• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هل ڙي۔۔ وزيراعظم کي به مامون بڻائي ويا۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن

8-5-2010_109757_l.gif


پنجابين جي باري ۾ ته اونئن به مشهور آهي ته سڀنيءَ‌کي مامون ڪري سگهن ٿا پر يار حد ٿي وئي، وزيراعظم کي مامون بڻائي ڇڏين۔۔
ٻوڏ متعلق امدادي ڪارواين جي جائزي وٺڻ لاءِ وزير اعظم جي آمد جي خبر جيئن ئي ميانواليءَ‌جي انتظاميه کي پئي ته انهن تڙتڪڙ ۾‌ ڪمال ڦڙتيءَ‌سان هڪ اسڪول ۾ هنگامي طور تي ميڊيڪل رليف ڪيمپ لڳائي، چند ماڻهن کي کٽ تي ليٽائي مريض ڄاڻائي ڇڏيو۔ جڏهن وزيراعظم ميانوالي شهر پهتو ته کيس هي تاثر ڏنو ويو ته هي ڪيمپ پهرين کان ئي قائم آهي۔ وزيراعظم جڏهن ڪشتيءَ ۾ سيلاب جو جائزو وٺڻ‌کان پوءِ‌انهيءَ‌ڪيمپ تي پهتو ته اتي کٽ تي ستل ماڻهن جو وزيراعظم آڏو مريضن جي حيثيت سان تعارف ڪرايو ويو ۽‌ وزيراعظم انهن جي خيريت دريافت ڪري کين 5 هزار في ماڻهو جا چيڪ ورهايا۔۔ وزيراعظم جي ويندي ئي ڪيمپ غائب ۽ طبي عملو ۽ مريض‌به غائب۔۔
ميانواليءَ‌جي علائقي ڪچا روڪڙي ۾ ٿيل هن واقعي گهڻن ئي شوقينن کي سنجي دت جي فلم منا ڀائي ايم بي بي ايس جي يادگيري ڏياري ڇڏي آهي، جنهن ۾ هو پنهنجي پيءَ‌کي مامون بڻائي اسپتال جو مالڪ ۽ هڪ ڊاڪٽر ٿي ڏيکاريندو آهي۔
هاڻي انهيءَ‌ اسڪول ۾ ڪجهه ميزون ۽ کٽون پيل آهن باقي ڪو عملو يا مريض نه آهن لڳي ٿو ته وري ٻي ڪنهن اعلى هستي کي مامون بڻائڻ جي لاءِ اهي کٽون ۽ ميزون رکيل آهن۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=SDt_8nhwzYY

http://www.youtube.com/watch?v=fW_Rd1CsKYk

http://www.youtube.com/watch?v=azxHPzQlPDA

 
جواب: هل ڙي۔۔ وزيراعظم کي به مامون بڻائي ويا۔۔۔

ڀا مست! هڪ چوڻي ته اوهان ٻڌي هوندي ته ”جنهنجي ڄم کان واقف هججي ته انجا ڏند ڪهڙا ڳڻٍجن“ مطلب جهڙو ملڪ اهڙا ڪم ۔۔۔ ڀلا ٻٻر ٻير ته نه ڏيندا ۔۔۔ !!! سنڌ ويچاري ظالمن جي وچ ۾ اچي ڦاٿي آهي ۔۔۔ هَٿَ مٿي آهن ۔۔۔ پوري پاڪستان ۾ عوام کي مامون ٺاهيو پيو وڃي ۔۔۔ ٽوپي پارائڻ ۾ ماهر حڪومتي ڪارندن جا ڪارا ڪرتوت ۽ ڪم ڪهڙا ڳڻائي ڪهڙا ڳڻائبا ۔۔۔

واڳ ڌڻي وس آ ڪا پاڻ وهيڻي ۔۔۔
 
Back
Top