهان ٿي ملڪ جي مفاد ۾ ڪم ڪريون. رات جي مانيءَ تي خبر پئي ته ڪيئن هندوستاني لابي ڪاميابيءَ سان پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي. اسين ملي ڪري ئي سڀ ڪجهه ڪري سگهون ٿا، ڪو به اعليٰ مقصد اڪيلي سر حاصل نه ٿيندو آهي. ان لاءِ مدد ڪرڻ وارن جو مضبوط ڄار هجڻ ضروري آهي. ڪانگريس پهتاسين، جتي ميمبرن سان آمريڪي امداد واري بل تي بحث ٿيو. کين پاڪستان جي خدشن کان آگاهه ڪيوسين، جيڪي خدشا ڊاڪٽر قدير خان تائين پهچ ۽ هندستان ۾ دراندازي متعلق هئا. مون کين ٻڌايو ته اسان کي اهي جارحانه شرطون قبول ناهن. مون ڪانگريس مين برمن ان ڳالهه تي زورڏنو ته جيستائين اسين ائٽمي ڦهلاءُ کان پري رهنداسين، انهن شرطن جو اسان تي استعمال نه ٿيندو. پر آئون پنهنجي موقف تي قائم رهيس.

    اسان پنهنجو فرض پورو پئي ڪيو، پر اسان کي اڃا وڌيڪ لابنگ جي ضرورت آهي. حڪومت ان ڏس ۾ يقينن ڪوشش ڪئي هوندي، پر اسين فتح کان ڪافي پري آهيون. اسان جي انهن هنڌن تي لابنگ هڪ وڏي جنگ آهي. اسان پنهنجي اندروني تڪرارن ۽ ويڙهه ۾ گهڻو ڪجهه وڃايو آهي ۽ هڪ مڪمل حڪمت عملي ٺاهي ناهيون سگهيا. اهو ڄاڻڻ بغير ته آمريڪا جو سسٽم ڪيئن ڪم ڪندو آهي مسئلن کي سمجهڻ ممڪن ناهي. پاڪستان جي پارليامينٽ ۾ آمريڪا مخالف نعرا هڻڻ ته آسان آهي، پر حقيقي ليڊرشپ اها ئي هوندي آهي، جيڪا سڀني مسئلن جو حل ڪڍي. مان صرف اهو چئي سگهان ٿي ته ڪانگريس ۾ پاڪستان جي Aid bill تي بحث دوران پاڪستان جي موقف ۾ ڪجهه پيش رفت ٿي آهي. اسان جو مقصد اهو آهي ته پرڏيهه ۾ ملڪ جي صحيح نمائندگي ڪريون. جڏهن مان واشنگٽن اچي رهي هيس ته منهنجي دل مطمئن نه هئي، پر جڏهن مان واشنگٽن مان وڃي رهي آهيان ته مطمئن آهيان. اميد ڪريان ٿي ته پاڪ-آمريڪا تعلقاتن ۾ بهتري ايندي.

    marvi.memon@gmail.com
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترمه ماروي ميمڻ جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    حڪومت آدمشماري ڪرائڻ کان ڇو لنوائي رهي آهي؟




    خميس 27 آگسٽ 2009ع



    آخر ڇا سبب آهي جو پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت وقت تي آدمشماري ڪرائڻ کان لنوائي رهي آهي؟ اهو ڏيڍ سال ۾ ڇهون ڀيرو آهي، جو آدمشماريءَ ملتوي ڪئي ويئي آهي. گذريل آدمشماري 1998ع ۾ ٿي هئي، جيڪا تضادن جو شڪار ٿي. اها آدمشماري 1991ع ۾ ٿيڻ گهربي هئي، پر دير ڪري اها 1998ع ۾ منعقد ڪئي ويئي، جيڪا پڻ غير مسند ۽ تڪرارن جي ور چڙهي ويئي ۽ هاڻي به آدمشماري 2008ع ۾ ٿيڻ گهربي هئي، جيڪا 2009ع جو هي سال به پورو ٿيڻ تي آهي، پر حڪومت ان جي منعقد ڪرڻ ۾ سنجيده نظر نٿي اچي ۽ ان کان لنوائي رهي آهي. اهي جمهوري پارٽيون، جيڪي پاڻ کي جمهوريت جون چيمپيئن سڏائين ٿيون، سدائين صوبائي خودمختياريءَ جو راڳ آلاپينديون رهيون آهن، پر جڏهن ان معاملي يعني صوبائي خودمختياري جي نفاذ جو وقت اچي ٿو ۽ عمل جي ضرورت پيش اچي ٿي ته اهي لنوائي وڃن ٿيون. سڀني پارليامينٽيرين کي به گهرجي ته اهي حڪومت تي زور وجهي، ڪنهن به طرح آدمشماري جو 2009ع ۾ انعقاد ڪرائين.

    دراصل حڪومت پاران دهشتگردي واري صورتحال، امن امان جي مسئلي وغيره جو جواز ڏئي آدمشماري ملتوي ڪرڻ وارو بهانو بلڪل غلط ۽ کوکلو آهي، ڇاڪاڻ جو افغانستان، عراق ۽ ترڪيءَ جهڙن ملڪن ۾ به آدمشماري ڪرائي وئي آهي، جتي جي امن امان جي صورتحال، پاڪستان کان وڌيڪ خراب آهي ۽ فرض ڪريو، جيڪڏهن اهڙي صورتحال آهي به، ته پوءِ ته آدمشماري ڪرائڻ اڃا به وڌيڪ ضروري ٿيو پوي، ڇاڪاڻ جو ان مان ملڪ جي Demographics جي صحيح ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. ترقي يافته ملڪ هر 10 سالن ۾ يا 5 سالن بعد آدمشماري ڪرائيندا آهن، ته جيئن ترقياتي معاملن ۽ عوام جي گهربل ضرورتن جو ڪاٿو لڳائي سگهجي. آدمشماريءَ جي ضرورت عوام جي ڀلائيءَ جو معاملو آهي، ڇاڪاڻ جو عوامي ادارا ۽ معاملا جهڙوڪ اسڪول، صحت جا ادارا، روڊ رستا، نڪاسي جا ذريعا وغيره، سڀ ان سان منسلڪ آهن. انهن ادارن جي پلاننگ تڏهن ئي ٿي سگهندي، جڏهن صحيح آدمشماري جي خبر هوندي. جي ماڻهن جي صحيح تعداد جو اندازو نه هوندو ته ڪا پلاننگ ڪامياب ٿيڻ ناممڪن آهي. ڀلا اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ماڻهن جي تعداد ۽ بيروزگارن جي تعداد جي خبر نه هجي ۽ اسين انهن لاءِ نوڪريون پيدا ڪريون؟ ائين ئي ڪاروباري ادارا پنهنجي پيداوار وڌائڻ يا گهٽائڻ جو تناسب ڪيئن ڪندا، جڏهن کين ملڪ ۾، صوبن ۾، علائقن ۾ عوام جي تعداد جي خبر نه هوندي ۽ وٽن مارڪيٽ ڊيٽا نه هوندو ۽ اسين اڃا ترقي يافته ملڪ نه ٿيا آهيون، پر ترقي پذير ملڪ آهيون، ان ڪري ان جي وڏي ضرورت آهي ته اسين آدمشماري کان نه لنوايون.

    ملڪ جا قومپرست سياستدان، آدمشماري نه ڪرائڻ کي حڪومت جي فراريت قرار ڏيئي رهيا آهن، ڇاڪاڻ جو سندن خيال ۾ حڪومت صحيح انگن اکرن کان ڊنل آهي ۽ ننڍن صوبن ۾ وڌي آيل آدمشماري سبب ظاهر آهي ته انهن جي وڌيل ضرورتن جو خيال ڪرڻو پوندو، جنهن کان حڪومت لنوائي رهي آهي، ڇاڪاڻ جو آدمشماريءَ ۾ ننڍن صوبن خاص طور تي سنڌ جي آدمشماري وڌيڪ ايندي ۽ وفاق کي، وسيلن جو هڪ وڏو حصو سنڌ کي ڏيڻو پوندو، ان ڪري جيڪڏهن واقعي به موجوده حڪومت صوبن وچ ۾ ڀائيچارو پيدا ڪرائڻ چاهي ٿي ته ان کي سڀ کان اڳ هڪدم آدمشماري ڪرائڻ گهرجي. اها حقيقت آهي ته آدمشماريءَ کانسواءِ اين ايف سي ايوارڊ جي ورهاست جو صحيح هجڻ ڪيئن ثابت ٿيندو، جڏهن حڪومت وٽ انگ اکر ئي ناهن ته آبادي ڪيتري وڌيڪ آهي؟

    آدمشماري لاءِ ڪهڙا اپاءَ ورتا ويا آهن ۽ اها ڪيتري شفاف ۽ ايمانداريءَ سان ٿيندي؟ اهي سوال عوام آڏو اڃا موجود آهن. حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي عوام جي مدد جي ته ڳالهه ڪري ٿي، پر عوام جي بنيادي معاملي آدمشماري، جنهن تي سندن هر ڳالهه جو دارومدار آهي، ان کي ايترو اهم نٿي سمجهي، اسان وٽ حڪومتي سرشتي ۾ آدمشماريءَ لاءِ باقاعده وزارت ۽ ان کان علاوه ان لاءِ لاڳاپيل پلاننگ ڪميشن پڻ موجود آهي، انهن ادارن کي ملڪ جو هڪ مستند ڊيٽا گهربل هوندو آهي ته جيئن اهي عوام جي ڀلائي جا منصوبا ترتيب ڏئي سگهن. جيڪڏهن انهن وٽ صحيح ڊيٽا نه هوندي، ته ظاهر آهي، اهي پنهنجي جان ڇڏرائڻ لاءِ حڪومت کي گمراهه ڪندا ۽ ترقياتي رٿائون به انهن غلط انگن اکرن تي ٺهنديون. اهڙي حالتن ۾ انهن ادارن کي ترقياتي رٿائن جا پلان پارليامينٽ ۾ آڻي اتان منظوري وٺڻ گهرجي.

    اسين پارليامينٽرين، جيڪي هڪ ماڊريٽ ۽ ترقي يافته پاڪستان چاهيون ٿا، اسان کي حڪومت کي مجبور ڪرڻو پوندو ته اها هڪدم ملڪ ۾ آدمشماري ڪرائي. جيڪڏهن حڪومت وٽ ان لاءِ ڪو مشن، ويزن، حڪمت عملي ناهي ته اسين اهو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. اسين پارليامينٽ ۽ پارليامينٽ کان ٻاهر ميڊيا ۾ آدمشماري لاءِ آواز اٿارينداسين.

    Marvi.memon@gmail.com
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترمه ماروي ميمڻ جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    عوامي مسئلا پارليامينٽ ۾ نظرانداز ڇو پيا ٿين؟




    اربع 2 سيپٽمبر 2009ع



    جيڪڏهن اهو چيو وڃي ٿو ۽ ائين آهي به ته پارليامينٽ سپريم آهي ته پوءِ سمورا اهڙا مسئلا جيڪي قومي ليول جا آهن، اهي پارليامينٽ ۾ ڇو نٿا کنيا وڃن، يا ڇو نٿا کڻڻ ڏنا وڃن؟ حڪومت کي پارليامينٽ جي سپريم هجڻ بابت صرف تقريرون نه ڪرڻ گهرجن، پر عملي طور پارليامينٽ جي سپريم هجڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. پارليامينٽ ۾ موجود اهڙيون شخصيتون جيڪي ”قيادت“ واري زمري ۾ اچن ٿيون، پنهنجو جائزو وٺن ته ڇا ائين ناهي ته هو پنهنجين پارٽين جا صرف مائوٿ پيس ٿي ڪم ڪري رهيا آهن يا پنهنجي پارٽين جي قيادت جي مستقل مفاد لاءِ ٻولي رهيا آهن، نه ڪي ملڪ جي بقا ۽ بهتر مستقبل لاءِ! جڏهن ميڊيا ۽ مخالف ڌر عوام کي درپيش مسئلا پارليامينٽ ۾ توجهه ڏيارڻ لاءِ کڻي اچي ٿي ته اها پارليامينٽ جي ڪسٽوڊين جي ذميواري آهي ته اها اهڙو مسئلو يا معاملو پارليامينٽ ۾ کڻي آيل ميمبر جو مائيڪ کولي ان کي موقعو ڏي، بجاءِ جو ان جو مائيڪ بند ڪري ۽ کيس خاموش رهڻ لاءِ چوي. اهڙن اشوز ۽ معاملن تي مائيڪ بند ڪرڻ عوام ۽ انهن جي نمائندن جو وقت بي سبب ضايع ڪرڻ برابر آهي. پرڏيهي معاملن متعلق پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي. هڪ قرارداد ذريعي حڪومت پاران نيٽو فورسز کان خطي مان سندن واپسيءَ جو شيڊيول بابت پڇيو وڃي ۽ آر ڊي پيز متعلق پارليامينٽري ڪميٽيءَ کي ماهوار رپورٽ پيش ڪرڻ گهرجي، اهو عمل پارليامينٽ ۾ ان مهل تائين پيش ٿيڻ گهرجي، جيستائين اهو مسئلو حل ٿي نٿو وڃي. آمريڪي امداد متعلق به واضح ٿيڻ گهرجي ۽ اهو معاملو پارليامينٽ ۾ بحث هيٺ اچڻ گهرجي ته اها امداد ڪٿي ڪٿي خرچ پئي ٿئي ۽ اها رقم جتي به خرچ ٿئي پئي، ان جي نظرداري ڪهڙي نموني ڪئي وڃي ٿي. ان مسئلي تي هڪ پارلياماني ڪميٽي بااختيار هجڻ ۽ هر ڳالهه کان باخبر هجڻ وارن معاملن کي يقيني بڻائي.

    ميڊيا واري معاملي تي صرف نالي ماتر چپ چورڻ ۽ ميڊيا تي تشدد تي خالي معافي گهري جان ڇڏائڻ بجاءِ پارليامينٽ کي حڪومت پڪ ڏياري ته اهڙن معاملن جا ذميوار سزا وار هوندا، خاص ڪري صحافين جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ بابت پارليامينٽ ۾ حڪومت کي پڪ ڏياڻ گهرجي. ضلعي حڪومتن جي سسٽم ۾ حڪومت جيڪا تبديلي آڻڻ چاهي ٿي، اها پڻ پارليامينٽ ۾ بحث هيٺ اچڻ گهرجي. مون ان معاملي ته پارليامينٽ ۾ التوا واري تحريڪ پيش ڪئي آهي ته جيڪڏهن اهي ان نظام ۾ تبديلي آڻڻ گهرن ٿا ته ان لاءِ بهترين پليٽ فارم پارليامينٽ آهي، پر ان جي ابتڙ ان بابت پارليامينٽ کان ٻاهر فيصلا ڪري آئين جي لتاڙ جاري آهي. بلوچستان جا حقيقي معاملا ۽ اتي عليحدگي پسندن جي وڌندڙ ڪاررواين بابت پارليامينٽ ۾ بحث ٿيڻ گهرجي ۽ انهن مسئلن جو حل ڳولهجي، انهن جي لاڳو ٿيڻ کي يقيني بڻائڻ گهرجي. ان لاءِ به مون جڏهن ايوان ۾ آواز اٿاريو ته منهنجي آواز کي نظرانداز ڪيو ويو. ائين ئي سنڌ جي قومپرستن جا معاملا، مطالبا ۽ شڪوه شڪايتون ايوان ۾ بحث هيٺ آڻي پارليامينٽ جي هڪ خاص ڪميٽي ٺاهي ان ۾ آڻي، انهن مسئلن جا حل ڳولهيا وڃن، پر منهنجي ان آواز کي ايوان ۾ ٻڌو، اڻ ٻڌو ڪيو وڃي ٿو. جيئن ئي رمضان جي مهيني جي آمد هئي ته حڪومت کي هڪ خاص پارلياماني ڪميٽي ٺاهڻ گهرجي ها، جيڪا حڪومت جي کائڻ پيئڻ جي شين تي ڪنٽرول لاءِ کنيل قدمن جي جاچ پڙتال ۽ نظرداري ڪري ها. ائين نه ڪيو ويو، لکين غريب ماڻهو، گرميءَ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ اٽي جي لاءِ تڪليفن ۾ آهن ۽ پوليس بي شرميءَ سان انهن تي لٺبازي ڪندي نظر اچي ٿي. اهو ئي ناهي پر مون سنڌ ۾ هڪ وزير هٿان عوام کي چماٽون کائيندي ڏٺو. ڇا عوام سان زيادتيءَ جي ان کان وڌيڪ ٻي ڪا ڳالهه ٿي سگهي ٿي؟ ڇا اهو وزير پنهنجي عهدي تان هڪدم برطرف ٿيڻ نه گهرجي ها؟ گوجره واقعو ئي ڏسو، ان جي انڪوائري رپورٽ گهرو وزير جي واعدي باوجود ايوان ۾ پيش نه ڪئي وئي. اهو ئي نه، پر هر انڪوائري رپورٽ خاص ڪري دهشتگرديءَ جي هر واقعي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ٿيڻ گهرجي. سنڌ جا مسئلا، جيئن پي ايڇ ڊي هولڊرز سان امتيازي سلوڪ وارو معاملو آهي، سو به پارليامينٽ کي حل ڪرڻ کپي. سنڌ ۾ تقريبن ڇهه هزار ڪاليج استادن ۾ صرف 47 پي ايڇ ڊي استاد آهن. ان مان استادن پاران پي ايڇ ڊي ڪرڻ ڏانهن رجحان جي خبر پوي ٿي ته سنڌ جا استاد پي ايڇ ڊي ڪرڻ ۾ ڪيتري دلچسپي رکن ٿا، ان جو سبب سنڌ جي تعليم کاتي جون زيادتيون ۽ انصافي واريون پاليسيون آهن. سن 2000ع ۾ حڪومت پي ايڇ ڊي هولڊرز لاءِ پنج هزار الائونس منظور ڪيو. سنڌ حڪومت اهو الائونس آڪٽوبر 2008ع ۾ بند ڪري ڇڏيو. اهو صرف سنڌ ۾ ٿيو. نه صرف انهن جو الائونس بند ڪيو ويو پر اهو الائونس کانئن واپس وٺڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا، جيڪو هو وٺي چڪا هئا. ٻئي پاسي پنجاب حڪومت پي ايڇ ڊي هولڊرز جو الائونس پنج هزار مان وڌائي 10 هزار ماهوار ڪري ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ پي ايڇ ڊي استادن جو الائونس سنڌ حڪومت ٻيهر شروع ته ڪيو آهي، پر اهو پنجاب جي برابر ڪرڻ گهرجي. سنڌ ۾ پي ايڇ ڊي وارن جو الائونس پنج هزار رپيا ماهوار هجي ۽ پنجاب ۾ 10 هزار رپيا ماهوار جڏهن ته ملڪ ته هڪ ئي آهي. پوءِ ظاهر آهي صوبن وچ ۾ احساس محرومي پيدا ٿيندي.

    ائين ئي ڪراچيءَ جي ريڙهي ڳوٺ جو مسئلو آهي، جتي پورٽ قاسم اٿارٽي نوان چينل کوٽي رهي آهي. اها سٺي ڳالهه آهي، پر اهم ڳالهه اها آهي ته نوان چينل کوٽي ان مان نڪتل ريتي وري پراڻن چينل ۾ وجهي رهيا آهن، جنهن سان علائقي جي هزارن مهاڻن کي مسئلن سان منهن ڏيڻو پيو آهي. اهي بلڪل جائز مسئلا آهن، جن کي مون پارليامينٽ ۾کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر مون کي پارليامينٽ ۾ اهي اشوز کڻڻ نٿا ڏين. جڏهن ڪو مسئلو پوائنٽ آف آرڊر تي کڄي ٿو ته ان لاءِ به ايوان جي اهڙي ڪا ڪميٽي ناهي، جيڪا ان بابت پوئيواري ڪري. ايوان ۾ ڪرپشن وارا معاملا بحث هيٺ اچڻ گهرجن، هر پبلڪ سيڪٽر ڪارپوريشن جو اڪائونٽ ايوان ۾ پيش ٿيڻ گهرجي. ايوان پاران اهڙن ماڻهن توڙي ادارن تي لڳايل الزام ڪنهن ٺوس نتيجي تي پهچڻ گهرجن، ذميوارن کي سزائون ملڻ گهرجن. پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽيءَ کي اهو اختيار ناهي ته اهڙين ڪمپنين جو احتساب ڪري، جن جا اڪائونٽ آڊيٽر جنرل پاران ويريفاءِ ناهن ٿيل. اسان صرف اهو ٿا چاهيون ته اسان کي خبر پوڻ گهرجي ته آخرڪار پارليامينٽ ۾ ٿئي ڇا پيو؟

    marvi.memon@gmail.com
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترمه ماروي ميمڻ جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    91ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل کان لاتعلق ٿيل سنڌ حڪومت!




    ڇنڇر 24 آڪٽوبر 2009ع



    اهو ڏاڍو ڪمال جو معاملو ٿيو آهي ته مرڪز ۽ صوبي سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ ئي حڪومت هوندي پاڻيءَ معاملي يعني 91ع واري ٺاهه تي عمل ڪرائڻ لاءِ وفاق ۽ صوبي ۾ اختلاف اڀري سامهون آيل آهن. ان کان وڌيڪ تعجب جي ڳالهه اها آهي جيڪا وفاقي وزير پاڻي ۽ بجلي راجا پرويز اشرف ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي وزير اعليٰ سيد قائم علي شاهه جي موجودگيءَ ۾ چئي آهي. وزير صاحب فرمايو آهي ته سنڌ 91ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ئي ناهي ڪيو ته پوءِ ان مطالبي جي مڃڻ يا نه مڃڻ جو ڪهڙو سوال پيدا ٿئي ٿو؟ بجليءَ ۽ پاڻي واري وزير اها ڳالهه به صحيح ڪئي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي سندس سمجهه موجب حق آهر پاڻي نٿو ملي ته اهو گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ۾ وڃي سگهي ٿو. پر ڇا اها ڳالهه سنڌ جي ماڻهن لاءِ تعجب واري ناهي ته وفاقي وزير جي جائز صلاح تي سنڌ جي پاڻيءَ جو تحفظ ڪرڻ لاءِ پابند سنڌ حڪومت ۽ ان جي وزير اعليٰ صاحب اهو چئي معاملي کي لئه مٽي ڪري ڇڏيو آهي ته، ”گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ وڃڻ جي ضرورت ناهي، اسين پاڻ ۾ ويهي معاملو طئي ڪري وٺنداسين.“ ڄڻ اهو سنڌ صوبي جي ڪروڙين ماڻهن، انهن جي ٻني ٻاري ۽ سنڌو درياهه جو نه، پر ڪنهن وڏيري جي اوطاق جو ڪو معاملو هجي، جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ صوبي جو حڪمران، باوجود وفاق پاران مليل صلاح جي ايئن چئي رهيو آهي!

    حيرت انهن ڪامورن تي به آهي، جيڪي ارسا ۾ ويٺل آهن. بجلي ۽ پاڻي جي وفاقي وزير اها ڳالهه به صاف کولي ٻڌائي آهي. اهو خاص ڪري سنڌ جي عوام لاءِ انڪشاف آهي ته سندن چونڊيل حڪمران ۽ ڪامورا سندن پاڻيءَ جو ڪيس ڪيئن بنا وڙهڻ جي هارائي رهيا آهن. ارسا ۾ ٻه ميمبر سنڌ جا آهن. (هڪ وفاقي نمائندي سميت). انهن اجلاسن ۾ لفظ به نه ڪڇيو آهي ته 91ع واري ٺاهه تي عمل ڪيو وڃي. اهو اسين نه، پر سندن ئي پارٽيءَ سان لاڳاپيل وفاقي وزير راجه پرويز اشرف چئي رهيو آهي.

    هاڻي جڏهن سنڌ حڪومت ۽ سندس مقرر ڪيل ڪامورا ارسا توڙي گڏيل مفادن واري ڪائونسل آڏو پاڻيءَ جي 91ع ٺاهه موجب ورڇ جو مطالبو نه ڪندا ته پوءِ ائين ئي ٿيندو، جيئن ارسا چيو آهي ته ”جيستائين پاڻيءَ جي ورهاست بابت ڪو فيصلو نٿو ٿئي، تيستائين صوبن ۾ پاڻي ورڇ اٿارٽيءَ پاران 2003ع ۾ منظور ڪيل وقتي فارمولا تحت ڪئي ويندي. هاڻي نه سنڌ حڪومت 91ع ٺاهه جي عمل لاءِ آواز اٿاري رهي آهي، نه ڪائونسل آف ڪامن انٽرسيٽ ۾ وڃڻ جو ڪو پروگرام آهي، ان ڪري نه ئي ڪو فيصلو ٿيندو ۽ نه ئي سنڌ کي 91ع واري ٺاهه موجب پاڻي ملندو.

    91ع واري پاڻي معاهدي تي عمل نه ٿيڻ خلاف مون پارليامينٽ ۾ ڪافي ڀيرا آواز اٿاريو آهي ۽ قومي اسيمبليءَ جي گذريل اجلاس ۾ پڻ ارسا جي اهڙي ناانصافيءَ خلاف معاملو جمع ڪرايو اٿم. حڪومتي بئنچن مان به ايم اين اي يوسف ٽالپر ۽ ٻين ان معاملي تي آواز اٿاريو آهي. وزير اعظم يوسف رضا گيلاني کي به سنڌ مان چونڊيل ڪجهه قومي اسيمبلي جي ميمبرن دانهون ڏنيون آهن، پر ان باوجود ارسا جو اهو فيصلو سامهون اچڻ ته پاڻيءَ جي ورڇ 2003ع واري عبوري فيصلي تحت ڪئي ويندي، صاف ٻڌائي ٿو ته اهو معاملو حل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سنجيده ناهي. ان ۾ وڏي ۾ وڏو قصور وري به سنڌ حڪومت جو اچي ٿو، جيڪي معاملي کي ارسا جي اجلاسن ۾ به ميمبر هوندي کڻڻ لاءِ تيار نه آهي، نه ئي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ کڻڻ لاءِ تيار آهن، جنهن لاءِ سنڌ جي وزير اعليٰ قائم علي شاهه ڪراچي ۾ وفاقي وزير جي موجودگيءَ ۾ چيو آهي ته پاڻ ۾ ٺهي وينداسين!

    اخبارن ۾ رپورٽ ٿيو آهي ته 2003ع واري ارسا پاران تيار ٿيل پاڻي فارمولو، جنهن موجب جيڪڏهن ڪنهن سال ۾ سسٽم ۾ 103 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي موجود هوندو ته ان پاڻيءَ جي ورهاست صوبن وچ ۾ ٺاهه جي پيرا B-14 تحت ڪئي ويندي. ان عبوري فارمولي تحت جيڪڏهن خريف ۽ ربيع واري ٻنهي مندن دوران يعني سال ۾ پاڻي 114 ملين ايڪڙ فوٽ موجود هوندو ته ان اضافي پاڻي جي ورهاست ٺاهه جي پيرا 2 تحت ڪئي ويندي، جيڪا صوبن وچ ۾ پاڻي ورهاست جي تعين جي حساب سان صحيح پيرا آهي. ان عبوري ٺاهه ۾ اهو به آهي ته جيڪڏهن سال دوران مجموعي طور پاڻي 114 ايم اي ايف کان به وڌيڪ هوندو ته ان پاڻي جي ورڇ ٺاهه جي پيرا 4 موجب ڪئي ويندي. 1991ع واري فارمولي تحت پاڻيءَ جي ورڇ نه ڪرڻ لاءِ ارسا اهو جواز ڏنو آهي ته ڄاڻايل پيرا تحت صوبن وچ ۾ ٻنهي مندن لاءِ 114 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي ورڇ ڪئي وئي هئي، پر هينئر عملي طور هر سال ايترو پاڻي موجود ناهي، ان ڪري ورڇ 91ع واري ٺاهه تحت ڪرڻ ممڪن ناهي. اهو به اخبار ۾ رپورٽ ٿيو آهي ته ارسا جو موقف آهي ته هر سال خريف جي 25 کان 30 سيڪڙو پاڻيءَ جي کوٽ رهي ٿي، ان ڪري پاڻي واري 91ع اڪارڊ جي پيرا 2 تحت پاڻيءَ جي ورڇ ممڪن ناهي.

    مٿي ذڪر ڪيل ڳالهيون جڏهن سامهون اچن ٿيون ته معاملو صاف ٿيو وڃي ٿو ته ارسا جي اهڙي موقف سان سنڌ حڪومت هاڪاري، سهمت ۽ سهڪاري آهي، پوءِ ڀلي سنڌ جي حصي جي پاڻيءَ جي ڀيل ٿئي! ارسا وارن جو به اهو ئي چوڻ آهي ته سنڌ ۽ پنجاب حڪومتون 2003ع واري عبوري فارمولي تي راضي آهن. ٺيڪ آهي، ڀلي اهي حڪومتون راضي هجن، پر عوام جو راضي هجڻ ضروري آهي. 91ع واري ٺاهه موجب پاڻي سنڌ جي عوام جو حق آهي، سنڌ حڪومت ڀلي اهو راضي نامو ارسا کي ڏي.

    marvi.memon@gmail.com
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترمه ماروي ميمڻ جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    پاڻيءِ سان ٿيندڙ هٿ چراند!




    اڱارو 13 جولاءِ 2010ع



    چشما-جهلم لنڪ ڪئنال کولڻ وارو معاملو اڄڪلهه صوبن وچ ۾ تضادن جو اهم اشو بڻيل آهي، جنهن سبب سنڌ ۾ وڏا احتجاج ٿي رهيا آهن. ان جي حقيقت جاچڻ لاءِ آئون چشما-جهلم ڪئنال جو دورو ڪري، پنهنجي اکين سان حقيقت ڏسي ان نتيجي تي پهتي آهيان ته پاڻي ٺاهه ۽ ٽيڪنيڪي بنيادن تي پاڻي معاملو حل ڪرڻ بدران هوڏ ۽ ڏاڍ ذريعي هيٺاهين وارن جي پاڻيءَ سان هٿ چراند ڪئي پئي وڃي. 1991ع واري ٺاهه جا قاعدا ۽ قانون بلڪل واضح آهن، پر پوءِ به انهن جي لتاڙ ڪري پڇري وارن جو حق ماريو پيو وڃي. ڏکڻ پنجاب توڙي سنڌ جي هر ماڻهو جو حق آهي، ته انهن کي قانون ۽ قاعدن موجب پاڻي ملي ۽ هو ملڪ جي پيداوار ۾ اضافو ڪن. ان لاءِ کين گهربل پاڻي مهيا ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، پر قانون موجب، نه ڪي غير قانوني اقدامن سان، ان سان هڪ علائقي کي برباد ۽ ٻئي کي آباد نٿو ڪري سگهجي.

    حڪومت، نااهلي، ڪرپشن، پاڻي چورن جي همت افزائي ۽ پاڻي وسيلن جي ورهاست ۾ بي ايماني سبب هيٺانهن علائقن کي پاڻي ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي. پنجاب کي چشما-جهلم ڪئنال مان پاڻي نه ملڻ گهرجي، بلڪه ان لاءِ منگلا مان پاڻي کڻڻ ئي مناسب آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ هجي يا ڏکڻ پنجاب، حڪومت ۾ شامل زميندار توڙي جاگيردار پاڻيءَ جي کوٽ سان متاثر نه ٿا ٿين، ڇاڪاڻ ته انهن جا هٿ پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ ڊگها آهن، پوءِ اهو پاڻي هو اثر رسوخ استعمال ڪري حاصل ڪن يا چوري ڪري، بس اهو ٻنهي صوبن جو غريب ۽ ننڍڙو آبادگار ۽ زميندار ئي آهي، جيڪو ان پاڻي کوٽ جي تڪليف ۾ آهي.

    هلندڙ سال 18 فيبروري تي ٿيل ماحوليات بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي واري گڏجاڻي ۾ چشما-جهلم لنڪ ڪئنال متعلق سامهون آيل حقيقت آڌار سنڌ طاس معاهدي ۾ چشما-جهلم لنڪ ڪئنال نالي ڪنهن واهه جو ذڪر ناهي. 1960ع ۾ انڊس بيسن ايڊوائيزري بورڊ جي لنڊن ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾، جتي چشما-جهلم ڪئنال جو ذڪر ڪيو ويو ته ان گڏجاڻي ۾ سنڌ جو ڪو نمائندو موجود نه هو ۽ نه ئي ڪڏهن چشما-جهلم ڪئنال ٺاهڻ لاءِ صوبن جو راضپو معلوم ڪيو ويو، نه صوبا ان تي راضي آهن. شروعاتي پروجيڪٽ ۾ به منگلا ۽ روهتاس جو ذڪر ملي ٿو، چشما-جهلم جو ذڪر ڪٿي به نه آهي.

    جولاءِ 1972ع واري گڏجاڻي ۾ ڪيل فيصلي تحت سنڌ جي وڏي وزير کي چشما-جهلم لنڪ ڪئنال ذريعي پاڻي پنجاب کي ڏيڻ واري فيصلي کي ويٽو ڪرڻ جو حق حاصل آهي، ڇاڪاڻ ته اهو Lower riparian اسٽيٽس ۾ اچي ٿو. اهڙي قسم جي معاهدي جي هر سال تجديد ٿيندي هئي ۽ ضياءَ الحق جي مارشل لا اچڻ تائين اهو عمل جاري رهيو. ان کانپوءِ پيپلز پارٽي ٽي ڀيرا حڪومت ۾ آئي آهي، پر ان ٻيهر اهو معاهدو پراڻي اصول موجب هر سال Renew ڪرڻ لاءِ پيش نه ڪيو ۽ جنرل ضياءَ الحق جهڙي آمر جي قانون کي قائم رکيو، معنيٰ چشما-جهلم لنڪ ڪئنال کولڻ ۾ پ پ حڪومت شامل آهي! چشما لنڪ ڪئنال تي پنجاب جو موقف، جيڪو 1991ع واري ٺاهه جي 14 ڊي موجب ٻڌايو ٿو وڃي، اهو چشما لنڪ ڪئنال متعلق آهي ئي نه. 1991ع واري ٺاهه جي پيرا، ٻه، چار ۽ ست ۾ صاف لکيل آهي ته لنڪ ڪئنالن ۾ صرف ان وقت پاڻي ڇڏيو ويندو، جڏهن پاڻيءَ جون سڀ ضرورتون پوريون ٿينديون ۽ ڪوٽڙيءَ کان هيٺ گهربل پاڻي مهيا ٿيندو. چشما-جهلم ڪئنال سدا واهه نه پر پاڻيءَ جي سرپلس موجودگي جي صورت ۾ کولڻ وارو واهه آهي.

    چشما-جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا-پنجند بين الصوبائي واهه آهن ۽ صوبن پاران ئي گڏيل طور تي انتظام هيٺ هلڻ گهرجن، نه ڪي هڪ صوبي جي پاڻي جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ انهن کي غير قانوني طور وهايو وڃي. زبردستي جو هڪ ٻيو مثال اهو به آهي ته هائيڊرو پاور پراجيڪٽ تي ارسا ڪا منظوري نه ڏني آهي ۽ نه ئي سنڌ ان تي راضي ٿي آهي، پوءِ به نيپرا ائين ڪيو آهي سمجهه کان ٻاهر! هاڻي ڪو ٻڌائي ته لنڪ ڪئنالن تي هائيڊرو پاور پراجيڪٽ ڪيئن ٿا لڳائي سگهجن؟ معنيٰ ته پاور پراجيڪٽن پٺيان نيت انهن لنڪ ڪئنالن کي دائمي ڪئنال ڪري وهائڻ جي آهي. پنجاب کي گهربل پاڻي منگلا مان ڏئي سنڌ جي ماڻهن جي ڪاوڙ ۽ شڪايت دور ڪئي وڃي، ته جيئن سنڌ جو آبادگار پنهنجي حصي جو پاڻي کڻي سگهي.

    ارسا، 18 هين ترميم، اين ايف سي ۽ صوبائي خودمختياري واري ماحول ۾ هڪ صوبي جو ادارو هجڻ وارو خيال دل مان ڪڍي ڇڏي، ته جيئن ان جي هڪ وفاقي اداري واري حيثيت برقرار رهي، جنهن جو ڪم سڀني صوبن سان انصاف ڪرڻ آهي، نه ڪي هڪ صوبي جي ونگار وهڻ، ۽ اهي سياستدان به صوبن وچ ۾ فاصلا وڌائڻ جو ڪم نه ڪن، جيڪي ٽيڪنيڪي معاملن ۽ پاڻي معاهدن کان اڻ واقف آهن. سنڌ جي عوام کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ ڏکڻ پنجاب جي عوام کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، جن جو حق منگلا مان پورو ڪيو وڃي. مون گذريل پورو هڪ هفتو سنڌ ۽ پنجاب ۾ پاڻي کوٽ وارن علائقن ۾ گهمي ڏٺو آهي، صورتحال سنڌ ۾ وڌيڪ خراب آهي، هوڏانهن پنجاب ۾ مٿي وارا پاڻي کڻي وڃن ٿا ۽ هيٺ وارا، يعني پنجاب جي پڇڙي وارا تڪليف ۾ آهن. سنڌ ۾ وڏيرو، جاگيردار، طاقتور ماڻهو پاڻي چوري ڪري ٿو ۽ پنجاب ۾ پڻ چوري سان گڏ پاڻي ضايع به وڌيڪ ٿئي ٿو. پاڻي چوري ڪرڻ ۽ پاڻي ضايع ڪندڙن کي عوام جي قهر کان ڊڄڻ گهرجي.

    حڪمرانن کي گهرجي ته پاڻي جي چوري بند ڪرائي ۽ پاڻي ضايع ڪرڻ وارن خلاف قدم کنيا وڃن ته پاڻي جي کوٽ وارو مسئلو ڪنهن حد تائين حل ٿي ويندو.

    marvi.memon@gmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو