ڪاوش جي ڊائريڪٽر مارڪيٽنگ اطهر قاضي سان ڪيل ڳالهه ٻولهه توهان پڙهندڙن آڏو پيش ڪيون ٿ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏7 آگسٽ 2010۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڪاوش جي ڊائريڪٽر مارڪيٽنگ اطهر قاضي سان ڪيل ڳالهه ٻولهه توهان پڙهندڙن آڏو پيش ڪيون ٿا

    جيئن رياست جا چار ٿنڀا هجن ٿا ۽ رياست انهن چئن ٿنڀن تي هلي ٿي، اهڙو ئي فارمولو ڪاوش گروپ آف پبليڪيشن ۾ پڻ اپنايل آهي، جنهن کي قاضي محمد اسلم، محمد ايوب قاضي، محمد علي قاضي ۽ اطهر قاضي سنڀالي رهيا آهن. ڪاوش گروپ جي سرواڻن جا ماضيءَ ۾ ڏنل انٽرويوز توهان پڙهندڙن تائين پهچائي چڪا آهيون پر ڪاوش جي 20 هين سالگرهه جي موقعي تي ڪاوش جي ڊائريڪٽر مارڪيٽنگ اطهر قاضي سان ڪيل ڳالهه ٻولهه توهان پڙهندڙن آڏو پيش ڪيون ٿا. گروپ انٽرويو ۾ اطهر قاضي چيو آهي ته اسين سڀ هڪ ٻئي جو سهارو آهيون، جيئن اسلم قاضي صاحب ماڻهوءَ جي سڃاڻپ ۾ مهارت رکي ٿو، ائين وري ايوب قاضي صاحب مئنيجمينٽ ۾ ۽ علي قاضي صاحب نيوز توڙي ٽيم ورڪ جوڙڻ ۾ مهارت رکي ٿو، انويسٽمينٽ بينڪنگ ۾ ايم بي اي ڪندڙ نوجوان اطهر قاضي چوي ٿو ته منهنجي لاءِ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ٻن اکين برابر آهن، ان ڪري مونکي جيڪڏهن چونڊ ڪرڻي پوي ته آئون ٻنهي اکين جي چونڊ ڪندس. هو چوي ٿو ته ڪاوش گروپ جي اهم فيصلن ۾ جڏهن اسين چار ڄڻا پاڻ ۾ ويهندا آهيون ته انهن ۾ اختلاف به ٿيندا آهن پر اهي بحث ذريعي حل ڪندا آهيون ۽ قاضي اسلم (بابا سائين) سڀني جو بحث ٻڌڻ کانپوءِ ڪنهن نتيجي تي پهچندو آهي ۽ اهو انتهائي ضروري آهي ته ڪنهن به ڪمپني کي ڪاميابي ڏانهن وڃڻو پوي ته ان ۾ صحتمند تنقيد ڪندڙ ماڻهو به هجڻ گهرجن، جيڪڏهن سڀني جي راءِ هڪجهڙي هجي ته ادارن کي نقصان ٿئي ٿو، ان ڪري اسان اختلافن کي بهتري ڏانهن وٺي وڃون ٿا، هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا اچڻ کانپوءِ اهو تاثر ته پرنٽ ميڊيا جي اهميت گهٽي آهي اهو بلڪل غلط آهي، ڪي ٽي اين اچڻ کانپوءِ ڪاوش پويان نه ٿي آهي، بلڪي هن پنهنجي سفر جون وکون اڃا به اڳتي وڌايون آهن، پر جيڪڏهن ڪو پرنٽ ميڊيا جو ادارو اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي پويان وڃي ٿو ته ان ۾ ان پرنٽ ميڊيا جي اداري جو ئي قصور هجي ٿو باقي جيڪي اخبارون جدت سان گڏ اڳيان وڌن ٿيون، اهي پوئتي ڪڏهن به نه ٿينديون آهن، هن چيو ته ڪاوش اسان جي مدر آرگنائيزيشن آهي، آئون بابا کي چوندو آهيان ته ڪاوش ماءُ، ڪي ٽي اين پٽ ، ڪشش ڌيءَ ۽ ڪي ٽي اين نيوز ڏنگو پٽ آهي، الله سائين جو وڏو احسان آهي جو گذريل 20 سالن جي سفر کان ڪاوش سنڌيءَ جي نمبر ون اخبار آهي جيڪا هڪ اسٽيشن تان ڇپجندڙ پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي اخبار جو اعزاز پڻ رکي چڪي آهي، پر هاڻي اسان جون سکر ۽ ڪراچي ۾ پڻ مشينون قائم ٿي ويون آهن ۽ اسين جديد مشينري ذريعي اڳيان وڌڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته ڪاوش نمبر ون اخبار ته آهي پر گذريل 20 سالن کان نمبر ون پوزيشن کي مينٽين رکڻ ئي الله سائين جي مهرباني آهي، اطهر قاضي چيو ته اسان وٽ پڙهندڙ جي اهميت وڌيڪ آهي، اشتهار به اچن ٿا پر انهن جي اچڻ جو سبب به اسان جا پڙهندڙ ئي آهن ۽ ان ڪري اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته اخبارن ۾ اشتهارن لاءِ مخصوص جاءِ کان وڌيڪ جاءِ نه سيڙايون، ڪڏهن ڪڏهن پريشر وڌيڪ هجڻ جي صورت ۾ اهو ڪرڻو پوي ٿو، هن چيو ته منهنجي اهڙي ڪا به خواهش ناهي جيڪا پوري نه ٿي هجي، جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي ڪم کي ڪم ڪري سمجهي ته اهو ڪرڻ ۾ پريشاني نٿي ٿئي ۽ اسين سڀ موڪلن وارن ڏينهن ۾ به آفيس اچون ٿا، عيد جي ٻئي ڏينهن موڪل هجي ٿي ۽ مارڪيٽنگ جا ادارا به بند هوندا آهن پر تنهن هوندي به آئون آفيس ايندو آهيان، ڇاڪاڻ ته آفيس اچڻ اسان سڀني جي عادت بڻجي وئي آهي، هن چيو ته جيڪڏهن ڪاوش ۾ ڪا خبر گهربل اسپيس کان محروم ٿئي ٿي ته ڪاوڙ ايندي آهي، فرسٽريشن ٿيندي آهي ۽ آئون علي صاحب کي ٻڌائيندو آهيان ۽ جيڪڏهن منهنجي شڪايت واجب هوندي آهي ته ان جو کڙتيل به نڪرندو آهي، ڪاوش ۾ ڪم ڪندڙ پراڻن ڪارڪنن جي حوالي سان اطهر قاضي چيو ته پراڻا ڪارڪن اسان جو سرمايو آهن، ائين کڻي چئجي ته اولڊ از گولڊ، هن چيو ته هر اداري ۾ تجربو رکندڙ ماڻهو هجڻ ضروري آهي پر ان سان گڏ نوجوان ورڪر به هجن ته جيئن بئلنس برقرار رهي سگهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو جي عمر وڌڻ سان گڏ ڪم جي رفتار به گهٽجي ٿي، جڏهن ته يوٿ وٽ انرجي ۽ آئيڊياز هجن ٿا، ان ڪري جيڪڏهن ڪنهن اداري ۾ اهي سڀ مڪس ماڻهو هجن ته اهو ادارو وڌيڪ ترقي ڪري ٿو، پر ان سان سينيئر ماڻهو جي عزت گهٽائي نٿي سگهجي ، هن مثال ڏيندي چيو ته ڪاوش ڪراچي مارڪيٽنگ جو انچارج محمد اسلم لغاري صاحب ڪاوش ۾ سينيئر ماڻهو آهي ۽ هو جڏهن به منهنجي آفيس ۾ ايندو آهي ته آئون ادب ۾ ان لاءِ اٿي بيهندو آهيان، هن چيو ته ڪاوش جي ڪاميابين تي خوشي ٿيندي آهي، پر ڪاوش جي ڪاميابي سان گڏ ماڻهن جي اميدن ۽ ذميوارين جو ذمو به اسان جي مٿان آهي، ڇاڪاڻ ته اسان جو پڙهندڙ اسان مان جيڪا توقع ڪري ٿو اسان کي به ان تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته اسين به انسان آهيون، جيڪڏهن سئو فيصلا ڪنداسين ته ان مان ڪجهه غلط به ٿي سگهن ٿا، پر سنڌ جي ماڻهن اسان کي بي انتها پيار ڏنو آهي، جنهن کي نڀائڻ لاءِ اسين ڪاوش کي اڃا به بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته ڪاوش ۾ مک مسئلو اسپيس جو گهٽ هئڻ رهيو آهي، جنهن ڪري اسان ”ڪاوش مئگزين“ آندو ۽ هاڻي ”ڪاوش خاندان“ ميگزين آڻي رهيا آهيون ته جيئن ماڻهن کي رهجي ويل ڄاڻ به فراهم ڪري سگهون جهڙوڪ شوبز، اسپورٽس، عورتن جا معاملا ۽ جديد ريسرچ جا اشوز آهن، ان تي به اسين پنهنجي پڙهندڙن کي اپڊيٽ ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته ڪاوش مئگزين ۽ ڪاوش ٽيم ۾ ڪوآرڊينيشن جو فقدان آهي، جنهن کي به بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ڪاوش گروپ پاران سنڌي ٽوپي ۽ سنڌو درياءَ جي ڏهاڙن ملهائڻ تي سنڌ واسين پاران ڏنل ڀرپور موٽ کي اطهر قاضي پنهنجي اداري لاءِ اعزاز سمجهندي چوي ٿو ته ماڻهن جي موٽ تي انتهائي گهڻي خوشي ۽ فخر ٿيو ۽ سٺو به لڳو ۽ اسين ماڻهن جي هن پيار تي ٿورائتا آهيون. ان سوال ته ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش سنڌي ٻوليءَ ۾ هجڻ جي ڪري مارڪيٽنگ ۾ ڪي مسئلا پيدا ٿين ٿا؟ جنهن جي جواب ۾ اطهر قاضي چيو ته ها بلڪل ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين بابت اڪثر ايڊورٽائيزر ڪمپنيون اهو چون ٿيون ته اسين ريجنل ادارا آهيون ۽ ان حوالي سان مسئلو به ٿئي ٿو پر تنهن هوندي به ڪاوش گروپ ۾ ايڊورٽائيزنگ ڪمپنيون جيڪي به سيڙپ ڪن ٿيون ان تي کين ٻين ادارن کان ٻيڻي موٽ ملي ٿي، جنهن جي ڪري اشتهاري ادارا ڪاوش گروپ کي اشتهار ڏيڻ لاءِ مجبور ٿي وڃن ٿا. اطهر قاضي ڪاوش جي صفحن وڌائڻ واري معاملي تي چيو ته صفحا وڌائڻ وارو معاملو نيوز پرنٽ جي قيمت سان لاڳاپيل آهي، ڇاڪاڻ ته اسين اخبار جي قيمت ايتري نٿا وڌائي سگهون جو اها عام ماڻهو جي قوت خريد کان وڌي وڃي، ان ڪري اسين پنهنجي وس آهر اخبار جا صفحا توڙي مئگزين وڌائي رهيا آهيون، هن چيو ته مارڪيٽنگ ۾ به جدت آڻي رهيا آهيون ۽ نون دوستن کي به شامل ڪيو ويو آهي، پر تنهن هوندي به ادارو پنهنجي ساڳي رفتار سان هلي رهيو آهي، ڪاوش گروپ پاران مستقبل ۾ نوان پروجيڪٽ آڻڻ اسان جي ترجيحن ۾ ضرور شامل آهن، اسان جي روز اها ڪوشش هجي ٿي ته اسين سٺي کان سٺو ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ ميڊيا ته هاڻ اسان جي روزي روٽي به آهي، انهيءَ فيلڊ ۾ رهي ترقي ڪرڻي آهي ته نوان پروجيڪٽ به کڻڻا پون ٿا جن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، پر وقت کان اڳ انهن بابت ٻڌائڻ مناسب نه هوندو، هن اداري جي فيصلن بابت وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته اسلم صاحب (بابا) ڪڏهن به اٿاريٽيٽو رول نه پر ڪوچنگ اسٽائل آف ليڊر شپ ڪئي آهي ۽ سٺين شين کي همٿائيندو آهي، اهو ضروري ناهي ته ڪنهن به فيصلي تي ٽن ڄڻن جي راءِ صحيح هجي ۽ هڪ جي غلط هجي، ڪيترا ڀيرا جيڪا شيءِ آئون ۽ علي صاحب ڏسندا آهيون، اسلم صاحب ان کي پنهنجي نظرن سان ڏسندو آهي، ان سلسلي ۾ ڪيل هڪ سوال ته توهان کي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا مان ڪنهن هڪ جڳهه تي مقرر ڪرڻو پوي ته توهان ڪٿي پاڻ کي وڌيڪ بهتر سمجهندا؟ جنهن جي جواب ۾ اطهر قاضي چيو ته بابا، چاچا وارا ۽ آئون اسين سڀ هڪ ٻئي کانسواءِ مڪمل نه آهيون، ڇاڪاڻ ته هرڪو پنهنجي فيلڊ ۾ ماهر آهي ۽ اسين جڏهن گڏ هجون ٿا تڏهن مڪمل ۽ مثبت فيصلو ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته علي صاحب خبرن کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو ته ايوب صاحب وري اشتهارن کي، پر اهو جهيڙو هڪڙي حوالي سان اداري جي بهتري لاءِ ئي هجي ٿو، ڇاڪاڻ ته علي صاحب سوچي ٿو ته وڌ ۾ وڌ خبرون لڳن ته جيئن پڙهندڙ کي سڀ شيون ملي سگهن ۽ اداري جي ساک بحال رهي، اهڙي ئي طرح ايوب صاحب سوچي ٿو ته جيڪڏهن اشتهار لڳندا ته ادارو سگهارو ٿي سگهندو ۽ جديد شيون وٺي سگهندو، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به اداري ۾ ڪيش رت جي برابر هجي ٿو، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جو رت گهٽ ٿي ويندو آهي ته ان جي طاقت اها نٿي رهي، اهڙي طرح اداري کي به ڪيش جي ضرورت هجي ٿي ۽ انهن ٻنهي جي اهڙي اختلافن تي وري اسلم صاحب حل ڪري ٿو ۽ آخري فيصلو اهو ڪندو آهي. هڪ سوال ته ماضي ۾ ڪاوش سامهون مختلف اخبارون آيون ۽ ڪاوش انهن اخبارن سان مقابلو ڪيو، اهڙي ئي طرح ڪي ٽي اين جي مقابلي ۾ به نوان چينل آيا آهن، ڇا توهان کي انهن چينلن سان پريشاني ٿئي ٿي، جنهن جي جواب ۾ اطهر قاضي چيو ته ڪي ٽي اين جي مقابلي ۾ ايندڙ چينلن کي پريشاني نٿو سمجهان، هو اسان جا مخالف ضرور آهن پر دشمن نه آهن، بلڪي ٻين چينلن جي اچڻ سان اسان جي خامين جي نشاندهي ٿئي ٿي جنهن سان اسان جي اداري ۾ اسين وڌيڪ بهتري آڻي سگهون ٿا ۽ مزو به مقابلي ۾ رهي ڪم ڪرڻ ۾ ئي اچي ٿو، هن چيو ته اسان جو ڪڏهن به اهو ڪم نه رهيو آهي ته اسين ڪنهن ٻئي اداري يا اخبار لاءِ غلط سوچيون، پر اسين سدائين پنهنجن ادارن جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪيون ٿا، هن ميڊيا گروپن جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ميڊيا بزنس ۾ ڌار ڌار ترجيح رکندڙ ماڻهو اچي چڪا آهن، ڪجهه ماڻهو سياسي سرڪل ٺاهڻ لاءِ ميڊيا جو سهارو وٺن ٿا، ڪجهه ماڻهو پنهنجن غلط ڪمن کي تحفظ ڏيارڻ لاءِ ته وري ڪجهه ماڻهو روينيو حاصل ڪرڻ لاءِ ميڊيا بزنس ۾ اچن ٿا، پر آئون سمجهان ٿو ته ميڊيا بزنس ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي ڄاڻ ۽ تفريح فراهم ڪرڻ جو ارادو هجي ته پوءِ مسئلو پيدا نٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته ميڊيا بزنس ۾ شهرت ۽ پئسو ته آهي پر ان ۾ ڪاميابي 10 سيڪڙو مس ماڻهن کي ملي ٿي، ان ڪري ڄاڻ ۽ تفريح فراهم ڪرڻ جو ارادو رکندڙ ماڻهو ئي ميڊيا بزنس ۾ ڪاميابيون ماڻين ٿا. ذاتي زندگي جي حوالي سان ڪيل مختلف سوالن جي جوابن ۾ اطهر قاضي چيو ته مون وٽ مارڪيٽنگ ۽ ناڻي جا معاملا هئڻ جي ڪري اداري جي اڪثر ماڻهن ۾ اهو تاثر آهي ته آئون طبيعتن تمام گهڻو سخت آهيان پر آئون ذاتي زندگي ۾ انتهائي گهڻي برداشت جو مادو رکندڙ انسان آهيان پر ڇاڪاڻ ته هتي مارڪيٽنگ ۽ ناڻي جا معاملا سنڀاليان ٿو ان ڪري شين کي هلائڻ لاءِ سختي به ڪرڻي پوي ٿي. اطهر قاضي چيو ته اداري جي ڪمن ڪارن جي ڪري گهر کي اهو وقت نه ڏئي سگهندو آهيان پر تنهن هوندي به شين کي مينيج ڪري وٺندو آهيان، اڪثر دعوتن ۾ دير سان ويندو آهيان ۽ گهر وارن کي ان تي شڪايت به هوندي آهي پر ڇا ڪريان منهنجي ڪم جي نوعيت ئي اهڙي آهي ۽ گهر وارن کي به چوندو آهيان ته منهنجو ڪم ئي اهڙو آهي جنهن جي ڪري دير ٿئي ٿي، هن چيو ته عيد جي رات اڪثر عورتون اها خواهش رکنديون آهن ته هو شاپنگ ڪرڻ وڃن اهڙي ئي طرح منهنجي گهرواري جي به اها خواهش ضرور هجي ٿي پر مونکي ياد ناهي ته مون ڪڏهن سندس اها خواهش پوري ڪئي هجي، هن چيو ته عيد جي رات 3 کان 4 وڳي تائين ڪي ٽي اين آفيس ۾ هجان ٿو ۽ آئون پنهنجي گهروارن کي اهو دليل ڏئي سمجهائيندو آهيان ته هڪ ڊاڪٽر به جيڪڏهن ايمرجنسي ٿي وڃي ته رات جو 4 وڳي پنهنجي مريض لاءِ وڃي ٿو، ائين ئي اسان جا گهروارا به اسان لاءِ فڪرمند ته ضرور رهن ٿا پر تنهن هوندي به اسان جو ڪم ڏسي هو هاڻي عادي ٿي ويا آهن. قاضي محمد اسلم صاحب، قاضي محمد ايوب صاحب ۽ محمد علي قاضي صاحب مان ڪنهن سان وڌيڪ ويجهڙائپ آهي؟ واري سوال جي جواب ۾ اطهر قاضي چيو ته آئون ٽنهي کي هڪجهڙو سمجهان ٿو، بابا ته پيءُ آهي ئي پر ٻنهي چاچن (ايوب قاضي ۽ علي قاضي) به پيءُ وانگر ئي شفقت ۽ پيار ڏنو آهي، ان ڪري منهنجي نظر ۾ ٽنهي جي عزت هڪجهڙي آهي، ذاتي طبيعت بابت هن چيو ته منهنجي طبيعت جو گهڻو حصو پنهنجي بابا جڏهن ته ڪجهه حصو نانا تي وڃي ٿو، پر گهڻي ڀاڱي اثر بابا سائين جو آهي، اطهر قاضي چيو ته اداري ۾ ڪم ڪرڻ دوران اردو ۾ ڳالهائيندو آهيان، جنهنڪري اڪثر ماڻهو سمجهندا آهن ته اطهر قاضي کي سنڌي ڳالهائڻ نٿي اچي، هن کلندي چيو ته نه رڳو سنڌي پر اداري ۾ مون بابت اهو به تاثر آهي ته اطهر قاضي کلندو به ناهي، جنهن تي هڪ ڏينهن آئون نيوز روم ۾ بيٺو هئس ۽ سنڌي ۾ ڳالهائي کلي رهيو هئس ته نيوز ڪاسٽر مونکي چيو ته سر توهان سنڌي ڳالهائي سگهو ٿا، مون چيو ها، آئون سنڌي آهيان ته سنڌي ڇو نٿو ڳالهائي سگهان، جنهن تي هن وري سوال ڪيو ته سر توهان کلندا به آهيو ڇا؟ جنهن تي مون وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ اتي ويٺل ماڻهو به کليا، اطهر قاضي محبت بابت ڪيل سوال ۾ چيو ته زندگيءَ ۾ جنهن سان پيار ٿيو، شادي به ان سان ٿي وئي، ستين ڪلاس تائين حيدرآباد جي اسڪول سينٽ بوناوينچر ، جنهن کانپوءِ سينٽ مائيڪل ڪراچي ۽ پوءِ آءِ بي اي مان بي بي اي ۽ ايم بي اي ڪندڙ اطهر قاضي چوي ٿو ته مونکي حيدرآباد شهر جو موسم تمام گهڻو وڻندو آهي، جيڪڏهن رٽائرمينٽ کانپوءِ مونکان پڇيو وڃي ته آئون ڪٿي رهڻ پسند ڪندس ته آئون حيدرآباد ئي چونڊيندس، جتي منهنجي ننڍپڻ جا تعلق آهن، اتي جو موسم مونکي تمام گهڻو پسند آهي ۽ آئون اڃا تائين فروٽ، ڀاڄيون ۽ ٻيون شيون حيدرآباد مان گهرائي کائيندو آهيان، ميڊيا ۾ ريڊيو واري پاسي ڌيان نه ڏيڻ بابت ڪيل سوال ۾ اطهر قاضي چيو ته جڏهن اسان ڪي ٽي اين آندو ته اسان جو گهڻو ڌيان ٽي وي چينلز ڏانهن هو ان وقت ۾ جيڪڏهن ايف ايم ريڊيو آڻيون ها ته بهتر ٿئي ها، پر هاڻي اتي رش وڌي وئي آهي، هن چيو ته ميڊيا تي تمام گهڻن ماڻهن سيڙپ ڪئي آهي پر ان ۾ 98 سيڪڙو ماڻهو ناڪام وڃن ٿا ۽ جيڪي ٻه سيڪڙو ماڻهو ڪامياب وڃن ٿا ان ۾ به دعائن، محنت ۽ سٺي ٽيم ورڪ جو عنصر شامل هجي ٿو. سنڌ جي اهم ميڊيا جي اداري جي سرواڻي ڪندڙ اطهر قاضي چيو ته ميڊيا جي حوالي سان مختلف پريشرز اچن ٿا، جهڙوڪ ڪالاباغ ڊيم جي مهم بابت مونکي اسلام آباد مان بزنس چيف ڪرنل عامر فون ڪري چيو هو ته قاضي صاحب اسان توهان کي وڏو بزنس ڏئي رهيا آهيون جيڪو توهان جي مزاج تي ٻڌل آهي، جنهن تي مون چيو ته ڇا توهان جو مطلب ڪالاباغ ڊيم ڏانهن آهي ته هن چيو ها؟ جنهن تي مون چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ اسين اشتهار نٿا ڇاپي سگهون، جنهن تي هن ٻه ٽي دفعا ساڳي ڳالهه ورجائي ۽ مونکي چيو ته قاضي صاحب 7 ڪروڙ رپين جو بزنس آهي، مون چيو ته اهو بزنس ڇپجي نٿو سگهي، توهان چاهيو ته ڀلي بابا ۽ چاچا وارن سان ڳالهايو، هن چيو ته اهڙي جواب کانپوءِ ايڊورٽائيزنگ ڪمپنين ۽ حڪومتي ادارن جا پريشرز آيا ۽ پوءِ جڏهن بي بي بينظير ڀٽو شهيد ٿي ته پيمرا پاران به ڪافي پريشر آيا ۽ وري مزي جي ڳالهه اها آهي ته جڏهن پيپلزپارٽي جي حڪومت آئي ته 4 اپريل تي ڀٽو صاحب جي ورسي هئي ۽ ساڳي پيمرا وارن چيو ته هن کي وڌ ۾ وڌ ڪور ڪيو، جنهن تي مون کلي کين چيو ته اسان اڳ ۾ به ڪور ڪيو هو ۽ هاڻ به ڪنداسين، هن چيو ته محترمه جي شهادت کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش پاران ورتل اسٽينڊ تي صدر مشرف به فون ڪيا هئا پر اسان ڪو به پريشر قبول ڪرڻ بدران سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي معاملن تي نه ڪڏهن سوديبازي ڪئي آهي ۽ نه وري ڪنداسين. اطهر قاضي چيو ته ڪتابن ۾ آئون بزنس مئنيجمينٽ جا ڪتاب وڌيڪ شوق سان پڙهندو آهيان، جڏهن ته موويز ۽ ميوزڪ ۾ سڀ شيون ڏسي ۽ ٻڌي وٺندو آهيان، هو چوي ٿو ته جيڪڏهن آئون ميڊيا بزنس ۾ نه هجان ها ته انويسٽمينٽ بئنڪنگ ۾ واري شعبي ۾ هجان ها، جنهن ۾ مون ماسٽرز ڪئي آهي، پر هاڻي جهڙوڪ ميڊيا جي بزنس ۾ آهيان ته ان کي ئي پنهنجي روزي روٽي ۽ پروفيشن سمجهي محنت ڪريان ٿو، ڪاوش جي 20 هين سالگره تي هن سمورن ورڪرن ۽ سنڌ واسين کي مبارڪباد ڏيندي اها اميد ظاهر ڪئي ته ڪاوش سان سنڌ واسين جون محبتون قائم ۽ دائم رهنديون ۽ الله تعاليٰ در دعا آهي ته ڪاوش ائين ئي پنهنجو سفر جاري ۽ ساري رکي.
     
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هو چوي ٿو ته جيڪڏهن آئون ميڊيا بزنس ۾ نه هجان ها ته انويسٽمينٽ بئنڪنگ ۾ واري شعبي ۾ هجان ها، جنهن ۾ مون ماسٽرز ڪئي آهي، پر هاڻي جهڙوڪ ميڊيا جي بزنس ۾ آهيان ته ان کي ئي پنهنجي روزي روٽي ۽ پروفيشن سمجهي محنت ڪريان ٿو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو